پاڪستان کي وجود ۾ آئي 71 سال ٿيڻ وارا آھي ان سڄي عرصي ۾ اسان
پنھنجي جوڙجڪ ۽ منصوبا مڪمل نہ ڪري سگھيا آھيون ۽ نہ ئي ڪا حڪمت عملي ٺاھي سگھيا آھيون تہ اسان کي
آخر ڇا ڪرڻو آھي پنھنجي ملڪ جي عوام جي خوشحال زندگي ڪيئن ڪرڻي آھي ھن وقت تائين نہ پنھنجي تعليمي نظام کي درست ڪري سگھيا آھيون نہ صحت جون
مڪمل سھولتون مھيا ڪري سگھيا آھيون تعليم جيڪا انسانن جي سڌاري لاءِ اھم ھجي ٿي پر
ان ۾ نصاب اھم ڪردار ادا ڪري ٿو اسان جي تعليمي نظام ۾ مدي خارج نصاب ھجڻ ڪري
تعليم سڌاري بجاءِ بگاڙ جو رستو اختيار ڪندي پئي وڃي ايتري تائين جو اسڪولن ڪاليجن
۽ يونيورسٽين مان پڙھيل لکيل جاھل پڻ پيدا ٿيڻ لڳا آھن جن کي ڊگريون تہ مليون آھن
پر ڪم جي طريقيڪار جي خبر ئي نہ آھي تہ ڪھڙي ڳالھہ ڪٿي ڪرڻي آھي ۽ ڪھڙو ڪم ڪٿي ٿيڻو آھي جڏھن نوڪرين لاءِ وري جتي
ڪٿي ٽي سال تجربو گُھريو وڃي ٿو جيڪا ھڪ وڏي ڪوتاھي آھي ڪجھہ ڏينھن اڳ
ڪنھن دوست جون لکيل سٽون پڙھيم ھن لکيو تہ انٽر ۾
پڙھايو ويندڙ ناول جھان آرا اسان جي ڏھن نسلن پڙھيو آھي آخر ان ۾ ڪھڙي خصوصيت آھي
جيڪا نصاب ٺاھيندڙن کي پسند آھي ۽ موجودہ لکيل ناولن ۾ ناھي ائين ئي زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ تجربن مٿان تجربا
ڪيا پيا وڃن ۽ ڪوبہ تجربو ھن
وقت تائين ڪامياب نہ ٿي سگھيو
آھي جنھن جو واضح مثال اسان جي سامھون آھي جنھن موجب ھڪ پاسي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل
آھي تہ ٻئي پاسي
صحت جي صورتحال ڳبنڀير آھي ھڪ پاسي سرڪاري ادارن کي ڪرپشن جي اڏوھي کائي رھي آھي تہ ٻئي پاسي
عوام زھريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھي ھڪ طرف غربت ۽ بيروزگاري جون دانھون آھن تہ ٻئي پاسي
امن و امان جي صورتحال سورن ۾ ورتل آھن مطلب تہ ڪو بہ شعبو چڱو
ڀلو يا صحتمند نظر نہ ٿو اچي ان
سڄي صورتحال جو زميوار ڪير آھي تنھن سوال جو جواب ايندڙ عام چونڊن ۾ توھان کي حصو
وٺندڙ اميدوار ئي ڏئي سگھن ٿا ھر ڌڙو توھان ڏي ووٽ وٺڻ ايندو ۽ ٻي پارٽيءَ جي
شڪايت ڪندو تہ اسان توھان
لاءِ ڀرپور ڪم جي
رٿابندي ڪئي پر ڦلاڻي ترقيءَ ۾ رستا روڪ ۽ رڪاوٽ ڪئي وري ٻيو ايندو تہ پھرئين جي
خلاف تقرير ڪندو ان مان سمجھي وڃجو تہ حق تي ڪير آھي ۽ ناحق ڪنھن ڪيو آھي اھي ٻئي ڪوڙ جا ساٿاري آھن
تنھنڪري پراڻي روايت ختم ڪري ھاڻي کين اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ کين ھٿ ٻڌي چئي ڏيو
تہ توھان ٻئي
پاڻ پنھنجون ملڪيتون پيا ٺاھيو توھان پنھنجا بئنڪ بيلنس ڏيکاريو توھان جو اولاد
پرڏيھہ ۾ عياشيون
پيو ڪري توھان پنجن سالن کان پوءِ اسان جي تڪ آيا آھيو اسان مٿان انھن پنجن سالن ۾
ڇا گذريو آھي ان جي توھان کي خبر ئي نہ آھي پنجن سالن جون توھان کي تعزيتون ھاڻي ياد آيون آھن پر جيڪڏھن
ان جي مرڻ جو سبب بک ۽ بدحالي ئي آھي تہ انجي خاتمي لاءِ توھان پنجن سالن ۾ ڇا ڪيو آھي ھو توھان کي چوندا
تہ ھي اسان جو
اباڻو تڪ آھي ۽ ھٿ ٻڌي توھان کان ووٽ وٺندا پر توھان جواب ۾ چئو تہ توھانجي
ابي سان اسان جي ابي جو تعلق ھو جيڪو ڪجھہ خيال ڪندو
ھو ھاڻي نہ توھان جو
ابو رھيو آھي ۽ نہ اسان جو
ابو رھيو آھي توھان جڏھن پنھنجي ابي جي سيرت تي نہ ٿا ھلو تہ اسان بہ پنھنجي ابي
جي سيرت تي ھلڻ ڇڏي ڏنو آھي اھي ساڳيا ھٿ اسان توھان کي ٿا ٻڌون تہ مھرباني
ڪري اسان کي پنھنجي حال تي ھلڻ ڏيو توھان ٻئي اسان جا مخالف ٿي بيٺا آھيون توھان
اسان جي ووٽ تي اسيمبلين ۾ مزا ماڻي رھيا آھيو اسان غربت جي ھيٺئين سطح تائين پھچي
چڪا آھيون اسان جو اولاد بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي اسان
واڻ کائي وڃي واڏڻ سان لڳا آھيون توھان اسان جو رت چوسي ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿوَ اڃان
ڇا بچايو اٿوَ جو وٺڻ آيا آھيو اھا سوچ توھان کي انھن موسمي ڀوتارن مان نجات ڏياري
سگھي ٿي پر ايندڙ عام چونڊن ۾ توھان ھڪ نئين تبديلي بہ ڏسندو جنھن
لاءِ اڳواٽ تياري ڪريو سا تبديلي اوھان کي ڊيڄاريندي بہ ۽ توھان کي
حق ڏيارڻ جي بہ ڳالھہ ڪندي انھن
ڪوڙن سياستدانن جا ڪيل قول بہ توھان کي ٻڌائيندا ۽ توھان کي انھن خلاف اٿڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ جو
تاڪيد بہ ڪندا پر
توھان سان گڏ نہ ھوندا مطلب
تہ سياست جو
نئون تجربو توھان جي سامھون اچڻ وارو آھي ڇوتہ توھان عام
سياستدان کي بہ ڏسي چڪا
آھيو موروثي سياستدانن کان بہ واقف آھيو نج مارشل لا بہ ڏسي چڪا
آھيون تہ فوجين جي
جمھوريت بہ ڏسي چڪا
آھيو انھن سڀني کان توھان تنگ آھيو ڇوتہ انھن توھان لاءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو آھي
انھن توھان کي غربت جي گھيڙ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي انھن توھان جا حق غصب ڪيا آھن توھان تي
خودڪش حملا ڪيا آھن توھان جي ماڻھن کي موت جي مُنھن ۾ ڌڪيو آھي انھن اسيمبلين
اڳيان لوھي تارون لڳائي توھان سان ملڻ گوارا نہ ڪيو آھي
انھن توھان کي ڪمند جو اگھہ صحيح نہ ڏنو آھي ۽ توھان کي مارَڪُٽ ڪري پريشان ڪيو آھي انھن توھان جي
زمينن تي قبضا ڪيا آھن انھن توھان تي ڪُوڙا ڪيس ڪري ٿاڻن تي ٻڌرائي صوبيدار کان
ڪُٽرايو آھي انھن توھان جي سرحدن جي حفاظت نہ ڪئي آھي
انھن علم جي روشني ڦھلائيندڙ استادن مٿان لٺبازي ڪري اڌمئو ڪري ڇڏيو آھي انھن صحت
کاتي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن کي پنھنجا جائز حق نہ ڏنا آھن
انھن 18ھين ترميم تہ اسيمبلين
مان پاس ڪري صوبن کي حق ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي پر وفاق جي من مستي اھائي ساڳي برقرار رھي آھي انھن اوھان جي
وسيلن جي حفاظت نہ ڪئي آھي
انھن دريائن کي سُڪائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي انھن قانون جا بل تہ اسيمبلين
مان ھزارين پاس ڪرايا آھن پر عمل نہ ڪرائي سگھيا آھن انھن ملڪي خزاني کي ڏانداريءَ سان ميڙي پنھنجا
ذاتي اڪائونٽ ڀريا آھن انڪري توھان انھن مان تنگ ٿي ويا آھيو ڇوتہ اھي ڪرپٽ
ھئا تڏھن تہ ميان نواز شريف
کي نااھل قرار ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڪيسن ۾ جڪڙيل شھباز شريف کي پارٽيءَ جو
قائم مقام صدر بڻايو ويو پر پوءِ بہ نواز شريف تاحيات پارٽيء جو صدر رھندو ۽ مسلم ليگ نواز بہ ساڳي نالي
سان ڪم ڪندي ائين ئي شرجيل ميمڻ کي اربين روپين جي ڪرپشن کان پوءِ بہ کيس سونا
تاج پارايا ويا پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف زرداريءَ کي ڪرپشن جو بادشاھہ جو خطاب
ڏيئي ملڪ جو صدر بڻايو ويو ۽ سندس خلاف ميمو گيٽ اسڪينڊل تيار ڪيو ويو جيڪڏھن مٿس
اھو ڪيس ثابت ٿي ويو تہ آئين جي آرٽيڪل 6 تحت غداريءَ جو ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو جنھن جي سزا
موت آھي ھن وقت پي پي پي جا ٻہ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف پڻ ڪرپشن جي ڪيترن ئي
ڪيسن کي مُنھن ڏيئي رھيا آھن رڳو ايترو نہ پر فوجي
جنرل پرويز مشرف تي پڻ ڪيترائي ڏوھہ ۽ الزام آھن جن کان ھو تاحال آجو نہ ٿي سگھيو
آھي انڪري ھاڻي توھان کي اھڙو نظام ڏينداسين جنھن سان وڏو انقلاب ايندو بس توھان
راضي ٿيو سادڙو عوام ويچارو سوچي پيو تہ اڳ وارن حاڪمن کي ڪھڙو اسان جي رضامنديءَ سان وٺي آيا ھو جو ھاڻي
اسان جي راءِ ورتي پئي وڃي تہ اھي موٽ ۾ چوندا تہ اسان ان سوچ کي ئي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي آيا آھيون اسان جا ڪم ڏسو
پوءِ وک اڳتي وڌايو اسان عدالتون ڇڏي اسڪولن جي حالت سڌاري آھي جتي استاد نہ ھئا اتي
استاد موجود آھن جتي اسڪول مال جا واڙا، ان ۽ بُھہ جا ڀانڊا
ھئا اتي صفائي لڳي پئي آھي ھاڻي توھان اتي ٻارن کي موڪليو موٽ ۾ کائن پڇو تہ ان وڏيري کي
ڪير مُنھن ڏيندوبوري چوندا تہ اسان عدالتون ڇڏي صحت جي صورتحال کي بھتر بڻايو آھي کانئن پڇو تہ عوام کي
دوا جي بدلي ڌڪا پيا ملن اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو تہ پھرئين بہ موجود ھو
ڪھڙي نواڻ آئي آھي توھان جي ڪورٽ سڳورين ۾ ھزارين ڪيس پيا آھن انھن جي اڪلائڻ لاءِ
توھان ڪھڙي حڪمت عملي ٺاھي آھي جو ھاڻي وري توھان سياست ۾ اچڻ جي حڪمت عملي ٺاھي
آھي فوج جو تجربو اسان جي سامھون آھي تہ اھا واپڊا ۾ آئي تہ واپڊا مڪمل طور خانگي شعبي حوالي ٿي ويئي فوج سياست ۾ آئي تہ سياسي مقصد
فوج ٿيڻ لڳا ۽ اسان جو سرحدون غير محفوظ ٿي ويون اسان جي ملڪ تي ڀارت ۽ افغانستان
جي سرحدن مان حملاآور سرعام ايندا رھيا ۽ بيگناھہ ماڻھن جو
ناحق خون وھائيندا رھيا جيڪڏھن ھاڻ سياست جو رخ عدليہ جي حوالي
ڪيو ويو تہ عدليہ بہ متضاد ٿي
کوکلي ٿي ويندي ڪوبہ انھن ججن
جي فيصلن کي قبول نہ ڪندو ائين
پورو عدالتي نظام ڊانواڊول بڻجي ويندو انڪري " اھو سون ئي گھوريو جو ڪن ڇني "
واري چوڻيءَ تي نظر رکي عدالتي نظام کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جيڪڏھن سڀ ڪم
ججن کي ڪرڻا آھن تہ پوءِ
عدالتون ڪير ھلائيندو سياست سميت سمورن کاتن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي ڪير روڪيندو عام
ماڻھن سميت خاص ماڻھن جو احتساب ڪير ڪندو انڪري نوان نوان تجربا ڪرڻ بجاءِ ھرھڪ
پنھنجي پنھنجي زميواري پوري ڪرڻ لاءِ سچي دل سان وک وڌائي تہ ملڪ ۽ قوم
جو ڀلو ٿي پوندو.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment