معصوم ٻارڙن آخر ڪهڙو ڏوھ ڪيو/حميدشڪيل )ڪي اين شاھ(


وحشيت ۽ دهشت جي ڪري  سنڌ هر وقت رت رني آھي جنهن ۾ جيجل جي  جهولي خالي ٿيندي ڏٺي  ڀينرن کان معصوم ڀائر جدا ٿيندي ڏٺا پوڙهائپ جو سهارو کسيو وڃي ٿو لخت جگرن کي  بلاجواز شھادتون نصيب ٿين ٿيون ته ڪنهن وقت وري ٻاتڙيون ٻوليون ٻوليندڙ يتيم ٿيو وڃن اهو صرف امن امان قائم نه هجڻ ۽ قانون ۾ فرق هئڻ ڪري آھي امير لاء الڳ قانون ته غريب لاء قانون ٻيو ۽ بي لاڀ  آھي, شھر ھجي يا ٻھراڙي جيڪي لاقانونيت جي ور چڙھيل آھن  جنهن سبب خونريزي ۽ وهشيت جون مختلف وارڌاتون ٿين ٿيون ۽ ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته سنڌ ۾ قتل او غارت جا واقعا هر روز جو معمول بڻيل آھن اوليائن جي ڌرتي ۾ رت جي راند وارو عمل ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان جاري ۽ ساري آھي  ڪڏھن عورت مٿان تهمت مڙھي بي رحمي سان ماريو وڃي ٿو ته ڪڏھن وري مرد ملڪتين ۽ غيرت جي نالي تي جهيڙا ڪري رت جي راند کيڏن ٿا پر هن وقت ڏٺو وڃي ته  ھاڻي وري گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جيڪي ٽارين وانگي ٽڙيل ۽ خشبودار مهڪندڙ گل ٿين ٿا ته بي رحم سماج جا بي رحم ماڻھون نئين ڦٽندڙ گلاب جي گلن کي مروڙڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتن ۽ شھادتن جون خبرون پڙھڻ لاء اخبارن ۾ ملن ٿيون جنهن ۾ نواب شاھ ۾ پيش ايندڙ ڪجھ ڏينهن اندر معصوم ٻارڙن سان ٿيل وحشيت دل کي جهير ڏيندڙ واقعا نظرن اڳيان گذرن ٿا, صيحت کاتي جي بي ڌياني سبب مدي خارج ويڪسين لڳڻ سان چئن ٻارڙن جون زندگيون اصل لاء خارج ٿي ويون, لانڍي اسڪول جي وحشي صفت پٽيوالي تيرهن سالن جي شاگرد احسان مري سان بدفعلي ڪري انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ڪڌو ڪم ڪيو انکان علاوه ستين ڪلاس جي شاگرد نينگر سجاد خانزادي سان ظالم ۽  شيطان صفت عنصرن طرفان ذيادتي ڪئي وئي  اڃان اهي ساڳيا زخم ۽ ويڻ ڇٽا ئي نه آھن ته بي ضمير ماڻھن پاران ڪيل  وحشيت جون ڪريل حرڪتون اڃان وسريون ئي نه آھن ته مٿان وري  هڪ گلاب جو گل مرجهائجي ويو جنهن کي دروازو کڙڪائي ٻاهر گهرايو ويو جنهن بعد دماغي گولي لڳڻ سبب مالڪ حقيقي سان وڃي مليو ۽  والدين جي اميدن جو ٻرندڙ ڏيئو اجهامجي ويو پورهيت پيءُ ٽرڪ ڊرائيور جون تمنائون آسون  باسون سڀ هڪ گولي جون کاڄ بڻجي ويون جيجل جي جهولي خالي ٿي وئي سڪ پيار پاٻوھ ۽ مٺين لولين جي ڇانو ۾ پلجندڙ جگر جو ٽڪرو جنت جهڙي ماءُ ۽ پريت سان پاليندڙ پيءُ جي اکين ۾ وهندڙ ڳوڙھن جي ڦڙي ڦڙي ۾ سمائجي دردن جي دنيا بڻجي ويو, گولي جو کاڄ بڻجندڙ پنجن ورهين جو بي قصور معصوم ٻالڪ شير محمد سيال جو آخر ڏوھ ڪهڙو هيو جو هن کي پوپٽ وانگي پل ۾ اڏاري بيدردي سان قتل ڪيو ويو, اهڙا ڪيترائي واقعا سنڌ ۾ رونما ٿيندا رهن ٿا پر هنن اڻ مدائتن وڇوڙن تي انسانيت جو ڪنڌ شرم جهڪي ويو  زمين رُني هوندي آسمان ۾ لرزاهٽ پيدا ٿيندو هوندو  پر پوء به اهڙا ظالم کل خوشي, آڪڙ ۽ من مستين ۾ وتن ٿا گهمندا ڦرندا جن کي نه لهر نه لوڏو, ها ڳڻتي هجي به ڪهڙي, ڇو ته هو جاگيردارن ۽سرمائيدارن جا ڪمندار ڪاروا يا ته هنن جي ٽڪرن تي سندس اوطاقن ۾ پلجندا آھن سنڌ ۾ته قانون نالي ڪاشئي ئي نه آھي جو ڪنهن سان صحيح نموني ۾ انصاف ٿيو هجي,  ڇو ته هتان جو امن پکي عدل سميت اڏامي ويو توڻي جو نوابشاھ ۾اعلي آفيسرن, عملدارن وزيرن مشيرن جو اباڻو گهر به آھي اسمبلي ۽ ايوانن ۾ ويٺل ڪامورا سواء نڊن جي ڪرڻ ۽ ڊارڙن هڻڻ ۾ پورا آھن هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته اهي شھيدشاگرد  ۽ زيادتين جو شڪار ٿيل معصوم ٻارڙن جي والدين جا  وهندڙ رتاوان  ڳوڙھا ڪهڙي نموني سان اگهن ٿا

No comments:

Post a Comment