ملڪي سياست تي ٿيندڙ نئين تجربي جي تياري/اعجاز ممنائي



پاڪستان کي وجود ۾ آئي 71 سال ٿيڻ وارا آھي ان سڄي عرصي ۾ اسان پنھنجي جوڙجڪ ۽ منصوبا مڪمل نہ ڪري سگھيا آھيون ۽ نہ ئي ڪا حڪمت عملي ٺاھي سگھيا آھيون تہ اسان کي آخر ڇا ڪرڻو آھي پنھنجي ملڪ جي عوام جي خوشحال زندگي ڪيئن ڪرڻي آھي ھن وقت تائين نہ پنھنجي تعليمي نظام کي درست ڪري سگھيا آھيون نہ صحت جون مڪمل سھولتون مھيا ڪري سگھيا آھيون تعليم جيڪا انسانن جي سڌاري لاءِ اھم ھجي ٿي پر ان ۾ نصاب اھم ڪردار ادا ڪري ٿو اسان جي تعليمي نظام ۾ مدي خارج نصاب ھجڻ ڪري تعليم سڌاري بجاءِ بگاڙ جو رستو اختيار ڪندي پئي وڃي ايتري تائين جو اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان پڙھيل لکيل جاھل پڻ پيدا ٿيڻ لڳا آھن جن کي ڊگريون تہ مليون آھن پر ڪم جي طريقيڪار جي خبر ئي نہ آھي تہ ڪھڙي ڳالھہ ڪٿي ڪرڻي آھي ۽ ڪھڙو ڪم ڪٿي ٿيڻو آھي جڏھن نوڪرين لاءِ وري جتي ڪٿي ٽي سال تجربو گُھريو وڃي ٿو جيڪا ھڪ وڏي ڪوتاھي آھي ڪجھہ ڏينھن اڳ ڪنھن دوست جون لکيل سٽون پڙھيم ھن لکيو تہ انٽر ۾ پڙھايو ويندڙ ناول جھان آرا اسان جي ڏھن نسلن پڙھيو آھي آخر ان ۾ ڪھڙي خصوصيت آھي جيڪا نصاب ٺاھيندڙن کي پسند آھي ۽ موجودہ لکيل ناولن ۾ ناھي ائين ئي زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ تجربن مٿان تجربا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪوبہ تجربو ھن وقت تائين ڪامياب نہ ٿي سگھيو آھي جنھن جو واضح مثال اسان جي سامھون آھي جنھن موجب ھڪ پاسي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آھي تہ ٻئي پاسي صحت جي صورتحال ڳبنڀير آھي ھڪ پاسي سرڪاري ادارن کي ڪرپشن جي اڏوھي کائي رھي آھي تہ ٻئي پاسي عوام زھريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھي ھڪ طرف غربت ۽ بيروزگاري جون دانھون آھن تہ ٻئي پاسي امن و امان جي صورتحال سورن ۾ ورتل آھن مطلب تہ ڪو بہ شعبو چڱو ڀلو يا صحتمند نظر نہ ٿو اچي ان سڄي صورتحال جو زميوار ڪير آھي تنھن سوال جو جواب ايندڙ عام چونڊن ۾ توھان کي حصو وٺندڙ اميدوار ئي ڏئي سگھن ٿا ھر ڌڙو توھان ڏي ووٽ وٺڻ ايندو ۽ ٻي پارٽيءَ جي شڪايت ڪندو تہ اسان توھان لاءِ  ڀرپور ڪم جي رٿابندي ڪئي پر ڦلاڻي ترقيءَ ۾ رستا روڪ ۽ رڪاوٽ ڪئي وري ٻيو ايندو تہ پھرئين جي خلاف تقرير ڪندو ان مان سمجھي وڃجو تہ حق تي ڪير آھي ۽ ناحق ڪنھن ڪيو آھي اھي ٻئي ڪوڙ جا ساٿاري آھن تنھنڪري پراڻي روايت ختم ڪري ھاڻي کين اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ کين ھٿ ٻڌي چئي ڏيو تہ توھان ٻئي پاڻ پنھنجون ملڪيتون پيا ٺاھيو توھان پنھنجا بئنڪ بيلنس ڏيکاريو توھان جو اولاد پرڏيھہ ۾ عياشيون پيو ڪري توھان پنجن سالن کان پوءِ اسان جي تڪ آيا آھيو اسان مٿان انھن پنجن سالن ۾ ڇا گذريو آھي ان جي توھان کي خبر ئي نہ آھي پنجن سالن جون توھان کي تعزيتون ھاڻي ياد آيون آھن پر جيڪڏھن ان جي مرڻ جو سبب بک ۽ بدحالي ئي آھي تہ انجي خاتمي لاءِ توھان پنجن سالن ۾ ڇا ڪيو آھي ھو توھان کي چوندا تہ ھي اسان جو اباڻو تڪ آھي ۽ ھٿ ٻڌي توھان کان ووٽ وٺندا پر توھان جواب ۾ چئو تہ توھانجي ابي سان اسان جي ابي جو تعلق ھو جيڪو ڪجھہ خيال ڪندو ھو ھاڻي نہ توھان جو ابو رھيو آھي ۽ نہ اسان جو ابو رھيو آھي توھان جڏھن پنھنجي ابي جي سيرت تي نہ ٿا ھلو تہ اسان بہ پنھنجي ابي جي سيرت تي ھلڻ ڇڏي ڏنو آھي اھي ساڳيا ھٿ اسان توھان کي ٿا ٻڌون تہ مھرباني ڪري اسان کي پنھنجي حال تي ھلڻ ڏيو توھان ٻئي اسان جا مخالف ٿي بيٺا آھيون توھان اسان جي ووٽ تي اسيمبلين ۾ مزا ماڻي رھيا آھيو اسان غربت جي ھيٺئين سطح تائين پھچي چڪا آھيون اسان جو اولاد بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي اسان واڻ کائي وڃي واڏڻ سان لڳا آھيون توھان اسان جو رت چوسي ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿوَ اڃان ڇا بچايو اٿوَ جو وٺڻ آيا آھيو اھا سوچ توھان کي انھن موسمي ڀوتارن مان نجات ڏياري سگھي ٿي پر ايندڙ عام چونڊن ۾ توھان ھڪ نئين تبديلي بہ ڏسندو جنھن لاءِ اڳواٽ تياري ڪريو سا تبديلي اوھان کي ڊيڄاريندي بہ ۽ توھان کي حق ڏيارڻ جي بہ ڳالھہ ڪندي انھن ڪوڙن سياستدانن جا ڪيل قول بہ توھان کي ٻڌائيندا ۽ توھان کي انھن خلاف اٿڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ جو تاڪيد بہ ڪندا پر توھان سان گڏ نہ ھوندا مطلب تہ سياست جو نئون تجربو توھان جي سامھون اچڻ وارو آھي ڇوتہ توھان عام سياستدان کي بہ ڏسي چڪا آھيو موروثي سياستدانن کان بہ واقف آھيو نج مارشل لا بہ ڏسي چڪا آھيون تہ فوجين جي جمھوريت بہ ڏسي چڪا آھيو انھن سڀني کان توھان تنگ آھيو ڇوتہ انھن توھان لاءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو آھي انھن توھان کي غربت جي گھيڙ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي انھن توھان جا حق غصب ڪيا آھن توھان تي خودڪش حملا ڪيا آھن توھان جي ماڻھن کي موت جي مُنھن ۾ ڌڪيو آھي انھن اسيمبلين اڳيان لوھي تارون لڳائي توھان سان ملڻ گوارا نہ ڪيو آھي انھن توھان کي ڪمند جو اگھہ صحيح نہ ڏنو آھي ۽ توھان کي مارَڪُٽ ڪري پريشان ڪيو آھي انھن توھان جي زمينن تي قبضا ڪيا آھن انھن توھان تي ڪُوڙا ڪيس ڪري ٿاڻن تي ٻڌرائي صوبيدار کان ڪُٽرايو آھي انھن توھان جي سرحدن جي حفاظت نہ ڪئي آھي انھن علم جي روشني ڦھلائيندڙ استادن مٿان لٺبازي ڪري اڌمئو ڪري ڇڏيو آھي انھن صحت کاتي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن کي پنھنجا جائز حق نہ ڏنا آھن انھن 18ھين ترميم تہ اسيمبلين مان پاس ڪري صوبن کي حق ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي پر وفاق جي من مستي اھائي ساڳي برقرار رھي آھي انھن اوھان جي وسيلن جي حفاظت نہ ڪئي آھي انھن دريائن کي سُڪائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي انھن قانون جا بل تہ اسيمبلين مان ھزارين پاس ڪرايا آھن پر عمل نہ ڪرائي سگھيا آھن انھن ملڪي خزاني کي ڏانداريءَ سان ميڙي پنھنجا ذاتي اڪائونٽ ڀريا آھن انڪري توھان انھن مان تنگ ٿي ويا آھيو ڇوتہ اھي ڪرپٽ ھئا تڏھن تہ ميان نواز شريف کي نااھل قرار ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڪيسن ۾ جڪڙيل شھباز شريف کي پارٽيءَ جو قائم مقام صدر بڻايو ويو پر پوءِ بہ نواز شريف تاحيات پارٽيء جو صدر رھندو ۽ مسلم ليگ نواز بہ ساڳي نالي سان ڪم ڪندي ائين ئي شرجيل ميمڻ کي اربين روپين جي ڪرپشن کان پوءِ بہ کيس سونا تاج پارايا ويا پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف زرداريءَ کي ڪرپشن جو بادشاھہ جو خطاب ڏيئي ملڪ جو صدر بڻايو ويو ۽ سندس خلاف ميمو گيٽ اسڪينڊل تيار ڪيو ويو  جيڪڏھن مٿس اھو ڪيس ثابت ٿي ويو تہ آئين جي آرٽيڪل 6 تحت غداريءَ جو ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو جنھن جي سزا موت آھي ھن وقت پي پي پي جا ٻہ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف پڻ ڪرپشن جي ڪيترن ئي ڪيسن کي مُنھن ڏيئي رھيا آھن رڳو ايترو نہ پر فوجي جنرل پرويز مشرف تي پڻ ڪيترائي ڏوھہ ۽ الزام آھن جن کان ھو تاحال آجو نہ ٿي سگھيو آھي انڪري ھاڻي توھان کي اھڙو نظام ڏينداسين جنھن سان وڏو انقلاب ايندو بس توھان راضي ٿيو سادڙو عوام ويچارو سوچي پيو تہ اڳ وارن حاڪمن کي ڪھڙو اسان جي رضامنديءَ سان وٺي آيا ھو جو ھاڻي اسان جي راءِ ورتي پئي وڃي تہ اھي موٽ ۾ چوندا تہ اسان ان سوچ کي ئي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي آيا آھيون اسان جا ڪم ڏسو پوءِ وک اڳتي وڌايو اسان عدالتون ڇڏي اسڪولن جي حالت سڌاري آھي جتي استاد نہ ھئا اتي استاد موجود آھن جتي اسڪول مال جا واڙا، ان ۽ بُھہ جا ڀانڊا ھئا اتي صفائي لڳي پئي آھي ھاڻي توھان اتي ٻارن کي موڪليو موٽ ۾ کائن پڇو تہ  ان وڏيري کي ڪير مُنھن ڏيندوبوري چوندا تہ اسان عدالتون ڇڏي صحت جي صورتحال کي بھتر بڻايو آھي کانئن پڇو تہ عوام کي دوا جي بدلي ڌڪا پيا ملن اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو تہ پھرئين بہ موجود ھو ڪھڙي نواڻ آئي آھي توھان جي ڪورٽ سڳورين ۾ ھزارين ڪيس پيا آھن انھن جي اڪلائڻ لاءِ توھان ڪھڙي حڪمت عملي ٺاھي آھي جو ھاڻي وري توھان سياست ۾ اچڻ جي حڪمت عملي ٺاھي آھي فوج جو تجربو اسان جي سامھون آھي تہ اھا واپڊا ۾ آئي تہ واپڊا مڪمل طور خانگي شعبي حوالي ٿي ويئي فوج سياست ۾ آئي تہ سياسي مقصد فوج ٿيڻ لڳا ۽ اسان جو سرحدون غير محفوظ ٿي ويون اسان جي ملڪ تي ڀارت ۽ افغانستان جي سرحدن مان حملاآور سرعام ايندا رھيا ۽ بيگناھہ ماڻھن جو ناحق خون وھائيندا رھيا جيڪڏھن ھاڻ سياست جو رخ عدليہ جي حوالي ڪيو ويو تہ عدليہ بہ متضاد ٿي کوکلي ٿي ويندي ڪوبہ انھن ججن جي فيصلن کي قبول نہ ڪندو ائين پورو عدالتي نظام ڊانواڊول بڻجي ويندو انڪري " اھو سون ئي گھوريو جو ڪن ڇني " واري چوڻيءَ تي نظر رکي عدالتي نظام کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جيڪڏھن سڀ ڪم ججن کي ڪرڻا آھن تہ پوءِ عدالتون ڪير ھلائيندو سياست سميت سمورن کاتن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي ڪير روڪيندو عام ماڻھن سميت خاص ماڻھن جو احتساب ڪير ڪندو انڪري نوان نوان تجربا ڪرڻ بجاءِ ھرھڪ پنھنجي پنھنجي زميواري پوري ڪرڻ لاءِ سچي دل سان وک وڌائي تہ ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿي پوندو.

مهان شاعر شيخ اياز (ابراهيم لاشاري (وارهه)



سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن  پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب، صحافي ، شاعر ، سگهڙ ، وقت به وقت سنڌي ادب منجهه پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ،جڏهن شاعرن جي صف ۽ موتين جي مالها کي ڏسبو ته ته ڪيترائي ماڻڪ ان مالها جي زينت بڻيل نظر ايندا .اهڙن شاعرن منجهان  سڄي ڌرتي سان پيار ڪندڙ ڌرتي جو وڏي مان وڏي عظيم شاعر جو نالو اسين فخر سان وٺنداسون ته لڄادار لطيف سائين سڀني شاعرن کان اعلي ۽اتم درجي جو نظر پيو ايندو ، مڱر ويهين صدي تي نظر ڪبي ته لطيف سائين جو سڪون وري شيخ اياز پيو لاهڻ ۾ چٽو پٽو نظر پيو ايندو اڄ کان 20 سال اڳ  تاريخ 28 ڊسمبر 1997ع آچر ڏينهن سنڌي ادب ۽ جديد شاعري جو مهان شاعر  سموري سنڌي ادب کي سوڳ ۾ ڇڏي راهه رباني ٿيو مڱر ڪافي عرصو گذري وڃڻ باوجو هن جي گيتن جي گونج  ۽ شاعري جو لفظ لفظ اڄ به  سماج جي ترجماني پيو ڪري ، اڄ به ان ئي زماني جيان  سندس شاعري گونجي ٿي جئين پاڻ پنهنجي زباني چئي ويو ته
ڇني گل گلاب جا ، ڪيئي ڌارو ڌار ،
اڙي موت ميار ، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان .
 سنڌ جو هي مهان شاعر سنڌ جي سهڻي ،قديم ۽ تاريخي  شهر شڪارپور جي بنگل پاڙي جي معزز شخصيت محترم شيخ غلام حسين ولد شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ جي گهر پرهه ڦٽي مهل 2 مارچ 1923ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن  پهريون ساهه کڻي  هن رنگا به رنگي جهان ۾  پيدا ٿيو سندس تربيت علمي ،ادبي گهراڻي منجهه ٿيڻ سبب ننڍي هوندي کان  کيس الله تعالي وڏي ڏات سان نوازيو هو  پڙهڻ جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڦرهي هٿ ۾ ڏئي شروعاتي  تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ  شڪارپور جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو  جتان بنيادي تعليم پرائي وڌيڪ  انٽر جي تعليم شڪارپور جي مشهور ڪاليج جي _سي _ ائيڊ _ ايس ڪاليج مان 1942ع ڌاري حاصل ڪيائين  وڌيڪ تعليم پرائڻ  لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيائين 1944ع ڏاري ڊي _جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين  تنهن بعد  سندس کي قانون جي ڊگري  حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو پاڻ ان زماني ۾ ايل ،ايل ،بي سال 1950ع ڌاري ايس _ايم لا ڪاليج منجهان حاصل ڪري وڪالت جي ڪرت ڪرڻ شروع ڪيان ڪجهه عرصو ڪراچي شهر ۾ وڪالت ڪرڻ بعد سکر شهر  اچي وسايائين ۽ اتي وڪالت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو . هن ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي جڏهن ڇوٿون درجو پڙهندو هو ته هڪ رسالي ۾ سندس جو (نظم) ڇپيو هو مڱر باقائده طور سال 1946ع کان ادبي دنيا ۾ لکڻ شروع ڪيائين سندس ڇٺي جو نالو ( شيخ مبارڪ علي ) جي نالي سان ڪوٺيو ويو مڱر جڏهن شاعري ڪيائين ته علمي ۽ ادبي دنيا جي رنگ ۾ وري ( شيخ اياز) جي نالي سان پاڻ کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين جيڪو نالو اڄ تائين هزارين ماڻهن جي دلين زنده ۽ جاويد آهي ۽ سڃاڻپ پڻ  آهي سنڌ جي هن مهان شاعر شعر و شاعري جي شروعات (کيئلداس فاني ) جي اثر هيٺ ڪئي. جيڪا سال 1947ع کان وٺي 1997ع تائين جاري ساري رهي ، هو ڪڏهن به نه ٿڪيو . سندس شاعري جو پهريون مجموعو سڀ کان اول اردو (شعرن ) جو ننڍڙو مجموعو (بوئي  گل نالئه دل)  سال 1954ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو تنهن بعد سال 1962ع ڌاري سندس شاعري پهريون سنڌي زبان منجهه مجموعو (ڀوءَنر ڀري آڪاس) پاڪستان رائيٽرز گلڊ ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو هو .شيخ اياز کي الله تعالي شاعري جي اهڙي ته ڏات عطاءَ ڪئي هئي جو سنڌي ادب جي سڀني صنفن کي پنهنجي ڏات سان جرڪائي نروار ڪرايو پوءِ  اهو غزل ، هجي يا وائي دهو هجي يا نظم ، آزاد نظم هجي يا نثراڻو نظم گيت هجي يا لوڪ گيت ٽيڙو هجي يا بيت سڀئي صنفون سندس محتاج نظر اچن ٿيون سندس سڀني ادبي رنگن ، صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي. شيخ اياز سنڌي ادب جي سمورين وصفن تي قلم کڻي جهجي انداز سان لکيو آ سندس خاص موضوع سونهن ، ڏک ، درد ، عشق ، پيار ، امن ، سلامتي ، وصل ، وڇوڙو ، ڌرتي جا مسئلا ، ڌرتي سان پيار پنهنجي اندر جو آواز هڪ سهڻي سليڪي سان ظاهر ڪيو آ سندس شاعري ۾ موضوع رڳو سنڌ ڌرتي ناهي هن جي شاعري منجهان مظلوم قومن جي ڳالهه ظاهر آهي شيخ اياز وٽ انسانيت سڀني کان اتم ۽ اعلي ۽ اهم آهي شيخ اياز محبوب جي هر انداز کي پنهنجي ڏات سان ظاهر ڪري بيان ڪري ٿو
ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي ، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي ،
ائين وقت ڪٽيو ، ائين عمر لٽي ، سڀ سانگ سجايو آ پيارا .
شيخ اياز پرين جا پير ڏسي ماڳ جو رستو منجهيو ٿو پوي ۽ پنهنجي من اندر جي ڳالهه هن طرح ظاهر ڪري ٻڌائي ٿو ته
چمڪي وڄ وجود ۾ ،ڏٺم پرين جا پير ،
اونده ۾ اوير منجهايو هو ماڳ کي
شيخ اياز جي شاعري رومانيت جي پهلو سان ٽم ٽار لکي پئي آهي سندس رومانيت واري پهلو ۾ لفظن جو سٽاءَ موتين  جي مالها جيان چٽيو اٿس ، سندس لفظن جي چونڊ به اعلي درجي جي آهي شيخ اياز جي گيت واري صنف به نهايت اعلي درجي آ هو گيت جي صنف ۾ مومل جي واتان راڻي کي انتظار ۾ پنهنجي زباني چوائي ٿو ته
رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي ،
ماڪ ۾ مينڌرا ، ڪاڪ روئندي رهي
شيخ اياز سنڌي زبان جو محبوب شاعر هو سندس شاعري سنڌ جي هر طبقي جي دل جي ڌڙڪن آهي شيخ اياز هڪ بهترين اعلي درجي جو نثر نويس به هو جنهن جي نثر جي سٽ ، سٽ  لفظ، لفظ سهڻي ۽ لاجواب آهي سندس نثر وسيع مطالعي ۽ گهري فڪر جو اولڙو آهي شيخ اياز ٻولي جو بادشاهه ۽ سنڌي لفظن جو لغت جو رهبر آهي شيخ اياز جي نثري صنفن ۾ سفرنامه ، تقريرون ، آتم ڪهاڻي ، نوٽ بوڪ ، ٽڪرا ، ادبي خط ، افسانا ڪهاڻيون ، ڊائري ۽ انٽرويو تمام اعلي نموني جا آهن ، شيخ اياز جي شخصيت ۽ سندس تخليقي فن ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج ناهن شيخ اياز کي عالمگير شهرت حاصل هئي شيخ اياز سنڌي ادب جي پنهنجي پورهي سان جهول ڀري ويو آهي سندس وفات مهل تائين 65 ڪتاب مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ ڇڏي ويو ، شيخ اياز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي جن ۾ اردو ، انگريزي ، سرائڪي ، جرمني ، گريڪ ، روسي ، وغيره شيخ اياز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي جو اردو ۾ مڪمل منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي ، شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ کي نهايت عظمت وارو درجو ڏيندڙ هو شيخ اياز پاڻ کي لطيف سائين جي پيرن جي پڻي سڏيو آهي ،لطيف سرڪار کان علاوه حضرت سچل سرمت رح ۽ سامي کي ۾ مڃتا ڏئي پنهنجي شاعري واري زبان ۾ چوي ٿو ته
 سچل سامي ڀٽ ڌڻي
جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪڻي
آءُ انهي جي پير پڻي
 ڇو ته اهو هي ڌرتي آ
 ڇو ته ڇپر مان ڇاٽ ڇڻي
 هونئن ته مون ۾ آءُ گهڻي
هونئن ته مون ۾ آءُ گهڻي
شيخ اياز جي شاعري ۽ نثري ڪتاب لڳاتا ڇپجندا رهيا آهن جن ۾
ڀونر ڀري آڪاس ، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين ، ڪلهي پاتم ڪينرو ، اڪ جون ڦلڙيون ، ڀيڄ ڀيني ، پتڻ ٿو پور ڪري ، ڪي  جو ٻيجل ٻوليو ، ڪپر ٿو ڪن ڪري ، جڳ مڙي سپنو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا شيخ اياز مڃتا طور ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا جن منجهه 23 مارچ 1994ع تي پاڪستان سرڪار پاران ملڪ جو سڀ کان وڏو ادبي اعزاز (هلال پاڪستان ۽ 16 آڪٽوبر 1994ع تي (فيض احمد فيض ) ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو شيخ اياز جو فن ۽ فڪر انهن سڀني اعزازن کان تمام گهڻو مٿانهون آهي شيخ اياز پنهنجي زندگي ۾ ٻه شاديون ڪيو جن منجهان چار پٽ ۽ چار ڻياڻين جي اولاد اٿس هي دنيا بي بقا آهي ڪهڙا به من موهيندڙ انسان هجن مڱر آخر سندن خاڪي پتلو مٽي ۾ ملڻو آهي شيخ اياز به 74 سال 9 مهينا 26 ڏينهن زندگي جا گذاري  اسر ويل 4 وڳي ڌاري ڪراچي جي مڊليسٽ اسپتال منجهه دل بيهي وڃڻ سبب هميشه لاءِ 28 ڊسمبر 1997ع آچر ڏينهن سڀئي ادبي مصروفيتون ڇڏي  پنهنجي ڏاڏڻي ڏيهه واري سفر تي روانو ٿي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو،سنڌ جي هن مهان اديب ،شاعر شخصيت  جي ميت کي هزارين اديبن جي سڏڪن ۽ لڙڪن سان ڀٽ شاهه تي آڻي دفن ڪيو ويو  سندس آخري آرم گاهه ڀٽائي سڳوري جي پاڙي ڪرار ڍنڍ جي ڪنڌي تي ڀٽ شاهه ۾ آهي سندس جنازي جي نماز ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پنهل فقير ادا ڪرائي سندس اڄ 2 مارچ 2018ع 95 سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جا اديب ، ڏات ڌڻي  مختلف شهرن ۾ سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا ۽ لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪندا شيخ اياز اڄ به سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي هو شاعري واري زبان سان پاڻ ڳالهائي چوي ٿو ته
مرڻو آهي  سڀ کي مرندو هت هرڪو ،
گنگا جي  گود    ۾ ،   ڪو سنڌ ڀرڪو ،
اهڙو ڪم ڪر ڪو ، جيڪو ماري موت کي .

“ڪرپشن احتساب ۽ حڪمران”(راهب علي سولنگي/راڌڻ اسٽيشن)



ڪارل ڪرواس آسٽريا جي مشهور دانشور جو تمام سٺو قول آهي ته ڪرپشن جسم فروشي کان خراب آهي. جسم فروشي سان هڪ انسان جو اخلاق تباهه ٿئي ٿو. جڏهن ره ڪرپشن پوري قوم جو اخلاق تباهه ڪري ڇڏيندو آهي پاڪستان ۾ عدم ٿهفظ انتشار عدم استحڪام جي بنيادي ڳالهه ڪرپشن آهي انهي ڪرپشن ملڪ جي معيشت ۽ سياست تباهه ڪري ڇڏيو آهي.ملڪ عدم استحڪام مان گذري رهيو آهي.جنهن جي ڪري ملڪ جا صدر وزيراعظم مزير مشير ۽ گورنرن کان ملڪ جي ادارن جي سربراهن تائين ان کان علاوه هڪ ننڍي معمولي سرڪاري ملازم تائين ڪرپشن ملوث نظر اچي رهيا آهن.سڄي معاشري جو اخلاق ڪرپشن جي ڪري تباهه ٿي چڪو آهي.هڪ اندازي مطابق ملڪ ۾ پنج هزار اربن جي سال ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي.جڏهن 12 ارب روپيه روزانو جي حساب سان ڪرپشن ٿي رهي آهي.پاڪستان جو قانون اهو آهي.ته آمدني جيڪڏهن 42000 يا ان کان وڌيڪ هجي يا پنج لک سال ٿيندي هجي ته ان جي انڪم ٽيڪس ريزن فائل ڪرڻ واجب آهي.پر اسيمبلين ۾ ويٺل 70 سيڪڙو ميمبرن پنهنجي ٽيڪس ريزن فائل نا هي ڪئي پاڪستان جي آئين جي مطابق جيڪو ماڻهو پهنجي آمدني لڪائي ان کي ٻه سال جي قيد آهي.يا ڏنڊ مقرر ڪيل آهي.ملڪ جو قانون ٺاهڻ وارا خود قانون جو ٻيڙو ٻوڙن ۾ لڳل آهن.ملڪي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي ڪري اسان پوري دنيا ۾ ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي.پاڪستان جي حڪمرانن پارٽين جو شمار دنيا جي ٽاپ ڪرپٽ پارٽين ۾ ٿي رهيو آهي.انهيءِ ڪرپشن جي ڪري اسان جي ملڪ جي طرز حڪمراني ناڪام اسان جي سياست ناڪام اسان جو تعليمي نظام تباهه صحت ناڪام سياست ۽ خودمختياري خطري ۾ ملڪي معيشت ناڪام سماجي معاشي نظام ناڪام پوري قوم جو سماجي اخلاقي حالت تباهه ۽ ميرٽ جو نظام مفلوج ٿي رهيو آهي.ڪرپشن ۽ بدديانتي جي ڪري رياست ۾ هر عام ماڻهو بنيادي حقن کان محروم آهي.ڪرپشن جي ڪري بيوروڪريسي وٽ اختيار هوندي عوام جا حق غضب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. غريبن لاءِ بجلي مهانگي تيل مهانگو کاڌي پيتي جيون سڀ شيون مهانگيون جيڪي عام ماڻهو جي استعمال ۾ اچن ٿيون.انهن تي حد کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائي هي عام ماڻهو کان صحيح طريقي سان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي.عوام کام وڏيون ٽيڪسون حاصل ڪري انهن پيئسن تي حڪمران عياشيون ڪندي نظر اچن ٿا.رياست ۾ وڏيون رعايتون به طاقتور کي ملن ٿيون.ڇو ته ملڪ جا حڪمران ملڪي ادارن پنهنجا من پسند ماڻهو رکي انهن کان غير قانوني بد ديانتي وار ڪم وٺن ٿا.ڪوبه غير قانوني ڪم بغير ڪنهن رشوت جي ورتو وڃي ٿو. ديانتدار ۽ محنتي بيوروڪريسي کي لائين ۾ بيهاري انهن کي تذليل ڪيو وڃي ٿو.ڪرپشن جي ڪري نوجوان نسل پاڪستان ۾ وسائلن ۽ قابليت سڀ ڪجهه ڪرپشن جي نظر ٿي وڃن ٿا.انهن ڪرپشن ڪندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي.انهن سان احتساب جو دارو سخت ٿيڻ گهرجي.انهيءِ ڪرپشن جي ڪري ملڪي جهموريت کي خطرا ٿي رهيا آهن.۽ پارليامينٽ جو به تقدس پامال ٿيندي نظر اچي ٿو.جهموريت پارليامينٽ ۽ رياست کي سڀ کان وڏو خطرو ڪرپشن جو مان آهي.جڏهن ملڪ جي عوام جون ٽيڪسون ڪرپشن جي نظر ٿي وڃن ٿيون. ملڪ ۾ مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو تي ٽيڪس جو بار وڌي وڃي ٿو. عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ڪيل رقم ملڪ جي عام ماڻهو جي معيار زندگي بهتر بنائڻ تي خرچ ناهن ٿينديون.عوام جو پيئسو عوام تي خرچ ناهي ٿيندو.ڪرپٽ حڪمران رڳو ڪرپشن ڪندي نظر اچن ٿا. اهڙن ڪرپٽ حڪمرانن کي اڄ تائين عبرت ناڪ سزا ناهي ملي سگهي.جڏهن ته ملڪ جي هر حڪومت عام ماڻهو کي امن ، امان، صحت، روزگار، جاني، مالي، تحفظ ۽ تمام زندگيءِ جون ضرورتون ڏيڻ جي ذميوار هوندي آهي.ملڪ ۾ چيڪ اينڊبيلنس جو نظام جي ضرورت آهي.جنهن سان عام ماڻهو زندگي بهتر گذري سگهي.رشوت چار اکر تي مشتمل هڪ لفظ جنهن ملڪي رياستي ادارن کي تباهي طرف وٺي وڃڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. اسان جي سرڪاري ادارن کي رشوت جي ڪوڙڪي ۾ فاٿل ڏسون ٿا. 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان آزاد ٿيو. آزادي اسان کي نظرياتي بنيادن تي ملي هن وقت اسان جي ملڪ ۾ نظرياتي سياسي اڳواڻن ڳولڻ سان به نٿا ملن.تڏهن ته ملڪ  جا رياستي ادارا زوال طرف ويندي نظر اچي رهيا آهن.ملڪ ۾ بدعنواني رشوت لوٽ مار قتل غارت ۽ ٻين جي عزت اڇلائڻ پنهنجو نظريو بڻائي ڇڏيو آهي.  اڄ اسان جو نئون نسل لکيل پڙهيل نوجوان رشوت نه ڏيڻ جي ڪري بيروزگار نظر اچي رهيا آهن.رشوت جي ڪري ميرٽ جو سرعام جنازو نڪري رهيو آهي.رشوت عيوض نا اهل ماڻهو ملڪي ادارن ۾ زم ڪيا ٿا وڃن.پوءِ اهي ادارا خساري جو شڪار ڪيئن نه ٿيندا.اسان معاشري ۾ نظر وجهنداسين ته رشوت عام نظر ايندي.ملڪ ۾ ڪوبه چاهي اهو جائيز هجي يا نا جائيز هجي سواءِ رشوت ٿيندي نظر نٿو اچي.ملڪي ادارن ۾ رشوت جائيز سمجهي ورتي وڃي ٿي.جڏهن هر سال بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار سيڪڙن جي ذريعي وڌائي ويندي وڃي ٿي.جنهن ۾ ملڪ جي ڪنهن به اداريجو اعليٰ آفيسرن کان وٺي پٽيوالي تائين وڌي وڃي ٿي.پوءِ رشوت جي حرام وارو پيئسو حلال سمجهي هذم ڪيو وڃي ٿو.هر ظالم پنهنجي ظلم جي قيمت لڳائي رشوت طور ادا ڪري ٿو.اسان جي معاشري ۾ هر شيءِ وڪائون آهي.پر ان جي قيمت سٺي لڳائي وڃي ٿي. ڪوبه ظالم ظلم ڪري ٿو ته ان کي بچائڻ جو ذريعو ڪرپشن هوندي آهي. هر بعدعنوان کي سزا کن بچڻ لاءِ رشوت کي پنهنجو سهارو سمجهي ٿو.رشوت کي پنهنجو سهارو سمجهي ٿو. رشوت ڏيئي پاڻ کي سزا کان آزاد ڪري ٿو.رشوت  هڪ بدعنوان کي سزا کان محفوظ رکي ٿي.ملڪ جو هر بيوروڪريسي رشوت کي پنهنجي ترقي جي منزل سمجهي ٿو. پاڪستاني معاسري جو الميو اهو آهي ته اسان پئسي جي کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو آهي. حرام۽ حلال جي سڃاڻپ ناهي رهي جڏهن ته سرڪاري ادارن ۾ خاص طور تي پوليس انهيءِ سلسلي ۾ وڏي بدنام آهي. ته رشتو ڏيئي وڏي کان وڏو ڏوهاري ڇڏائي سگهجي ٿو.پوليس ۾ رشوت جو ڪرشمو آهي. جو ملڪ ۾ چور ڌاڙيل معصوم ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اغوا ڪري انهن سان زيادتي ڪرڻ وارن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. بدقسمتي سان اسان جو معاشرو ان مقام تي پهچي چڪو آهي ته رشوت جا پئسا لکن حد پار ڪري ڪروڙن ۾ داخل ٿي چڪو آهي.ڪوبه ماڻهون پنهنجو جائز ڪم وٺڻ لاءِ رشوت ڏيئي ڪم جي گارنٽي وٺي ٿو.ڪٿي ڪٿي گارنٽي وٺڻ جو چيو وڃي ٿو.انهيءِ ڳالهه کي ختم ڪيو ويندو آهي.  ڇو ته رشوت جي ڪابه رسيد ناهي هوندي.هاڻي ته پاڪستان جيڪڏهن ڪو ڪامورو رشوت ۽ ڪرپشن ڪندي پڪن ثبوتن بعد گرفتار ٿئي ٿو ته ان ڪاموري جي حمايت ۾ پوري ڪامورا شاهي سراپا احتجاج بڻجي وڃن ٿا. جن جي حمايت وزير ۽ مشير ڪندي نظر اچن ٿا. انهيءِ جو مطلب ته رشوت ۽ ڪرپشن کي ڪيو نعرو لڳي رهيو آهي.انهيءِ جي نعري جي سرپرستي ڪندي ملڪ جي بيوروڪريسي اجلاس گهرائي ٺهراءُ منظور ڪرايو آهي.ملڪ ۾ اهي بيوروڪريسي ۽ نواز شريف جو ميڊيا تي واويلا ڪرڻ سان پاڪستان جو نالو دهشتگردن مدد ڪندڙ ملڪن فهرست ۾ شامل ڪريواري قرارداد تي پڌرنامو جاري ڪيو ويو.جڏهن پاڪستان 3 مهينن جي اندر دهشگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ جيڪڏهن قدم نه کنيا ته ان لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. جڏهن سنڌ۾ ڪرپشن خلاف نيب جي ڪاروائين کي روڪڻ لاءِ سنڌ اسميبلي ۾ ٻه دفعا قرارداد پيش ڪئي وئي جيئن تي وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حۡڪومت جي ڪجهه وزيرن وڏي واويلا ڪئي اها قراراداد غلط آهي جڏهن سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف بيوروڪريسي ۽ وزيرن خلاف نيب۾ ڪافي ڪيس هلي رهيا آهن.جڏهن پنجاب ۾ هڪ ڪاموري خلاف ڪرپشن جو نيب ڪيس کوليو ته پنجاب حڪومت بيوروڪريسي جي سرپرستي ڪندي انهن کان احتجاج ڪرايو ويو ۽ هڙتال ڪارائي ويئي پنجاب حڪومت کي انهيءِ مان ڪابه نتيجو نه ملي سگهيو.وري پنجاب حڪومت وڏي اڪثريت سان نيب خلاف جي ڪاروائين خلاف پنجاب اسيمبليءِ ۾ قرارداد پيش ڪئي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ بين خلاف قرارداد پيش ڪرڻ غلط هيو. ۽ پنجاب اسمبيلي ۾ نيب خلاف قارداد پيش ڪرڻ ڇا اهو صحيح آهي؟ انهيءِ وفاقي حڪومت به خاموش تماشائي بڻيل آهي. جنهن اهو مثال ٿيو ته مينهن  سڄي ڪاري ۽ رڍ جو پڇ ڪارو هيو مينهن چيس هل ڙي پڇ ڪاري.          

پاڻي جو بحران , سنڌ ۽ زارعت تي پوندڙ اثر(حميد شڪيل /ڪي اين شاھ)



سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ڪارڻ اصل کان وفاق ئي رهيو آھي اڳ جيئان هاڻ به ارسا1991ع واري ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ کي پاڻي ڏيڻ جو انڪار ڪيو جنهن جي ڪري سنڌ جي زراعت ۽ ھن ڀومي ۾ جنم وٺندڙ  ماڻھن کي وڏي نقصان ٿيڻ جو خدشو لاحق آھي, ڪڏھن پاڻي جا ڪٽڪ ڇوڙ ڪري لطيف ۽ لعل جي نگري کي ٻوڙڻ جو سازشون ڪيون ته وري ڪيترائي ڀيرا سوڪهڙي ۽ اڻاٺ جو نشانو بڻايو ويو,پراڻي زماني وادي مهراڻ جي سيني ۾ وهندڙ درياھ بادشاھ جون ٻئي ڪنڌيون  سرسبز شاداب ۽ دلفريب  نظارن سان ان وقت ڏيک ڏينديون آھن جنهن وقت پاڻي جون موج مستيون, کيڏ خوشيون   اُٿل پٿل ٿيندڙ لهرون ج ڏھن خوشڪسالي سبب جهيرون جهيرون ٿيل زمين, پياسي  ڌرتي جي اڃ اجهائي ڇڏينديو آھن ۽ جڏھن ساوڪ نڇار ٿيندو آھي ته پورهيت آبادگار جي دل به گلاب جي گل وانگي خوشي مان مهڪي پوي ٿي , سڪون, راحت , کل, خوشي , پنهنجي پورهيئي سان لڳاءُ ۽ چاھ به من کي موهيندڙ ھجي ٿو پر جڏھن پاڻي جو وقت سر نه پهچڻ, آبادي جو ٽائم سان نه ٿيڻ سبب وڏي نقصان جو ازالو ڀري ٺيٺ زمينن مٿان ويهي پنهنجي رب کي ٻاڏائن ٿا, هوئن به ملڪ جي معيشت کي مظبوط ڪرڻ  ۾ زراعت ۽ آبادگارن جو اهم ڪردار رهيو آھي ان کان هر ماڻھون واقف به آھي پر هن وقت جڏھن پاڻي جي حوالي سان  سيڊا طرفان زارعت سنڌ آفيس ۾ اجلاس رکيو ويو ۽ ان گڏجاڻي  بابت جڏھن خبرپئي ته سنڌو درياھ ۾ هن سال پاڻي جو مام گهڻو بحران رهندو ۽ زراعت لاء زمينون آباد ڪرڻ ته هڪ پاسي پر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ هوندو  هاڻي, ۽ اهيا اڳڪٿي به چئي سگهجي ٿي, سنڌ جي پاڻي جيڪا هٿچراند ڪئي پئي وڃي ۽ پنجاب طرفان بلاجواز ڏاڍ ڪري سنڌ جي حقن مٿان ڌاڙا هڻي چار هزار ڪيوسڪ وهايو پيو وڃي ته ان کي ڪو به روڪڻ وارو ڇو نه آھي,ان کان علاوه اٺ ملين ايڪڙ فٽ پاڻي شڪور ڍنڍ ذريعي هندستان ڏانهن ڇوڙ ڪيو پيو وڃي اگر ان متعلق سوچجي ته اهو فائدو ڪنهن کي رسي ٿو, نقصان ڪهڙي صوبي کي پوندو هوندو ۽ اهو ڪنهن جو حصو آھي, ڇا سنڌ واٽر پاليسي ٺھڻ سان  پاڻي جي مقدار ۾ اظافو ايندو يا پنهنجي حصو جو پاڻي صحيح نموني سان وقت سر ملندو يا وري پنجاب سنڌ جي حقن ۾ ڌاڙو هڻڻ بند ڪندو, منهنجي سوچ مطابق جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آھي سنڌ سان جيڪا ويڌن ڪئي پئي وڃي ته اهو صرف وڏي صوبي جي حڪمرانن وفاق ۽  پاڻي ورڇ ڪندڙن طرفان وزنائتا ۽ ڳرا فيصلا مڙھي سنڌ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي, ٻي طرف وري هميشه بلوچستان به اظافي کڻڻ جو الزام سنڌ مٿان مڙھندو رهي ٿو جيڪا هن جي ڀُل ئي چئي سگهجي ٿي,زراعت تي گذرسفر ڪندڙ مسڪين پورهيتن جو اهيو دروازو به بد ڪيو پيو وڃي هوئن ته ازل کان سنڌ ۾ بيروزگاري, بک, بدحالي جو رجهان گهڻو رهيو آ ڇو ته ڊگريون ماڻي  پاس ڪندڙ نوجوانن کي سرڪار طرفان ميرٽ تي نوڪريون ته  نه مليون پر تنهن باوجود پنهنجي زمينن ۾  ڪُڙمت ذريعي پنهنجي پيٽ  گذر ڪرڻ لاء ڌرتي کي زرخيز ڪري روزگار حاصل ڪن ٿا اُن۾ به شايد پاڻي نه ملڻ ۽ آباديون نه ٿيڻ جو خطرو لاحق ٿي ويو, اجلاس ۾  زراعت جو پاڻي معطل ڪري صرف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي ڳالھ نڪتي ته هڪ سوال اڀري ٿو ته ڇا اهو پيئڻ جو پاڻي ڏاکڻي يعني پوچڙي جي ماڻھن تائين باقائدا رسائي ڪندو جو جنهن سان اُڃ اجهائي سگهجي, مثال طور تي اهو پاڻي سکر بئراج جي ساڄي پاسي ۽ کاٻي طرف وارن شاخن توڙي جو روهڙي ڪئنال, خيروپرو , کيرٿر ڪئنال , دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال ۾ صرف پيئڻ جو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو اهو پاڻي انسان جي پيئڻ لائق هوندو, شايد ڪڏھن به نه اهو ان ڪري جو ڪئنالن ۾ صرف پيڻ جيترو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو جيڪو بلڪل به اڳ جي ڀيٽ کان گهٽ ھوندو ته ان ۾ شروعات,کان گدلاڻ, ملن جو ميرو ۽ ڪيميڪل مليل پاڻي , گٽر ۽ نالين جو گندو زهر ڀريل ڪن ڪچري وارو پاڻي ملي ڪري بيماريون پکيڙيندڙ موت جو ڪارڻ بنجي سگهي ٿو وري جي سوچجي ته اهو پاڻي پوڇڙي تائين پهچڻ به مشڪل آھي مُنڍ  ۽  اُتر وارن جي ڀيٽ ۾ ڏسجي ته ڏکڻ واري پوڇڙي جي علائقن کي يا ته ٻوڙيو ويو يا وري هٿ سان سڪايو وڃي پيو جنهن جا مثال ته ڪيترائي آھن  جنهن ۾ 2007 ۽ 2010 جي مها ٻوڏ کان وٺي هٿراڌو ٻوڏ آڻائي پوڇڙي جي علائقن کي ٻوڙايو ويو جيڪو پنجاب جي سازش ۽ اسان جي حڪمرانن جي نا اهلي جو سبب بڻيا جنهن جي ڪري اربين کربين روپين جو نقصان پيو ۽ سنڌ ڪيترائي سال پوئتي هلي وئي, هن وقت وري سنڌ جي معيشت,کي تباھ ڪرڻ جا سانباھا ڪيا وڃن پيا چيو وڃي ٿو برساتن جي نه پوڻ ڪري ڊيمن مان پاڻي جو زخيرو ختم ٿي ويو منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي نه هجڻ جي برابر۽ انقريب ختم ٿيڻ وارو آھي ان لاء پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو, چوڻ جو مقصد ته وفاق هجي يا ٻيا صوبا هجن جن سنڌ سان هميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري هر ڳالھ ۾ نظرانداز ڪيو ويو, جهڙي ريت گڏيل مفادن واري اجلاس ۾ بلوچستان جي وزير اعلي عبدالقدوس وڏي وزيرتي  ڇوھ ڇنڊيدي پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام لڳائي ايوز ۾ پئسا گهري ورتا ان بعد جڏھن سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي لاء پاڻي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ته ان موقعي تي به پنجاب جو ناڻي وارو وزير ڏمرجي پيو ۽ جواب ۾  لاهور جي شھرين لاء جدا پاڻي گهرڻ جو مطالبو ڪري وڏن ڊيمن کي تيار ڪرائڻ لا زور ڀريو ڊيم ٺھي به وڃن ته به سنڌ فائدو ته نه رسندو پر ٻيڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو , سنڌ جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ هن جي مٽي سون برابر آھي تمام گهڻي عرصي کان گئيس, تيل, ڪوئلي معدنياتي ذريعن جهڙي انمول نعت مٿان وفاق قابض رهيو آھي جنهن جو صحيح نموني سان سنڌ ۽ سندس جي جي عوام کي نه مليو ۽ نه ئي ڪو فائدو پهتو ,,