ورسٽي جا منظر (عبدالباسط )



چوندا آهن ته تعليم جا وڏي ۾ وڏي مرڪز ٻه آهن هڪ والدين ٻيو تعليمي مڪتب ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي شڪست ڏيڻي آهي ته توهان هٿيار جي سهاري کان بهتر آهي توهان قلم جو سهارو وٺو جيڪو توهان جا ٻه مقصد پورا ڪندو هڪ ته توهان کي ڪاميابي ملندي ٻيو توهان محنت ڪري اڳئي کي شڪست ڏئي سگهو ٿا ٻار جڏهن ننڍو هوندو آهي ته ان کي اسڪول موڪلبو آهي ۽ گهر وارا ان کي ٻار چوندا آهن ۽جڏهن هو هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج تائين پهچي ٿو ته ان کي شاگرد سڏيو ويندو آهي ۽ جڏهن اهو شاگرد ورسٽي ۾ داخلا وٺي ٿو ته ان کي شاگرد سان گڏ نوجوان سڏيو ويندو آهي ڇو ته ان جي سوچ ، ۽ فڪر ۾ ڦيرو اچي ٿو مان توهان کي ورسٽي جي منظرن جا منظر ڏيکاريندس جتي هر سالن هزار شاگرد ڊگري وٺي اڳتي لاءِ نڪرن ٿا ۽ انهن جي اکين ۾ ۽ سوچ ۾ حقيقي زندگي جو مقصد سمجهه اچي ويندو آهي ۽ ڊگري کڻي ڪنهن نه ڪنهن نوڪري جا تلاش ۾ نڪرن ٿا ته من ڪٿان آسرو ملي ۽ جيڪي تعليم حاصل ڪئي ان جو فصل نوڪري جي صورت ۾ ملي ته ٻيا اهي نوجوان جن کي ورسٽي ۾ داخلا لاءِ وڏين وڏين قطارن ۾ بيهي فارم جمع ڪرائڻا هوندا آهن ۽ اکين ۾ نوان خواب هوندا آهن ته هتان ڪجهه ٿي نڪرجي پنهنجو ۽ والدين جو نالو روشن ڪجي
 ورسٽي به هر هڪ کي پنهنجي جهولي ۾ رکيو آهي شاگردن کي به اهيا تمنا هوندي آهي ته ڇا به ٿي داخلا ملي پوءِ ان لاءِ پڙهندا ته سهي پر پڙهڻ دوران خيال ورسٽي ڏانهن هوندا جڏهن ورسٽي ٽيسٽ وٺندي آهي ته نوجوانن جا حشام اچي ورسٽي جو دل فريب منظر ڏسڻ ايندا آهن هڪ اهي هوندا آهن جيڪي ٽيسٽ ڏيڻ ايندا آهن ته ٻيا انهن جا خير خواهه ورسٽي به دل کولي انهن جو آڌرڀاءُ ڪندي آهي . ۽ ورسٽي کي به هر سان انتظار هوندي آهي ته هن سال ڪنهن جو مقدر بهتر ٿيندو. سنڌلاجي جي گيٽ کان داخل ٿيندي اهڙو ته هڳاءُ ايندي آهي جهڙو ڪه جنت جي دري کلي هجي ويندي  آهي . ورسٽي لاءِ چيل آهي ته هتي وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي پوري سنڌ مان نوجوان اچن ٿا جن سان دوستي ٿئي ٿي انهن علائقن جي ماڻهن جي مزاج جي خبر پوي ٿي ۽ ورسٽي سکڻ واري لاءِ پاڻ ئي رستا هموار ڪندي آهي ۽ نه پڙهندڙ لاءِ به هنن ئي درسگاهنن مان علم جا اڪابر پيدا ٿيا آهن جن والدين جو نالو روشن ته ڪيو آهي پر ڌرتي سان به جوت نڀائي اٿن 
زيرو پوائٽ تائين هرطرف بهار ئي بهار هوندي آهي صبح جو پوائنٽس تي ورسٽي ۾ اچڻ نئي نوجوان لاءِ تمام مشڪل هوندو آهي اهو حراسيل هوندو آهي ته هو ڪاڏي وڃي جي ڊپارٽمينٽ جي خبر هوندس ته آرام سان هليو ويندو نه ته سينئر جي ور لڳو ته جان جوکم برحال ڳولي ڳولي ڊپارٽميٽ هٿ ڪندو۽  هن لاءِ ورسٽي نئي علم جي درسگاهه هوندي آهي جتي هو  پنهنجي پڙهائي ۾ مگن ٿي وڃي پڙهائي سان گڏ ورسٽي جا مزا به پيو ماڻيندو ورسٽي جا ڪٽ ۽ سمبوسا ڇا ته ماحول هوندو آهي وري هاسٽل تي منجهند جي ماني ۽ رات جو پڙهائي کان تنگ تي رات جو ڪينٽين جا ڪٽن مٿان ڪٽ يا ڦاٽڪ جا آلو پراٺا واهه ڇا ڏيهاڙا هوندا آهن برحال پهريون سيميسٽر جڏهن پورو ٿيڻ تي هوندو آهي  پوءِ ڪڏهن نوٽسن جي چڪرن ۾ سنڌلاجي ۾ ڏسبو ته ڪڏهن سينٽرل لائبريري ڪتابن جي ڳولا لاءِ پاڻ پتوڙڻ ڪتاب وٺي جيئن پرهڻ لاءِ وهبو ته فون هٿ ۾ کڻڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ دوستن تي اس ايم ايس جي وٺ پڪڙ يا جي پڙهائي ۾ دل نه لڳندي ۽ ڪيفيت نه ٺهندي ته فون تي ڊگهي ڪچهري ۽ جڏهن وقت جو اهساس ڊهن تي تري ايندو سڀ ڪجهه بند ۽ پوءِ پڙهڻ  يعنيٰ پڙهڻ جو جن نه ڪنهن سان ڳالهائڻ ۽ نه ڪنهن جي ٻڌڻ پڙهڻ صرف پڙهڻ شروع وارا ڏهاڙا ته ڏکيا لڳندا آهن پر وقت گذرڻ جو احساس ان وقت ٿيندو آهن جڏهن ورسٽي جي هر فيڪلٽي يا  هر ڊپارٽمينٽ جي ٻاهر الوداع الوداع اڙشهر جانا الوداع الوداع  
اي ورسٽي تنهنجا رستا سهڻا
نه چاهيندي به اڄ پوندا  ڇڏڻا
تنهنجي هجڻ جو احساس من ۾
تسبيح داڻا  چوڻا پڙهڻا
جڏهن اهڙا لفظ هر هڪ جي ڪنن تي پون ٿا ته هر هڪ آخري بيچ کي الوداع ڏيڻ ۽ نون شاگردن کي آجياڻي ڏيڻ جي تقريب ۾ هوندو آهي ۽ ان ڏهاڙي هر هڪ شاگرد پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو آهي پوءِ اسٽيج تي اچي سڀني جي دل تي اهڙو ته تاثر ڇڏيندو آهي جو هر هڪ اک نم هوندي آهي ۽ هر هڪ سان وچن ڪبو آهي ته يار وري ضرور ملبو ڊائريون هٿن ۾ هونديون هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ته ڪبو ئي پر گذاريل هر پل جا ڪي قيمتي پل ان ڊائري ۾ ضرور لکبا ڇو ته اڪيلائي ۾ جڏهن اها ڊائري کولي پڙهبي ته ائين محسوس ٿيندو ها سڀاڻي ورسٽي وڃڻو آهي  پر اهو وچڻ وچڻ ئي رهندو آهي ۽ خيال خيال ئي  هر ڪو زندگي جي ميدان ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويندو آهي جو ڪو ڪنهن کي دوست مليو ته واهه واهه نه ته هر هڪ کان زندگي امتحان وٺڻ لاءِ تيار هوندي آهي جي پڙهي سٺي درجي تي پهتا سين ته دوستن ۾ به عزت ۽ گهر ۾ به نه ته گهر جا ته تعنا ملندا پر دوست به ساٿ ڇڏي ويندا  

No comments:

Post a Comment