تباهي جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟ (نادر ڀٽي)




      علم انسان جي ٽئين اک آھي، انسان ٻن اکين جي نور کان محروم ٿي وڃي ٿو، پر ان جي شعوري اک ھميشه علمي بصيرت سان روشن ٿيندي آھي، سنڌ ۾ تعليم کي واپار بڻايو ويو آهي ۽ ڪا سائين به پنهنجي اصل ڪرت ڇڏي خانگي اسڪول کولي ڇڏيا آهن ، جنهن مان اهي ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن ، هي هڪ ڪڙو سچ آهي ، جيڪو اسان جي من اندر کي وڍي ڪپي ٽڪي رهيو آهي ، سنڌ جي تعليم کي جيڪڏهن مڪمل طور تباهه شده قرار ڏجي ته اهو غلط نه هوندو ، سرڪاري ادارا گهڻي ڀاڱي غير فعال آهن نه صرف انهن ادارن ۾ معياري تعليم موجود ناهي ، پر انهن جون عمارتون به ڀوت بنگلا بڻيل آهن ،  اسان ڳالهه پنهنجي سنڌ جي تعليمي نظام جي پوئين دور جي جائزي وٺڻ جي ڪري رهيا هئاسون ، انهيءَ جائزي لاءِ ڪا ڊگهي ڪاوش ڪرڻ جي ضرورت اسان کي ان ڪري به محسوس نٿي ٿئي جو موجوده تعليمي حالت جي حوالي سان ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي ، سنڌي سماج جي سڀني طبقن جو انهيءَ تي اتفاق آهي ته هينئر اسان جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي ، بلڪه ان کان اڳتي هي به تاثر آهي ته تباهي اهڙي پڌ تي پهچي وئي آهي جو موجوده حالتن ۾ ان جو هئڻ يا نه هئڻ برابر جي ڳالهه آهي ۽ ڪن حالتن ۾ ان تعليم جو موجوده نظام اسان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي ، هن مختصر نشست ۾ تعليمي نظام جي موجوده تباهيءَ جي منظر کي پيش ڪرڻ کان وڌيڪ اهميت هن ڳالهه کي ٿا ڏيون ته ان جا ڪارڻ جاچيون . جڏهن اسان ڪارڻن تي ٿا اچون ته گهڻ رخا ڪارڻ اسان سامهون ڪر کڻي بيهڻ ٿا . انهن مان هڪڙا ته سڌا سنوان ڪارڻ آهن ۽ ٻيا پڻ اڻ سڌا ،  هو ان سان سماج ۾ سوجهرو ڦهلائيندو رهي ٿو، مون چڱي ريت ياد آھي ته اهي خواب يادگيريون جيڪي مون پنجون پاس ڪري پنهنجي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول طرف روزانو 4 چار ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اسڪول پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي نراشي نه پر خوشي محسوس ڪندو هئس، اهي تمام گهڻين خوشين جا ڏينهن هئا، جڏهن پنجون پاس ڪري ڇهين درجي ۾ پڙھڻ وياسين ته استاد صاحبان انگريزي ۽ سنڌي کي ملائي پڙھائيندا هيا، انهي دور ۾ استادن جو دٻدٻو ٻيو هيو، اهي ڏينهن جڏھن تعليمي ادارن کي اڃا خانگي اسڪولن جي اڏوهي ڪين کاڌو هيو، اهي ڏينهن ڪجه اھڙن ڏينهن مان هيا، جڏھن استاد صاحب ڪوچنگ سينٽر يا ٽيوشن جي وڻ ويڙھي ۾ ڪين ويڙھيو، هر استاد صاحب بنا لالچ لوڀ جي پڙهائيندو هيو، شاگرد پنهنجي استاد کي تخيلقي طور هيرو بڻائي پنهنجي سوچن کي علم جي مها ساگر ۾ لاهيندو هيو، اصل علم آھي جو دل دماغ تي اثر ڪري توهان کي هر شيءَ جي قدر ۽ شناس بخشي توهان ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ حوصلو پيدا ڪري توهان کي متفق ڳالهه جي سمجهائڻ ۽ مڃائڻ جو فن سيکاري علم ۽ قابليت کي سنواريندو آھي، ان مان خوبصورتي پيدا ڪندو آھي، علم ماڻھو ۾ اها سگھه پيدا ڪندو آھي، جنهن سان هو پنهنجي ڪٽنب، پنهنجي علائقي ۽ پوري انسان ذات جي ڀلائي جو هڪ وسيلو بڻجي ويندو آھي، جن ملڪن ۾ علم عقل جو اهڙو ثمر کاڌو آھي، اهي اڄ ترقي طرف آھن، جن علم کي صرف ڊگري تائين محدود رکيو آهي، اهي اڄ ڏينهن تائين ڌڪن ٿاٻن ۾ آهن ۽ انهن مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي، ڏکن جي ماريل هن ڏيھه سنڌ مان تعليم جو وکر جڏھن کان بازار جو وکر ٿيو آھي ته علم مان اهو مان مرتبو ختم ٿي ويو، جئين ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي آھي، استاد پنهنجي اعلي پيغمبري ڪرت کي چند ٽڪن عيوض وڪڻي ڇڏيو آھي، اسان جي سماج ۾ هن وقت استاد جي عزت وڌيڪ ناهي رهي، ڏسندي ڏسندي سنڌ جي تعليم ائين تباهي طرف وڌي پئي آهي، هٿ وٺي پرائمري ۽ هاءِ اسڪولن کي تباهه ڪيو ويو، ڪاليجن ۾ هڪ عجيب قسم جي صورتحال پيدا ڪئي وئي، جتي تقريري مقابلا ٿيندا هيا، بحث مباحثا پيا ٿين، اتي صرف اج داخلا جا فارم ملن پيا، باقي سڄي صورتحال اوهان جي اکين آڏو آھي، ڪاليج جا استاد پنهنجا پنهنجا ٽيوشن سينٽر کولي ويٺل آهن، بحرحال جتي اڳ شاگرد علمي اڃ اجهائيدو هيو ۽ لائبريري تي ڪتب خانه هيا، پاڻ هر ماڻھو سروي ڪري ڏسي جتي اسڪول ڪاليج جن ۾ ڪتب خانن جا تالا زنگ کائي ويا آھن، ڪتابن ۾ اڏوهي پنهنجا گهر اڏي ڇڏيا آھن، جڏھن کان تعيلم۾ خانگي اسڪولن جو اضافو ٿيو آهي، تڏھن کان اهم آدرشي استاد ۽ علمي استاد شاگرد اڻلڀ ٿي ويا آهن، جئين ڪاڇو ۾ مينهن جي وسڪاري کان پوءِ کنڀيون هڪ ئي رات ۾ ڦٽي پونديون آھن، اسان وٽ خانگي اسڪول به ائين ڦٽي پيا آھن، تعيلم کي هڪ وکر بڻايو ويو آهي، هر ننڍي وڏي پاڙي ۾ اسڪول کوليو ويو آهي، هر شھر جي سڃاڻپ خانگي اسڪول ٿي رهيا آھن، اهڙي ريت اهڙن اسڪولن کي تعليمي ادارو چوڻ سان انصاف ڪونه ٿيندو، جڏھن کان سرڪار تعيلم کان ڌيان هٽايو آهي، تڏھن کان هي گروه منظم ٿي ويا آهن، هاڻي خانگي اسڪول ۽ ٻيا تعيلمي ادارا مافيا جي صورت اختيار ڪري ويا آهن، مان پنهنجي ذاتي تجربي جي بنياد تي لکان پيو ته جيتري ڳاٽي ٽوڙ فيس ٻارن کان ورتي پئي وڃي ٿي، ان جي ڀيٽ ۾ انهن ادارن جي استادن، ملازمن کي ملندڙ اجورو تمام گهڻو گهٽ آهي، جيڪڏهن اهي خانگي ادار نه هجن ها ته اڄ تعيلم جو اهڙو حشر نه ٿئي ها، سنڌي ٻولي سان اهڙو حشر ڪيو اٿن جو اوهان ڪنهن به خانگي اسڪول ۾ وڃو، پهرين ڳالهه ته اتي اٽي ۾ لوڻ برابر سنڌي مضمون سبجيٽ پڙهايو ويندو آهن  اسان سنڌي تعليم جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن کان اڳتي هياسين، پر اج ڀلي ڪير ڇا به چوي پر اسان سنڌي تعيلم ۾ پوئتي آھيون، ان جو سبب سنڌ سرڪار جي نااهلي آھي، سرڪار کي اپيل آھي ته هي سڀ ادارا سرڪاري ڪيا وڃن، اج خانگي اسڪولن جا ٻار اوهان اخبار کڻي وڃو پڙھي نه سگهندا، هي وائيٽ ڪالر ڪرائم هاڻ بند ٿيڻ گهرجي سنڌ سرڪار کي پنهنجي تعيلمي ادارن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، پنهنجي عروج کي بحال ڪرائي جيڪو ڪڏھن شاندار ماضي هيو، خانگي اداران کان فيس جي روش گھٽائڻ گهرجي، انهن اسڪولن ۾ استاد مردن ۽ عورتن کي خيرات جي نالي پگهار ڏيڻ بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن نظر ڦيرائينداسين ته اهڙا انگ اکر وڏي مقدار ۾ ملندا، اسڪولن جي فيس جائز هجي انهن ۾ اضافو جهڙي ريت سال ۾ 5 سيڪڙو ڪيو وڃي ٿو، خانگي اسڪولن ۾ يونيفارم ڪاپين اسٽيشنري جي نالي غريب ٻارن جي والدين کان لٽ مار بند ٿيڻ گهرجي، ان ۾ ئي تعليم جي بهتري ٿيندي ۽ ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته اسان ۾ هاڻي ايتري سهپ نه رهي آهي، جيڪڏهن اهو سلسلو اڃا ڪجهه وقت جاري رهيو ته بيشڪ سنڌ جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي ويندي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي اک کولڻ گهرجي

No comments:

Post a Comment