پاڪستان جي عدالتي نظام کان وڏي ۾ وڏي شڪايت
اها آهي جو پاڪستان ۾ هلندڙ عدالتي ڪيس ڪيترائي سال گذري وڃڻ باجود به حل ناهي ٿي
سگهندا.ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان اندر هلندڙ عدالتي ڪيس جي 15کان 20سال
به لڳي ويندا آهن پر ڪيس حل ناهن ٿي سگهندا،ان حوالي سان پاڪستان سپريم ڪورٽ جي
ادراي “ لا اينڊ جسٽس ڪمِيشن پاڪستان”“ايل اينڊ جي سي پي”جي سيڪٽري ڊاڪٽر رحيم
اعوان پاران ڳالهه ڪئي وئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هن وقت سمورو الزام عدالتن جي مٿان
لڳي رهيو آهي پر ڪير به اهو نه ٿو ڏسي ته عدالت جي مٿان بار ڪيترو آهي ۽ عدالتون خد
ڪيتري دٻاءُ ۾ آهن.ان اهو به چيو ته اوهان پاڪستان جي ڪنهن ننڍي سطح تي ڪورٽ جو
جائزو وٺو ته اوهانکي اندازو لڳي ويندو اوهان انهي ننڍي ڪورٽ جو رڪارڊ چيڪ ڪندا ته
اوهان کي 100کان 150 ڪيس اهڙا ملندا جن کي روزاني چيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ انهي ڪيسن
جو جائزو ورتو ويندو آهي.ڇا اوهانجي نظر ۾ هڪڙي ڏينهن اندر 100يان 150ڪيس ٻڌڻ يا
انهي ڪيسن خلاف ڪاروائي ڪرڻ انهي جج لاءِ ڪيترو مشڪل هوندو اوهان سمورن ڪيسن جا
تعداد گڏ ڪيو ۽ پوءِ وقت جواندازو ڪيو ته اوهانکي خبر پئجي ويندي ته انهي ننڍڙي عدالت جي جج
وٽ هڪ منٽ کان به مٿي جو وقت نه هوندو انهي ڪيسن کي ڏسڻ لاءِ..ڇا اهڙي حالتن اندر
اهو جج ساهه کڻي سگهندو.هن وقت(ايل اينڊ جي سي پي) جي رپورٽ مطابق پاڪستان اندر
پاڪستان جي سموري عدالتن جن ۾ سپريم ڪورٽ،هاءِ ڪورٽ،شريعت ڪورٽ،ضلعي ڪورٽ هي اهي
ڪورٽون آهن جن ۾ هن وقت 18لک کان وڌيڪ ڪيس هلي رهيا آهن جڏهن ته جنوري 2018ع جي
انگ اکرن موجب سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 38000ڪيس هلي رهيا آهن جنهن جو اڃان فيصلو ٿيڻ
وارو آهي ٻئي طرف لاهور جي هاءِ ڪورٽ ۾ هن وقت جيڪي موجوده ڪيس آهن انهن جي تعداد
150000کان مٿي جي آهي ۽ ٻئي نمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ آهن جن ۾ هلندڙ ڪيسن جي تعداد
94000آهي انکان اعلاوا پشارو هاءِ ڪورٽ اندر هلندڙ ڪيسن جي تعداد 30000آهي جڏهن ته
بلوچستان هاءِ ڪورٽ اندر هلندڙ ڪيسن جي تعداد 6000آهي جن جو فيصلو باقي آهي انکان
اعلاوا اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ اندر 16000ڪيس آهن جن جو به فيصلو اڃان باقي آهي ۽
انکان علاوا پوري پاڪستان جي ضلعي توڙي تعلقي سطح جي عدالتن جي ڪيسن جي ڄاڻ وٺجي
ته اتي به ڪيسن جي تمام گهڻي تعداد آهي جيڪي ڪيس عدالتن اندر هلندڙ آهن جن جا
فيصلا اڃان باقي آهن..؟.اها ڳالهه به درست آهي ته پاڪستان اندر عدليه جي ڪارڪردگي
عوام جي سوچ جي مطابق ناهي آئي.ڪيترائي ڪيس ڪيترن ئي سالن کان وٺي هلندڙ آهن جيڪي
حل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.جڏهن جو مثال اهو کڻي ڏيو ته ڏاڏي ڪيس ڪرايو ته فيصلو
سندس پڙپوٽي کي ٻڌايو ويندو آهي.مطلب ته عدالت اندر ڪيس داخل سڀ ڪجهه وساري ڇڏڻ
آهي. تاريخ تي
تاريخ جو هڪ نه کٽڻ وارو سلسلو...ماڻهو ڪيس ته داخل ڪندا آهن پر انصاف جي اوسيڙي ۾
ويٺي ويٺي کين سال لڳي ويندا آهن.۽ عدالتن اندر اهڙي ڪا حڪمت عملي
ناهي جنهن سان اهي ڪيس جلد کان جلد حل ٿي سگهن.هي صرف هن ملڪ جي ڳالهه ناهي
اوهانکي ياد هوندو ته ڪجهه وقت پهرين ڀارت جو چيف جسٽس وزيراعظم جي اڳيان روئي
ويٺو هو جنهن جا وهندڙ لڙڪ عالمي سطح جو مرڪز بڻيا هئا.اهو به اها ئي حيقيقت
ٻڌائيندي روئي ويٺو هو ته هن وقت ڀارت اندر جهڙي طرف جا ڪيس هلندڙ آهن انهن مان
اهوئي لڳي پيو ته اهي ڪيس ايندڙ ڏهه سالن ۾ ئي حل نه ٿي سگهندا.جنهن ڪري فوري طور
ڀارت جي عدالتن اندر ججن جي مقرري جي لاءِ ججن جي ٻيڻي گهر ڪئي.ته جيئن انهن ڪيسن
کي جلد کان جلد حل ڪري سگهجي..! پاڪستان اندر انهي جي ڀيٽ ۾ صورتحال ئي ٻئي
آهي.ڀارت اندر ججن جي مقرري لاءِ ججن جي تعداد کي ٻيڙو ڪرڻ جي درخواست ڪئي پئي وڃي
۽ پاڪستان اندر اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان اندر اهڙا قابل جج موجود ئي ناهن جن جي
مقرري ڪئي وڃي..! اها هڪ واضع حيقيت آهي ته پاڪستان اندر ٽيلنٽ جي ڪا ڪمي
ناهي. چيف جسٽس
جيڪڏهن دروازا کولي ڇڏي ته کيس ٽيلنلٽ خد به خد ملي ويندو.انهي ڪري اهو به چئي
سگهجي ٿو ته عدالت پنهنجو به احتساب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي...ڳالهه احتساب جي هلي آهي
ته اها به ڳالهه ڪندو هلان ته هن ڪري هن وقت جيڪو حڪمرانن جو احستاب وارو معاملو هلي رهيو آهي انهي جو به ڇا احتساب ٿيندو يا نه.؟پر انهي احتساب کي
ملڪي حڪمران انتقام جو نالو ڏئي رهيا آهن اپوزيشن ملڪي مفاد قرار ڏئي رهيا
آهن.ميان نواز شريف سمجهي ٿو ته ڪجهه سياسي حلقا سندس احتساب جي آڙ ۾ شريف خاندان
جي پاڪستاني سياست مان هميشه جي لاءِ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن..جڏهن آصف علي
زرداري جو اهو خيال آهي ته احتساب جي آڙ اندر ڀٽو ازم کي هيمشه لاءِ دفن ڪرڻ جي
ڪوشش ٿي رهي آهي.ٻئي طرف عمران خان جو اهو گمان آهي ته جيڪڏهن ميان صاحب ۽ ڀٽو
فيڪٽريز احتساب جي شڪنجي ۾ ڦاسي ٿا پون ته کيس وزيراعظم ٿيڻ کان ڪير
به روڪي نه ٿو سگهي.جڏهن ته انهي متل ٻڙدڪ ۾ ڪجهه ننڍيون ننڍيون سياسي جماعتون
ٻيون به آهن ۽ ملڪ اندر ملڪي پسئو ٻاهر لٽايو پيو وڃي.جيڪو آف شوز ڪيمپين جي صورت
۾ سڀني جي سامهون آهي.انهي ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستاني عوام جو پئسو جيڪو
ٻاهر خرچ ٿي رهيو آهي جيڪڏهن انهي پسئي جو چوٿون حصو به ملڪي عوام تي خرچ ڪيو وڃي
ته ڪجهه سالن اندر مان مان غربت جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.ڏٺو وڃي ته ملڪ جي هن وقت
70ارب رپين جو قرضو آهي ۽ پاڪستاني پيئسو 200ارب کان مٿي جو آهي انهي ڪري اها سوچڻ
جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن انهي پسئي جو چوٿون حصو پاڪستان اچي ته پاڪستان تان سندس
قرض به لهي سگهي ٿو.پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن ملڪ اندر ڪرپشن ڪندڙ خلاف احتساب
ڪيو وڃي ۽ احتساب به اهڙو ڪيو وڃي جنهن اندر ڪنهن مظلوم سان ظلم نه ٿي ۽ ڪنهن جابر
کي انصاف نه ملي.؟ان ڪري هن وقت پاڪستان جي عوام کي عدالت جي محفوط ڪيل فيصلي مان وڏيون اميدون آهن.ته عدالت انهي معاملي اندر
ڪو ڪردار ادا ڪري جيئن ملڪ ۽ ملڪي قوم جي حقن جو جائز استعمال ٿي سگهي.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment