هڪ نظر هن ڳوٺ تي، هتي به انسان رهن ٿا..! ساجد حسين سومرو (ڏهرڪي)


ڪراچي کان پوِ ٻين نمبر تي وڌيڪ ٽيڪس ڀريندڙ گهوٽڪي ضلعو ڪيترن ئي قدرتي وسيلن توڙي صنعتي ادارن سان مالا مال ضلعو آهي، پر افسوس هن زميندار ضلعي جا روڊ رستا تباھ و برباد آهن، جيڪڏهن ڳالھ ڪنداسين هتان جي شهرن ۽ ڳوٺن جي ته اهي به ترقياتي ڪمن توڙي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، هتان جا چونڊيل نمائندا اليڪشن جي موسم ۾ ترقي ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري پنهنجي پنهنجي تڪن مان ڪامياب ٿي وري پورا پنج سال ڳولهي نه لڀندا، ۽ وري جڏهن ڏسن ٿا اليڪشن ويجهو ٿي آهي پوء وري ساڳئي روايت برقرار رکندي ووٽ وٺڻ جي لالچ ۾ عذرخواهي بهاني ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن لاڙو ڪندا آهن، گهوٽڪي ضلعي مان اڪثر پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي آهي، جنهن جي تازي مثال گهوٽڪي جي پي ايس ست تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ھئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار پاڪستان مسلم ليگ فنڪشل جي اميدوار کان يارهن هزار ڪجھ سئو مٿي ووٽ کڻي شڪست ڏئي وڏي ليڊ تان ڪاميابي ماڻي، هن ضلعي ۾ ايم اين اي، ايم اپي اي، کان ويندي ضلعي چيئرمين ۽ يوسي چيئرمين جي سطح تائين پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن جي بادشاهي آهي، پر افسوس پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن هتان جي هر شهر توڙي هر ڳوٺ کي نظر انداز ڪيو آهي، اهڙي طرح انهن مان ڏهرڪي تعلقي جو ڳوٺ ستار ڏنو ڊکڻ سومرو پڻ هڪ آهي، هن ڳوٺ ۾ ڪا به سهولت ميسر نه آهي، جنهن سبب هتان جا رهواسي عذاب واري ذندگي گذاري رهيا آهن تقريبن ڇھ سئو انساني آبادي واري هن ڳوٺ جي ٽيهن سالن دوران ڪنهن به واهر ناهي ڪئي، هي ڳوٺ پري کان ائين ڏسڻ ۾ نظر ايندو آهي، ڄڻ موهن جو دڙو هجي، هونء ته هي ڳوٺ مختلف مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي پر ان مان وڏي ۾ وڏو مسئلو ڊرينيج سسٽم جو آهي، نيڪال جو سسٽم نه هجڻ سبب هتان جي رهواسين جي هر گهر جي اڳيان کڏو لڳل آهي، جنهن مهل اهو کڏو پاڻي سان ڀرجي ويندو آهي ان مهل بالٽين ذريعي ڇنڍڪار ڪري کڏو خالي ڪيو ويندو آهي، اهڙي طرح هر روز هتان جي ڳوٺاڻن سان اهو ئي لقاء هوندو آهي، ان کان بعد هتان جي ٽي ڪلو ميٽر واري روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباھ ٿي وئي آهي جنهن سبب چونبيلا پٿر گاڏين جي ٽائرن جا دشمن بڻيو وڃن ٿا، هتان جا ڳوٺاڻا موٽر سائيڪل تي گهر کان جڏهن روڊ تي چڙهن ٿا، بس روڊ تي چڙهڻ شرط گاڏي هٿ ۾، ۽ وتندا پنچر جو دوڪان ڳولهيندا، اڄ جي هن جديد دور ۾ هي ڳوٺ گئس کان به وانجهيل آهي توڙي جو ڀرواري ڳوٺ ۾ گئس هجڻ باوجود به اڄ تائين هن ڳوٺ کي گئس ناهي ملي سگهيو، جنهن سبب هتان جا رهواسي ڪاٺيون ٻاري رڌ پچاء ڪرڻ تي مجبور آهن، وري شل نه هتي ٿوري گهڻي برسات ٿئي، پوِ گهٽين ۽ گهرن ۾ برسات وارو پاڻي ڪاهي پئي ٿو، هتي هر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن، ٻين سهولتن کان هٽي انتظاميه طرفان مڇر مار اسپري به ناهي ڪرايو ويو جنهن سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي ۽ مليريه جهڙي خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو آهي، هتي بجلي چوويھ ڪلاڪن مان رڳو چار ڪلاڪ هلي ٿي، بجلي نه هجڻ سبب رات جي وقت مڇرن جي آزار سبب ننڊڙن ٻارڙن جو رڙيون هجن ٿيون ،آخر هن ڳوٺ سان ايترو ظلم ڇو ،؟ ڇا هتان جي رهواسين جي ووٽ جي قيمت هڪ ٽڪو به ناهي؟ تنهنڪري اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته هن ڳوٺ کي به سهولتون ڏنيون وڃن ڇو ته هتي به انساني آبادي موجود آهي ،

No comments:

Post a Comment