سينيٽ چيئرمين ڪير ۽ ڪنهن جو ٿيندو؟؟؟؟/گل مورو

سينيٽ جي ميمبري جي حاصلات لاءِ کرب پتين واري کيل کان پوءِ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ پدم پتين پرڌان منتري بنجڻ لاءِ پنهنجي ٽجوڙين جا منهن کولي ڇڏيا آهن ۽ جوڙ توڙ جو سلسلو زور شور سان جاري و ساري آهي هڪ طرف پ پ جي آصف علي زرداري پنهنجي پراڻي جمهوري سفر جي ساٿي رضا رباني جو نالو چيئرمين واري چوٻول مان ئي هٽائي سليم مانڊي والا يعني سليم مانڊڻي واري جو نالو نروار ڪري ڇڏيو آهي ته ان کان سواءِ ڪنهن کي به قبول نه ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ هڪ طرف قيوم سومري جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ته ٻئي طرف وري مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمٰن کان وٺي فاٽا جي ميمبرن ۽ بلوچستان جي آزاد ووٽرن ۽ ايم ڪيو ايم جي لڏي سان به ڳجهه ڳوهه ۾ به ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ميان نوازشريف ٽرمپ وارو پتو کيڏندي اهو اعلان ڪيو ته جيڪڏهن رضا رباني کي پ پ پنهنجو اميدوار آڻي ته اسان سندس حمايت ڪرڻ لاءِ غير مشروط طور تي تيار آهيون. انهيءَ جي موٽ ۾ آصف علي زرداري اتحادين سميت 57 ميمبرن جي ڀاري اڪثريت واري دعويٰ ڪندي اهو چيو ته ڪهڙي به ريت سليم مانڊوي والا کان سواءِ ٻيو ڪو به چيئرمين قبول نه ڪيو ويندو. جڏهن ته اهڙي سياسي راند واري چالن کي سمجهندي عمران خان بلوچستان جي آزاد ميمبرن کي پاڻ وٽ گهرائي پنهنجا 13 ووٽ به سندن ئي جهولي ۾ آڇيندي اهو اعلان ڪيو ته جيڪڏهن بلوچستان مان ڪو بلوچ سينيٽ جو چيئرمين چونڊجي اچي ٿو ته ان جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي ۽ بلوچستان جي احساس محرومي ان سان ختم ٿي ويندي. پر ڏٺو وڃي ته ان جي ردعمل ۾ نيشنل پارٽي جي سربراهه حاصل بزنجي چيو آهي ته بلوچستان کي سينيٽ چيئرمين جو عهدو ڏيڻ سان احساس محروميون ختم نه ٿينديون اهي احساس محروميون تڏهن ختم ٿي سگهن ٿيون جڏهن بلوچستان جي تشخص ۽ قومي وحدت متعلق جيڪي به بلوچن جا تحفظات آهن انهن تي هاڻي سنجيدگي سان گڏجي ويهي سڀني ڌرين کي سوچڻ گهرجي ڇو ته هي احساس محرومي هڪ ڏينهن جي نه پر 70 ورهين جون آهن ڪنهن هڪڙي عهدي ملڻ سان ختم نه ٿيون ٿي سگهن. بلوچن جي معدني وسيلن ۽ بلوچستان جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن کي جيستائين بلوچن کي سندن وارث نه ٿو بڻايو وڃي اوستائين اهي احساس محروميون ساڳيون رهنديون. ان صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجي جنهن ٻه ڏينهن اڳ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پنهنجي آزاد ووٽن جي کيس حمايت جو يقين ڏياريو هو انهيءَ بُلاٽي کائيندي چيو آهي ته آصف زرداري کي فيصلي جو ڪو به اختيار نه ڏنو آهي اختيار ڏيڻ واري ڳالهه ميڊيا ۾ غلط آندي وئي اختيار اهو هو ته ڪو گڏيل اميدوار آندو ويندو ۽ ن ليگ جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ان سان به ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. انهيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته جهڙي ريت پ پ ۽ ن ليگ سينيٽ چيئرمين جي حاصلات لاءِ پنهنجا پتا کيڏي رهيون آهن اهڙي ريت بلوچ به پنهنجي آزاد ووٽرن جي ڏڍ تي ڪو نه ڪو عهدو ماڻڻ چاهين ٿا. جڏهن ته آصف علي زرداري سينيٽ چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي سراج الحق کان پڻ مدد طلبي ورتي آهي انهيءَ مان لڳي پيو ته سينيٽ چيئرمين لاءِ جهڙي ريت جوڙ توڙ عروج تي پهتل آهي ان مان ڏسجي ته ڪنهن جو ٿو ڪڻو نڪري ڇو ته ميان نوازشريف به پنهنجي اتحادين مولانا فضل الرحمان، حاصل بزنجو سميت فاٽا جي ميمبرن سان پڻ ڳالهيون ٻولهيون ڪري چڪو آهي ته ڪهڙي به طريقي سان هن ڀيري سينيٽ جي چيئرميني سندن حوالي هجي ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي هوندي به هن ڀيري ن ليگ پنهنجو سينيٽ چيئرمين چونڊرائي ٿي وڃي ته اها وڏي ۾ وڏي اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي ليکي ويندي ڇو ته ڪيتري وقت کان وٺي جيڪي حالتون ميان نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف مسلسل هلي رهيون آهن ان مان ائين واضح پيو ٿئي ته اصل اقتدار ڌڻي ايندڙ دور ۾ نه رڳي ميان نوازشريف پر سندس سموري خاندان کي سائيڊ لائين ڪرڻ چاهين ٿيون جنهن جا اشارا نيب واري فيصلن کان وٺي آيل عدالتي فيصلن مان ئي اهو واضح ٿئي ٿو ته گهڻي ڀاڱي ميان نوازشريف جي رستا روڪ ٿي چڪي آهي باقي ٿورو گهڻو جيڪو ڪم رهيل آهي اهو ايندڙ چند مهيني اڌ ۾ ٿيڻ وارو نظر اچي پيو. پر ڏسجي ته هن ڀيري ايم ڪيو ايم ڪهڙو پاسو ٿي وٺي ڇو ته ميان نوازشريف جي دور ۾ ئي سندس خلاف آپريشن وارو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي ۽ هن وقت تائين ايم ڪيو ايم ۾ جيڪي ڌڙا منظر عام تي آيا آهن ان مان اهو نظر پيو اچي ته اڃا به ڪا گهڻي ايم ڪيو ايم ۾ ڀڃ ڊاهه ٿيڻ واري آهي ۽ ان جو ايندڙ دور ۾ ڪهڙو منظر نامون هوندو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ان جو سربراهه ڪير هوندو اهو ته اڳتي ڏسڻو آهي. ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي حاصلات لاءِ سنڌ جي گورنر محمد زبير، سينيٽر مشاهدالله ۽ سليم ضياءَ کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن جن فاروق ستار کان وٺي بهادرآباد پي ايس پي جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن جنهن جي سلسلي ۾ فاروق ستار چيو آهي ته ن ليگ اميدوارن جي حمايت جو فيصلو رابطه ڪاميٽي واري اجلاس ۾ ڪيو ويندو ۽ بهادرآباد وارا جيڪڏهن پ پ اميدوار کي ووٽ ڪندا ته اها سندن سنگين غلطي هوندي ان مان واضح ٿئي ٿو ته سينيٽ جي چيئيرمين وارن چونڊن ۾ متحده به ن ليگ کي اهميت ڏيڻ چاهي ٿي ڇو ته تازو سينيٽ چونڊن ۾ 12 کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جا ميمبر باجين سميت زرداري جي ڪئمپ ۾ وڃي ڪري کيس ووٽ ڏنا هئا يقينن اهو ڏک ۽ درد ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار کان اڃا تائين وسريو نه هوندو ان سان گڏ تازو هير سوهو کان وٺي ڪجهه ٻيون باجيون ۽ ڪجهه ٻيا ايم ڪيو ايمي ميمبر پ پ ۾ جيڪي شامل ٿيا ان جي ڪري ايم ڪيو ايم ڪراچي اندر پنهنجي لاءِ پ پ کي خطرو سمجهي رهي آهي انهيءَ جي ڪري سينيٽ چونڊن ۾ پ پ بجاءِ ن ليگ کي ئي اهميت ڏيڻ چاهي ٿي. پر ڏٺو وڃي ته هن چونڊن واري کيل ۾ اوچتو ئي اوچتو ڊرامائي تبديلي ان وقت نظر آئي آهي جو عمران خان به پ پ کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان جي ڪري حڪمران اتحاد جي پوزيشن مضبوط ڏسڻ ۾ اچي پئي ۽ تازو وزيراعظم خاقان عباسي سان ملاقات دوران فاٽا جي سينيٽرن پاران حمايت لاءِ فنڊن وٺڻ جو مطالبو ورجايو ويو آهي ۽ فنڊ اهي ڪيترا ڏنا ويندا ۽ عوام تي ڪيترا خرچ ڪيا ويندا اها ته سڀ ڪنهن کي ڄاڻ آهي پر اصل ۾ هي ووٽن جي حاصلات لاءِ سڄو ڊرامو رچايو پيو وڃي. پر جيڪا آصف زرداري پاران بلوچستان جي چونڊجي آيل سينيٽرن جي مان ۾ رات جي ماني جي دعوت کارائي هئي اها ماني اهي ملهائيندا يا نه ڇو ته هن وقت کان ئي حالتون ٻيون نظر اچي رهيون آهن ۽ هن وقت اليڪشن ڪميشن نون چونڊيل 52 ميمبرن مان 47 ميمبرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ۽ 5 سينيٽر هن چونڊن واري مرحلي ۾ پنهنجو ووٽ داخل ڪري سگهندا يا نه اهو به اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو پر رضا رباني جيڪو پ پ کان ناراض اچي رهيو آهي ان سان گڏ فرحت الله بابر جهڙي ريت سينيٽ اندر الوداعي تقرير ڪئي ۽ حقيقتون بيان ڪيون ان کان پوءِ جيڪا سندن مٿان ڪاوڙ نظر اچي پئي اها اڳتي هلي صورتحال واضح ٿيڻي آهي ڇو ته رضا رباني چيو آهي ته تاريخ جي قلم سان مرڻ بدران بندوق جي گولي سان مرڻ پسند ڪندس عهدا اچڻا وڃڻا آهن اصولن تي سوديبازي نه ڪئي آهي نه وري اڳتي ڪرڻ چاهيان ٿو. ان مان واضح ٿئي ٿو ته رضا رباني اڳتي هلي ڪو وڏو پينڊورا باڪس کولڻ چاهي ٿو جنهن پنهنجي الوداعي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه 12 مارچ تي بيان ڪندس. ان صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته سينيٽ واري چيئرمين شپ جي حاصلات لاءِ ميان نوازشريف جو هن وقت پلڙو ڀاري نظر پيو اچي اهو ان ڪري جو بلوچ به بلوچ جي ماني کائي ڪري منهن ڦيري چڪا آهن ۽ تازو حاصل بزنجي به ان جو واضح اشارو ڏنو آهي ته پنهنجي قومي تشخص کان سواءِ عهدا وڏي شيءِ ناهن ۽ احساس محروميون عهدن سان نه پر تهذيب ۽ تمدن جي ڀرم سان ختم ٿينديون آهن. ان حوالي سان ڏسجي ته 12 مارچ تي سينيٽ جو چيئرمين پ پ جو ٿو ٿئي يا ن ليگ جو جيڪڏهن ن ليگ هن سينيٽ وارين چونڊن ۾ پنهنجو چيئرمين ڪامياب ڪرائي وڃي ٿي ته اها اسٽيبلشمينٽ جي وڏي ۾ وڏي ناڪامي هوندي. سو ڏسجي ته سينيٽ چيئرمين مانڊڻي وارو ٿئي ٿو يا وري لوهه وارو.

آزاد رياست ۾ ناڪام جمهوريت پريشان عوام / سيد زوار حسين شاه



پاڪستان آزاد ٿئي 70 سال مڪمل پر  پاڪستاني عوام بنيادي حقن کان محروم ؟ جڏهن ته اسان جو ملڪ اسلامي ملڪن ۾ پهريون ايٽمي ملڪ آهي پوء به هٿ جورڻ جي عاادت اڄ به اسان جي حڪمرانن آهي ، پاڪستان اندر وڌندڙ بي چيني عوام کي هڪ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ان نڪرڻ جو في الحال ڪو حل نظر نه ٿو اچي ، پاڪستان جي عوام کي تبديلي لاء پنهنجي فلاح بهبود لاء 5 سالن کان پوء جنرل اليڪشن ٿيندي آهي جنهن ۾ پاڪستان جا چار ئي صوبا وفاق جو عوام قيمتي ووٽ استعمال ڪري صوبائي ۽ وفاق ۾ نمائينده چونڊيون ٿا مان اهو ڏٺو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ صوبائي ميمبر پاڻ کي ڪامياب ڪرائڻ لاء ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿو ان سان گڏ وڏيرڪي پڻ ڏيکاري عوام کي مقروض ڪري انهن کان ووٽ حاصل ڪري ٿو پوء ٿيندو ڇا . اسان جيئن پهريان ڪوڪون رڙيون ڪرڻ جا عادي آهيون  اهي ئي لاٽون اهي چگهه وري ٻيهر شروع ساڳي ڪهاڻي ، برحال پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ۾ گهڻو هٿ اسان جي سياسي پارٽين جو به آهي انهن پاڪستان جي عوام لاء شايد ڪڏهن ٽائيم ئي نه ڪڍيو اهي هڪ ڪسري لاء چونڊيل نمائينده ڪيئن ٿا ضمير جو سودو ڪن اهو اسان هن دفعي ان وقت ڏٺوسين ته جڏهن سينيٽ اليڪشن ٿي جنهن کي جيتريون سيٽون مليون اها الڳ ڳالهه آهي  جيڪڏهن مجموعي صورت حال تي نظر وجهون ته پاڪستان مسلم ليگ ٽي مرتبه هن ملڪ مٿان حڪومت ڪئي  ان سان گڌ پ پ پ پڻ اهو ئي ڪرسي جو مزو ماڻيو آهي  عمران خان جنهن پهريان ته وڏي بلند بالا نعره هنيا ۽ اسان محسوس ڪيوسين ته عوام عمران خان سان گڏ آهي پر عمران خان جي ڪجهه ته جذباتي فيصلن جنهن ۾ حمايت ۾ شديد نفرت جو عنصر ظاهر ٿي رهيو هو اهو ائين ته عمران خان عوام کي بيوقوف بنائڻ لاء نواز شريف کي هارائڻ لاء عمران خان 13 سيٽون بلوچستان جي وزيراعلي حوالي ڪيون عمران خان بار بار چيو ته مان ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ نواز شريف کي ووٽ نه ڏيندس سائين سائين واهه واهه ڇا بلوڇستان جي وڏي کي اهو نه چيو ڇا ته اهي ووٽ آصف زرداري کي نه ڏيندا ؟  ها سائين عمران خان کان اهو وسري ويو هوندو ؟  برحال بلوچستان جي وڏي وزير به دير نه ڪئي آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري ان جي چيئرمين شپ سينيٽ لاء عمران پنهنجا ووٽ جهولي ۾ وجهي هڪ تاريخي راند کيڏي پر عوام ته بيوقوف ٿي سگهي ٿو پر تبصري ناگر ڪالم نگار ٿنڪ ٽينڪ اينڪرس اديب باشعور عوام هن راند کان واقف آهن ،  هاڻي اسان پاڪستان ۾ عوام سان ٿيندڙ بنيادي حقن جي لتاڙ جي ڳالهه ڪنداسين ته عوام سٺي صحت چاهي ٿو ، عوام سٺي تعليم چاهي ٿو ، عوام امن امان چاهي ٿو نوڪري نه ملي ته سائين سابق وڏي وزير نوجوان شاگردن کي پهريان ئي صلاح ڏني هئي ته ڇولا کپايو ، جنهن تي سنڌ جو عوام عمل ڪري رهيو آهي ، سنڌ م صحت جون اسپتالون بند ٿي رهيون آهن  نجي اسپتالن م سرڪاري ڊاڪٽر نوڪري ڪري رهيا آهن ان سان گڏ جيڏهن اسلام اباد م مظلوم استادن جو ذڪر ڪندس جتي 60 ڏينهن کان احتجاج جاري آهي وفاقي حڪومت انهن کي پڪو ته نه ٿي ڪري پر انهن سان ڳالهائڻ لاء به تيار ناهي انهن جي ڳوڙهن مان اهو محسوس پيو ٿئي ته هي جمهوري حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ، پر اسان جا سياستدان اهو تسليم ڪرڻ کان انڪاري اهن ، پر عوام مڪمل طور تقريبن سياستدانن مان مايوس آهي ، جيڪڏهن پوري سنڌ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج جي نظر وجهون ته ٽي ڏينهن گذري چڪا آهن انهن جي آواز کي دٻائڻ لاء ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندڙن مٿان لٺ بازي ڪئي وئي آهي ، جنهن کان پوء پوري سنڌ جي صحات واري اداري سان لاڳااپيل تمام پيرا ميڊيڪل اسٽاف جنهن ۾ ڀلي ڊاڪٽر هنجن انهن پڻ انهن سان اظهار يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي  راڻي پور رورول هيلٿ سينٽر راڻي پور  ۾ پڻ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جنهن جي اڳواڻي اشفاق وساڻ  غلام اصغر وساڻ ، شفيع محمد سومرو غلام قادر ملاح  طالب حسين  ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر  ڊاڪٽر امتياز حسين وساڻ ، ڊاڪٽر عظيم محمد عباسي ، ڊاڪٽر عبدالستار ميمڻ ايم ايس ڊاڪٽر محمد رمضان ميمڻ پڻ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوء ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال تي ويٺا  جنهن کان پوء انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻي پور جي صحافين ملڪ قاسم انور ناريجو اسد وساڻ ۽صهافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا جائز مطالبه اهن اسان ٽائين اسڪيل گهرون ٿا اسان جي پروموشن ٿيڻ ۾ دير پئي ٿئي اسان احتجاج ڪرڻ جو آئيني حق رکون ٿا برحال  پاڪستان ۾ عوام سان وڏو ظلم يٿي رهيو اهي نه صحت ملندي نه تعليم ملندي ، نه پيئڻ جو صاف پاڻي ملي ٿو اسان پنهنجو حق به نه ٿا گهري سگهون ٿا جيڪڏهن ڪو سماجي اڳواڻ شرف الدين تمراڻي ، حنيف عباسي فاروق دايو ديدار عباسي انور ناريجو جهڙي ڪنهن ڪا ڪنهن اداري جي خلاف درخواست ڪئي ته پوء ڏسو انهن خلاف ڇا ڇا ٿو ٿئي انهن جا مٽ مائٽ دوست وچ ۾ پئجي ان کي ان درخواست تان هٿ کنائڻ لاڀ وس لاهيندا برحال اسان تازو ان وقت وڏا حيران ٿياسين جڏهن هن وقت تائين اين ايف سي ايوارڊ پن ڪنهن کي به حصو نه ڏنو ويو آهي وفاق صوبائي حڪومتن سان وڏي دشمني ڪري رهيو اهي جيڪو به حصو آهي اهو ان کي ڏيڻ گهرجي ، پر ڏيڻ ته ڇا ڳالهائڻ لاء تيار ناهين هن وقت عوام جو درينه اهو ئي ته مطالبو آهي ته اسان سان ٿيل ظلم جو حساب ڪتاب ڪير ڏيندو ،  غريب ننڊا صوبا ته عوام جي لاء پهريان به ڪجهه نه پي ڪري سگهيا ڇو جو هو پاڻ سياستدان جيڪي پيسن جي خرچ ڪرڻ کان پوء ڪامياب ٿي اسيمبلين ۾ پهتا اهن پوء هو عپوام جي ڪيئن خدمت ڪندا ، اسان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته پوء عوام ۾ سڄاڳي ايندي ، جيڪڏهن اڃان به نه آئي ته پوء ڪنهن سان شڪايت ڪرڻ جي ضرورت ناهي سائين اسان جي ضلعي خيرپور ۾ ته وڏو ظلم اهيو ٿيو ته نه اسان ايم پي اي ڏٺو آهي نه اسان ميمبر نيشنل اسيمبلي ڏٺو اهي پر وري به عوام انهن کي ئي ڪامياب ڪندو ، تڏهن ته پاڪ سميت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان   آزادانه فيصلا ڪري پاڪستان جي بقا کي قائم رکڻ ۾ وڏو ڪردارا ادا ڪيو آهي اهو ئي سبب آهي جو عام شهري عوام هاڻي اهو سوچي رهيو اهي ته بس عوام جي جيڪڏهن مهدرد آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، پاڪ ارمي ان سان گڏ جيڪي نيب جهڙا اداره هاڻي آزادانه ڪرپشن ڪندڙن کي سوگهو ڪري عوام جي ڀلائي خاطر پاڪستان جي بقا لاڀ گڏجي اداره ڪم ڪري رهيا آهن  اسان کي تمام سياسي پارتين تي شڪ نه پڪ آهي ته هو پاڻ لاء سوچيندا هنن کي عوان سان پيار ناهي ، عمران جي چال کي ڏسندي هاڻي عوام کي هن اليڪشن 2018 ۾ تاريخي شڪست ڏيندو آزاد رياست ۾ جمهوري حڪومت هوندي به عوام بي وس واه واه جمهوريت زنده باد واقعي جمهوريت زنده ٻاد آهي اسان ڪنهن جي خلاف ناهيون جنهن ڻطام تحت عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃين  صرف سينيٽ جي چيئرمين شپ ڊپٽي چيئرمين شپ لاء جيڪي سياستدان سڀ نفرتو ختم ڪري هڪ ٻئي سان ساٿ ڏئي رهيا اهن عوام کي سوچڻ گهرجي ته  اهي اسان سان هرگز سچا ناهين هڪ ٻئي سان سچا اهن  جمهوريت جي نالي قائم نظام خلاف آهيون جنهن ۾ غريب عوام کي نه صحت ملي نه تعليم ملي نه امن امان ملي نه تحفظ ملي نه عزت ملي پر اسان جي  پاڪستان جي خاطر هي جان به قربان ڪرڻ لاء هن آزاد رياست ۾ رهندي به جان قربان ڪرڻ لاء هر پاڪستاني تيار  آهي                   چيئرمين هيومن رائيٽس واچ پاڪستان اسلام آباد           
 Email:  zawarsaeen110@gmail.com  03053981008

اڄ جو نوجوان ۽ اسان جو سماج/ اعتزاز احمد چانگ



ڪنهن به قوم جو نوجوان طبقو انهي قوم جي وڏي طاقت هوندو آھي, اهو نوجوان طبقو اگر چاهي ته پنهنجي جدوجهد, علمي شعور ذريعي ۽ پنهنجي غلامانا سوچ کان اڳتي نڪري سندس قوم جي تقدير بدلائي سگهي ٿو,نوجوان طبقو قوم يا ملڪ اندر انهي پيادي جو ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن کان سواء وڏي ۾ وڏي فوج به ميدان جنگ ۾ ناڪارا هوندي آھي يا سطرنج ۾ به اهو پيادو ئي هوندو آھي جيڪو اڳتي هلي وزير به بڻجي سگهي ٿو. پر ان لاء اڄ جي نوجوان ۾ ليڊرشپ ڪوالٽي جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آھي, ۽ اھا تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن نوجوانن ۾ تعليمي رجهان ۽ تناسب وڌ کان وڌ ھجي.پاڪستان  جو ڳاڻيٽو دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن جي آبادي جو گهڻو حصو نوجوان طبقي تي ٻڌل آھي, ھن وقت اسان جي ڪُل آبادي جو تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو نوجوانن جو آھي, اهڙو زبردست تناسب برطانيا جهڙا ترقي يافته ملڪ به نٿا رکن, پر انهي ڪُل نوجوان طبقي منجهان تقريبن 25 سيڪڙو اهڙا آھن جن کي لکڻ ۽ پڙھڻ نٿو اچي,ان جا سبب ته صرف ماهرين ٻڌائي سگهن ٿا پر اهڙو انگ يقينن اسان جي قومي سالميت تي گهرا اثر ڇڏي ٿو. ڇاڪاڻ ته قومي بقا ۾ تعليم هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي, انهي ڳالھ کي نظر ۾ رکندي ئي تموچن جهڙي خانه بدوش,وحشي ۽ اڻ پڙهيل ماڻھو (جنهن کي اڄ دنيا چنگيز خان جي نالي سان سڃاڻي) پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاء استادن جو بندوبست ڪيو, ۽ سندس موت کانپوء پُٽ اوغدائي خان تخت تي ويهندي ئي پندرهن لک چيني قيدي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ منگول قوم (اڄوڪي مغل قوم) جي ٻارن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاء باقائده اسڪول کولرايا, اهو ئي سبب آھي جو اها خانه بدوش قوم جيڪا تيرهين صدي جي وحشي قوم سمجهي ويندي هئي سا اڳتي هلي هڪ با شعور قوم بڻجي وئي. تاريخ اهڙن انيڪ واقعن سان ڀري پئي آھي, پر انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اسان جي صورتحال ٿوري مختلف نظر اچي ٿي.اسان جو مثال انهي ھاٿي وانگر آھي جيڪو اهڙي رسي سان ٻڌل آھي جنهن کي هو اگر چاهي ته هڪ ئي جهٽڪي سان ٽوڙي سگهي ٿو, پر هو ائين نٿو ڪري, ان جو سبب هي آھي ته اهو هاٿي تڏھن کان وٺي رسي سان ٻڌو وڃي ٿو جڏھن ھو انهي رسي کي ٽوڙڻ جي طاقت نه پيو رکي, انهي عمر ۾ ڪجھ وقت تائين اهو هاٿي انهي رسي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو پر پوء جڏھن هُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته اها رسي ٽوڙڻ سندس وس جي ڳالھ نه آھي ته پوء ھو ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو, پر جڏھن هو انهي رسي کي ٽوڙڻ جي قابل ٿي وڃي ٿو تڏھن به اهو انهي ٻالڪپڻ واري ڳالھ کي ذھن ۾ رکندي ته اها رسي ٽوڙڻ سندس وس کان  ٻاھر آھي ته ھو انهي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري, اسان جو اڄ جو نوجوان به اهڙي ئي ذھني غلامي جي انڌيري قيد ۾ جڪڙيل آھي جنهن ۾ هو اهڙي ئي عمر ۾ اڇلايو ويو هو جڏھن هو انهي منجهان نڪرڻ جو حوصلو نه پيو رکي,پر اڄ جڏھن هو اها طاقت رکي ٿو ته هو انهي قيد مان نڪري اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ پنهنجو مستقبل بدلائي سگهي ٿو پر هو ائين نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اڄ به هو انهي ٻالڪپڻ واري ڳالھ کي ذھن ۾ رکندي بنا ڪنهن جدوجهد جي ۽ بنا ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جي فقط زندگي جا ڏينهن گهاريندو وڃي ٿو. هو اهيا ڳالھ نٿو سمجهي ته جنهن ماڻھو منجھ اڪيلي هلڻ جا حوصلا هوندا آھن هڪ ڏينهن انهن پٺيان ئي قافلا هلندا آھن.اسان وٽ ڏينهون ڏينهن سماجي برائين ۾ واڌ اچي ٿي, اهو ڪجھ حد تائين بيروزگاري ۾ واڌ جي ڪري به ٿيو آهي, ڇاڪاڻ ته بيروزگاري ڪيترن ئي سماجي برائين کي جنم ڏئي ٿي. هڪ نوجوان جيڪو ان لاء محنت ڪري ٿو ته پنهنجو مستقبل بهتر کان بهتر بڻائي سگهي, پر بيروزگاري جي وڌندڙ شرح سبب هو ائين نٿو ڪري سگهي, انهي ذھني دٻاءُ ۾ اچي ڪري هو سماج کان باغي ٿي وڃي ٿو ۽ مختلف قسم جون سماجي برايون ڪندو رهي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن اهو ذھني دٻاءُ ان حد تائين وڌي وڃي ٿو جو هو مرڻ ۽ مارڻ لاء به هر وقت تيار رهي ٿو, خودڪشي ۽ قتل جهڙا ڏوھ ڪرڻ کان به باز نٿو اچي.اڄ اسان اهڙي پهاڙي تي بيٺا آھيون جتان هڪڙي راه باھ طرف وڃي ٿي ۽ ٻي سمنڊ طرف, فيصلو اسان کي ڪرڻو آھي ته اسين ڪهڙي راھ اپنايون ٿا, يقينن اسان کي اھا راھ اپنائڻ گهرجي جنهن ۾ اسان جي بقا جو گهڻي ڀاڱي چانس هجي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان جي قومي ۽ انفرادي بقا يقينن تعليم ۾ آھي, والدين کي گهرجي ته پنهنجو قومي فرض سمجهندي ٻارن کي وڌ ۾ وڌ تعليم ڏيارن ۽ پنهنجي قوم جي نوجوان طبقي ۾ شعور پيدا ڪن ته جئين سماجي برائين کان بچي سگهجي...

ويراني جي ور چڙھيل منڇر ڍنڍ ۽ مجبور مهاڻا/حميدشڪيل/ڪي اين شاھ



منڇر ڍنڍ سنڌ جي مشھور ۽ تاريخي ڍنڍ آھي جيڪا ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ طور سڃاڻپ رکي ٿي منڇر ڍنڍ ۾ ڪنهن زماني ۾ مهاڻن جي موج هوندي هئي باراني علائقن مان برساتن جو پاڻي سوين نئين ذريعي وهي اچڻ ڪري  منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو هيو ته ان سان گڏ درياھ بادشاھ جڏھن پنهنجي موجن ۾ ھو ته ان جو پاڻي به اڙل واھ  کان ٿيندو منڇر ۾ داخل ٿي ويندو هو مٺي پاڻي جا ابوبهر ڍنڍ جي خوبصورتي جا مثال ڏئي مقامي ماڻھن لاء روزگار جو هڪ شاهوڪار وسيلو بڻيل هيو سٺي روزي ٿيندي هئي جنهن سببب سندن پيٽ گذر بهتر نموني سان ٿيندو هيو خوشحالي واري زندگي گهاري کل خوشي سان مهمان نوازي ڪرڻ ۾ به اڳڀرا رهن پيا, پر هاڻوڪي دور ۾ منڇر ڍنڍ ۾ مٺو  پاڻي نه هجڻ ڪري ۽زهريلي پاڻي سبب روزي روٽي به زهر جي ور چڙهيل آھي مفلسي ۽ فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ به ملاحن جو مقدر بنجي ويو اهو صرف انڪري ته ٻين صوبن مان وهي ايندڙسم جو  زهريلو پاڻي آر بي او ڊي ۽ ايم اين وي  ڊرين ذريعي ڇوڙ ٿي  منڇر ڍنڍ جي پيٽ ۾ پئي ٿو,انکان علاوه موسمن جي تبديلي ڪري برساتن  جي پوڻ سان مها ٻوڏن جا وڏا ريلا به منڇر جي تباهي جو ڪارڻ بنجي مڇي جي نسلن کي نست نابود ڪري ڇڏيو آھي ۽ آبادي جون زمينون به ڪلراٺيون ٿي بنجر بنجي ويون ٻوڏن جي ڪري سمورو پاڻي زهريلو ٿيو  ته ان ۾ مڇي جي نسل تباهي ڪناري پهچي وئي بقول اتان جي مهاڻن جي ته منڇر ڍنڍ ۾ پراڻي دور ۾ چار سئو کان وڌيڪ مڇي جون  جنسون هونديون هيون پاڻي به مٺو هيو ته ان وقت منڇر ڍنڍ ۾ گاھ پٺو به  جام ٿيندو  هيو جنهن جي کائڻ سان مڇي ۾  بهتر نموني سان واڌ ايندي هئي لڳ ڀڳ سٺ ھزار خاندان تي مشتمل هتان جا رهواسي پنهنجي زندگي بهترين طريقي سان بصر ڪندا هئا جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجن ٻچن جي پيٽ گذر سفر لاء جتن ڪري روزي ڪندا هئا منڇر جي چئني ڪنڌين تي يا وري آس پاس ملاحن جا ٻيڙين  تي ٻڌل ڳوٺ ھوندا هئا جتي مختلف پاڙن سان لاڳاپيل مهاڻا برادري جا ماڻھون ٻڌي ايڪي سان رهندا اچن پيا پر هن وقت منڇر ۾ مٺو پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪيترائي مسئلا درپيش آھن مڇي جو نسل تباھ ٿيندو وڃي پيو , پيئڻ جو مٺو پاڻي نه هجڻ ڪري کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سان  منڇر واسي ڪيترن ئي موضي مرضن ۾ مبتلا ٿين پيا جنهن سبب جانين جو نظرانو ڏيڻو پوي ٿو, هن ڍنڍ جي مناسبت سان لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي  آبادگار ھميشه خوش ۽ سکيو وقت گذاريندا هئا, هروروز جي بنياد تي مهاڻا سوين مڻ مڇيون ماري مارڪيٽن ڏانهن سپلائي ڪندا هئا, ھزارين ايڪڙ تي مشتمل منڇر ڍنڍ ۾ مڇي کان علاوه  ٻوري , لوڙھ ,ڪم , ٻپڻ ۽ بھ جي به پاڻمرادو پيداورا ٿيندي هئي ته ان مان به ملاح پئسو ڪمائي پيٽ گذر ڪندا هئا ان جي ڀيٽ  ۾ مڇي سميت هرشئي اڻلڀ ۽ گمنام ٿيل آ ھي سياري جي موسم ۾ سائبيريا مان ايندڙ مختلف قسم جا پکي به منڇر ڍنڍ جي زينت بڻيل هيا ان موقعي تي به مهاڻا پنهنجي ڪرت موجب راتيون جاڳي سڪ چاھ سان هوڙن  ۽ باتيلن ۾ ويهي سرد موسم ۾  سڄي رات ننڊ ڦٽائي پکين جو شڪار ڪري دوستن ۽ پيارن ڏانهن سوکڙي ڪري موڪلڻ سان گڏ وڪرو به ڪرڻ لڳندا هئا پر پاڻي نه هجڻ جي ڪري هن سردي وارن مهينن ۾ به پيٽ جي بک اجهائڻ لاء مارتي نه ٿي سگهي, ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب هتان جا ملاح برادري جي لڏ پلاڻ جو سلسلو هلندڙ آھي سٺ ھزار جي آبادي رکندڙ علائقي ۾ ھن وقت سون جي تعداد ۾ ماڻھون لاچاري ۽ بيوسي جي نوڪ تي رهڻ لاء مجبور آھن هتان جا مسيڪن ۽ سٻاجهڙا ماروئڙا ٻيڙين باتيلن جي ٺاهڻ جا به ڪاريگر آھن جيڪي ملڪ جي هر علائقي ۾ مشھور آھن جتي ڏوراهن علائقن مان ڪهي آيل مهاڻا به سندن کان سيزن تي  ٻيڙيون ٺھرائڻ لاء اچن ٿا, انکان علاوه عورتون به هر ڪم ڪار ۾ پنهنجي مرد ماڻھن سان هٿ ونڊائن ٿيون, ڍنڍ اندر ملاحن جا ٻيڙين تي ٻڌل ڳوٺ ھن وقت نه هجڻ جي برابر آھن ڇو ته مٺو پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻھن جي روزي ۾ ڪاپاري ڌڪ لڳل آھي هتان جا ماڻھون لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي روزي جي تلاش ۾ ٻين شھرن ڏانهن  رخ ڪن ٿا منڇر ڍنڍ واسين کي سرڪار طرفان زندگي جي ڪا به سهولت مهيا ٿيل نه آھي بي لاڀ بڻيل تعليم ۽ علم جي زيور کان محروم هتان جا مهاڻا زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترن موضي مرضن ۾ پڻ مبتلا آھن ته اتي وري صيحت جي ڪا به سهولت موجود نه آھي علاج ڪرائڻ لاء پري پنڌ ڪري شھرن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو, منڇر ڍنڍ جا رهاڪو غربت, بيچيني,بک بدحالي ۽ عتاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن جتي ڪوهيارل جو ڪوڪون پکين جي مٺي ٻولي جا آواز , مڇي جي خوشبوء , مهاڻن جي اوطاقن ۾ مهمان نوازي جا منڊل, آبادگارن جون خوشيون, موسم جي تبديلي ۾ مختلف قسم جا جانور پکي پکڻ جون لاٽيون ونديون هيون ته اتي اڄ قديمي ڍنڍ مان دز ۽ مٽي اڏامڻ لڳي ٿي پاڻي نه هجڻ ڪري ٻيڙا باتيلا سوڪهڙي ۽ پوٺي زمين مٿان اونڌا پيل آھن ڄڻ ته ملاحن جي قسمت سنڌ سرڪار هٿن سان اونڌي ڪري ڇڏي هوئن ته گهڻي ٽائيم کان ٻڌندا اچون پيا ته  ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ لاء مختلف رٿائون منظور ڪيون ويون هيون جنهن تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو شايد اهي ڪاغذي ڪارواين ۾ مڪمل به ٿي ويا هجن, منچر ڍنڍ ۽ سندس جي پيٽ ۾ رهندڙ ملاحن کي سنڌ حڪومت بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي جيڪي بيمارين ۾ مبتلا ۽ بي روزگاري جي ور چڙھيل آھن زهريلو پاڻي سندن جو مقدر بنجي ويو مڇي جا نسل تباھ ٿي ويا پنجاب سميت ٻين صوبن مان آر بي ڊي او  ۽ ايم اين وي ڊرين ذريعي وهي ايندڙ سم نالين,ڪيميڪل مليل  ۽ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي هر جنگلي جيوت سميت انسان لاء ھاڃيڪار ثابت ٿيو جنهن جي سزا منڇر ڍنڍ جي ماڻھن ۽ زمينن کي  ملي ٿي ته اسان جي حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جوئن نٿي سري, سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بيوس ملاحن جي پرگهور ڪري مقامي ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ رٿائن تي عمل ڪري تاريخي ڍنڍ جي سونهن واپس ڪرائي وڃي ۽ ٻي پاسي ايم اين وي ڊرين ۽ آربي ڊي او مان ڇوڙ ٿيندڙ زهريلو پاڻي مڪمل طور بند ڪرايو وڃي ته جيئن مهاڻا ساڳي ريت سُکي زندگي گذاري سگهن 

هي سياست جي ڪهڙي ٿيوري پڙهائي پئي وڃي..!!/غلام مصطفيٰ جمالي



گذريل هڪ سال کان وٺي اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو ويو ته ڪنهن نه ڪنهن وجهه سان سينٽ جون چونڊون ملتوي ٿي وينديون.! پرائين نه ٿيو ۽ آخرڪار سينٽ جو چونڊون ٿي ويون،خيرسان چونڊون ته ٿي ويون پر اهي چونڊون پاڪستاني سياست جي وايو منڊل ۾ اهڙو ته طوفان ڇڏيون ويون  جنهن جي هل هنگامو شور پوري پاڪستان کي مٿي تي کڻي ڇڏيو آهي اسيمبلي ميمبرن مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام ۽ پارٽي ميمبرن تي غداري جا الزام به گردش ڪرڻ لڳا آهن جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا تي هارس ٽريڊنگ ۽ پسئي تي ووٽ وٺڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جا چرچا عام آهن هر ٽي وي چيئنل جي ٽاڪ شوز جو اُهو اشو اهم موضع بڻيل آهي اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن تي انهي هارس ٽريڊنگ ۽ سينٽ جي چونڊن تي بحث نه ڪيو ويو هجي،بظاهر ته انهي سنيٽ جي چونڊن جا ڪي پڪا ثبوت ته ڪنهن وٽ به ناهن تي پئسو ورتو يا ڏنو ويو آهي پر ماحول ۽ سنيٽ جي چونڊن کي ڏسي ڪري هر سياسي اڳواڻ پنهنجي سياست حريف مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳائي رهيو آهي.جنهن ڏينهن کان وٺي سنيٽ جون چونڊون ٿيون آهن انهي ڏينهن کان پوري پاڪستان جي عوام جو سکُ چين فٽو پيو آهي رڳو ڪروڙين رپيا ڏيڻ ۾ وٺڻ جي ڳالهه آهي ٻيو ڪجهه نه، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پوري دنيا جا اهي ملڪ جيڪي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجي نوجوان نسل جو اهم ڪردار ڄاڻائي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسانجي ترقي ۾ اهم ڪردار اسانجي نوجوان نسل جو آهي اتي ٿوري اسانجي ملڪ تي نظرون وجهون ته اسانجي ملڪ جا سياستدان ۽ ملڪ جي خيرخواه اسانجي نسل کي ڇا سيکاري رهيا آهن.؟ڇا اسانجي ملڪ جي نوجوان کي اهو سيکاريو پيو وڃي ته اوهان جيڪڏهن ڪنهن مهانگي اسڪول ۾ داخلا وٺندوُ ته اتي به اوهان کي پئسو ڏيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن امتحاجي سلپ حاصل ڪندا ته اتي به اوهانکي پسئو خرچ ڪرڻو پوندو،موبائيل جو بيلنس چيڪ ڪندا ته ان لاءِ به پسئو خرچ ڪرڻو پوندو جيڪڏهن حڪمرانن کي پنهنجو قميمي ووٽ ڏيندا ته ان جي بدلي اوهانکي انجو بدلو جيل يا ٿاڻي جا چڪر ڪاٽڻا پوندا ۽ پئسو ڏئي پنهنجي جان ڇڏائڻي پوندي  شام کانپوءِ  گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهندا جيڪڏهن نڪرندا ته پوليس چوڪي ته ٻيٺل پوليس اهلڪارن کي پسئو ڏيڻو پوندو ڀلي موٽرسائيڪل جا ڪاغظ پورا ڇو نه هجن ۽ افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته هاڻ اسانجا حڪمران جيڪو ڪم ڳجهي نموني  ڪندا هئا جيئن ڪنهن کي خبر به نه پوي ته پئسن عيوض ووٽ ورتو ويندو آهي يا ڏنو ويندو آهي اهي حڪمران هاڻ هڪ ٻئي مٿان ڪروڙين رپين جا هارس ٽريڊنگ جهڙا الزام لڳائي پاڪستان جي نوجوان نسل کي اهو سبق ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اوهانجي کيسي ۾ ٻه رپيا هوندا ته سڀ ڪجهه اوهانجو آهي جيڪڏهن اوهان وٽ پسئن کان سواءِ خالي مئريٽ آهي ته پوءِ اوهانجو هن ملڪ اندر ڪو به حصو ناهي،اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته پوءِ نوجوان آخر ڇا ڪري ڪٿان پسئو آڻي، ڇا پنهنجي حڪمرانن جي ڏنل سبق مطابق هلي.؟هي حال آهي اسانجي ملڪ جي نظام جو. ڪير آهي جيڪو انهي سموري ماحول جي گندي تلاه کي صاف ڪري هر انساني زندگي خطري ۾ آهي ۽  جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن . شاندار ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون.روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي. صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازي جو عشق اٿئون. پنهنجي اهڙن پرڪارن جي باهه تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي. شهرن ۾ دهشتگرديءَ ته  ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي. ڪنهن کي ڪا واٽ ڪانه ٿي ملي. هر ڪنهن جون متيون ئي منجهي پيون آهن. سياسي ڪارڪن پنهنجي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن. دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي. جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا. بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾ آهي، پر دکن ۽ دردن، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.منهنجو تعلق پڻ هڪ ٻهراڙي جي علائقي سان آهي جتي زندگي جڏهن صبح جا ڪرڻا کڻي نئون سفر شروع ڪرڻ لاءِ رواني ٿيندي آهي ته انهن ٻهراڙي ۾ انيڪ انساني زندگيون خواهشن جون اڌوريون اڻپوريون مرڪون کڻي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ڏانهن زندگي جو سفر تي روانييون ٿي وينديون آهن   جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجن ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي.ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان وٺي منهن ڏيندو آيو آهي، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن. سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساهه ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا، عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا، واپاري هن جو رت چوسيو، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا،ملان کيس نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو. هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان آتو آهي. نه کيس تعليم ملي، نه کيس تربيت ملي. هو صدين کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي، بي وس ۽ مجبور آهي. انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا، ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون. ۽ جڏهن به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي. ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ، باٺو، بندوق يا ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿيندي  آهي     هنن حالتن ۾ عوام کي فقط اهو احساس ڏيڻو آهي ته انسان اٽل ۽ اڏول ٿئي ٿو . حالتون ۽ حادثا، زلزلا ۽ طوفان، وبائون ۽ جنگيون، ڌاڙا ۽ اغوائون اسان جي تاريخ جو بدقسمتيءَ سان اڻمٽ رنگ بڻجي چڪيون آهن. ڪنهن دور ۾ عوام تي قهر نه ٿيا؟ ڪن اسان جي وڏڙن کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ته ڪن سندس کلون لهرايون، ڪن کين گهاڻن ۾ پهرايو ته ڪن تتل ڪڙاهن ۾ اڇليو ، پوءِ به اسان جو نسل ختم ڪونه ٿيو، پوءِ به اسان جا وڏڙا حياتيءَ کان مايوس نه ٿيا. بلڪ هنن موت جي بازار ۾ زندگيءَ جو رقص ڪري ڏيکاريو. ڏکن جا ڏونگر ڏاري ڏيکاريا. تڪليفن جا آسمان سر تي کڻي پنهنجي منزل طرف وڌي ڏيکاريو، ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي. ليڪن تدبر ۽ تحمل سان ، بردباري ۽ بهادريءَ سان حالتن کي بدلائڻو آهي. جيڪڏهن عوام ڪجهه به نه ڪري ته به زندهه رهي سگهي ٿو ۽ دنيا جي ڪابه قوت کيس ختم ڪري نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو، هنن حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي پرکيو، ڌاڙيلن پيدا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پيدا ڪرڻ جون حالتون بدلائي ورتيون، رٺلن کي پرچائي ورتو ۽ پرتلن کي پنهنجو ڪري ورتو ته اسان جا هي ڏکيا ڏينهن ختم ٿي سگهن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ عوام اڳرو ٿيندو ۽ اڳرو آهي. نه فقط ايترو پر عوام اڏول آهي  ۽ عظيم آهي. کيس نه ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وري خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي،هاڻ اهو وقت اچي ويو جو اسان هڪ ٿي ڪري انهي ماحول کي صاف ڪرڻ جي لاءِ آواز اٿاريو ڇو ته اسانکي اسانجو بنيادي حق نه پيو ملي اسان جون خواهشون تمنائون خاڪ نظر ٿي ويون آهن ۽ سياستدان آهن جو عوام جو پسئو پنهنجي قدبت ٺاهڻ ۽ سياست چمڪائڻ ۾ لڳائي رهيا آهن انهي ڪري هن وقت اهو موقعو اچي ويو آهي ۽ حڪمران به اهو صاف ٻڌائي رهيا آهن ته سمورو کيل پئسي جو آهي انهي ڪري هارس ٽريڊنگ جو فيصلو الڪيشن ڪميشن وٽ اچي ويو آهي جيڪو 14مارچ تي پيش ڪيو ويندو ۽ الزام هڻندڙ پارٽيون ثبوتن سميت پيش ٿينديون،انڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اهڙو ماحول ٺهي ٿو وڃي ڪنهن اندر سياسي ميمبرن مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام ثابت به ٿي ٿا وڃن ته پوءِ انهن سان ڪابه رعايت نه ٿيڻ گهرجي،بلڪه انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي پاڪستاني عوام سان انصاف ڪيو ويو ۽ هن وقت پاڪستان سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستاني ادارو نيب جنهن ريت ڪم ڪري رهيو آهي انهن ردارن مان به اهائي اميد آهي ته هوُ عوام جي معيار تي ضرور پورا پوندا ۽ پاڪستان عوام به هڪ نه هڪ ڏينهن سکُ جو ساهه ضرور کڻيندي

سينيٽ جي سيٽ ڇڏڻ جي فيصلي کانپوءِ/ ربنواز راز ڄامڙو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پاران الزام لڳڻ کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ۽ تازي چونڊيل سينيٽر ميان رضا رباني سينيٽ جي سيٽ ڇڏڻ جي فيصلي کانپوءِ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد پهچي ساڻس ملاقات ڪري کيس استعيفا نه ڏيڻ تي راضي ڪري ورتو ۽ سندس خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري پاران ميان رضا رباني تي الزامن جي بوڇاڙ ڪرڻ کانپوءِ ميان رضا رباني سينيٽري جو ٻيهر قسم نه کڻڻ ۽ سينيٽر شپ تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، ذريعن موجب هن پارٽي نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪندي واضح ڪيو ته هو پارٽي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندو جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميان رضا رباني جي ناراضگي ختم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ساڻس سندس گهر ملاقات ڪئي ۽ کيس استعيفا نه ڏيڻ تي راضي ڪيو، ميان رضا رباني سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته توهان پارٽي جا اثاثا آهيون ۽ توهان جي هن وقت استعيفا ڏيڻ سان يا ناراضگي ظاهر ڪرڻ سان پارٽي تي خراب اثر پوندا، بلاول ڀٽو کيس چيو ته توهان هوئن به ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اميدوار آهيو ان جي لاءِ عام چونڊن جي اعلان کانپوءِ توهان فيصلو ڪجو جنهن کانپوءِ ميان رضا رباني پارٽي چيئرمين کي مان ڏيندي 12 مارچ تي حلف کڻڻ جو واعدو ڪيو ۽ بلاول ڀٽو سندس خدشا به ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.  هوڏانهن سينيٽ جي اجلاس ۾ الوداعي خطاب ڪندي .  سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽرن جي سڌي سنئين چونڊ جي تجويز کي رد ڪندي پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ آرڊيننس جو خاتمو ڪرڻ لاءِ آئين جي شق 89 کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ پاڻ کي ڪمزور ڪرڻ جو ٻين کي هٿ سان موقعو ڏنو آهي، پارليامينٽ کي ٽوڙڻ، معطل ڪرڻ ۽ بحال ڪرڻ جي سڀني عملن کي قبول ڪيو ويو، چونڊ سڌارا ڪميٽي ۾ سڀني پارٽين سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپر تي نالو لکڻ جي تجويز رد ڪئي، مون ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي ناهي ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اصولن تي ڪاربند آهيان، آئون درويش ماڻهو آهيان، اڄ جيڪو ڪجهه آهيان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري آهيان. سينيٽ جي اجلاس ۾ الوداعي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته 12 مارچ 2015ع تي مون ان عهدي جو حلف کنيو هو ته سڀني کان پهرين شيءَ جيڪا مون ايوان ۾ پيش ڪئي هئي اها پنهنجي اثاثن جو حساب هو ۽ واعدو ڪيو هو ته جڏهن عهدو ڇڏيندس ته ان وقت جي اثاثن ۽ لائبلٽيز به ايوان ۾ پيش ڪندس ته جيئن عوام ۽ ميمبر ان جو جائزو وٺي سگهن، ان سان گڏ ئي سينيٽ چيئرمين سيڪريٽري سينيٽ کي هدايت ڪئي ته هو سندس اثاثن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪري، هن چيو ته اڄ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان آئون جنهن به مقام تي بيٺل آهيان ان ۾ ٻن عورتن جو وڏو عمل دخل آهي، هڪ منهنجي والده جنهن جي دعائن سان هتي پهتو آهيان، ٻي منهنجي سياسي ماءُ شهيد بينظير ڀٽو آهي، عهدا ايندا ويندا آهن، هن چيو ته اصول ۽ پيغام ۽ ورثي جنهن جو پاڻ کي امين سمجهان ٿو، اهو شهيد بينظير ڀٽو جو آهي، ان جو اصول هو ته گردن ڪٽايو، اصولن تي ٺاهه نه ڪريو، ان ٽن سالن ۾ منهنجي ڪوشش رهي آهي ته اصولن، آئين، پارليامينٽ جي بالادستي تي ٺاهه نه ڪريان ۽ توهان کي ياد هوندو ته جڏهن مون شڪريه جي تقرير ڪئي ته چيو هو ته مون کي ان ڳالهه تي فخر هوندو ته جيڪڏهن منهنجو نالو دنيا جي انهن ڪجهه اسپيڪرن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي جنهن پنهنجي بادشاهه جي سامهون سر ته ڪٽايو پر پارليامينٽ جي بالادستي تي ٺاهه نه ڪيو، هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته اڄ اهڙو ڏينهن آهي جڏهن ڪيترائي دوست رٽائرڊ ٿي رهيا آهن انهن مان ڪجهه خاص طور تي سينيٽر حمزه آهي جيڪو سڀني کان پراڻو پارليامينٽرين آهي، ان جو رڪارڊ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مثال جي حيثيت رکي ٿو، ان کانپوءِ سڀ کان پراڻو رٽائرڊ ٿيندڙ 20 سال 7 مهينن تائين ڪم ڪندڙ الياس بلور آهي، ان جو رڪارڊ سينيٽ ۾ اصولن تي ٺاهه نه ڪندڙن ۽ بي باڪي سان خيالن جو اظهار ڪندڙن جو آهي جيڪو تاريخ جو حصو آهي، آئون ذاتي طور تي قائدايوان راجا ظفر الحق جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي هر قدم تي سپورٽ ڪيو ۽ گائيڊ ڪيو، آئون مخالف ڌر اڳواڻ جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي ايوان هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، سمورين پارلياماني اڳواڻن جو به ٿورائتو آهيان جنهن جي اجتماعي دانش سان ايوان کي اسان هلايو ۽ هن ايوان جو ماحول مثالي رهيو. مون ڪوشش ڪئي ته صوابديدي اختيارن ۾ ترميم ڪريان، عملي طور تي انهن اختيارن کي هائوس بزنس ڪميٽي کي منتقل ڪري ڇڏيو، ٽي سال هي ايوان اجتماعي قيادت تحت هلايو، ان لاءِ ڪريڊٽ ۽ ٺوس ڪريڊٽ صرف چيئر جو نه پر سينيٽ جي اجتماعي قيادت جو آهي جيڪو هائوس بزنس ڪميٽي جي صورت ۾ آهي، ان کانپوءِ 103 سينيٽرز جن جي تعاون، محنت، مشوري کانسواءِ هي ممڪن نه هو ته هي ايوان هلي سگهي، انهن جو ٿورائتو به آهيان، معذرت به چاهيان ٿو ته هن ڪرسي تي ويهي ڪيترائي ڀيرا مون تلخي ۽ سختي سان ڳالهه ڪئي اها چيئرمين شپ ذهن ۾ ويٺل هجڻ سبب نه هو، آئون درويش ماڻهو آهيان، هائوس کي سٺي طريقي سان هلائڻ جي لاءِ ائين ڪيو، اسان آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪندا آهيون، جيڪڏهن ايوان ۾ قانونن جي بالادستي جي ڳالهه نه ڪنداسين ته وڏي جنگ کٽي نٿا سگهون، سينيٽ سيڪريٽري جو به ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي مدد ڪئي، ان جي ليچسليٽو برانچ خاص طور تي ربيعه ۽ انور صاحب جو وڏو ڪردار آهي، نه رڳو ايوان هلائڻ پر سينيٽ ملازمن ايڪٽ ۾ ان عرصي ۾ ايوان ساڍا چار کان پنج ڪلاڪ هلندو رهيو، سينيٽ چيئرمين فرد فرد مختلف آفيسرن جا نالا ورتا ۽ انهن جو ٿورو ادا ڪيو، سي ڊي اي اسٽاف جو به ٿورو ادا ڪيو جنهن مختصر وقت ۾ يادگار، جمهوريت ۽ دستور گلي جو ڪم مڪمل ڪيو، سينيٽ چيئرمين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ نيشنل اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو به ٿورو ادا ڪيو، هن وزيراعظم، ڪابينا جي ميمبرن جو به ٿورو ادا ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ سينيٽ ۾ بحث به ٿيو، مون ان تي رولنگ محفوظ ڪئي هئي، فرحت الله بابر ان حوالي سان رولنگ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو، ان حوالي سان مون 60 کان 70 صفحن تي رولنگ تيار ڪئي آهي، موجوده صورتحال ۾ دنيا ۾ تهذيبن جي ٽڪراءُ ۽ پاڪستان ۾ ادارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، انٽرا انسٽيٽيوشنل ڊائلاگ جي سخت ضرورت آهي، مون مناسب سمجهيو ته ان رولنگ کي به هاڻي نه ڏيان، اها رولنگ هن سينيٽ جي امانت آهي، 12 مارچ تي مون جيڪڏهن حلف ورتو ۽ ايوان ۾ هوندس ته يقيني طور تي اهو دستاويز سينيٽ جي سامهون رکندس ته شايد ڪو رستو ڇڪتاڻ کان بچڻ جو اسان جي سامهون اچي ۽ سينيٽ هر اها ڪوسش ڪئي، مون کي چيف جسٽس گهرايو، آئون ويس، چيف جسٽس جمالي هتي آيو، موجوده چيف جسٽس گهرايو آئون ويس، ان سان ڳالهه ڪئي، مثبت اڳڀرائي ٿي، اميد آهي ته ايندڙ سينيٽ چيئرمين 175 جي حوالي سان ڊائلاگ کي اڳتي وٺي هلندو ۽ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه سان رستو نڪرندو، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس پي آر، ڊي جي ايم آءِ، ڊي جي ايم او آءِ سان انهي حال ۾ کلي طريقي سان سوال جواب ٿيا، منهنجي خيال ۾ اهو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، فوج هڪ ادارو آهي جيڪو ايگزيڪيٽو جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي پر علحيدگي سان ڳالهه ان لاءِ ڪريان ٿو ته پنهنجي حقيقتن جي باعث هو اسٽيڪ هولڊر آهي، هن چيو ته اسان کي ٿوري خوداحتسابي به ڪرڻ گهرجي، ڏسڻ گهرجي ته ڇا اسان ڪا غلطي ڪئي آهي، اسان ۾ ڪا ڪوتاهي آهي، مون کي هي ڳالهه نظر ايندي آهي ته پارليامينٽ پاڻ پنهنجو اسپيس ڏنو آهي، جڏهن توهان پاڻ اسپيس ڏيندا ته قدرتي عمل آهي ته ڪو ٻيو توهان جو اسپيس وٺندو، پارليامينٽ کي ٽوڙيو ويو اسان ان کي قبول ڪيو، پارليامينٽ کي سسپينڊ (معطل) ڪيو ويو اسان ان کي قبول ڪري ورتو، پارليامينٽ کي ريوائيوو (بحال) ڪيو ويو اسان سٺن ٻارن جيئان واپس اچي وياسين ۽ چيو ته ان دور ۾ جيترا به توهان قانون پاس ڪيا آهن اسان انهن قانون کي مڃون ٿا ۽ ٺپو لڳائي ڇڏيندا آهيون، هي اسپيس اسان ڏنو، 18 هين ترميم کانسواءِ جنهن ۾ 270 اي اي تحت مشرف دور جو ڪو به قانون پارليامينٽ منظور نه ڪيو، ليگل ويڪيوم به نه پيدا ٿيڻ ڏنو، صرف ڊي ٽو ڊي افيئرز جي منظوري ڏني، اعليٰ عدليه جا فيصلا آيا ته ايترا آرڊيننس ان طرح نٿا ڏئي سگهو پر پارليامينٽ خاموش رهي، اسان آرڊيننس منظور ڪندا رهياسين،پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ دستور جي شق 89 کي ختم ڪرڻ گهرجي جنهن تحت آرڊيننس آندو ويندو آهي، سموري قانونسازي پارليامينٽ جي ذريعي ٿيڻ گهرجي، تازو ئي آرڊيننس جاري ٿيو، اسان جواب گهريو ۽ جواب نه آيو، اسان جيڪي نوان ٽرمز آف انگيجمينٽ ٺاهيا ان ۾ غير ملڪي معاهدن کي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪرڻ جي پابندي لڳائي وئي هئي پر ان تي عمل نه ٿيو، ان جي منظوري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ڏني هئي پر ڪنهن حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏنو، پارليامينٽ بالادستي جي لاءِ پارليامينٽ کي سمورا ٻاهريان معاهدا پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو قانون منظور ڪرڻ گهرجي، آرٽيڪل 69 ۽ بٺا ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي باوجود پارليامينٽ جي ڪارروائي کي اهميت نٿي ڏني وڃي، سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان تمام گهڻي ڳالهه ٿي رهي آهي، هي ڳڻتي جو سبب آهي، ان معاملي تي اسان کي ڳالهه ڪرڻي پوندي، سمورين سياسي پارٽين کي ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو ته 20 مئي 2016ع تي سينيٽ هڪ رپورٽ اڊاپٽ ڪئي هئي، هي ڪميٽي آف دي هول جي رپورٽ هئي جنهن ۾ سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ تي تفصيلي بحث کانپوءِ رپورٽ ڏني هئي ۽ هڪ طريقيڪار تجويز ڪري چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي کي موڪليو هو جنهن ۾ سمورين پارٽين جا نمائندا هئا، ان ڪميٽي سينيٽ جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو هو، اسان جو پيش ڪيل طريقيڪار بهترين نه هو پر ڊيٽرنٽ هو، تجويز ڪيو ويو ته جيڪو به ايم اين اي، ايم پي اي ووٽ جي لاءِ ويندو ان جو نالو بيلٽ پيپر تي لکيو وڃي، هو پنهنجو ووٽ وجهي ۽ جيڪڏهن پارليماني اڳواڻ کي شڪ هجي ته ڪنهن ميمبر ووٽ پارٽي فيصلي موجب ناهي ڏنو ته اليڪشن ڪميشن ان کي ووٽ ڏيکاري سگهي پر چيو ويو ته سيڪريسي آف دي بيلٽ ختم ٿي ويندي ته هاڻي ڪهڙي سيڪريسي آف بيلٽ آهي، ان طرح بند ٻڌي سگهبو هو، سمورين سياسي پارٽين ان کي رد ڪري ڇڏيو، ڊائريڪٽ اليڪشن مسئلي جو حل نه آهي، 73ع جي آئين ۾ ان شق جي پويان هڪ فلسفو هو ته سينيٽ اتحاد ۽ يڪجهتي جو نمونو هجي ۽ ڪو گروپ هي محسوس نه ڪري ته هو وفاق ۾ حصيدار نه آهي، جيڪڏهن ڊائريڪٽ اليڪشن ڪري ڇڏيون ته سينيٽ، قوم اسيمبلي جي رزلٽ جي فوٽو ڪاپي هوندي ۽ ڪجهه پارٽيون ئي هتي هونديون، هن چيو ته مون 73 رولنگز مختلف آئيني معاملن تي ڏنيون آهن، ٽن جو سڌو سنئون تعلق آهي جنهن تي اميد آهي ته مون کانپوءِ ايندڙ ڪم ڪندا، هن چيو ته ڪلاز ٿري آف آرٽيڪل 172 تي پهرين رولنگ آهي جنهن ۾ منرل، آئل ۽ نيچرل گئس تي وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ملڪيت آهي، ان رولنگ کي عملي جامو پارائڻ ايندڙ سينيٽ جو ڪم آهي، هن چيو ته سي سي آئي تي منهنجي رولنگ موجود آهي جنهن ۾ سي سي آءِ جو سيڪريٽريٽ فوري طور تي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي جيڪو بين الصوبائي رابطن جي وزارت ماتحت نه پر ڪابينا سيڪريٽريٽ جي طرز تي هجي ڇو ته فيڊرل ليجسليٽولسٽ جي پارٽي ٽو جي لاءِ ڪابينا جو متبادل سي سي آءِ آهي، سمورا فيصلا ۽ پاليسيون سي سي آءِ جي ذريعي ضروري آهن، سينيٽ کي ان سلسلي ۾ واچ ڊاگ هجڻ گهرجي، ان سان گڏ اين ايف سي جي حوالي سان مون هي به چيو ته گورنمينٽ پاليسي ٺاهي ته انٽرنيشنل ڊونرز ۽ ادارن جي وفاق جي اندروني معاملن ۾ ڪيتري مداخلت جي اجازت هوندي، ان سلسلي ۾ ٻن مهينن جو وقت ڏنو هو، اميد آهي ته ايندڙ چيئرمين ان معاملي کي ڏسندو.

سياستدانن جو فيصلو عوام ڪندو/شيرمحمد سولنگي

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عام چونڊون اچڻ واريون آهن، جنهن ۾ سياستدانن جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. ڪرڪ ۾ نيشپا تيل، گئس ۽ ايل جي پي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منصوبي سان او جي ڊي سي ايل کي سالياني 60 ارب رپين جي آمدني ٿيندي، منصوبي ۾ 42 ارب رپين جي رائلٽي ٿي چڪي آهي، اميد ته ان سان مقامي آبادي کي گئس جي فراهمي بهتر ٿيندي. سندس چوڻ هو ته تيل ۽ گئس منصوبي تي 20 ارب رپيا لاڳت آئي آهي، جڏهن ته منصوبي سان پيدا ٿيندڙ گئس جي ماليت سالياني 7 ارب رپيا آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جو بحران هو، هتي پيدا ٿيندڙ گئس جو وڏو حصو زيان ٿي رهيو هو، سڀ ڪم رُڪيل هئا پر اڄ صورتحال بهتر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 16-16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر اڄ پاڪستان اضافي بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، لائن لاسز وارن علائقن ۾ مجبورن لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو نواز شريف جو نظريو هو، جنهن کي پورو ڪري رهيا آهيون، اهي ڪم گذريل حڪومتون به ڪري پئي سگهيون پر ڪنهن به معاملن کي سڌارڻ لاءِ نه سوچيو. سندس چوڻ هو ته اڄ جيڪي فيصلا ٿي رهيا آهن، انهن جي ڪا حيثيت ناهي، عام چونڊون اچڻ واريون آهن ۽ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته اهي ترقي کي ووٽ ڏيڻ چاهيندا يا گاريون ڏيندڙن کي ووٽ ڏيندا. ان موقعي تي وزيراعظم ڪرڪ ۾ انڊس هاءِ وي جي ٻن روڊن کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هتي وومين يونيورسٽي ڪئمپس به ٺاهيو ويندو . چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار نقلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائن واري ڪيس جي ٻڌني دوران ريمارڪس ڏنا ته تڪليف واري اها ڳالهه آهي جو نقلي دوائن جي معاملي تي ڪم ناهي ٿيو هڪ ماڻهو بيمار آهي دوائون کائڻ سان ان کي شفا ٿيڻ بدران ويتر بيمار ٿي پوي ٿو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل ٽن ميمبرن واري بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌني ڪئي آءِ جي پنجاب ڪئپٽن رٽائرڊ عارف نواز خان ۽ ريجنل پوليس آفيسر بهاولپور راجا رفعت مختيار پيش ٿيا آءِ ڊي پنجاب موقف اختيار ڪيو ته آر پي او بهاولپور تي نقلي دوائن جي معاملي تي پنهنجي برادر نسبتي جي سپورٽ جو الزام غلط آهي جڏهن ته فاضل عدالت جو چوڻ هو ته اسان جي اطلاعن مطابق آر پي او پنهنجي ربرادر نسبتي جي سپورٽ ڪئي چيف جسٽس چيوت ه ڪنهن کي نقلي دوائن جي معاملي تي اثر ۽ رسوخ استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون ڏک واري اها ڳالهه آهي جو نقلي دوائن جي معاملن تي ڪم ناهي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته اسان جي چوڻ تي هڪ آفيسر فيڪٽري تي ڇاپو هنيو ۽ نيب ڪالهه ان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو لڳي ٿو ته هي ماڻهو طاقتور آهن پر هن معاملي ۾ ڪنهن کي پنهنجي طاقت استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون چيف جسٽس چيو ته ججن جو ڪنهن جي ذاتي معاملن سان ڪوبه تعلق ناهي هوندو يا پنهنجي ڀبينرن ۽ ڀائرن سان تعلق رهندو آهي الله سڀني کي پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ جي جرئت ڏي فاضل بئنچ ڊي جي جنرل ايف آءِ اي نقلي دوائن تي جاچ ڪري مفصل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌني ملتوي ڪري ڇڏي . ڇنڇر 10 مارچ 2018: سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ چئن نئين چونڊيل سينيٽرن جي ڪاميابي جو روڪيل نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سينيٽرن جي ٻٽي شهريت بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري سرور عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته هو 2013ع ۾ برطانوي شهريت ڇڏي چڪو آهي. ان تي چيف جسٽس پڇيو ته اهو ٻڌايو ته شهريت مڪمل طور تي ڇڏي آهي يا عارضي طور تي؟ چوڌري سرور جي وڪيل ٻڌايو ته برطانوي قانون مطابق شهريت ٻيهر بحال ڪري سگهجي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته اوهان گورنر ٿيڻ لاءِ عارضي طور تي برطانوي شهريت ڇڏي ڏني، اوهان کي هتي سياست ڪرڻي هئي ۽ اسٽيٽس انجواءِ ڪري وقت پورو ٿيڻ تي ٻيهر واپس وڃي شهريت بحال ڪرائڻي هئي. جسٽس ثاقب نثار چوڌري سرور کي هدايت ڪئي ته حلفيه بيان ڏيو ته اوهان هاڻي ڪڏهن به ٻيهر برطانوي شهريت بحال نه ڪرائيندا، جيڪڏهن اوهان ٻيهر برطانوي شهريت بحال ڪرائي ته اها نااهلي بڻجي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ٻٽي شهريت جو معاملو آئيني آهي، شهريت مستقل يا عارضي طور تي ڇڏي سگهجي ٿي ان تي ٻڌڻي ڪئي ويندي. چيف جسٽس پنهنجي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي ۽ گڏوگڏ ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ چوڌري سرور، هارون اختر، سعديه عباسي ۽ نذهت صادق جي ڪاميابي جو روڪيل نوٽيفڪيشن به جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پي پي سنڌ ۾ صرف اقتدار لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ نه هيلٿ ، ايجوڪيشن ، روڊ رستا ۽ صاف پاڻي جو ڪو بندوبست آهي 10  سالن ۾ ڪجهھ نه ٿيو آهي ان جي نسبت پنجاپ ۾ وڏي ترقي ٿي آهي پنجاب ۾ بجلي 22 ڪلاڪ روزانه هلي ٿي جڏهن ته سنڌ ۾ صرف 6 ڪلاڪ. سينيٽ ۾ نون ڪامياب ٿيل سنڌ سان تعلق رکندڙ سينيٽرن جن ۾ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، امام الدين شوقين، محمد علي شاھ ڄاموٽ، ڪرشنا ڪولهي، انور لعل الدين، رخسانه زبيري ۽ قرت العين مري اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون .ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نئين چونڊيل سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته اڄ اسان هت شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آيا آهيون جن جي ڪري ئي هي ملڪ ۽ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسين اڄ جيڪي ڪجهه آهيون شهيدن جي ڪري آهيون. چيئرمين سينيٽ پ پ پ جو ئي چونڊبو پ پ پ جي سينيٽ چيئرمين جي ضرورت اسان کان وڌيڪ عوام کي آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جو مدو پورو ڪندڙ ميان رضا رباني اسان لاءِ قابل عزت آهي ۽ نئين سينيٽ چيئرمين جي لاءِ جيڪو پارٽي فيصلو ڪيو اهو ئي بهتر هوندو. هن چيو ته اسانجو هر هڪ سينيٽر اعتماد ۽ با صلاحيت بهتر ڪردار رکندڙ آهي جيڪو سينيٽ چيئرمين ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽ جي بالادستي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي قابل تعريف ۽ تاريخي آهن پر اڃا به سينيٽ جي بالا دستي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هارس ٽريڊنگ متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڪا به هارس ٽريڊنگ نه ٿي آهي اهو تاثر غلط آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سيٽن کي ڏسڻ بجاءِ اسان جي نظريي کي ڏٺو وڃي. اسان قانون جي بالادستي ۾ يقين رکون ٿا ۽ ان تي ئي قائم آهيون. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون هن ملڪ لاءِ ڪيل خدمتون لازوال آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي غريب، مسڪين، هارين مزدورن جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو جنهن جي ڪري ئي غريب ورڪر اعليٰ ايوانن ۾ ويٺا آهن. هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل منشور تي عمل ڪندي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪاشف علي ٽيپو، پ پ پ جا اڳواڻ جن ۾ خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، نورالدين ابڙو، محمد امين شيخ ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود هئا. چيف جسٽس طرفان ليپ ٽاپ ۽ هيلٿ ڪارڊز اسڪيم تي شهباز شريف جي تصوير جو نوٽيس وٺڻ تي گهرو وزير احسن اقبال رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته عزت ماب چيف جسٽس صاحب پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي جاچڻ ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب جي عوام جو ڪم آهي. هن چيو ته چيف جسٽس صاحب توهان عام چونڊن کان اڳ اهڙا بيان ڪيئن ٿا ڏئي سگهو، ڇا عدليه هڪ سياسي پارٽي آهي. گهرو وزير چيو ته عمران خان ۽ آصف زرداري اهڙي قسم جا بيان ڏئي سگهن ٿا، عدليه جو سياست سٽيل هئڻ اسان جو گڏيل نقصان آهي . ايل ڊي اي ڪرپشن ڪيس ۾ خواجه سعد رفيق سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ ايل ڊي اي سٽي ۽ پيرا گون سٽي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق عدالت ۾ پيش ٿيو. سعد رفيق عدالت ۾ بيان ڏنو ته پيرا گون سٽي سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي، پيرا گون سٽي جا شيئر هولڊر منهنجا حامي ۽ ووٽر آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورو شهر چوي ٿو ته توهان پيرا گون سٽي جا مالڪ آهيو، توهان چئو ته توهان جو ڪو به تعلق ناهي. سعد رفيق چيو ته مان ڪنهن به هائوسنگ سوسائٽي جو مالڪ نه آهيان، اهي الزام ٻڌي منهنجا پچي چڪا آهن، ٻه اڍائي سالن کان منهنجو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي،  مون ۾ دنيا جون سموريون برايون ڳوليون پيون وڃن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي تقرير ڪرڻ جي ضرورت ناهي، سڌي ڳالهه ڪيو، نيب جاچ ڪري رهي آهي، عدالت وفاقي وزير کان بيان حلفي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.