دال ۽ ڪڪڙ جي چڪر ۾ ناڙي کان به وياسين ...!غلام مصطفي جماليٰ


ادا ڇا ٻڌايان اوهان ڪالهه مون وارو يار رمون رول چاچي علڻ واري اوطاق تي سهڪندو سهڪندو اصل هانڀارو پيو پيس اچي پهتو.. ڪجهه وقت لاءِ ته وائي وات مان نه پئي نڪتس..چاچي علڻ پڇا ڪيس ته رمون ڏي خبر ڪا مارڻي ڍڳي پويان پئي اٿئي يا ڪو ڇتو ڪتو ڦري آيو اٿئي..پر رمون جي وات مان اصل وائي نه نڪتي.. وري چاچي علڻ چيو ته ڇورا وارو ڪريو ڪا پاڻي لپ پياريوس ته رمون جي ڪا وائي وري.. چاچي علڻ واري تي ويٺل هڪ نوجوان پاڻي ڀرڻ لاءِ پاڻي جي دلي لاءِ اورڙ ڪئي ته دلو کالي هو.. ڇوري رڙ ڪري چيو ته چاچا علڻ پاڻي آهي ڪون.. دلو خالي آهي.. ته چاچي اوطاق تي ويٺل ڪمندار کي وڏي هڪل ڪندي چيو ته اڙي ڪمندار پاڻي ڪون ڀريو اٿئي ڇا..؟ ڪمندار به ڪاوڙيل منهن مٿي ڪيو ته ڄڻ منهن تي ٻارهن نه پر ساڍا ٻارهن وڄي رهيا هئا ۽ ڪمندار چاچي علڻ کي جواب ڏيندي چيو ته چاچا ڪيترائي ڏينهن ٿي ويا آهن پاڻ واري واٽر ۾ پاڻي لپ به ناهي بس مڙئي ڪجهه پاڻي جي ڊٻا ٻيٺل هئا انهن مان پئي گذاريو ڪيم سي به ڪالهه سڪي ويا.. پاڻي ڀريون ته آخر ڀريون ڪٿان..؟چاچي علڻ به گهوڏي ته هٿ هنڻدي چيو ته گهوڙا.. هل ڪو زمانو هو اسانجو هي واٽر تار پيو وهندو هو ۽ ٻنيون ٻوڙهي پيو چٽ ڪندو هو.. ۽ هاڻ اهو حال آهي جو ايتري پاڻي لپ به ڪان اٿس جو کڻي پيئڻ لاءِ ملي...اوطاق تي ويٺل هڪ ٻئي همراه به چاچي علڻ جي ڳالهه جي چيلهه ٽوڙيندي چيو. چاچا پاڻي نه هجڻ ڪري سارين جو پوکيل پيجارو به سڙي ويو آهي ۽ ٻيجارو ته“لاءِ بريٽ“هو،،،لاءِ بريٽ جو ٻڌي ڪري چيم چاچا لائيب بريٽ نه هاءِ بريٽ هاءِ بريٽ. چاچي به چيو ها..ها.. اها بلا ساڳي سڙي خاڪ ٿي ويو آهي.چاچي علڻ ورهندي ڏيندي چيو ته بس بابلا جيڪڏهن ڀنگ پوکڻ جي اجازت ملي ته سنڌ جا سمورا واهه اصل پلٽن پيا پلٽن پر ڀنگ ڪير پوکي ڪون انهي ڪري پاڻي جي ڦري لاءِ پيا سڪون..اوطاق تي ويٺل هڪ همران چيو ته چاچا “ولو واڍي“واري ٻني ڪيتري آباد هوندي هئي سارين جي موسم ۾ سئو مڻ اپت پيو کڻندو هو ۽ ڪڻڪ جي موسم ۾ به پٽڪو ست کان اٺ وال هوندو هو پر هاڻ “ولو وري پنهنجي ساڳئي ڌندي تي اچي ويو آهي پاڻي نه هجڻ ڪري سموري زمين غيرآباد اٿس ٻني ۾ اصل “ٽيٽيار به آنو نه ٿي لاهي...چاچي علڻ به وڏو شوڪارو ڀريندي چيو.. بابلا اها اٿو چڱ مڙسي جن کي ڏناسين ووٽ انهن پهرين ته هنيا پادر ءِ پوءِ ڪينئون پاڻي بند.. ۽ هاڻي ڪربلا لڳي پئي آهي ۽ ڪير به اهڙو ناهي جيڪو انهي چڱي مڙسن کي سمهجائي..اوچتو اوطاق مان آواز آئي ته چاچا “رمون کي پاڻي لپ پياريو هي ته اصل هاڻ هٿن مان پيو وڃي..ته پاڙي مان ڪير اوچتو پاڻي جي لوٽي ڀري آيو ۽ اچي رمون کي ڏنائين رمون به اڃ ۾ اصل مئو پئي تنهن کي جو پاڻي جي لوٽي ملي ته کڻي سڄي لوٽي چپن جي رکيائين ۽ ڏسندي ڏسندي سڄي لوٽي پاڻي  پئي ويو،علڻ جي اوطاق ۾ ويٺل سمورن ماڻهن پئي رمون کي ڏٺو ته ڪئين ٿو پاڻي جي لوٽي چٽ ڪري،،، ،پاڻي پئي جڏهن وڏو ڏاڪار ڏنائين ته چاچي علڻ چيس ته رومون ڏي خبر اصل واهه مينهن ڪندي آئي ڳالهه ڇا هئي اصل وات مان تنهنجي ته وائي ڪون پئي وري.. ڪهڙي ڳالهه آهي ڪهڙو ماجرو آهي،،رمون به سهنڪدي سهڪندي چيو ته چاچا ڳالهه ٻڌي اٿئي پاڻ واري هو ملڪ واري،،علڻ ڇورا ڪهڙو ملڪ واري ڳالهه کي اچي ڳجهارت ٻڻايو اٿي کولي ڳالهه ڪر،،ته معاملو ڇا آهي، ،رمون چاچا هو پاڻ وار ملڪ جي وزير جنهن جي هٿ ۾ ملڪ جا پئسا آهن،،ته ڪچهري ۾ ويٺل هڪ پڙهيل نوجوان چيو ته چاچا هو پيئسن وارو وزي،،ته علڻ وارڻيو ته ڇورا  پيالو پئي ويو ڇا.؟؟ رمون نه چاچا پيالو ڪون پيتو اٿس،انهي چيو آهي ته “دال مهانگي آهي اوهان ڪڪڙ کائون”علڻ به ٽهڪ ڏيندي چيو ته الله کٽائي..ڳالهه ڪٽيندي چيائين نه نه الله واڌئي اهو ته اصل واهه جو ڪم ڪيو اٿس هاڻ ته هرڪوئي دال جي بدران گوشت کائيندو اهو به ڪڪڙ جو،،تنهن جي رمون چيو چاچا دال اڃان به 260رپيا ڪلو آهي. ڪالهه آئون پاڻ واري“ڪلوڪاسائي کان انهي شوق تي ته ڪڪڙ سستو ٿيو آهي وڃي ڪو اڌ ڪلو وٺي ڪو آنڊو سائو ڪيان پر جئين ئي ڪلوڪاسائي واري دڪان ته پهتس ته ڪلو واري انهي ٽٽل سليٽ ته ڪڪڙ جي گوشت جو في ڪلو360رپيا لڳو پيو هو،چاچو علڻ ڇورا سچ ٿو چوين،،رمون چاچا نور مٺي جو قسم ڪوڙ ڪين ٿو ڪريان.. سچ پيو چوان سچ اصل سليٽ جي نظر پئي ته مون وارا نٽ بلٽ ئي ڍرا ٿي ويا.. ته هو پئيسن وارو وزير چيو پيو ته ڪڪڙ کائو.. ۽ اگهه آهي جو اصل آسمان سان پيو ڳالهه ڪري اهڙي اگهه ته ڪڪڙ دوڙ کائيندي. هاڻ ته ڪڪڙ به مهانگو ۽ دال به مهانگي.. مون ته مون واري ڇوري کي چيو آهي ته وڃ وڃي ولو واڍي واري ٻني مان وڃي ڪا جهل ۽ ساڳ پٽي اچ ته ڪو ٻوڙ چاڙيو باقي ڪڪڙ اسان کاڌا جا کاڌا..علڻ به چيو ته ڇورا هي ته اصل نسورو جلم آهي جلم هي ته اهو پهاڪو ٿيو ته هاٿي جا ڏند کائڻ جا ڪهڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا هوندا آهن، سڀني کڻي پنهنجا هٿ تي رکيا ۽ سڀني رمون کي چيو ته رمون پوءِ تون ڪلوڪاسائي کي ڪجهه چيو ته حڪومت ڪڪڙ جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ تون آهين جو اگهه ٻيڙا ٽيڻا ڪريو ويٺو آهين. تنهنجي ڪا بادشاهي آهي ڇا،رمون چاچا مون ته ڪلوڪاسائي کي چيو ته ٻيلي ڏاهو ٿي اگهه ٿورو گهٽ ڪر صفا اسان غريبن جا لاهه نه گهٽئ پر ڪلوڪاسائي منهنجي هڪ به نه ٻڌي،مون ته گهڻو زور ڀريو ته همراهه ڪات کڻي اچي پويان لڳو مس ڀڄي جان بچئي اٿم،،علڻ به چيو ته ابا ڪلوڪاسائي ڪو بي رحم آهي مرڳئي رمون کي ٿي ماريائي،،اوچتو اتي رمون جي پويان ڪات کڻي لڳل ڪلوڪاسائي به اچي پهتو ڪلوڪاسائي کي ڏسي ڪري رمون وڃي ڪڪڙن جي کڏي جو پاسو وٺي وڃي لڪو،،ڪلوڪاسائي ايندي شرط نه دعا نه سلام ايندي ئي پڇا رمون جي ڪيائين ته ٻڌايو ته رمون ڪيڏانهن ويو.؟ ته انهي تي چاچي علڻ چيس ته بابلا ٿڌو ٿي ٿورو ٿڌو ٿي.. ته ڪچهري ۾ ويٺل هڪ همراهه چيو ته چاچا ڪلوڪاسائي کي گرم ئي رهڻ ڏيو برف جو اگهه به آسان سان پيو ڳالهيون ڪري ٿڌو ڪٿان ٿيندو..ڪلوڪاسائي ڏک ڀيڙي اچي انهي همراهه ڏانهن ڏٺو،،ته چاچي علڻ چيس ته ڪلوڪاسائي ڏي خبر ٻڌو آهي ته حڪومت دال جا اگهه واڌئي ڪڪڙن جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ تون وري اگهن کي ٻيڙو ڪيو ويٺو آهين اصل معاملو ڇا آهي،ان تي ڪلوڪاسائي اندر جي باهه ڇنڍيندي چيو ته چاچا انهن کي ڪهڙي خبر ته ڏينهن ڪڏهن ٿو ٿي ۽ رات ڪڏهن ٿي اچي،،کيس ڪهڙي خبر ته دال کڻي ڪلو آهي ۽ ڪڪڙ کڻي ڪلو آهن،اسان کي ته فارمن وارا ئي اهڙو اگهه ٿا ڏين اسين ڇا ڪيو اسانجو ڪهڙو ڏوهه،، تنهن ته چاچي علڻ چيو ته بابلا پاڻي اڳ ئي ڪونهي،،منگاهي ته چوٽ چڙهيل آهي مٿان وري دال ۽ ڪڪڙ جي چڪر ۾ گهر جي ناڙي جي ٻوڙ کان به ويندوءُ ماٺ ڪري جهل ۽ ناڙي تي گذاريو ڪريون،

No comments:

Post a Comment