ڏُکن سان ڀريل دانهون منهنجي ڌرتي جي ماروئڙن جون(درياءُ خان جهتيال / دادو)



سنڌ! جيڪا دردن جي وڻ ويڙهي ۾ وڪوڙجي رهي آهي، هن ڌرتي جي ماروئڙن جا ڀاڳ تہ خبر ناهي ڇو موڪلاءِ ويا آهن ۽ هتان جا ماروئڙا پنهنجي جيون سان ڏُکن ۾ پيا نڀائن، لطيف سرڪاري جي سِٽ آهي ''کڻي پئي پساهہ پسڻ ڪاڻ پرين جي''، سو ان سِٽ جي نظر هيٺ هلجي تہ بس سنڌ جا ماڻهو پساهہ ئي پيا کڻن باقي تہ جيئڻ جا حق انهن کان کسجي چڪا آهن، غربت انهن کي وڪوڙي وئي آهي، ان غربت واري زندگي ۾ وري جيڪڏهن ڪا بيماري گهر ۾ اچي آکيرو ڪري تہ پوءِ تہ غريب ماروئڙن جا درد ٻيڻا ٿي وڃن ٿا، اهڙن ئي غريب ماروئڙن جا درد بيان ڪجن ٿا، سنڌ جي شهر بخاشپور جي ڳوٺ امير الدين ڍومڪي ۾ پورهيت علي حسن چاچڙ ۽ سندس 5 ٻارڙا اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن، مفلسي واري زندگي گذاريندڙ پورهيت پنهنجي اکين جو نور وڃائي چڪو پر دنيا ۾ گلاب جي گُلن جيان سهڻا لڳندڙ سندس جا پنج ئي ٻار بہ اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن، پورهيت علي حسن جا 2 پُٽ معشوق علي، عبدالغفار ۽ 3 معصوم نياڻيون هيران، عظيمان ۽ 6 مهينن جي کير پياڪ معصوم نياڻي ڪرشمان چاچڙ اکين جي روشني کان محروم ٿي ويون آهن، علي حسن چاچڙ پاڻ اوچتو اکين جي نور کان محروم ٿيو ۽ معصوم ٻارڙا پهريان سهي ڄاوا پر ڪجهہ مهينن بعد انهن جون اکيون وڏيون ٿي ويون ۽ انهن جي اکين جي روشني ختم ٿي وئي، گلشن جي گلابن جي تڪليف جيڪا والدين کي هوندي شايد ڪنهن ٻئي کي نہ هوندي، ڇو جو معصوم ٻچڙن جو والد تہ پهريان کان ئي اکين جي نور کان محروم آهي ۽ هو ان ڳالهہ جي تڪليف بہ سمجهندو هوندو پر وري ان جا ڄمندڙ ٻارڙا هن چمن تي خوشيون نہ ڪري سگهن تہ والدين کي ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڏُک نٿو ٿي سگهي، پورهيت علي حسن جيڪڏهن پاڻ بہ ٺيڪ هجي ها تہ پنهنجي ٻچڙن جي علاج لاءِ ڪوشش ڪري هان پر هو پاڻ بہ هن دنيا کي هر وقت اوندهہ جيان ڏسي ٿو،هو پنهنجي ٻڄڙن جون دانهون تہ ضرور ٻڌندو هوندو پر بيوسي سبب انهن لاءِ ڪجهہ ڪري نٿو سگهي، ڇو جو هو پاڻ هاڻي بيوس بڻجي هڪ هنڌ ويهي ويو آهي، غربت هُنن جي گهر ۾ آکيرو ٺاهي ڇڏيو آهي، هڪ ٻيو درد آهي سنڌ جي شهر ميرپورساڪرو جي ڳوٺ جعفر ميرانخور جو، ڳوٺ جعفر ميرانخور جي رهواسين دودو خان ۽ جميل احمد ميرانخور جا ٻارڙا اکين جي نور کان محروم آهن، ان معصومن جي زندگي عذاب ۾ ڏسي انهن جا والدين بہ هر وقت تڪليف ۾ پنهنجا ڏينهن گذارن ٿا، اهي ڪنهن وقت ڪهڙي سرندي واري جي در تي تہ ڪنهن وقت ڪهڙي سرندي واري جي در تي وڃن ٿا، ٻارڙن جي تڪليف ئي انهن کي درد درد رلائي ٿي، هو پنهنجي ٻچڙن جي تڪليف نٿا ڏسي سگهي، اکين جي نور کان محروم ٿيلن ۾ شهنشاهہ، شازيہ، عابدا، اعجاز علي، صائما ۽ بشير شامل آهن، والدين جي معصوم ٻچڙن جون اکيون پهريان ٺيڪ هيون پر اوچتو ظلم بڻجي ڪڙڪيل پراسرار بيماري انهن ٻچڙن کان نور کسي ورتو آهي، نور کسجڻ بعد اهي ٻارڙا ۽ انهن جا والدين خوشين کان محروم ٿي ويا آهن، والد دودو خان ۽ جميل احمد ڏاڍا ڏکارا آهن ڇو جو هڪ ئي گهر جا ٻارڙا اوچتو نور وڃائن ويهن تہ انهن جي والدين جي اکين جا ڳوڙها تہ ڪڏهن بہ سڪي نہ سگهندا، ان لاءِ جو پهريا تہ اهي ٻارڙا ٺيڪ هئا، غربت هوندي بہ والدين انهن لاءِ ٿوريون گهڻيون خوشيون خريد ڪري رهيا هئا پر هاڻي ٻارڙن جي بيماري بعد غربت انهن کي هيڻو ڪري ڇڏيو آهي، ايترو هيڻو جو هو ساهہ بہ هڏڪين ۾ پيا کڻن، سنڌ جي هزارين دردن جيان هي بہ سنڌ جا درد آهن، ماروئڙا غربت سبب سخت پريشان تہ آهن پر بيمارين بہ انهن جي گهرن ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن جيڪي انهن غريب ماڻهن لاءِ ڏاڍي تڪليف واري ڳالهہ آهي، ڳوٺ امير الدين ڍومڪي جو رهوسي علي حسن چاچڙ،نور کان محروم سندس معصوم ۽ ڳوٺ ميرانپور جا معصوم هن وقت پنهنجي معصوم هٿڙن سان هر ان ماڻهو کي سڏ ڪن ٿا جيڪو انهن لاءِ مسيحا ٿي اچي، انهن معصومن جون اکڙيون هي دنيا ڏسڻ لاءِ آتيون آهن، گهرن جي آڳند جا اهي گُل جنهن جي زندگي هن ئي عمر ۾ عذاب بڻجي وئي آهي اهي هن زندگي مان نڪرڻ چاهن ٿا، سنڌ حڪومت، سنڌ جا گهڻ گهرا، قومپرست جماعتون، سماجي تنظيمون انهن معصومن جي اکڙين جو علاج ڪرائن ۽ دعائون حاصل ڪن، علاج ممڪن بہ آهي، انهن کي هر سرندي واري جي ضرورت آهي جيڪو انهن جو علاج ڪرائي.

No comments:

Post a Comment