سماجي برائي هي معاشري لاءِ ناسور برابر هوندي آهي جنهن جا ڪيترائي خوف ناڪ روپ آهن جنهن ۾ فحاشي ، وياج ، رشوت ۽
منشيات وغيره منشيات جو ڪاروبار ڪوئي نئون ناهي بلڪ تمام پراڻو آهي جيڪو هڪ ڊڪٽيٽر
جنرل ضياء جي دور ۾ شروع ٿيو افغاني هيروئن ۽ اسلحو ضياءَالحق جو دين هيو منشيات
جي وڌندڙ ڪاروبار لاءِ اديب ۽ شاعرن سان گڏ سماج سڌارڪ ماڻهن بار بار حڪومت کي
اهڙي قسم جي آگاهي ڏني آهي پر حڪومت ڪڏهن به ان قسم جي ڳالهه تي توجهه نه ڏني آهي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هيروئن جهڙو قاتل ۽ مٺو زهر هڪ ڪاروباري شڪل
اختيار ڪري ويو آهي هاڻي ته اهي به اطلاع آهن ته ڪراچي سميت باقي ملڪ جي ننڍن وڏن
شهرن ۾ هڪڙا اهڙا ٽولا تيار ڪيا ويا آهن
جن ۾ مرد ۽ عورتون به شامل آهن جيڪي گهرن سميت مختلف قومي ادارن ۾ وڃي ماڻهن کي
سگريٽ جا مفت ۾ ڪش هڻائي کين هيروئن جو عادي بڻايو وڃي ٿو جن ۾ خاص طور تعليمي
ادارا آهن يونيورسٽي ۽ ڪاليجن مان
به اهڙي قسم جا اطلاع آهن
جتي نوجوان ڇوڪريون ۽ نوجوان ڇوڪرا اهڙو گندو عمل ڪندي ڏٺا ويا آهن انهي کان علاوه امير گهراڻي جا بگڙيل ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون به اهڙو نشو ڪندي ڏٺا ويا آهن
۽ منشيات فروش ٽولو کين اهڙي قسم جو نشو پيڪٽن جي شڪل ۾ سندن گهرن تائين پهچائين ٿا وڏي ڳالهه اها آهي ته اهڙي قسم جي
سپلائي موبائل فون ذريعي ڪئي وڃي ٿي اميرن جا ٻار اهڙي قسم جي نشي جي قيمت باآساني
سان ادا ڪري وڃن ٿا جڏهن ته غريب جا ماڻهو اهڙي قسم نشي جي حاصلات لاء گهر جي
سامان وڪڻڻ سميت چوريون چڪاريون ڪندي نظر ايندا آهن منشيات واپرائڻ وارا ذهني ۽
جسماني سگهه وڃائي ويهندا آهن منشايت جو عادي ماڻهون معاشري کان علاوه پنهنجي گهر
کان به ڪٽيل رهندو آهي
ائين لڳندو آهي ڄڻ هو هن سماج جو حصو ئي
نه هجي سندس اهڙي سوچ ۽ اهڙي غليظ عمل ڪري کيس گهرڀاتي وڏي تڪليف کي منهن ڏيندا
رهندا آهن سوين گهر هزارين خاندان
اهڙي نشي جي ڪري اڄ ڏينهن تائين فاڪاڪشي واري زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور آهن پر ان جي
ابتڙ اعليٰ عهدن تي فائز حڪمران ۽ سندس اتحادي خاموش لڳا ويٺا آهن ۽ سندس واتان سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي وارو لفظ هر وقت ٻڌڻ ۾ اچي ٿو نئون نسل ۽ سندن
خاندان تباهه ٿي رهيا آهن پرحاڪمي وقت کي ڪو احساس ئي نٿو ٿي پوليس ڪو ڪردار
وڏيرڪي ڪمداري کان علاوه ٻيو ڪو به ڪم نه آهي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات
جوا وياج فحاشي جا اڏا سري عام هلي رهيا آهن
کين گرفتار ڪرڻ بجاءِ هنن کان رقم وٺي هنن کي اهڙي ڪم جي کلي عام اجازت ڏني وڃي ٿي
هيروئن واپرائيندڙ اڪثر موالي قسم جا ماڻهو هيروئن اتي واپرائيندي ڏٺا ويندا آهن جتي پبلڪ جي اٿ ويهه هوندي آهي مسئلن ريلوي
اسٽيشن ، پارڪون ، بس اسٽاپ ، اسپتالون وغيره هنن کي اها
تربيت ڏني ويندي آهي
ته توهان کلي عام وڃي اهڙي قسم جي حرڪت ڪيو ته جئين ٻيا ماڻهون به اهڙي وبا ۾
وڪوڙجي وڃن پر افسوس پنهنجي معاشرتي ڪارڪردگيءَ تي به ٿي ٿو پراڻي زماني ۾ ماڻهو
پنهنجي نوجوانن جي تربيت ڪندا هئا سڀ کان پهريان هنن کي اخلاقيات ، مهمان ، نوازي
، شناس ، ننڍي وڏي ، نياڻي سياڻي سان ڪئين ۽ ڪهڙي طرح پيش اچجي ۽ آس پاس ۾ ڀلجندڙ
معاشراتي سماجي براين کي ڪهڙي طرح ختم ڪجي ۽ هنن جو حل ڪهڙي طرح ڪڍجي . اهڙي طرح
هنن جي هر طرح جي تربيت ڪئي ويندي هئي ، پر افسوس اڄ ائين هر گذ نه آهي . اڄ جا
ماڻهو پنهنجي اولاد پاڙي واري سان گڏ سماجي برايون ڪندي نظر ايندا آهن پوءِ جڏهن
وڏا هي اهڙي عمل جا حمايتي هجن ۽ پنهنجو اخلاق سان ڀريل ماضي وساري ويهن ته پوءِ
ننڍن جو ڪهڙو ڏوهه . ان لاءِ سڀ کان پهريان هنن ماڻهن کي رول پلي ڪرڻ گهرجي جنهن ۾
سڀ کان پهريان والدين استاد اديب دانشور ۽ سماج سڌارڪ ماڻهون اسان سمجهون ٿا ته
جيڪڏهن اهڙا ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي جو حقيقي منزل
سندن قدمن ۾ هوندي ۽ انشاءَالله اسان جي سوڀ ٿيندي ..
ڪتاب ادب جي ڳولا جو مختصر احوال ؟/عاجز انور لاشاري
مان ادب جي ڳولاء لا۽ جاکوڙ اھڙي طرح ڪري رھيو آھيان ادب جي ڳولا
فقط مون ھڪ جي جاکوڙ يا ڪاوش نه بلڪه سنڌ جي ھر شھر ۾ ادب جي سڃاڻ رکندڙ ادبي
دوستن لا۽ پڻ ھڪ عاجزانه پيغام آھي مون ادب جي ڳولا ڪتاب لکڻ شروع ڪيو آھي پنھجي
نالي کي مشھور ڪرڻ لا۽ نه ۽ نه ئي پنھجي نالي کي سنڌ ۽ دنيا ۾ سرخرو ڪري پيش ڪرڻ
لا۽ نه ۽ نه ئي مان ھي ڪتاب ادب جي ڳولا مڪمل ڪري سنڌ جي ادبي نالن ۾ شمار ٿيڻ جي چاھت رکي آھي مون پنھجي پاڻ سان ھڪ وچن ڪيو اھو وچن ٻارآڻو
پنھجي مفاد منافي لا۽ نه آ منھجي ادب جي ڳولاء جو حقيقي اصل مقصد فقط ايترو آھي ته
مان پنھجي شھر ۽ آس پاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پاڻ لھي ادب ڳولي پنھجي ڪتاب ادب جي
ڳولا ۾ اھي ادبي دوست شامل ڪري انھن کي ڪتاب جي سونھن بڻائي سنڌ ۾ پيش ڪري سگھان
مان خودغرض نٿو ٿي سگھان ڪو به ادبي ايترو پٿر دل به نٿو ٿي سگھي ادب سان وابسته
دوست حساس دل نازڪ مزاج نرم دل جو مالڪ ٿي سگھي ٿو جذبات جو درياء سمنڊ ھوندي به
پنھجي ڪاوڙ ۽ غلطين تي زار روئي لڙڪ لاڙي سگھي ٿو ھا ھا مان اھو ئي ادبي ٿيڻ ٿو
چاھيان جيڪو ادبي دوستن جي ڳولاء ۾ پنھجو وقت بي شڪ رقم ڪري به انھن جي لکيل ادب
کي ڪتابن ۾ قيد ڪرائي انھن جي حوصلاء افزائي ڪري سگھان ٿو پر مان اڪيلو ھڪ ڪتاب
لکي امر نٿو ٿيڻ چاھيان مان اڪيلو پنھجي شھر جي اڻپوري تاريخ لکي ادبي نٿو بڻجي
سگھان مان محنت ڪش فقط پنھجي فائدي لا۽ سوچي نٿو سگھان مان پنھجي اڪيلي جي شاعري
اخبارن ۾ موڪلي وري پاڻ پڙھي نٿو سگھان مان شعور ھمت جرت دلچسپي سوين دلن ۾ پيدا
ڪرائڻ چاھيان ٿو ادب جي ڳولا چاھي ٿو ادب جي ڳولا جو اصل مقصد اھو ئي آ ته پنھجي
شھر جي ڪنڊ ڪرڇ اتر ڏکڻ اوڀر اولھ جو رخ ڪجي چارئي پاسا پاڻ پند ڪري وڃي پڇا ڪجي
ته ڪٿي ڪنھن شھر يا ڪنھن ڳوٺ ۾ اھو ادبي دوست ادب سان وابسته ھوندي به ڪٿي تنھا ته
ناھي يا ڪنھن راھ ۾ اڪيلو ته رھجي نه ويو آ يا وري ڪنھن جا لکيل غزل چوسٽا سڙيل
پيتين ۾ قيد زنگجي ته نه رھيا آھن يا وري ڪو ادبي مالي سائتا حال نه ھئڻ جي ڪري
ادب کان پري نه ٿي ويو ھجي مان انھن جو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ چاھيان ٿو انھن ادبي دوستن
جا لکيل غزل ڪويتا ڏوئيڙا مان پنھجي قلم سان انھن جي ئي نانء سان سنواري سھڻو ڪري
ڪتاب ادب جي ڳولا ۾ شامل ڪرائڻ جي ذري ڪوشش ڪرڻ چاھيان ٿو مان ھڪ اڪيلو نه مونسان
سارو ادبي لوڪ گڏ ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ھلڻ چاھيان ٿو اھڙو ڪتاب آھي منھجو ادب جي ڳولاء
جنھن ۾ اھي ادبي دوست شامل ھوندا جيڪي ادب کي پنھجو ساھ زندگي سرمايو سمجھن ٿا پر
ادبي رستي تان ڀٽڪي ويا آھن ڇو ۽ ڪئين ڀٽڪيا آھن انھن جي تعارفي احوال سميت انھن
جي درد کان ويندي خوشحالي لکڻ ٿو چاھيان ھو ادب سان بي پناھ پيار ڪن ٿا پر انھن جو
ادب ڪتابن اخبارن کان اڄ تائين محروم رھيو آھي يا رکيو ويو آھي اھو لکڻ ٿو چاھيان
پنھجي ادب سان مشڪلن ۾ گذاريندڙ دور لکڻ ٿو چاھيان مان انھن جون ڪمزوريون ۽ خاموش
قلم جو حقيقي داستان لکڻ ٿو چاھيان ھي ادب جي ڳولاء فقط ھڪ تلھار ۾ رھي اھو نٿو
چاھيان، مان چاھيان ٿو ھر ادبي دوست پنھجي شھر ۾ ھڪ اھڙي جاکوڙ ڪري ڪنھن مسڪين
غريب حال اديب جو ادب ڳولي انھن جون ادھوريون حسترتون پوريون ڪرڻ ۾ انھن جي مدد
ڪجي اھڙو ڪتاب آھي منھجو ادب جي ڳولا مان ھڪ پنھجي نه سمورن ادبي دوستن جي واھ واھ
ڪرائڻ چاھيان ٿو مان ھر انسان مان ادب ڳولڻ چاھيان ٿو مان پرايا خيال پرائي سوچ
پرايو احساس ارمان کي محسوس ڪري سمورن جو سھارو ٿيڻ چاھيان ٿو مان زندگي ڪمائڻ
چاھيان ٿو مان جيجل جو پيار ۽ پيرسن پيء جي اکين جو ٺار ۽ نه ملندڙ واٽ جون
آسانيون ٿيڻ چاھيان ٿو مان ھر ڀينر جي ڀاء جو ادھورو خواب پورو ڪرڻ چاھيان ٿو مان
ديوارن ۾ بند قيد لڪل غضب جي ادب کي آزاد ڪرائڻ چاھيان ٿو مان ڀڳل بيواھ جي چورين
کان وٺي ھر ھڪ يتيم ٻار جو قصو بي انتھا لکڻ ٿو چاھيان مان اھڙو ئي ھڪ ڪتاب ادب جي
ڳولا لکي دنيا آڏو پيش ڪرڻ چاھيان ٿو جنھن ۾ شروع کان آخر تائين اھي محروم زماني
جا ستايل ادبي دوست شامل ٿو ڪرائڻ چاھيان جيڪي چاھين ٿا اسين به ماڻھن جي اکين سان
ڏٺا وڃون اسان جي نالن کي به زماني جي زبان ٻوليندي رھي اسان جو ادب به زماني جا
ڪوڙا ڪن ٻدي ته وٺن اھڙو ئي ڪتاب تخليق ڪرڻ جي جرت ڪرڻ چاھيان ٿو جنھن ۾ فرمائيشي
نه بلڪه چتيون لڳل ليڙون لٽن وارو ئي سھي پر ادب جو ڪورو ڪاغذ ھجي ۽ اھو قلم جنھن
جي مس سڪي وئي ھجي مان انھي ڪوري ڪاغذ کي ڀريل سونو ھار ڪرڻ چاھيان ٿو مان انھن جي
قلم جي اڻ کٽ تيز ڪلر واري مس بڻجي انھن جو ادب ڏينھن رات ھڪ ڪري لکڻ چاھيان ٿو
مان انھن جي کسيل مرڪ خوشيون خريد ڪري ڪتاب جي شڪل ۾ تحفو بڻائي انھن اڳيان پيش
ڪرڻ چاھيان ٿو ادب رڳو بند ڪمرو نٿو چاھي ادب لڪائي رکڻ کي اديب نه چوندا آھن ادب
ڪنھن ھڪ جي جاڳير به نه آھي ادب ھر شھر ۾ رھندڙ خوبصورت ڪنول جو گل گلاب جون خوشبوءدار پتيون موتيء جئيان ھرڪ
بڻائي زماني ۾ پيش ڪرڻ چاھيان ٿو مان اڪيلو نه پر پورو شھر ادبي بڻائڻ چاھيان ٿو
ڪتاب ادب جي ڳولا مون ھڪ جو نه بلڪه انھن سمورن جي نانء آھي جيڪي ادب لکي ته سگھيا
پر ڪٿي به پيش نه ڪري سگھيا انھن جا لکيل موتيء مان پنھجي قلم سان لکي قيد مان
آزاد ڪرڻ چاھيان ٿو ھا انھن جي مان ضرورت بڻجڻ چاھيان ٿو ڪا ڪمزوري نه مان اڪيلي
سر پنھجي نالي کي ڪيترو زماني ۾ نروار ڪندس جڏھن ته اھا خبر به اٿم ته نالو ھڪ
رھندو سو ھو مالڪ جھان آھي جي مان رھان ته اڪيلو ڇو انھن دوستن کي به پاڻ سان گڏ
پنھجي ٺاھيل ٻيڙي ۾ سوار ڪري انھن کي انھن جي منزل تائين پھچائڻ جو واحد ھڪ رستو
بڻجڻ چاھيان ٿو اھڙو آھي منھجو ڪتاب ادب جي ڳولا جنھن ۾ شامل ھوندو ھر اھو ادبي
دوست جنھن جي سالن کان حسرت رھي ته ھجي پر پوري نه ڪري سگھيو ھجي مان انھن جي پوري
ٿيندڙ حسرت بڻجڻ چاھيان ٿو ادب کي پنھجي ڪتاب جي بقايا ڪمرن ۾ رھڻ جي دلي اجازت
ڏيندي تاعمر انھن کي ڪتاب ادب جي ڳولا جو مالڪ ڪرڻ چاھيان ٿو ھڪ مان رھان اھو
ضروري نه آ مان سمورو شھر ڳوٺ سميٽي پرکڻ چاھيان ٿو مان محنت ڪرڻ چاھيان ٿو جنھن ۾
سوين محرومن جون محنتون به شامل ھجن اداس شامون بي رحم راتيون لکڻ چاھيان ٿو مان
انھن جو رھجي ويل وڃائجي ويل ادب ڳولي ڪتاب ادب جي ڳولا ۾ تاعمر قيد ڪرڻ چاھيان ٿو
مان انھن جي آخري اميد ۽ پورو ٿيندڙ خواب ٿيڻ چاھيان ٿو مان انھن جو ادبي رنگ بڻجي
انھن کي خوبصورت رنگن ۾ گلن چٽن سان سنوارڻ چاھيان ٿو مان انھن بي يارو مددگار
ادبي دوستن جي اڪيلي مدد ساٿ سھارو بڻجڻ چاھيان ٿو بس اھو ئي آ ڪتاب منھجو بس اھا
ئي آ سوچ منھجي بس اھڙو ئي ڪتاب ادب جي ڳولا ٺاھڻ جي جستجو جاري رکڻ چاھيان ٿو
جنھن ۾ رنگين جملن جو رڪس ۽ آزاد سٽن جي سونھن ۽ نه مرندڙ زندگي خريد ڪري انھن جي
حوالي ڪرڻ چاھيان ٿو بس اھو ئي آ مقصد بس ايتري ئي چاھت پالي پوسي تنھن کي وڏو وڻ
بڻائڻ چاھيان ٿو مان ۽ منھجو ادب بس اھو ئي آ ادب جي ڳولا جنھن جا مھمان ۽ ميزبان
ادب جي ڳولا ۾ شامل ڪرائي دنيا ۾ پيش ڪرائڻ ٿو چاھيان بس ايترو ئي آ ادب منھجو بس
ايترو ئي آ مقصد منھجو جنھن کي حقيقي نالو ڪتاب ادب جي ڳولا بڻائي اوھان جي ھٿن
تائين پھچائڻ جي ڪوشش چاھيان ٿو،،،،،،،،،،،
anwarhussainlashari@gmail.com
پي ايم اي جو احتجاج ۽ دربدر مريض..!!/ درياءُ خان جهتيال
سنڌ
۾ ڪا بہ تنظيم
جڏهن ٺهندي آهي تہ ان وقت
اهو لڳندو آهي تہ ڪو
ڀلائي جو رستو جُڙي رهيو آهي ۽ پڪ ٿيندي آهي تہ اها ٺهندڙ تنظيم هر
ان ماڻهو جو سهارو ٿيندي جيڪي بي پهچ هوندا آهن يا جنهن جي دانهن ڪير ٻڌڻ وارو نہ هوندو آهي، پر آهسي
آهستي وقت ثابت ڪري ڇڏيندو آهي تہ تنظيمون
مفادن لاءِ ٺهنديون آهن، انهن تنظيمن جا اڳواڻ ئي نہ رڳو پر ميمبر بہ پنهنجا مطالبا
مڃائڻ لاءِ هر اهو قدم کڻندا آهن جنهن سان بي پهچ ۽ عذابيل ماڻهن کي اڃا وڌيڪ عذاب
ڏسڻو پئجي ويندو آهي، هن وقت ٻين تنظيمن جيان اهڙي ئي هڪ تنظيم آهي جنهن جون روز
اخبارن ۾ خبرون پڙهي تمام گهڻو افسوس ٿي رهيو آهي، ان تنظيم جو نالو آهي پيرا
ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي)، ان تنظيم اهڙو تہ ڪم شروع ڪري ڇڏيو
آهي جنهن سان نہ رڳو
غريب ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي پر بيماري ۾ مبتلا ماڻهو کي بہ وڌيڪ عذاب ڏسڻو
پئجي رهيو آهي، پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ ڊاڪٽرس سميت هيٺيون اسٽاف هوندو آهي جيڪو
اسپتالن ۾ اندر ڪم ڪندو آهي، اهي سڀ ان تنظيم جي پليٽ فارم تان احتجاج بہ ڪندا آهن تہ مطالبا مڃائڻ لاءِ
حڪومت خلاف احتجاجن اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائڪاٽ يا اسپتالن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري
ڇڏيندا آهن، پوءِ مريض ڀلي تڙپي، تڙپي راهہ رباني ٿي وڃي پر ان
جو علاج ڪرڻ ۾ کين هٿ ڏڪندا آهن، مون ڪجهہ وقت اڳ هڪ خط لکيو
هو جنهن ۾ دادو سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ هڪ ڊاڪٽر سان ٿيل مسئلو بيان ڪيو هو،
ان ۾ مون لکيو هو تہ ڊاڪٽر
مسيحا پيشو آهن انهن سان خراب رويو اختيار ڪرڻ انتهائي غلط عمل آهي ۽ اهڙي معاملي
جو ڪورٽون نوٽيس وٺن، پر هاڻي اهي ئي مسيحائي پيشو سڏنجندڙ ڊاڪٽر ''احتجاج'' جي
روپ ۾ ڏسي ايئن چوڻ ۾ ڪا گهٽتائي نہ چئبي تہ مسيحائي شعبي وارا
بہ انسانن کي تڙپائي
سگهن ٿا، انهن عذابيل مريضن کي رحم واري نظر سان بہ ڏسي نٿا سگهن، هن
وقت انهن مسيحائي وارن ڊاڪٽرن پاران اهو ڪم جاري آهي، سنڌ ۾ گذريل ڪجهہ ڏينهن کان پيرا
ميڊيڪل ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي اسپتالن جو بائڪاٽ روز جو معمول بڻيل آهي،
ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو سنڌ جي مختلف اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائڪاٽ ڪري حڪومت خلاف
احتجاج ڪري رهيو آهي، پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جا مطالبا اهي آهن تہ ملازمن کي سروس
اسٽريڪچر، هيلٿ الائونس، رسڪ الائونس، سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا سميت ٻيون مراعتون
ڏنيون وڃن، الميو تہ ڏسو تہ انسانيت جي ڳالهہ ڪرڻ وارن جي انهن
سمورن مطالبن ۾ ڪٿي بہ اهو
مطالبو ناهي تہ سنڌ جي
اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جو تعداد وڌايو وڃي، انهن اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ کي ختم ڪيو
وڃي تہ جيئن
ايندڙ مريضن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو نہ پوي،
پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي پيلٽ فارم تان احتجاج ڪندڙن جو اهو مطالبو تہ هرگز ناهي تہ اسپتالن ۾ صاف پاڻي
لاءِ فلٽر پلانٽ لڳايا وڃن تہ جيئن بيمار
مريض پاڻي صاف پي سگهن، بس مطالبا آهن تہ ''پاڻ
ڀريو، پاڻ کائو'' وارا! اُن ڳالهہ تي بہ پاڻ کي بہ ڪاوڙ لڳي هئي تہ پيرا ميڊيڪل
ايسوسيئيشن جي ملازمن تي ڪجهہ ڏينهن
اڳ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ تي تشدد ڪيو ويو هو پر اهو احتجاج بہ انهن مطالبن لاءِ
هو نڪي ڪنهن اسپتال جي بهتري لاءِ ۽ اهو احتجاج بہ صحت مرڪزن ۾ ڪم ڇڏ
هڙتال بعد ڪيو ويو، هاڻي ان ڳالهہ بعد
مسيحائي پيشي لاءِ ٻيون ڳالهيون بہ نظر اچي
ويون آهن تہ جنهن کي
اسان مسيحا چئون ٿا پر اُن ۾ بہ انسانيت
جي ڀلائي لاءِ جهول آهن ۽ اهي جهول بي پهچ ماڻهن کي تڪليف ڏئي رهيا آهن، بيمار
ماڻهن کي تڪليف ڏئي رهيا آهن، سڄي سنڌ ۾ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاج
جاري آهي، جنهن سبب سنڌ جي اسپتالن ۾ پري پري کان ايندڙ مريضن کي سخت پريشانين جو
منهن ڏسڻو پوي ٿو، اهي مريض پنهنجا درد کڻي دربدر ٿي رهيا آهن، پر پيرا ميڊيڪل ايسوسيئشن
حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ جي آڙ ۾ مريضن تي رحم کائڻ لاءِ تيار ناهي، انهيءَ احتجاج
بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهہ تازو
اهو بيان ڏنو آهي تہ پيرا
ميڊيڪل ايسوسيئيشن جا مطالبا منظور ڪنداسين تہ اسان مٿان 10 ارب
روپين جو اضافي بار اچي ويندو، حڪومت وٽ ايڏو بار سهڻ جي سگهہ ناهي، ناڻي کاتي جي
ذريعي سڄي سنڌ کي هلائڻو پوي ٿو، مطلب تہ هاڻي
وڏي وزير وٽ ڪو اهڙو جواز ئي ناهي جنهن سان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن پنهنجو احتجاج
وارو رينگٽ ختم ڪري ۽ سڪون سان ڊيوٽيون ڪري جيئن اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي دربدر
ٿيڻو نہ پوي،
سنڌ جي وڏي وزير کي بہ مريضن
تي شايد رحم ناهي، آخر اهي تنظيمون عام ماڻهو جي ڀلي لاءِ ڇو ناهن؟ انهن تنظيمن ۾
اهڙي بيهڪ ڇو ناهي جنهن سان بي پهچ ماڻهو کي ڪو سهارو ملي سگهي، ڪو رستو ملي سگهي،
حڪومت جا تہ گوڏا هر
ڪنهنجي اڳيان کوڙيل آهن، انهن وٽ ڪاروائي رڳو ''لَٺ'' واري آهي جنهن سان فرق تہ ناهي پوڻو پر اڃا بہ ماحول خراب ٿيندو
رهندو، ان ڳالهہ کان
انڪار ناهي تہ پيرا
ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ هر ماڻهو حق گهري ٿو پر اها ڳالهہ بہ بلڪل غلط آهي تہ پنهنجي حقن جي خاطر
غريب ماڻهن کي پريشانين ۾ ڌڪيو وڃي، انهن بيمار ماڻهن کي وڌيڪ عذاب ڏنا وڃن، سنڌ
حڪومت پيرا ميڊيڪل ايسوسيئشن جا مطالبا منظور ڪري يا انهن جو ڪو حل ڪڍي پر غريب
مريضن کي دربدر ڪرڻ انسانيت سا کيڏڻ برابر آهي، گهٽ ۾ گهٽ انهن جي حالت تي رحم تہ کائي، ڇو جو سنڌ ۾
صحت کاتي جو ٻيڙو تہ پهريان
ئي ٻڏل آهي پر اڃا بہ اهڙا
عمل جاري رهيا انهن تنظيمن جي آڙ ۾ تہ سنڌ جا
بي پهچ ماڻهو بيمارين سبب تڙپندا رهندا، انهن غريب ماڻهن جي ٻي ڪا واهہ ناهي، اهي ئي
سرڪاري اسپتالون آهن پر انهن ۾ بہ انهن
غريبن کي دربدري کانسواءِ ڪجهہ نٿو
ملي، سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس کي اپيل آهي تہ سنڌ حڪومت ۽ پيرا
ميڊيڪل ايسوسيئشن ۾ هلندڙ معاملن جي حل لاءِ نوٽيس وٺي اسپتالن ۾ پري پري کان علاج
لاءِ ايندڙ مريضن جون زندگيون بچايون وڃن.
زهريلو پاڻي واپرائيندڙ تي عوام ۽ حڪمران..! /غلام مصطفيٰ جمالي
شايد
هي لفظ اوهان لاءِ نئون هجي جنهن جي باري گهٽ ماڻهن کي خبر هجي اهو لفظ آهي(سنکيو)جيڪو
هڪ زهر آهي هي اهو زهر آهي جنهن جا ماڻهو هڪ وقت ۾ ناهي مرندو پر انهي سنکيو زهر
واپرائڻ سان انسان جي زندگي آهستي آهستي مرجهائڻ لڳندي آهي،۽ ماڻهو آخرڪار اهو (سنکيو)انسان
جي موت جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي،ان وقت پاڪستان اندر به اداري سوئس فيڊرل انسٽيٽوٽ
آف ايڪواٽڪ سائنس اينڊ ٽيڪنالجي اهڙي رپورٽ پڌري ڪئي آهي جنهن اندر پاڪستان جي 6
ڪروڙ عوام جي زندگين جو سوال آهي جيڪي زندگيون پاڻي تي صورت ۾ اهو سنکيو زهر
استعمال ڪري رهيو آهن جيڪو اڳيان هلي ڪري انهن جي موت جو سبب بڻبو.صحت جي عالمي
اداري انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي اهو سنکيو مليل زهريلو
ڪيميائي عنصر سينکيو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. لاهور، حيدرآباد ۽ سکر سميت اهم شهرن
جي آبادي به سينکيو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. سوئزرلينڊ جي اداري سوئس فيڊرل
انسٽيٽيوٽ آف ايڪواٽڪ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي هڪ تحقيق ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ 80
ماڻهو انساني
زندگيون سينکيو مليل پاڻي وارن علائقن ۾ رهن ٿيون،جڏهن ته انهي ادراري 1200 کان
مٿي علائقن ۾ جر جا نمونا چڪاس پڻ ڪيا ويا آهن،جنهن اندر اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهو
زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب 6 ڪروڙ ماڻهو سخت متاثر ٿي سگهن ٿا. لاهور، حيدرآباد،
سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، خيرپور، لاڙڪاڻي، دادو، ڄام شوري، ٺٽي ۽ سجاول سميت
اهم شهر سينکيو مليل خطرناڪ حد تائين علائقن ۾
شامل ٿي چڪو آهي.ان جو وڏي کان وڏو سبب اهو آهي ته سنڌو
درياهه سان لاڳاپيل علائقن ۾ سخت قدم کڻڻ ۽ پاڻي چڪاسڻ جي ضرورت آهي، انهن علائقن
۾ سينکيو جو 10 کان 50 مائڪرو گرام تائين مقدار پاڻي ۾ شامل آهي. ان سلسلي ۾
هائڊرو لاجسٽ پيٽر روبن اسڪرافٽ موجب اختيارين کي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سينکيو
جي استعمال سان انساني خليا ختم ٿين ٿا، جنهن سان چمڙي، دل ۽ ٻين بيمارين سميت
ڪينسر جو مرض به لاڳو ٿي سگهي ٿو. سوئزرلينڊ جي اداري ايواگ جي ماهر جرير پوڊ
گورسڪي جو چوڻ آهي ته فوري طور سنڌو رياهه سان لاڳاپيل علائقن ۾ کوهن جي پاڻي جي
جاچ جي ضرورت آهي.سنڌ اندر گندي پاڻيءَ جي نيڪال توڙي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ
واري نظام جو جائزو وٺندڙ ڪميشن اڳيان سرڪاري عملدارن اعتراف ڪيو هوُ ته گٽرن
جو گندو پاڻي توڙي صنعتن جو ڪيميڪل وارو پاڻي سنڌو درياهه، ڍنڍن ڍورن سميت پاڻيءَ
جي انهن ذريعن ۽ وسيلن ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي جيڪي ذريعا پيئڻ لاءِ انسان به استعمال
ڪن ٿا ۽ انهن ذريعن وسيلي سنڌ جي زمين به آباد ٿئي ٿي. صنعتڪارن ۽ واپاري ڌرين
ڪميشن کي ٻڌايو ويو هو ته ڪراچيءَ اندر لڳ ڀڳ 7 سئو صنعتن جو پاڻي ملير نديءَ ۾
ڇوڙ ٿي رهيو آهي جڏهن ته اهو انڪشاف به ٿيو ته سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي نڪرندڙ
شاخن، واهن ۽ ڪئنالن توڙي ڪوٽڙي ۽ سکر بئراج جي ٻنهي پاسي نڪرندڙ ڪئنالن ۾ پڻ شهري
آباديءَ جي نيڪال واري نظام جو گندو پاڻي توڙي صنعتي پاڻي به پاڻيءَ جي انهن صاف
سٿرن وسيلن ۾ڇوڙ ڪري انهن کي به گدلو ۽ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار بڻايو ويو آهي. ڪميشن
جي سربراهه ڪجهه وقت اڳ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ فراهم
ٿيندڙ پاڻي توڙي مختلف شهرن جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام جو به سرزمين تي
وڃي جائزو ورتو هوُ.انڪري ماحولياتي ماهرن ڪميشن کي آگاهي ڏني ته ٽيڪسٽائيل ملن جو
جيڪو خطرناڪ ڪيميڪل مليل پاڻي صاف پاڻيءَ جي وسيلن ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو سو انهن فيڪٽرين ۾
ڪم ڪندڙ ملازمن جي صحت لاءِ هاڃيڪار ته آهي ئي آهي پر اهو پاڻي، پاڻيءَ جي جنهن
صاف ذريعن ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو تن کي به گدلو بڻائي، انهن ذريعن مان پيئڻ لاءِ واپرائيندڙ
آبادي به شديد بيمارين ۾ مبتلا ٿئي ٿي. ڪميشن جي سربراهه حڪم ڏيندي چيو هو ته سنڌ
جي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي جي چيف سيڪريٽريءَ کي حڪم ڏنو آهي ته حيدرآباد ۽
سکر بئراجن ۾ گندي پاڻيءَ جو ڇوڙ روڪڻ لاءِ چئن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڏٺو
وڃي ته پاڻي حيات جو، جياپي جو اهم ذريعو آهي. انسان هجن يا جانور يعني ڪوبه
ساهدار پاڻيءَ کان سواءِ پل به ڄڻ ته جي نٿو سگهي. دنيا ۾ خاص ڪري سڌريل دنيا ۾
آباديءَ کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي حڪومتن جي ذميواري هجي ٿي جيڪي اڪثر ملڪن
۾ پنهنجون اهي ذميواريون ايمانداريءَ سان نڀائن به ٿيون پر اسان جهڙا ٽين دنيا جا
ملڪ پيئڻ جي صاف پاڻي، غذائيت جي کوٽ، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي اڻاٺ جهڙن مسئلن ۾
اڄ جي دور ۾ به ايئن ئي وڪوڙيل آهن جيئن پراڻي دور ۾ وچڙيل هيا.دنيا پنهنجي
آباديءَ جي صحت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جتي صاف پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي ٿي اتي
انساني آباديءَ جي نيڪال جي نظام کي به توانائيءَ جي متبادل ذريعي طور استعمال ۾
آڻي ان کي به ملڪ جي ۽ ملڪ جي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قطب آندو وڃي ٿو. گهڻن ملڪن ۾
ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي جيڪا چيو وڃي ٿو ته صاف پاڻيءَ
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هجي ٿي. ٻئي پاسي اسان آهيون جتي انساني آباديءَ کي پيئڻ جو
صاف پاڻي جيڪو فراهم ڪيو سو ته ٺهيو ويتر صاف پاڻيءَ جا جيڪي ذريعا آهن، درياهه
هجي يا ڪئنال، ڍنڍون هجن يا ڍورا هجن يا واهه اهي سڀ محفوظ ڪرڻ بدران انساني
آبادين جي گندي پاڻيءَ جو انهن ۾ ڇوڙ ڪري ويتر انهن کي به گندو ۽ گدلو ڪري رهيا
آهن. جن ملڪن ۽ سماجن ۾ ڪرپشن گهر ڪري ويندي آهي، مستقبل جي رٿابندي نه هوندي آهي
انهن سماجن سان ايئن ئي ٿيندو آهي جيئن اسان جي سماج سان ٿي رهيو آهي. سنڌ جا
ماڻهو ترقيءَ لاءِ واجهائي رهيا آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هن ملڪ ۾ شامل ٿيل
صوبن ۾ سنڌ واحد صوبو هو جنهن جي بجيٽ سر پلس ۾ هئي. يعني خوشحال صوبو هوندي 70
سالن ۾ سنڌ ترقيءَ جي جنهن منزل تي پهچڻ گهرجي ها تنهن تي پهچڻ بدران ان جا حال
ويتر هيڻا ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ نه ته پيئڻ جي پاڻيءَ جو ڪو جوڳو نظام آهي نه ئي وري
گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو اثرائتو مڪينزم. نه ته تعليم جو شعبو سنئين لڱين آهي
نه ئي وري صحت جي شعبي ڪا ترقي ڪئي آهي. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ان جا سڀ
شهر ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو ترقيءَ لاءِ واجهائي رهيا آهن. هاڻي جڏهن عدالتي ڪميشن سنڌ
جي ماڻهن کي ملندڙ پيئڻ جي پاڻي توڙي گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام جو جائزو وٺڻ
شروع ڪيو آهي ته اهي راز به پڌرا ٿيڻ شروع ٿيا آهن ته سنڌ جا ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۽
سائيءَ کان ويندي، ايڇ آءِ وي ايڊز جهڙي خطرناڪ ۽ موذي مرض جهڙين بيمارين ۾ ڇو
وڪوڙيل آهن. ڪو چيڪ ۽ بيلنس نه هجڻ ڪري سنڌ جو سماج ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيو
آهي، سنڌ جي ماڻهن جي صحت سخت خطري هيٺ آهي ۽ سڄو سماج ڄڻ ته بيمارين جي ور چڙهيل
آهي. سنڌ سرڪار کي هن ڪميشن جي اڳيان ٿيل انڪشافن ۽ اعترافن جي روشنيءَ ۾ هنگامي
بنيادن تي سنڌ جي ماڻهن کي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ
هنگامي بنيادن تي ڪو منصوبو شروع ڪرڻ گهرجي، ڇو جو ايئن ڪرڻ سان هڪ ته پاڻيءَ جي
ڪري جيڪي بيماريون پيدا ٿين ٿيون تن تي ضابطو اچي سگهندو ۽ ٻيو ته ان پلان سان
جيڪو صحت مند سماج جنم وٺندو سو لازمي آهي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي واسين جي ڀلائيءَ
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهڻ جي پوزيشن رکندو
اليڪشن کان اڳ ترقياتي ڪم ۽ ڪرپشن/ سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان
۾ اليڪشن 2018 جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ سينيٽ جون
چونڊون پڻ ٿي گذريون جنهن ۾ پڻ هڪ ميمبر کي خريد ڪرڻ لاء ڪروڙين رويپا خرچ ڪري هڪ
نئين آزاد اميدوار جنهن جو ڪو سياست ۾ خاص تجربو ناهي برحال
پاڪستان جي تاريخ اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان اندر هر انسان هر ماڻهون جي قيميت آهي
جنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو اهو ئي ٿيو ، جتي وڏا وڏا بت پيسن جي چمڪ ڏسندي هار
تسليم ڪري هن پنهنجو ووٽ نالي واري سياستدان جي جهولي ۾ پيش ڪيو ، جنهن تي جهموريت
مٿان ته تنقيد ٿي رهي آهي پر سياسي ساک رکندڙ وڏا نالا پريشان به نظر آيا اهو ان
ڪري جو جيڪڏهن پيسن سان ڪو سينيٽر ٿي سگهي ٿو ته هو لازمي قانون آئين ۾ به اها ئي
ترميم پاس ڪري سگهي ٿو جيڪو ان کي خريد ڪري ٿو برحال ڪجهه سالن کان وٺي پاڪستان
اندر سياست پڻ عجيب رنگ اختيار ڪيو آهي ، غريب جي ووٽ تي
ڪامياب ٿيندڙ ان ئي ووٽر جي تذليل
ڪن ٿا ڪوڙ ڳالهائين ٿا واعده ڪن ٿا واعدي خلافي ڪن ٿا پوء ته اهي صادق امين به
ناهي ان خللاف پن قانوني ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ، برحال پاڪستان ۾ هر سياسي پارٽي پنهنجو اثر
اسوڪ ظاهر ڪرڻ لاء هاني جڏهن اليڪشن قريب آهي ته بغير پلاننگ جي ڪئي اداره جنهن ۾ لوڪل
گرنمينٽ ، پبلڪ هيلٿ ڊيپارٽمينٽ ورڪس ڊيپارٽمينت ايجيو ڪيشن ڊيپارٽمينٽ ۽ ٻيا ادار
جيڪي مختلف مد ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا اهن جن مان ته ڪافي اهي آهن جن جي نه ئي کا
منظوري ٿي آهي نه ڪنهن کان پڇيو ويو آهي بس هر هاڻهون جيڪو هڪ پل ۾ ڪک پتي مان
ڪروڙ پتي بنجڻ چاهي ٿو اهو مصروف آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مان ڪو ٺيڪو کني
ڪرپشن ڪيا اهو حال اسان جي سنڌ جي اڪثر ادارن جو اهو ئي حال اهي ته
بس پيسو ڪمايان ، پوء اهو هر حد ڪراس ڪري
وڃين ٿو اليڪشن کان اڳ تمام
سياسي پارتيون جتي جن جا وسائل يا حڪومتون قائم آهن اهي ان
ڪوشس ۾ آهن ته الڪيشن کان اڳ ترقياتي ڪمن جي مد نالي تي ڪروڙين روپيا خرد برد ڪري
ڪرپشن ڪري اليڪشن 2018 جي تياري ۾ استعمال ڪري سگهون ، پاڪستان جي جي تاريخ ۾ جڏهن
به اليڪشن ٿي ان ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ڪاميابي
ماڻين ٿا جيڪا ڪنهن کان به لڪيل ناهي سنڌ جي
ترقايتي ڪمن وارن ادارن جن ۾ سرفهرست پبلڪ هيلث ديپارٽمينٽ لوڪل گورنمينٽ
ديپارٽمينٽ ورڪس ڊيپارٽمينٽ ايڊيوڪيشن يپارٽمينٽ جنهن ۾
ترقياتي جي نالي تي ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا جنهن
خلاف نيب ڊيپارٽمينٽ اينٽي
ڪرپشن ايف آئي اي ۾ پن عوام سماجي تنظيمن پاڪستان سان پيار ڪندڙن داخل ڪرايون ويون
آهن پر ڪافي عرصي کان
وٺي انهن ادارن ۾ سياسي مداخلت ڪري اهي ڪو خاطر خواه ڪارڪردگي ڏيکاري ناهي ، پر
اها اميد آهي ته ڪرپشن خلاف ميرٽ تي ڪاروائي
ٿيندي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوء اسان جو عوام ڪنهن ٻئي در واجهائيندو ان ڪري اسان کي درست دڳ استعمال ڪندو
، ان ڪري بهتر اهو آهي ته ايندڙ اليڪشن ڪرپٽ
ماڻهن جو احتساب ڪندو
سنڌ جي ترقي ۾ تي نظر وجهون ته مان
اهو چوندس ته الله سائين اسان جي قوم تي رحم فرما ۽ شهباز شريف جي صورت ۾ وزيراعلي
ڏي جيئن ڪي ترقياتي ڪم ٿي سگهن سائين قائم علي شاه ۽ وڏي وزير سائين مراد علي شاه
جي ڪا ٻي مراد منظور ڪر ته سنڌ تي سائين وري ٻيهر وزيراعلي ئي آمين ، برحال اسان
کي وڏي قربانين
ڏيڻ جي ضرورت آهي ، سنڌ اندر جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته جيڪي روڊ
ٺهيا آهن ، اهي هڪ مهني اندر ئي اکڙي ريا اهن جيڪي پوئير روڊ ٺهيا آهن انهن ۾ پڻ رڪارڊ
ڪرپشن ٿي آهي پوري سنڌ جي ٻين ضلعن تي نظر وجهنداسين ته به سواء افسوس ٿيڻ جي ڪجهه
نه ٿا ڪري سگهون ، ، برحال جيڪڏهن انهن ادارن جي خلاف قانوني ڪارويون نه ٿيون ته
پوء عوام جي نظر ۾ جهموريت تان اعتبار ختم ٿي
ويندو ، ان ڪري اسان جو فرض آهي ته ڪرپشن ڪندڙن خلاف پوري قوم گڏ ٿي انهن خلاف
ايڪشن قانوني ڪاروايون ٿيڻ گهرجن ، سنڌ کي لٽيندڙن کي بي نقاب ڪري انهن کي عوام جي
سامهون بي نقاب پڻ ڪيو وڃين ، اليڪشن کان اڳ ٿيندڙ ترقايتي ڪن تي پڻ عوام کي نظر
رکڻ گهرجي جيئن انهن جي ترقايتي ڪمن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو نيب نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪري
سگهي ، پاڪستاني عوام کي اهو ته يقين ٿي چڪو آهي ته اسان خلاف وڏيون سازشون ٿي
رهيون آهن هاڻي عوام سجاڳ ٿي ڇڪو آهي ، جمهوريت جي آڙ ۾ انهن ميمبران جيڪي حلف ته
پاڪستان سان پنهنجي صوبي سان وفاداري جو قسم کڻن ٿا انهن کي ياد ڏيارڻو پوندو ته
آئين توهان کي اها اجازت نه ٿو ڏيئي ته عوام سان ڪيل واعدو وفا نه ٿا ٿين ،
سنڌ ۾
جيڪو ڪئي سالن کان ڪم نه ٿيو اهو هاڻي بهانو بڻائي ڪجهه ڪيو آهي جيئن عوام تي روب
ڄمائي سگهن ته اسان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون لاڙڪاڻو شڪار پور
جيڪب آباد ڪنڌڪوٽ سکر خيرپور
گهوٽڪي خيرپور نوشهروفيروز
نواب شاه حيدرآباد بدين ٺٽو سچ اهو
آهي ته رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي جيڪو پڻ
تسليم ڪرڻو پوندو هاڻي اهي
ڀوتار گهر ڇڏي عوا،م سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي 4
سال ته ان ووٽر لاء ملڻ جو
وقت نه هو اهو هاڻي تعزيت لاء
نڪري توهان جي درن تائين اچي هر ڪ سان ڪوڙو ڀاڪر پائي تعزيتون ڪندا مان سمجهان ٿو
ته اليڪشن 2018 ۾ ئي امنهن تمام سياسدتدانن کي مسترد ڪري شڪست ڏئي ڪنهن سٺي
ميمبر کي چونڊي پنهنجو
حق ملي سگهي ، برحال وڏي پلاننگ سان اسان جا ڀوتار ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڪروڙين
روپيا بوگس اڪائونٽ کولي انهن ۾ اهي ئي پيسا جمع ڪري اهي ئي پيسا ڪڍرائين ٿا ،
اليڪشن ۾ استعمال ڪرڻ لاء تيار آهن ، اليڪشن کان اڳ ڪرپشن ڪري هو اليڪشن ۾ وري دانڌلي ڪري اچڻ جي
ڪوشس ڪندا جيڪڏهن پاڪستان جا اهي اداره جيڪي ڪرپشن کي روڪڻ لاء ڪم ڪري رهيا آهن
انهن کي اڳتي اچي ڪرپشن کي روڪڻو پوندو خاص طور ضلعي خيرپور جي تمام تعلقن
لاڙڪاڻي سکر جي شهرن ۾ ٿيندڙ
رڪارڊ ڪرپشن تي نظر رکڻي پوندي انهن خلاف گڏ ٿي قانوني ڪاروائي ٿيڻ جي درخواست
عوام ڪري رهيو آهي ، جيڪڏهن
ڪرپشن ڪندڙن جا دڳ نه روڪيا ويا ته پوء سنڌ ۾ اڃان به تباهي ايندي ، اسان جمهوريت
جي خلف ناهيون اسان جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي اسان جو منشور ڪرپشن ڪندڙن خلاف
قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو آهي جمهوريت
جي آڙ م جيڪي ڪارا چهرا اهن انهن
کي بي نقاب ڪرڻو پوندو ، ضلعي
خيرپور سميت ٻين ضلعن ۾
جيڪي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ پيسا ڪڍي ڪرپشن ڪري رهيا آهن جيڪي لوڪل حڪومت ٽائيون اڪيمِتيز يوسيز ۾ جعلي اڪائوڻٽ
کولي ڪرپڙين روپيا ڪڍي رهيا آهن انهن خلاف فوري نوٽيس وٺڻو پوندو ،سياسي راند کان
بچڻ لاء عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو غلط کي غلط چوڻو پوندو عوام
جنهن کي مظلوم جو درجو مليل آهي جنهن جا بنيادي حق کائي انهن مٿان ڌاڙو هني انهن
جي ڪير دارسي به ڪرڻ لاء تيار ناهي ته پوء آواز ٿارڻ مان ڪهڙو فائدو عوام جو اهو
مطالبو آهي ته جنهن طرح سان نيب هن وقت چيئرمين جان جستس رٽائرد جاويد اقبال نيٻ ۾
ميرٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن طرح سان چيف جسٽس جناب
ثاقب نثار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عوام جي
اعتماد کي بحال ڪيو اهي ڪيس
پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي ،
(ليکڪ هيومن رائيٽس لاڀ
ڪائونسل پاڪستان اسلام آباد جو چيئرمين پڻ آهي)
Zawarsaeen110@gmail.com zawarshah110@yahoo.com 03053981008
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...