اڄ جو نوجوان ۽ اسان جو سماج/ اعتزاز احمد چانگ



ڪنهن به قوم جو نوجوان طبقو انهي قوم جي وڏي طاقت هوندو آھي, اهو نوجوان طبقو اگر چاهي ته پنهنجي جدوجهد, علمي شعور ذريعي ۽ پنهنجي غلامانا سوچ کان اڳتي نڪري سندس قوم جي تقدير بدلائي سگهي ٿو,نوجوان طبقو قوم يا ملڪ اندر انهي پيادي جو ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن کان سواء وڏي ۾ وڏي فوج به ميدان جنگ ۾ ناڪارا هوندي آھي يا سطرنج ۾ به اهو پيادو ئي هوندو آھي جيڪو اڳتي هلي وزير به بڻجي سگهي ٿو. پر ان لاء اڄ جي نوجوان ۾ ليڊرشپ ڪوالٽي جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آھي, ۽ اھا تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن نوجوانن ۾ تعليمي رجهان ۽ تناسب وڌ کان وڌ ھجي.پاڪستان  جو ڳاڻيٽو دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن جي آبادي جو گهڻو حصو نوجوان طبقي تي ٻڌل آھي, ھن وقت اسان جي ڪُل آبادي جو تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو نوجوانن جو آھي, اهڙو زبردست تناسب برطانيا جهڙا ترقي يافته ملڪ به نٿا رکن, پر انهي ڪُل نوجوان طبقي منجهان تقريبن 25 سيڪڙو اهڙا آھن جن کي لکڻ ۽ پڙھڻ نٿو اچي,ان جا سبب ته صرف ماهرين ٻڌائي سگهن ٿا پر اهڙو انگ يقينن اسان جي قومي سالميت تي گهرا اثر ڇڏي ٿو. ڇاڪاڻ ته قومي بقا ۾ تعليم هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي, انهي ڳالھ کي نظر ۾ رکندي ئي تموچن جهڙي خانه بدوش,وحشي ۽ اڻ پڙهيل ماڻھو (جنهن کي اڄ دنيا چنگيز خان جي نالي سان سڃاڻي) پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاء استادن جو بندوبست ڪيو, ۽ سندس موت کانپوء پُٽ اوغدائي خان تخت تي ويهندي ئي پندرهن لک چيني قيدي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ منگول قوم (اڄوڪي مغل قوم) جي ٻارن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاء باقائده اسڪول کولرايا, اهو ئي سبب آھي جو اها خانه بدوش قوم جيڪا تيرهين صدي جي وحشي قوم سمجهي ويندي هئي سا اڳتي هلي هڪ با شعور قوم بڻجي وئي. تاريخ اهڙن انيڪ واقعن سان ڀري پئي آھي, پر انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اسان جي صورتحال ٿوري مختلف نظر اچي ٿي.اسان جو مثال انهي ھاٿي وانگر آھي جيڪو اهڙي رسي سان ٻڌل آھي جنهن کي هو اگر چاهي ته هڪ ئي جهٽڪي سان ٽوڙي سگهي ٿو, پر هو ائين نٿو ڪري, ان جو سبب هي آھي ته اهو هاٿي تڏھن کان وٺي رسي سان ٻڌو وڃي ٿو جڏھن ھو انهي رسي کي ٽوڙڻ جي طاقت نه پيو رکي, انهي عمر ۾ ڪجھ وقت تائين اهو هاٿي انهي رسي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو پر پوء جڏھن هُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته اها رسي ٽوڙڻ سندس وس جي ڳالھ نه آھي ته پوء ھو ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو, پر جڏھن هو انهي رسي کي ٽوڙڻ جي قابل ٿي وڃي ٿو تڏھن به اهو انهي ٻالڪپڻ واري ڳالھ کي ذھن ۾ رکندي ته اها رسي ٽوڙڻ سندس وس کان  ٻاھر آھي ته ھو انهي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري, اسان جو اڄ جو نوجوان به اهڙي ئي ذھني غلامي جي انڌيري قيد ۾ جڪڙيل آھي جنهن ۾ هو اهڙي ئي عمر ۾ اڇلايو ويو هو جڏھن هو انهي منجهان نڪرڻ جو حوصلو نه پيو رکي,پر اڄ جڏھن هو اها طاقت رکي ٿو ته هو انهي قيد مان نڪري اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ پنهنجو مستقبل بدلائي سگهي ٿو پر هو ائين نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اڄ به هو انهي ٻالڪپڻ واري ڳالھ کي ذھن ۾ رکندي بنا ڪنهن جدوجهد جي ۽ بنا ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جي فقط زندگي جا ڏينهن گهاريندو وڃي ٿو. هو اهيا ڳالھ نٿو سمجهي ته جنهن ماڻھو منجھ اڪيلي هلڻ جا حوصلا هوندا آھن هڪ ڏينهن انهن پٺيان ئي قافلا هلندا آھن.اسان وٽ ڏينهون ڏينهن سماجي برائين ۾ واڌ اچي ٿي, اهو ڪجھ حد تائين بيروزگاري ۾ واڌ جي ڪري به ٿيو آهي, ڇاڪاڻ ته بيروزگاري ڪيترن ئي سماجي برائين کي جنم ڏئي ٿي. هڪ نوجوان جيڪو ان لاء محنت ڪري ٿو ته پنهنجو مستقبل بهتر کان بهتر بڻائي سگهي, پر بيروزگاري جي وڌندڙ شرح سبب هو ائين نٿو ڪري سگهي, انهي ذھني دٻاءُ ۾ اچي ڪري هو سماج کان باغي ٿي وڃي ٿو ۽ مختلف قسم جون سماجي برايون ڪندو رهي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن اهو ذھني دٻاءُ ان حد تائين وڌي وڃي ٿو جو هو مرڻ ۽ مارڻ لاء به هر وقت تيار رهي ٿو, خودڪشي ۽ قتل جهڙا ڏوھ ڪرڻ کان به باز نٿو اچي.اڄ اسان اهڙي پهاڙي تي بيٺا آھيون جتان هڪڙي راه باھ طرف وڃي ٿي ۽ ٻي سمنڊ طرف, فيصلو اسان کي ڪرڻو آھي ته اسين ڪهڙي راھ اپنايون ٿا, يقينن اسان کي اھا راھ اپنائڻ گهرجي جنهن ۾ اسان جي بقا جو گهڻي ڀاڱي چانس هجي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان جي قومي ۽ انفرادي بقا يقينن تعليم ۾ آھي, والدين کي گهرجي ته پنهنجو قومي فرض سمجهندي ٻارن کي وڌ ۾ وڌ تعليم ڏيارن ۽ پنهنجي قوم جي نوجوان طبقي ۾ شعور پيدا ڪن ته جئين سماجي برائين کان بچي سگهجي...

No comments:

Post a Comment