وزيراعظم
شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عام چونڊون اچڻ واريون آهن، جنهن ۾ سياستدانن جو
فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. ڪرڪ ۾ نيشپا تيل، گئس ۽ ايل جي پي منصوبي جي افتتاح
کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منصوبي سان او جي ڊي سي ايل کي
سالياني 60 ارب رپين جي آمدني ٿيندي، منصوبي ۾ 42 ارب رپين جي رائلٽي ٿي چڪي آهي،
اميد ته ان سان مقامي آبادي کي گئس جي فراهمي بهتر ٿيندي. سندس چوڻ هو ته تيل ۽
گئس منصوبي تي 20 ارب رپيا لاڳت آئي آهي، جڏهن ته منصوبي سان پيدا ٿيندڙ گئس جي
ماليت سالياني 7 ارب رپيا آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ
۾ گئس ۽ بجلي جو بحران هو، هتي پيدا ٿيندڙ گئس جو وڏو حصو زيان ٿي رهيو هو، سڀ ڪم
رُڪيل هئا پر اڄ صورتحال بهتر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 16-16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي
پر اڄ پاڪستان اضافي بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، لائن لاسز وارن علائقن ۾ مجبورن
لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو نواز شريف جو نظريو هو، جنهن کي
پورو ڪري رهيا آهيون، اهي ڪم گذريل حڪومتون به ڪري پئي سگهيون پر ڪنهن به معاملن
کي سڌارڻ لاءِ نه سوچيو. سندس چوڻ هو ته اڄ جيڪي فيصلا ٿي رهيا آهن، انهن جي ڪا
حيثيت ناهي، عام چونڊون اچڻ واريون آهن ۽ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته اهي ترقي کي
ووٽ ڏيڻ چاهيندا يا گاريون ڏيندڙن کي ووٽ ڏيندا. ان موقعي تي وزيراعظم ڪرڪ ۾ انڊس
هاءِ وي جي ٻن روڊن کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هتي وومين يونيورسٽي ڪئمپس
به ٺاهيو ويندو . چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار نقلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائن
واري ڪيس جي ٻڌني دوران ريمارڪس ڏنا ته تڪليف واري اها ڳالهه آهي جو نقلي دوائن جي
معاملي تي ڪم ناهي ٿيو هڪ ماڻهو بيمار آهي دوائون کائڻ سان ان کي شفا ٿيڻ بدران
ويتر بيمار ٿي پوي ٿو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالحسن ۽
جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل ٽن ميمبرن واري بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪيس جي
ٻڌني ڪئي آءِ جي پنجاب ڪئپٽن رٽائرڊ عارف نواز خان ۽ ريجنل پوليس آفيسر بهاولپور
راجا رفعت مختيار پيش ٿيا آءِ ڊي پنجاب موقف اختيار ڪيو ته آر پي او بهاولپور تي
نقلي دوائن جي معاملي تي پنهنجي برادر نسبتي جي سپورٽ جو الزام غلط آهي جڏهن ته
فاضل عدالت جو چوڻ هو ته اسان جي اطلاعن مطابق آر پي او پنهنجي ربرادر نسبتي جي
سپورٽ ڪئي چيف جسٽس چيوت ه ڪنهن کي نقلي دوائن جي معاملي تي اثر ۽ رسوخ استعمال
ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون ڏک واري اها ڳالهه آهي جو نقلي دوائن جي معاملن تي ڪم
ناهي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته اسان جي چوڻ تي هڪ آفيسر فيڪٽري تي ڇاپو هنيو ۽ نيب
ڪالهه ان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو لڳي ٿو ته هي ماڻهو طاقتور آهن پر هن معاملي ۾
ڪنهن کي پنهنجي طاقت استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيئي سگهون چيف جسٽس چيو ته ججن جو
ڪنهن جي ذاتي معاملن سان ڪوبه تعلق ناهي هوندو يا پنهنجي ڀبينرن ۽ ڀائرن سان تعلق
رهندو آهي الله سڀني کي پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ جي جرئت ڏي فاضل بئنچ ڊي جي جنرل ايف
آءِ اي نقلي دوائن تي جاچ ڪري مفصل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌني ملتوي ڪري
ڇڏي . ڇنڇر 10 مارچ 2018: سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ چئن نئين چونڊيل
سينيٽرن جي ڪاميابي جو روڪيل نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سينيٽرن جي ٻٽي شهريت بابت ورتل
پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري سرور
عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته هو 2013ع ۾ برطانوي شهريت ڇڏي چڪو آهي. ان تي چيف جسٽس
پڇيو ته اهو ٻڌايو ته شهريت مڪمل طور تي ڇڏي آهي يا عارضي طور تي؟ چوڌري سرور جي
وڪيل ٻڌايو ته برطانوي قانون مطابق شهريت ٻيهر بحال ڪري سگهجي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس
ڏنا ته لڳي ٿو ته اوهان گورنر ٿيڻ لاءِ عارضي طور تي برطانوي شهريت ڇڏي ڏني، اوهان
کي هتي سياست ڪرڻي هئي ۽ اسٽيٽس انجواءِ ڪري وقت پورو ٿيڻ تي ٻيهر واپس وڃي شهريت
بحال ڪرائڻي هئي. جسٽس ثاقب نثار چوڌري سرور کي هدايت ڪئي ته حلفيه بيان ڏيو ته
اوهان هاڻي ڪڏهن به ٻيهر برطانوي شهريت بحال نه ڪرائيندا، جيڪڏهن اوهان ٻيهر
برطانوي شهريت بحال ڪرائي ته اها نااهلي بڻجي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ٻٽي
شهريت جو معاملو آئيني آهي، شهريت مستقل يا عارضي طور تي ڇڏي سگهجي ٿي ان تي ٻڌڻي
ڪئي ويندي. چيف جسٽس پنهنجي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني لارجر بئنچ جوڙي
ڇڏي ۽ گڏوگڏ ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ چوڌري سرور، هارون اختر، سعديه عباسي ۽ نذهت
صادق جي ڪاميابي جو روڪيل نوٽيفڪيشن به جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پي پي
سنڌ ۾ صرف اقتدار لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ نه هيلٿ ، ايجوڪيشن ، روڊ
رستا ۽ صاف پاڻي جو ڪو بندوبست آهي 10 سالن ۾ ڪجهھ نه ٿيو آهي ان جي نسبت پنجاپ ۾ وڏي ترقي ٿي
آهي پنجاب ۾ بجلي 22 ڪلاڪ روزانه هلي ٿي جڏهن ته سنڌ ۾ صرف 6 ڪلاڪ. سينيٽ
۾ نون ڪامياب ٿيل سنڌ سان تعلق رکندڙ سينيٽرن جن ۾ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، امام الدين
شوقين، محمد علي شاھ ڄاموٽ، ڪرشنا ڪولهي، انور لعل الدين،
رخسانه زبيري ۽ قرت العين مري اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،
شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت
ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون
.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نئين چونڊيل سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته
اڄ اسان هت شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آيا آهيون جن جي ڪري ئي هي ملڪ ۽ جمهوريت
مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسين اڄ جيڪي ڪجهه آهيون شهيدن جي ڪري آهيون. چيئرمين
سينيٽ پ پ پ جو ئي چونڊبو پ پ پ جي سينيٽ چيئرمين جي ضرورت اسان کان وڌيڪ عوام کي
آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جو مدو پورو ڪندڙ ميان رضا رباني اسان لاءِ قابل عزت
آهي ۽ نئين سينيٽ چيئرمين جي لاءِ جيڪو پارٽي فيصلو ڪيو اهو ئي بهتر هوندو. هن چيو
ته اسانجو هر هڪ سينيٽر اعتماد ۽ با صلاحيت بهتر ڪردار رکندڙ آهي جيڪو سينيٽ
چيئرمين ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽ جي بالادستي
لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي قابل تعريف ۽ تاريخي آهن پر اڃا به سينيٽ جي بالا دستي
لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هارس ٽريڊنگ متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته
سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڪا به هارس ٽريڊنگ نه ٿي آهي اهو تاثر غلط آهي. هن وڌيڪ چيو ته
اسان جي سيٽن کي ڏسڻ بجاءِ اسان جي نظريي کي ڏٺو وڃي. اسان قانون جي بالادستي ۾
يقين رکون ٿا ۽ ان تي ئي قائم آهيون. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون هن
ملڪ لاءِ ڪيل خدمتون لازوال آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ ۽ جمهوريت کي مضبوط
ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي غريب، مسڪين، هارين مزدورن جي ڀلائي
لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙيو جنهن جي ڪري ئي غريب ورڪر اعليٰ ايوانن ۾ ويٺا آهن. هن
چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل منشور تي عمل
ڪندي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر
لاڙڪاڻو ڪاشف علي ٽيپو، پ پ پ جا اڳواڻ جن ۾ خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، نورالدين
ابڙو، محمد امين شيخ ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود هئا. چيف جسٽس طرفان ليپ ٽاپ ۽ هيلٿ
ڪارڊز اسڪيم تي شهباز شريف جي تصوير جو نوٽيس وٺڻ تي گهرو وزير
احسن اقبال رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي وفاقي گهرو وزير
احسن اقبال چيو ته عزت ماب چيف جسٽس صاحب پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي جاچڻ ايندڙ
چونڊن ۾ پنجاب جي عوام جو ڪم آهي. هن چيو ته چيف جسٽس صاحب توهان عام چونڊن کان اڳ
اهڙا بيان ڪيئن ٿا ڏئي سگهو، ڇا عدليه هڪ سياسي پارٽي آهي. گهرو وزير چيو ته عمران
خان ۽ آصف زرداري اهڙي قسم جا بيان ڏئي سگهن ٿا، عدليه جو سياست سٽيل هئڻ اسان جو
گڏيل نقصان آهي . ايل ڊي اي ڪرپشن ڪيس ۾ خواجه سعد رفيق سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي
الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ ايل ڊي اي سٽي ۽ پيرا گون سٽي
بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق عدالت ۾ پيش
ٿيو. سعد رفيق عدالت ۾ بيان ڏنو ته پيرا گون سٽي سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي، پيرا
گون سٽي جا شيئر هولڊر منهنجا حامي ۽ ووٽر آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته
سمورو شهر چوي ٿو ته توهان پيرا گون سٽي جا مالڪ آهيو، توهان چئو ته توهان جو ڪو
به تعلق ناهي. سعد رفيق چيو ته مان ڪنهن به هائوسنگ سوسائٽي جو مالڪ نه آهيان، اهي
الزام ٻڌي منهنجا پچي چڪا آهن، ٻه اڍائي سالن کان منهنجو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، مون ۾ دنيا جون سموريون
برايون ڳوليون پيون وڃن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي تقرير ڪرڻ جي ضرورت
ناهي، سڌي ڳالهه ڪيو، نيب جاچ ڪري رهي آهي، عدالت وفاقي وزير کان بيان حلفي طلب
ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment