ڌارين جي آبادي سنڌ جا حق کسڻ جي سازش آهي..!! عزيزالله ناريجو


هن وقت پاڪستان اندر جتي سياسي صورتحال تي وڏا بحث هلي رهيا آهن.اُتي حڪمرانن کان ملڪ جا اهم ۽ وڏا مسئلا ڄڻ ذهن تان هلي ويا آهن.انهن مسئلن مان افغان پناهگيرن جو مسئلو به هڪ اهم مسئلو آهي،افغان پناهگيرن جي پاڪستان اندر رهائش کي جتي ڌارين ٻولين وارا صوبا رد ڪري چڪا آهن  اُتي ڪي پي ڪي جي عوام جيڪا افغان پناهگيرن جي  ئي زبان ڳالهائيندڙ عوام آهي انهي عوام خد افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ رهڻ واري ڳالهه کي رد ڪندي نه رڳو انهن خلاف احتجاج ڪيو پر اتي اهڙا به بيان ڏنا آهن ته افغان پناهگيرن کي پاڪستان مان جلد کان جلد نيڪالي ڏني وڃي.ڪي پي ڪي صوبي جي ڀيٽ ۾ بلوچستان اندر به پشتو ڳالهيندڙ پڻ ڪيتري عوام رهي ٿي اتي بلوچستان جي حڪومت پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو ته جيڪڏهن پاڪستان مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي نه ڏني وئي ته کين ڌڪا ڏئي ملڪ بدر ڪيو ويندو. بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته حساس ادارن ڪارروائي ڪندي افغان انٽليجنس جي ڇهه دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث جو اعتراف ڪري ورتو پڻ ڪيو آهي. جڏهن ته  سرفراز بگٽي چيو هوُ ته گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ محبو خان ۽ عصمت الله ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هئا ۽ انهن جو تعلق هلمند سان هو، جڏهن ته سرفراز بگٽي اهو به چيو هوُ ته  دهشتگرد افغان ڪيمپ ۾ رهيا ۽ اتي ئي وڏا ٿيا ۽ اسان جي ماڻهن کي قتل ڪيو، هاڻ گهڻو ٿيو ويو آهي افغانين کي هاڻ وڃڻو ئي پوندو،پر جتي سوال ٻين صوبن جو آهي ته اهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف نه رڳو احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن مان بيزاري ظاهر ڪري کين ڌڪا ڏيڻ جي بيان پڻ سامهون اچي آهن جن ۾ نه رڳو صوبن جي عوام شامل آهي پر انهي صوبن جا وزير عوام سان گڏ احتجاج ڪندڙن جي وڏي ۾ انگ شامل آهي.پر سنڌ صوبي جي عوام انهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف خاموشي وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي،جڏهن ته سنڌ جي گادي واري ڪراچي اندر  وڏي تعداد ۾ افغان پناهگير رهن پيا. جيڪي نه رڳو هتي جي شهريت حاصل ڪري رهيا آهن پر ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن اندر افغاني ملڪ جي نالي سان لڳل پوسٽرن سان پنهنجا ڪاروبار به ڪري رهيا آهن،جڏهن ته ڪراچي جي ڪيترن ئي وسندين تي هن وقت به انهن جو مڪمل قبضو آهي،سنڌ جون قوم پرست پارٽيون انهي افغان پناهگيرن واري معاملي تي مڪمل خاموشي وارو ماحول ٺاهيو اچن جنهن سان نه رڳو ڪراچي اندر افغان پناهگير پنهجون رهائش گاهون مظبوط ڪري رهيا آهن پر نادرا جي سفارشي عملي سان ملي ڪري پاڪستاني شهريت حاصل ڪري هميشه لاءِ پاڪستان ۾ رهڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آهن،جيڪي سنڌ صوبي جي امن امان لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿيندا، جتي افغان پناهگيرن جو مئسلو آهي ته پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه آصف پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ پاڪستان اندر دهشتگرد پناهه وٺي رهيا آهن،۽ افغانين جي صدر کي گهرجي ته هاڻ افغان پناهگيرن کي واپسي گهرائي. جڏهن ته افغان پناهگيرن جي صورت ۾ هڪ وڏي لنڪ موجود آهي .ان ڪري انهي خواجه آصف واري ڳالهه اندر ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان اندر افغان پناهگيرن جي صورت اندر دهشتگردن جو هڪ وڏو ٽولو وجود آهي جيڪو  نه رڳو پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سبب بڻيل آهي پر انهي سان گڏ صوبن جي عوام جا به حق کائي رهيو آهي ..هڪ ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوج رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهي آهي اُتي ملڪ جو وزيراعظم خد انهي افغان پناهگيرن کي پاڪستان اندر اڃان به ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ڏئي رهيو  آهي  جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي. ملڪ اندر حمڪرانن پنهنجي عوام جي سور حلقا ڪرڻ بجاءِ انهي عوام کي ٽيڪس کان ويندي لوڊشينگ،منهگائي،جهڙيون اذيتون ڏئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري رهيا آهن اتي مٿان وري افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏئي ڪري خد پاڪستان اندر دهشتگردي کي ڀاڻ ڏئي رهيا آهن،جيڪي عوام ۽ ملڪ لاءِ هڪ وڏو الميو آهي، ته  بلوچستان جي حڪومت چيو آهي ته  عالمي برادري افغان پناهگيرن  جي وڃڻ جي لاءِ انتظام ڪري  ۽ عزت سان هتان هليا وڃن نه ته قوم بي عزت ڪري ۽ ڌڪا ڏئي انهن کي ٻاهر ڪڍندي. اها به ڳالهه سچ آهي ته بلوچستان مان جيڪي  سمورا  دهشتگردن گرفتار ڪيا هئا انهن چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو  پڻ اعتراف  ڪيو هو. جڏهن ته بلوچستان حڪومت اهو به چيو ته  نادرا هنن کي 20 هزارن عيوض شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا هئا .جڏهن ته ڳالهه رڳو بلوچستان جي ناهي جيڪي افغان پناهگيرن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر خد خيبرپختون خواهه سرڪار به افغان شهرين جي وطن واپسي جو مطالبو ڪري رهي آهي . صوبائي وزير شاهه فرمان پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو هو ته   ملڪ کي محفوظ بنائڻ لاءِ وفاق معتبر فيصلا ڪري دهشت گردي ۾ افغان شهري ملوث آهن.جڏهن ته انهي ڀيٽ اندر صوبي سنڌ ۾ به افغان پناهگيرن جو تعداد 20لک کان مٿي جو آهي جيڪي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ٻهراڙين وارين علائقن ۾ رهائش پزير آهن،ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته افغان پناهگيرن جي معاملي کي سنجيدگي سان ويهي سوچي ۽ سنڌ اندر رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر جوڙي ڪري وفاق کي موڪلي ۽ وفاق کان اهو مطالبو ڪري ته انهن افغان پناهگيرن کي جلد کان جلد سنڌ ۾ ٻاهر ڪڍيو وڃِي،ڇو ته افغان پناهگيرن جو اصل هنڌ سندس ملڪ افغانستان  آهي ان ڪري کين  اتي ئي رهڻ گهرجي.جڏهن ته پناهگيرن جي سهائتا واري ايجنسي(يو اين ايڇ سي آر) پڻ اهو کليل لفظن ۾ چيو هوته پاڪستان پناهگيرن جو ڳڙه بڻجي ويو آهي.پر اها به حيقيت آهي ته هن وقت پاڪستان اندر پناهگيرن جو تعداد جنهن کي پاڪستان جي نادار رجسٽرڊ ڪيو آهي اهو به سورهن لک کان مٿي جو آهي.جن جي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان وٺي باعزت واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو چئي رهي آهي پر انهي چوڻي اندر به ڪا سنيجدگي سڏڻ ۾ نه پئي اچي،جڏهن ته هي اهي پناهگير آهن جيڪي پاڪستان جي نادرا وٽ رجسٽرڊ آهي جڏهن ته ڪيترائي پناهگير بنا رجسٽرڊ جي به پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن.جڏهن ته سنڌ صوبي اندر رجسٽرڊ پناهگيرن جو تعداد به66هزار کان مٿي جو آهي.جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺِي سنڌ ۾ رهيا پيا آهن،. جڏهن ته سڄي پاڪستان۾ اڻ رجسٽرڊ ٿيل افغان پناهگيرن جو ڪوبه رڪارڊ موجود  ناهي، نه اسان وٽ ۽ نه حڪومت وٽ، هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جو انگ ڪي  پي ڪي  ۾ آهي، جڏهن ته ساڍا 4 لک بلوچستان ۽ باقي پناهگير سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ فاٽا جي علائقن ۾ آهن، ، 1980ع کان 2005ع تائين پاڪستان ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪوبه تصور نه هو. ۽ نه ڪو يو اين يا حڪومت پاڪستان وٽ ڪو رڪارڊ هو، 2005ع ۾ حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان اسان جي هڪ ادري (يو اين ايڇ سي آر) افغان پناهگيرن جي آدم شماري ڪرائي، جنهن تي 70 لک ڊالر خرچ آيو هو، ، جنهن کانپوءِ 2006ع ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪم شروع ٿيو، ۽ 20 لک 4 هزار  افغانين کي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، پاڪستان اندر هن وقت هاڻ افغان پناهگيرن جي رهائش جي گنجائش ناهي رهي ۽ هاڻ ته افغانستان اندر به  1980ع جي ڀيٽ ۾ حالتون ڪافي بهتر آهن، 2014ع ۾ آمريڪا افغانستان مان وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو، ۽ ان وقت کان افغانستان اندر امن قائم جنهن جي ڪري هاڻ افغاني پناهگيرن کي واپس وڃڻ گرجهي،

پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ڇا رهي..!! سيد زوار حسين شاه


پاڪستان ۾ جمهوريت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ لاء 31 مئي تي خير سان وفاق ۽ تمام صوبائي حڪومتون تحليل ٿي وينديون جنهن کان پوء اسان تمام صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي تمام پارليامان جي عوام سان ڪيل خدمتن تي نظر وجهنداسين ته ڪڙو سچ اهو آهي ته ملڪ اندر پاڻي جيڪو اسان جي جيئڻ لاء تمام ضروري آهي اهو سينکيو ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ، اسان زهر پي رهيا آهيون ملڪ جي ترقي جي صورت حال کان اسان توهان واقف آهيون ملڪ ۾ قحط سالي واري پوزيشن آهي هڪ دهشتگردي جو خطرو ٻيو عوام کي صحت جون سهولتون نه ٿيون ملن ، تعليم تباهه ٿي چڪي آهي سنڌ ۾ تعليم 59 فيصد ٻار پڙهن ٿا  پنجاب ۾ وري به تعليم سڀ کان بهتر آهي ترقي جي صورت حال پڻ بهتر آهي پر سوال آهي سنڌ جي ترقي عوام سان پيش آيل مسائل پر حل ڪير ڪري ؟ ان سان گڏ ڪي پي ڪي جنهن ۾ پڻ عمران پي ٽي آئي جي حڪومت قائم آهي جنهن تعليم  ۽ صحت تي ڌيان ڏنو آهي ان سان گ پوليس ۾ سياسي مداخلت کي مڪمل ختم ڪري مثالي ادارو بنائڻ جي ڪوشش  ڪئي آهي جنهن کان پوء  امان مان جي صورت حال ڪافي بهتر ٿي آهي ، بلوچستان ۾ پڻ هٿ سان رٿيل شرارت جنهن ۾ بلوچ قوم جي نوجوانن کي هٿ سان بغاوت ڪرڻ لاء اڪسائڻ جي ڪوشش  ڪن ٿا ملڪ سان ڪير سچو آهي ڪير نه اها به خبر پئجي وڃين ٿي ، پاڪستان جو مستقبل ڇا آهي مجموعي صورت حال ڪهڙي رهي غريبن کي انصاف مليو يا نه صحت جون سهولتون مليون يا نه ، پارليامان پاڪستان ۾ عوام سان پيش آيل مسائلن تي روشني وڌي يا نه ، پارليا،مينٽ ۾ ڳالهايو يا نه اهي سڀ سوال عوام جي عدالت ۾ پيش ڪنداسين سنڌ مجموعي طور نظر انداز پڻ رهيو آهي جنهن کي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن ان سان گڏ آدم شماري گهر شماري پڻ ڪئي وئي جنهن کان وء اهو ته ٿيڻ گهرجي ته اين ايف سي ايوارڊ ته ننڊن صوبن کي ڏنو وڃين ها جيئن هو پنهجي صوبي ۾ ترقي عوام جون دليون کٽي سگهن ، پاڪستان ۾ ترقي جي رفتار انتهائي سست رهي خاص طور سنڌ حڪومت ته غريب عوام جو رت يتو آهي اهو ائين ته سنڌ ۾ سنڌ حڪومت ٽوٽل بجيٽ کان 35 فيصد مس ترقيايتي ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهي آهي جنههن کان پوء اٿيڻ ائين گهرجي ته اها رقم ليپس ٿي وڃين پر اليڪشن 2018 ۾ پڻ اربين روپيا خرڇ گهرجي اهو ڪيئن پورو ٿيندو ، ان ڪري هاڻي ڇاء پاڻي جي مدد ۾ به ٽائون ڪاميٽي مان لکين روپيا بل نڪرندو جنهن خلاف پڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  چيئرمين نيب کي پڻ نوٽيس وٺڻ گهرجي ، ان سان گڏ جيڪڏهن پارليمان تي نظر وجهون ته اڌ کان ته مٿي هوندا جن مٿان اربين رويپن جي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن لزمي انهن کي عدالت سڳوري جي معزز جج صاحبان سامهون جواب ڏيڻو پوندو ان سان گڏ وڏو ظلم اهو اهي ته هو ڪروڙين روپيا خرچ ڪري سيٽ کٽي ٿو جنهن کان پوء اهو ئي ماڻهون ڪنهن ڇاپارٽي سان رابطو رکي ڪا نه ڪا منسٽري وٺي ويهي ٿا رهن يا وري انهن کي اهڙيون ته وزارتون ڏنيون وڃن ٿيون جو روئڻ ٿو اچي جن کي عوام سان پيار ناهي اهو عوام جي خدمت ڪهڙي ڪندو  هڪ ميمبر جنهن جو ڀلي ڪنهن صوبي سان تعلق هجي اهو لکين رپيا خرچ ٿيل رقم  رشوت عيوض هو وري ٻيهر ان ئي سيٽ تي بحال ٿيو وڃين ، ، جنهن  ملڪ ۾ وزير خزانه مٿان ڪئي ڪرپشن جا الزامات هجن ان کي اشتهاري پن قرار ڏنو ويو هجي ان کي وزير خزانه بانيو ويو آهي ان سان گڏ ڪئي اهڙا وزير آهن جن مٿان الزامات لڳل اهن هاڻي جڏهن انصاف جي گهرج ٿيندي ته پوء به ايترا ته خرچ ڏيئون جو هو عوام جي وڄ ۾ رهي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿو ، پاڪستان ۾ ٽيڪس چورن جو تعداد پڻ ڪافي آهي ، برحل لسٽون تيار ٿي رهيون اهن ٿي سگهي ٿو ته ڪرپشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻو پوندو ، عوام جو پڻ مطالبو رهيو آهي ته اسان جي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪنداسين پاڪستان ۾ ايڌي ، ان سان گڏ بلقيس  چهيپا ٻين سماجي تنظيمون کيس سلام پيش ڪن ٿا، پاڪستان م سچ ته اهو آهي ته پنجاب کان علاوه اهو ڪم نه ٿيو اهي جيڪو ٿيڻ گهرجي ها برحال سماجي تنظيمن پاڪستان جي ترقي م وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ،  ان سان گڏ پارليامان کي اسان ويجهو کان ڏٺو آهي پر انهن  عوام کي مڪمل نظر انداز  ڪيو آهي   پاڪستاني عوام کي تنها ڇڏيندڙ  پارليامان هاڻي ڪهڙي منهن سان ووٽر کي راضي  رکندا ته توهان اسان کي ووٽ ڏيندا  پر ان سان گڏ سنڌ جي صوبائي وزير منظور وسان ان جي مڪمل ٽيم جنهن جو تعلق پڻ  وساڻ خاندان سان اهي اهي پنهنجي عوام جي قريب رهي انهن جي ڏک درد ۾ شريڪ ٿيندا اهن جنهن مان اميد لڳائي سگهجي ٿي ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ به جيڪو سامهون بيهندو انهن کي عبرت ناڪ شڪست ڏيندا اهڙن پارليامنٽرين سان عوام محبت ڪري ٿو باقي جيڪو ووٽ وٺي ويو آهي ته هاڻي سڀ فوت ٿيل ياد اچي ويا آهن هاڻي اها چمچا گري نه هلندي جيڪڏهن عوام سوچي سمجهي ووٽ ڏنو ته پوء ڪا تبديلي ايندي نظر اچي ٿي ، هي پاڪستان اهي سنيٽ جي چونڊين ۾ ڇا ٿيو اسان توهان کان لڪيل ناهي جن پيسا ورتا هاڻي انهن تي پڻ پئسا ڏيندڙ واضع شڪ جو اظهار ڪيو آهي ته تو ووٽ ناهي ڏنو اسان وٽ ثبوت آهن پيسا واپس ڪر  برحال مان سمجهان ٿو ته هاني اليڪشن کان اڳ پارليامان لاء وڏو  امتحان شروع ٿيڻ وارو آهي بس اسان صرف اهو پڇڻ چاهيون ٿا ته  ڇا پارليامان  کي هن اليڪشڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي ، جيڪو چونڊيل ميمبر درد نه ٿو رکي ان کي ووٽ ڏئي عوام پنهنجي تذليل ڪري ٿو جيڪو مناسب ناهي  مان سمجهان ٿو ته عوام کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ گهرجي جنهن کي پنهنجي لاء بهتر سمجهي ان کي ووٽ ڏيئي ڪامياب بڻائي باقي ته حال اسان جي سامهون آهي مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ان جو انتظار ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي پارليامان کي سمجهڻ عوام جي وس جي ڳالهه ناهي سڄي سنڌ ۾ ته ترقياتي ڪم 36 فيصد به نه ٿيا آهن پر ٽي اخبارن ۾ اشتهار اربين روپين جا هلائي عوام کي سڄي دنيا کي اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته اسان ته رات جو به نهڊ ناهي ڪئي رات ڏينهن جاڳي عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪيان سين پر ڏک اهو آهي ته اسان جي پارليامان کي ڪنهن سان تعزيت ڪرڻ جو به وقت ناهي جنهن جي پڻ عوام شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ، تازو راڻي پور ۾ ٻه شاگرد هڪ عزير مهيسر جنهن جي عمر 15 سال به مس ٿئي ها ٻئي جو نالو جلال الدين ابڙو جنهن جو والد استاد نبي بخش ابڙو جنهن سڄي زندگي سماجي رهنا هئڻ ڪري وڏو نالو ڪمايو اهي  جنهن جي ٻين ڀائرن استاد سخي خيرمحمد فقراء جي نالي مشهور استاد رهي چڪو آهي ان سان گڏ هڪ ناليوارو صحافي بدر ابڙو جنهن پڻ حق سچ جي ڳالهه ڪري عوام جي خمدت ڪئي آهي ان جو سوٽ جلال الدين ابڙو  روهڙي ڪيئنال ۾ ٻنهي فوت ٿي: ساگردن جو تعلق  هڪ ايور شا.ئين  ۽ ٻيو مظهر مسلم جو شاگرد روهڙي ڪيئنال ۾ وهنجندي فوت ٿي ويا سڄي سنڌ تعزيت لاء آئي پر چونڊيل نمائيندن کي وقت نه ملي سگهيو جو هو تعزيت تي اچن ها ، هي ان ڪري لکي رهيو آهيان ته عوام ووٽر ڀلي ڪو گهر جو فرد بيمار به آهي ته ان کي ڪلهن تي کڻي ان کي ووٽ ڏياري ٿو جيئن چونڊيل نمائيدو ڪامياب ٿئي پر جيڪڏهن هو عوام جي درد ۾ به سامل نه ٿئي ته پوء پارليامان جو ڪهڙو ڪردار رهيو ان سان ڇو پيار ڪيون عوام کي پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪرڻو پوندو.

دال ۽ ڪڪڙ جي چڪر ۾ ناڙي کان به وياسين ...!غلام مصطفي جماليٰ


ادا ڇا ٻڌايان اوهان ڪالهه مون وارو يار رمون رول چاچي علڻ واري اوطاق تي سهڪندو سهڪندو اصل هانڀارو پيو پيس اچي پهتو.. ڪجهه وقت لاءِ ته وائي وات مان نه پئي نڪتس..چاچي علڻ پڇا ڪيس ته رمون ڏي خبر ڪا مارڻي ڍڳي پويان پئي اٿئي يا ڪو ڇتو ڪتو ڦري آيو اٿئي..پر رمون جي وات مان اصل وائي نه نڪتي.. وري چاچي علڻ چيو ته ڇورا وارو ڪريو ڪا پاڻي لپ پياريوس ته رمون جي ڪا وائي وري.. چاچي علڻ واري تي ويٺل هڪ نوجوان پاڻي ڀرڻ لاءِ پاڻي جي دلي لاءِ اورڙ ڪئي ته دلو کالي هو.. ڇوري رڙ ڪري چيو ته چاچا علڻ پاڻي آهي ڪون.. دلو خالي آهي.. ته چاچي اوطاق تي ويٺل ڪمندار کي وڏي هڪل ڪندي چيو ته اڙي ڪمندار پاڻي ڪون ڀريو اٿئي ڇا..؟ ڪمندار به ڪاوڙيل منهن مٿي ڪيو ته ڄڻ منهن تي ٻارهن نه پر ساڍا ٻارهن وڄي رهيا هئا ۽ ڪمندار چاچي علڻ کي جواب ڏيندي چيو ته چاچا ڪيترائي ڏينهن ٿي ويا آهن پاڻ واري واٽر ۾ پاڻي لپ به ناهي بس مڙئي ڪجهه پاڻي جي ڊٻا ٻيٺل هئا انهن مان پئي گذاريو ڪيم سي به ڪالهه سڪي ويا.. پاڻي ڀريون ته آخر ڀريون ڪٿان..؟چاچي علڻ به گهوڏي ته هٿ هنڻدي چيو ته گهوڙا.. هل ڪو زمانو هو اسانجو هي واٽر تار پيو وهندو هو ۽ ٻنيون ٻوڙهي پيو چٽ ڪندو هو.. ۽ هاڻ اهو حال آهي جو ايتري پاڻي لپ به ڪان اٿس جو کڻي پيئڻ لاءِ ملي...اوطاق تي ويٺل هڪ ٻئي همراه به چاچي علڻ جي ڳالهه جي چيلهه ٽوڙيندي چيو. چاچا پاڻي نه هجڻ ڪري سارين جو پوکيل پيجارو به سڙي ويو آهي ۽ ٻيجارو ته“لاءِ بريٽ“هو،،،لاءِ بريٽ جو ٻڌي ڪري چيم چاچا لائيب بريٽ نه هاءِ بريٽ هاءِ بريٽ. چاچي به چيو ها..ها.. اها بلا ساڳي سڙي خاڪ ٿي ويو آهي.چاچي علڻ ورهندي ڏيندي چيو ته بس بابلا جيڪڏهن ڀنگ پوکڻ جي اجازت ملي ته سنڌ جا سمورا واهه اصل پلٽن پيا پلٽن پر ڀنگ ڪير پوکي ڪون انهي ڪري پاڻي جي ڦري لاءِ پيا سڪون..اوطاق تي ويٺل هڪ همران چيو ته چاچا “ولو واڍي“واري ٻني ڪيتري آباد هوندي هئي سارين جي موسم ۾ سئو مڻ اپت پيو کڻندو هو ۽ ڪڻڪ جي موسم ۾ به پٽڪو ست کان اٺ وال هوندو هو پر هاڻ “ولو وري پنهنجي ساڳئي ڌندي تي اچي ويو آهي پاڻي نه هجڻ ڪري سموري زمين غيرآباد اٿس ٻني ۾ اصل “ٽيٽيار به آنو نه ٿي لاهي...چاچي علڻ به وڏو شوڪارو ڀريندي چيو.. بابلا اها اٿو چڱ مڙسي جن کي ڏناسين ووٽ انهن پهرين ته هنيا پادر ءِ پوءِ ڪينئون پاڻي بند.. ۽ هاڻي ڪربلا لڳي پئي آهي ۽ ڪير به اهڙو ناهي جيڪو انهي چڱي مڙسن کي سمهجائي..اوچتو اوطاق مان آواز آئي ته چاچا “رمون کي پاڻي لپ پياريو هي ته اصل هاڻ هٿن مان پيو وڃي..ته پاڙي مان ڪير اوچتو پاڻي جي لوٽي ڀري آيو ۽ اچي رمون کي ڏنائين رمون به اڃ ۾ اصل مئو پئي تنهن کي جو پاڻي جي لوٽي ملي ته کڻي سڄي لوٽي چپن جي رکيائين ۽ ڏسندي ڏسندي سڄي لوٽي پاڻي  پئي ويو،علڻ جي اوطاق ۾ ويٺل سمورن ماڻهن پئي رمون کي ڏٺو ته ڪئين ٿو پاڻي جي لوٽي چٽ ڪري،،، ،پاڻي پئي جڏهن وڏو ڏاڪار ڏنائين ته چاچي علڻ چيس ته رومون ڏي خبر اصل واهه مينهن ڪندي آئي ڳالهه ڇا هئي اصل وات مان تنهنجي ته وائي ڪون پئي وري.. ڪهڙي ڳالهه آهي ڪهڙو ماجرو آهي،،رمون به سهنڪدي سهڪندي چيو ته چاچا ڳالهه ٻڌي اٿئي پاڻ واري هو ملڪ واري،،علڻ ڇورا ڪهڙو ملڪ واري ڳالهه کي اچي ڳجهارت ٻڻايو اٿي کولي ڳالهه ڪر،،ته معاملو ڇا آهي، ،رمون چاچا هو پاڻ وار ملڪ جي وزير جنهن جي هٿ ۾ ملڪ جا پئسا آهن،،ته ڪچهري ۾ ويٺل هڪ پڙهيل نوجوان چيو ته چاچا هو پيئسن وارو وزي،،ته علڻ وارڻيو ته ڇورا  پيالو پئي ويو ڇا.؟؟ رمون نه چاچا پيالو ڪون پيتو اٿس،انهي چيو آهي ته “دال مهانگي آهي اوهان ڪڪڙ کائون”علڻ به ٽهڪ ڏيندي چيو ته الله کٽائي..ڳالهه ڪٽيندي چيائين نه نه الله واڌئي اهو ته اصل واهه جو ڪم ڪيو اٿس هاڻ ته هرڪوئي دال جي بدران گوشت کائيندو اهو به ڪڪڙ جو،،تنهن جي رمون چيو چاچا دال اڃان به 260رپيا ڪلو آهي. ڪالهه آئون پاڻ واري“ڪلوڪاسائي کان انهي شوق تي ته ڪڪڙ سستو ٿيو آهي وڃي ڪو اڌ ڪلو وٺي ڪو آنڊو سائو ڪيان پر جئين ئي ڪلوڪاسائي واري دڪان ته پهتس ته ڪلو واري انهي ٽٽل سليٽ ته ڪڪڙ جي گوشت جو في ڪلو360رپيا لڳو پيو هو،چاچو علڻ ڇورا سچ ٿو چوين،،رمون چاچا نور مٺي جو قسم ڪوڙ ڪين ٿو ڪريان.. سچ پيو چوان سچ اصل سليٽ جي نظر پئي ته مون وارا نٽ بلٽ ئي ڍرا ٿي ويا.. ته هو پئيسن وارو وزير چيو پيو ته ڪڪڙ کائو.. ۽ اگهه آهي جو اصل آسمان سان پيو ڳالهه ڪري اهڙي اگهه ته ڪڪڙ دوڙ کائيندي. هاڻ ته ڪڪڙ به مهانگو ۽ دال به مهانگي.. مون ته مون واري ڇوري کي چيو آهي ته وڃ وڃي ولو واڍي واري ٻني مان وڃي ڪا جهل ۽ ساڳ پٽي اچ ته ڪو ٻوڙ چاڙيو باقي ڪڪڙ اسان کاڌا جا کاڌا..علڻ به چيو ته ڇورا هي ته اصل نسورو جلم آهي جلم هي ته اهو پهاڪو ٿيو ته هاٿي جا ڏند کائڻ جا ڪهڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا هوندا آهن، سڀني کڻي پنهنجا هٿ تي رکيا ۽ سڀني رمون کي چيو ته رمون پوءِ تون ڪلوڪاسائي کي ڪجهه چيو ته حڪومت ڪڪڙ جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ تون آهين جو اگهه ٻيڙا ٽيڻا ڪريو ويٺو آهين. تنهنجي ڪا بادشاهي آهي ڇا،رمون چاچا مون ته ڪلوڪاسائي کي چيو ته ٻيلي ڏاهو ٿي اگهه ٿورو گهٽ ڪر صفا اسان غريبن جا لاهه نه گهٽئ پر ڪلوڪاسائي منهنجي هڪ به نه ٻڌي،مون ته گهڻو زور ڀريو ته همراهه ڪات کڻي اچي پويان لڳو مس ڀڄي جان بچئي اٿم،،علڻ به چيو ته ابا ڪلوڪاسائي ڪو بي رحم آهي مرڳئي رمون کي ٿي ماريائي،،اوچتو اتي رمون جي پويان ڪات کڻي لڳل ڪلوڪاسائي به اچي پهتو ڪلوڪاسائي کي ڏسي ڪري رمون وڃي ڪڪڙن جي کڏي جو پاسو وٺي وڃي لڪو،،ڪلوڪاسائي ايندي شرط نه دعا نه سلام ايندي ئي پڇا رمون جي ڪيائين ته ٻڌايو ته رمون ڪيڏانهن ويو.؟ ته انهي تي چاچي علڻ چيس ته بابلا ٿڌو ٿي ٿورو ٿڌو ٿي.. ته ڪچهري ۾ ويٺل هڪ همراهه چيو ته چاچا ڪلوڪاسائي کي گرم ئي رهڻ ڏيو برف جو اگهه به آسان سان پيو ڳالهيون ڪري ٿڌو ڪٿان ٿيندو..ڪلوڪاسائي ڏک ڀيڙي اچي انهي همراهه ڏانهن ڏٺو،،ته چاچي علڻ چيس ته ڪلوڪاسائي ڏي خبر ٻڌو آهي ته حڪومت دال جا اگهه واڌئي ڪڪڙن جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ تون وري اگهن کي ٻيڙو ڪيو ويٺو آهين اصل معاملو ڇا آهي،ان تي ڪلوڪاسائي اندر جي باهه ڇنڍيندي چيو ته چاچا انهن کي ڪهڙي خبر ته ڏينهن ڪڏهن ٿو ٿي ۽ رات ڪڏهن ٿي اچي،،کيس ڪهڙي خبر ته دال کڻي ڪلو آهي ۽ ڪڪڙ کڻي ڪلو آهن،اسان کي ته فارمن وارا ئي اهڙو اگهه ٿا ڏين اسين ڇا ڪيو اسانجو ڪهڙو ڏوهه،، تنهن ته چاچي علڻ چيو ته بابلا پاڻي اڳ ئي ڪونهي،،منگاهي ته چوٽ چڙهيل آهي مٿان وري دال ۽ ڪڪڙ جي چڪر ۾ گهر جي ناڙي جي ٻوڙ کان به ويندوءُ ماٺ ڪري جهل ۽ ناڙي تي گذاريو ڪريون،

هڪ نظر هن ڳوٺ تي، هتي به انسان رهن ٿا..! ساجد حسين سومرو (ڏهرڪي)


ڪراچي کان پوِ ٻين نمبر تي وڌيڪ ٽيڪس ڀريندڙ گهوٽڪي ضلعو ڪيترن ئي قدرتي وسيلن توڙي صنعتي ادارن سان مالا مال ضلعو آهي، پر افسوس هن زميندار ضلعي جا روڊ رستا تباھ و برباد آهن، جيڪڏهن ڳالھ ڪنداسين هتان جي شهرن ۽ ڳوٺن جي ته اهي به ترقياتي ڪمن توڙي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، هتان جا چونڊيل نمائندا اليڪشن جي موسم ۾ ترقي ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري پنهنجي پنهنجي تڪن مان ڪامياب ٿي وري پورا پنج سال ڳولهي نه لڀندا، ۽ وري جڏهن ڏسن ٿا اليڪشن ويجهو ٿي آهي پوء وري ساڳئي روايت برقرار رکندي ووٽ وٺڻ جي لالچ ۾ عذرخواهي بهاني ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن لاڙو ڪندا آهن، گهوٽڪي ضلعي مان اڪثر پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي آهي، جنهن جي تازي مثال گهوٽڪي جي پي ايس ست تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ھئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار پاڪستان مسلم ليگ فنڪشل جي اميدوار کان يارهن هزار ڪجھ سئو مٿي ووٽ کڻي شڪست ڏئي وڏي ليڊ تان ڪاميابي ماڻي، هن ضلعي ۾ ايم اين اي، ايم اپي اي، کان ويندي ضلعي چيئرمين ۽ يوسي چيئرمين جي سطح تائين پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي بادشاهي آهي، پر افسوس پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن هتان جي هر شهر توڙي هر ڳوٺ کي نظر انداز ڪيو آهي، اهڙي طرح انهن مان ڏهرڪي تعلقي جو ڳوٺ ستار ڏنو ڊکڻ سومرو پڻ هڪ آهي، هن ڳوٺ ۾ ڪا به سهولت ميسر نه آهي، جنهن سبب هتان جا رهواسي عذاب واري ذندگي گذاري رهيا آهن تقريبن ڇھ سئو انساني آبادي واري هن ڳوٺ جي ٽيهن سالن دوران ڪنهن به واهر ناهي ڪئي، هي ڳوٺ پري کان ائين ڏسڻ ۾ نظر ايندو آهي، ڄڻ موهن جو دڙو هجي، هونء ته هي ڳوٺ مختلف مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي پر ان مان وڏي ۾ وڏو مسئلو ڊرينيج سسٽم جو آهي، نيڪال جو سسٽم نه هجڻ سبب هتان جي رهواسين جي هر گهر جي اڳيان کڏو لڳل آهي، جنهن مهل اهو کڏو پاڻي سان ڀرجي ويندو آهي ان مهل بالٽين ذريعي ڇنڍڪار ڪري کڏو خالي ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح هر روز هتان جي ڳوٺاڻن سان اهو ئي لقاء هوندو آهي، ان کان بعد هتان جي ٽي ڪلو ميٽر واري روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباھ ٿي وئي آهي جنهن سبب چونبيلا پٿر گاڏين جي ٽائرن جا دشمن بڻيو وڃن ٿا، هتان جا ڳوٺاڻا موٽر سائيڪل تي گهر کان جڏهن روڊ تي چڙهن ٿا، بس روڊ تي چڙهڻ شرط گاڏي هٿ ۾، ۽ وتندا پنچر جو دوڪان ڳولهيندا، اڄ جي هن جديد دور ۾ هي ڳوٺ گئس کان به وانجهيل آهي توڙي جو ڀرواري ڳوٺ ۾ گئس هجڻ باوجود به اڄ تائين هن ڳوٺ کي گئس ناهي ملي سگهيو، جنهن سبب هتان جا رهواسي ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاء ڪرڻ تي مجبور آهن، وري شل نه هتي ٿوري گهڻي برسات ٿئي، پوِ گهٽين ۽ گهرن ۾ برسات وارو پاڻي ڪاهي پئي ٿو، هتي هر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن، ٻين سهولتن کان هٽي انتظاميه طرفان مڇر مار اسپري به ناهي ڪرايو ويو جنهن سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي ۽ مليريه جهڙي خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو آهي، هتي بجلي چوويھ ڪلاڪن مان رڳو چار ڪلاڪ هلي ٿي، بجلي نه هجڻ سبب رات جي وقت مڇرن جي آزار سبب ننڊڙن ٻارڙن جو رڙيون هجن ٿيون ،آخر هن ڳوٺ سان ايترو ظلم ڇو ،؟ ڇا هتان جي رهواسين جي ووٽ جي قيمت هڪ ٽڪو به ناهي؟ تنهنڪري اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته هن ڳوٺ کي به سهولتون ڏنيون وڃن ڇو ته هتي به انساني آبادي موجود آهي ،