چونڊڪو ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو..!!درياءُ خان جهتيال / دادوc


سنڌ ۾ ''ناروا سلوڪ'' جا واقعا روزاني وڌندا پيا وڃن، ڪڏهن ڪنهن ''بااثر'' جي چوڻ تي ڪنهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي تہ ڪڏهن وري ڪنهن غريب جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويندو آهي، ان ۾ بہ گهڻي قدر بااثر ماڻهو ئي ملوث هوندا آهن جن کي روڪڻ لاءِ پوليس وٽ ڪمزوري جو سرٽيفڪيٽ اڳواٽ ئي موجود هوندو آهي، پوليس وٽ ڪمزوري جو پڪو سرٽيفڪيٽ هجڻ ڪري ڪيترائي واقعا جنم وٺن ٿا، ماڻهن سان ناروا سلوڪ ڪيو وڃي، اهڙن واقعن مان چونڊڪو شهر جو واقعو بہ هڪ آهي، گذريل جمعي واري رات خيرپور ميرس شهر کان چونڊڪو واپس ايندڙ نرسنگ جي شاگرد ذوافقار علي ڀنڀرو کي جوابدارن اغوا بعد تشدد ڪر مُنهن تي ڪارنهن ملي پادرن جا هار ڳچي ۾ وجهي سرڪس ڪرائي ڦوٽو ڪڍيا،اهو واقعو سورواهہ ٿاڻي جي حد ۾ چونڊڪو ڀرسان کڏن وٽان ٿيو، ڏسو تہ ڪيڏو نہ الميو آهي جو هڪ ميڊيڪل جي شاگرد کي جوابدارن ڪهڙي ڏوهہ جي سزا ڏني؟ قانون جي ابتڙ هلندڙ اهي ماڻهو قانون کان واقف ناهن يا اهڙن ماڻهن کان قانون جو خوف نڪري ويو آهي؟ هي سنڌ آهي جتي اهڙا واقعا جنم وٺي رهيا آهن جنهن سان نہ رڳو ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿئي ٿي پر قانون تان بہ ارواهہ کڄي وڃي ٿو، هڪ شهر کان ٻئي شهر ايندڙ شاگرد جي اهڙي تذليل؟ ڪهڙي ڏوهہ ۾؟ ڪنهن جي اجازت سان؟ الميو هي بہ آهي تہ جڏهن شاگرد سان اهڙو ظلم ڪيو ويو تہ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبرون هليون جنهن بعد خيرپور جي ايس ايس پي نوٽيس بہ ورتو پر وري جوابدار ٿاڻي تي گهرائي لاڪ اپ ڪيا ويا، ان واقعي جو 6 ڄڻ خلاف ڪيس بہ داخل ٿيو آهي، بر وقت جوابدارن کي ٿاڻي تي گهرائي ڪيس داخل ڪرڻ عمل سٺو آهي، پر جيڪي پوليس جي سڏ تي اچي ٿاڻي تي نڪتا سو بہ ايڏو وڏو واقعو ڪرڻ باوجود؟ ڳالهہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ انسانيت کان ڪريل ڪم ڪندڙ اهي ڪهڙي قسم جا انسان آهن؟ انهن جي دماغ ۾ ڪهڙو نفرتن جو باغ آهي جيڪي پنهنجي اهڙي عمل سان ان باغ کي پاڻي ڏئي رهيا آهن، ان واقعي بابت چونڊڪو جي ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ترہ نوجوان کي ڪارنهن جي الزام هيٺ پڪڙي تذليل جو نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري تي بہ تشدد ڪيو ويو آهي، پر ڳالهہ اتي ختم نٿي ٿئي ڇو جو ڳالهہ انسانيت کي لڄائڻ جي آهي، جيڪو واقعو ٿيو آهي ان واقعي کي ڪارنهن جي ''ڇاپ'' هڻي ختم نٿو ڪري سگهجي، هي واقعو انسانيت سان راند جو واقعو آهي، سنڌ ۾ اهڙن واقعن کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان نفرت جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي، خيرپور ميرس مڪاليج جي شاگر جي ٿيل تذليل جي جوابدارن کي صرف ڪيس داخل ٿيڻ جي سزا نہ پر جيل جي هوا کائڻ جي ۽ اسانيت سان کيڏڻ جي بہ سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ ۾ اهڙا واقعا نفرتن کي جنم ڏين ٿا، اهڙا واقعا ڪارنهنپ جي الزام ۾ لڪايا وڃن ٿا، جنهن ۾ پوليس جو خاموش ڪردار سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، ڪٿي امن پسند سنڌ کي نظر تہ لڳي وئي آهي، پر جيڪي قانون، قانون ڪندي نٿا ٿڪجن انهن کي ڪير تہ سمجهائي تہ سنڌ جي ماڻهن جو بچاءُ اوهان وٽ آهي، نوجوانن جي تذليل ڪرڻ ڪا عام ڳالهہ ناهي، اهو واقعو پوليس جي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿو، خيرپور ضلعي جي پوليس جي حدن ۾ روزاني ڏوهن جو وڌڻ گهڻو ڪجهہ ٻڌائي ٿو، اهڙن واقعن کي روڪڻ بہ جيڪڏهن علائقي جي پوليس اڳيان نہ ايندي تہ اهڙا انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙ جوابدار پنهنجون ڪاروايون ڪندا رهندا ۽ پوليس ڪمزوري جو سرٽيفڪيٽ پاڻ سان گڏ وتندي، سنڌ ۾ اهڙن واقعن جو وڌڻ انتهائي ڳڻتي وارو بڻجي ويو آهي، هڪ نوجوان جي اهڙي تذليل پوري سنڌ جي نوجوانن ۾ مايوسي پکيڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، گهرو کاتي جي وزير، آءِ جي سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن، نوجوانن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ ادارن جي اڳواڻن ۽ ٻين قانون جي اعليٰ علمدارن کي اپيل آهي تہ خيرپور ميرس ميڊيڪل ڪاليج جي نرسنگ جي شعبي جي شاگرد ذوالفقار علي ڀنڀرو سان ٿيل ناروا سلوڪ ۽ انسانيت کان ڪريل تذليل جو نوٽيس وٺي سندس سان انصاف ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment