اليڪشن کان اڳ ترقياتي ڪم ۽ ڪرپشن/ سيد زوار حسين شاهه



پاڪستان ۾ اليڪشن 2018 جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ سينيٽ جون چونڊون پڻ ٿي گذريون جنهن ۾ پڻ هڪ ميمبر کي خريد ڪرڻ لاء ڪروڙين رويپا خرچ ڪري هڪ نئين آزاد اميدوار جنهن جو ڪو سياست ۾ خاص تجربو ناهي  برحال پاڪستان جي تاريخ اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان اندر هر انسان هر ماڻهون جي قيميت آهي جنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو اهو ئي ٿيو ، جتي وڏا وڏا بت پيسن جي چمڪ ڏسندي هار تسليم ڪري هن پنهنجو ووٽ نالي واري سياستدان جي جهولي ۾ پيش ڪيو ، جنهن تي جهموريت مٿان ته تنقيد ٿي رهي آهي پر سياسي ساک رکندڙ وڏا نالا پريشان به نظر آيا اهو ان ڪري جو جيڪڏهن پيسن سان ڪو سينيٽر ٿي سگهي ٿو ته هو لازمي قانون آئين ۾ به اها ئي ترميم پاس ڪري سگهي ٿو جيڪو ان کي خريد ڪري ٿو برحال ڪجهه سالن کان وٺي پاڪستان اندر سياست پڻ عجيب رنگ اختيار ڪيو آهي ، غريب جي ووٽ  تي ڪامياب ٿيندڙ  ان ئي ووٽر جي تذليل ڪن ٿا ڪوڙ ڳالهائين ٿا واعده ڪن ٿا واعدي خلافي ڪن ٿا پوء ته اهي صادق امين به ناهي ان خللاف پن قانوني ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ،  برحال  پاڪستان ۾ هر سياسي پارٽي پنهنجو اثر اسوڪ ظاهر ڪرڻ لاء هاني جڏهن اليڪشن قريب آهي ته بغير پلاننگ جي ڪئي اداره جنهن ۾ لوڪل گرنمينٽ ، پبلڪ هيلٿ ڊيپارٽمينٽ ورڪس ڊيپارٽمينت ايجيو ڪيشن ڊيپارٽمينٽ ۽ ٻيا ادار جيڪي مختلف مد ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا اهن جن مان ته ڪافي اهي آهن جن جي نه ئي کا منظوري ٿي آهي نه ڪنهن کان پڇيو ويو آهي بس هر هاڻهون جيڪو هڪ پل ۾ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بنجڻ چاهي ٿو اهو مصروف آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مان ڪو ٺيڪو کني ڪرپشن ڪيا اهو حال اسان جي سنڌ جي اڪثر ادارن جو اهو ئي حال اهي ته  بس پيسو ڪمايان ، پوء اهو هر حد ڪراس ڪري وڃين ٿو  اليڪشن کان اڳ تمام سياسي پارتيون جتي جن جا وسائل يا حڪومتون قائم آهن  اهي ان ڪوشس ۾ آهن ته الڪيشن کان اڳ ترقياتي ڪمن جي مد نالي تي ڪروڙين روپيا خرد برد ڪري ڪرپشن ڪري اليڪشن 2018 جي تياري ۾ استعمال ڪري سگهون ، پاڪستان جي جي تاريخ ۾ جڏهن به اليڪشن ٿي ان ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري  ڪاميابي ماڻين ٿا جيڪا ڪنهن کان به لڪيل ناهي  سنڌ جي ترقايتي ڪمن وارن ادارن جن ۾ سرفهرست پبلڪ هيلث ديپارٽمينٽ لوڪل گورنمينٽ ديپارٽمينٽ ورڪس ڊيپارٽمينٽ ايڊيوڪيشن يپارٽمينٽ  جنهن ۾ ترقياتي جي نالي تي ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا  جنهن خلاف نيب  ڊيپارٽمينٽ اينٽي ڪرپشن ايف آئي اي ۾ پن عوام سماجي تنظيمن پاڪستان سان پيار ڪندڙن داخل ڪرايون ويون آهن  پر ڪافي عرصي کان وٺي انهن ادارن ۾ سياسي مداخلت ڪري اهي ڪو خاطر خواه ڪارڪردگي ڏيکاري ناهي ، پر اها اميد آهي ته ڪرپشن خلاف ميرٽ تي  ڪاروائي ٿيندي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوء اسان جو عوام ڪنهن ٻئي در واجهائيندو  ان ڪري اسان کي درست دڳ استعمال ڪندو ، ان ڪري بهتر اهو آهي ته ايندڙ اليڪشن  ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب  ڪندو    
سنڌ جي ترقي ۾ تي نظر وجهون ته مان اهو چوندس ته الله سائين اسان جي قوم تي رحم فرما ۽ شهباز شريف جي صورت ۾ وزيراعلي ڏي جيئن ڪي ترقياتي ڪم ٿي سگهن سائين قائم علي شاه ۽ وڏي وزير سائين مراد علي شاه جي ڪا ٻي مراد منظور ڪر ته سنڌ تي سائين وري ٻيهر وزيراعلي ئي آمين ، برحال اسان کي وڏي  قربانين ڏيڻ جي ضرورت آهي  ، سنڌ اندر جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته جيڪي روڊ ٺهيا آهن ، اهي هڪ مهني اندر ئي اکڙي ريا اهن جيڪي پوئير روڊ ٺهيا آهن انهن ۾ پڻ رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي پوري سنڌ جي ٻين ضلعن تي نظر وجهنداسين ته به سواء افسوس ٿيڻ جي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون ، ، برحال جيڪڏهن انهن ادارن جي خلاف قانوني ڪارويون نه ٿيون ته پوء عوام جي نظر ۾ جهموريت تان اعتبار  ختم ٿي ويندو ، ان ڪري اسان جو فرض آهي ته ڪرپشن ڪندڙن خلاف پوري قوم گڏ ٿي انهن خلاف ايڪشن قانوني ڪاروايون ٿيڻ گهرجن ، سنڌ کي لٽيندڙن کي بي نقاب ڪري انهن کي عوام جي سامهون بي نقاب پڻ ڪيو وڃين ، اليڪشن کان اڳ ٿيندڙ ترقايتي ڪن تي پڻ عوام کي نظر رکڻ گهرجي جيئن انهن جي ترقايتي ڪمن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو نيب نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪري سگهي ، پاڪستاني عوام کي اهو ته يقين ٿي چڪو آهي ته اسان خلاف وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن هاڻي عوام سجاڳ ٿي ڇڪو آهي ، جمهوريت جي آڙ ۾ انهن ميمبران جيڪي حلف ته پاڪستان سان پنهنجي صوبي سان وفاداري جو قسم کڻن ٿا انهن کي ياد ڏيارڻو پوندو ته آئين توهان کي اها اجازت نه ٿو ڏيئي ته عوام سان ڪيل واعدو وفا نه ٿا ٿين ،                        
سنڌ  ۾ جيڪو ڪئي سالن کان ڪم نه ٿيو اهو هاڻي بهانو بڻائي ڪجهه ڪيو آهي جيئن عوام تي روب ڄمائي سگهن ته اسان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون لاڙڪاڻو  شڪار پور جيڪب آباد  ڪنڌڪوٽ سکر خيرپور گهوٽڪي  خيرپور نوشهروفيروز نواب شاه حيدرآباد بدين ٺٽو  سچ اهو آهي ته رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي  جيڪو پڻ تسليم ڪرڻو پوندو  هاڻي اهي ڀوتار گهر ڇڏي عوا،م سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي  جيڪي 4 سال ته ان ووٽر لاء  ملڻ جو وقت نه هو  اهو هاڻي تعزيت لاء نڪري توهان جي درن تائين اچي هر ڪ سان ڪوڙو ڀاڪر پائي تعزيتون ڪندا مان سمجهان ٿو ته اليڪشن 2018 ۾ ئي امنهن تمام سياسدتدانن کي مسترد ڪري شڪست ڏئي ڪنهن سٺي  ميمبر کي چونڊي  پنهنجو حق ملي سگهي ، برحال وڏي پلاننگ سان اسان جا ڀوتار ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڪروڙين روپيا بوگس اڪائونٽ کولي انهن ۾ اهي ئي پيسا جمع ڪري اهي ئي پيسا ڪڍرائين ٿا ، اليڪشن ۾ استعمال ڪرڻ لاء تيار آهن ، اليڪشن کان اڳ ڪرپشن ڪري  هو اليڪشن ۾ وري دانڌلي ڪري اچڻ جي ڪوشس ڪندا جيڪڏهن پاڪستان جا اهي اداره جيڪي ڪرپشن کي روڪڻ لاء ڪم ڪري رهيا آهن  انهن کي اڳتي اچي ڪرپشن کي روڪڻو پوندو  خاص طور ضلعي خيرپور جي تمام تعلقن لاڙڪاڻي  سکر جي شهرن ۾ ٿيندڙ رڪارڊ ڪرپشن تي نظر رکڻي پوندي انهن خلاف گڏ ٿي قانوني ڪاروائي ٿيڻ جي درخواست عوام ڪري رهيو آهي ،  جيڪڏهن ڪرپشن ڪندڙن جا دڳ نه روڪيا ويا ته پوء سنڌ ۾ اڃان به تباهي ايندي ، اسان جمهوريت جي خلف ناهيون اسان جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي اسان جو منشور ڪرپشن ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو آهي  جمهوريت جي آڙ م جيڪي  ڪارا چهرا اهن انهن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو ،  ضلعي خيرپور  سميت ٻين ضلعن ۾ جيڪي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ پيسا ڪڍي ڪرپشن ڪري رهيا آهن جيڪي لوڪل حڪومت  ٽائيون اڪيمِتيز يوسيز ۾ جعلي اڪائوڻٽ کولي ڪرپڙين روپيا ڪڍي رهيا آهن انهن خلاف فوري نوٽيس وٺڻو پوندو ،سياسي راند کان بچڻ لاء عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو غلط کي غلط چوڻو پوندو  عوام جنهن کي مظلوم جو درجو مليل آهي جنهن جا بنيادي حق کائي انهن مٿان ڌاڙو هني انهن جي ڪير دارسي به ڪرڻ لاء تيار ناهي ته پوء آواز ٿارڻ مان ڪهڙو فائدو عوام جو اهو مطالبو آهي ته جنهن طرح سان نيب هن وقت چيئرمين جان جستس رٽائرد جاويد اقبال نيٻ ۾ ميرٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن طرح سان چيف جسٽس  جناب ثاقب نثار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان   عوام جي اعتماد  کي بحال ڪيو اهي ڪيس پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي ،                                             
(ليکڪ هيومن رائيٽس لاڀ ڪائونسل پاڪستان اسلام آباد   جو چيئرمين پڻ آهي)

No comments:

Post a Comment