وحشيت ۽ دهشت جي ڪري سنڌ هر وقت رت رني آھي جنهن ۾ جيجل جي جهولي خالي ٿيندي ڏٺي ڀينرن کان معصوم ڀائر جدا ٿيندي ڏٺا پوڙهائپ جو سهارو کسيو وڃي ٿو
لخت جگرن کي بلاجواز شھادتون نصيب ٿين
ٿيون ته ڪنهن وقت وري ٻاتڙيون ٻوليون ٻوليندڙ يتيم ٿيو وڃن اهو صرف امن امان قائم
نه هجڻ ۽ قانون ۾ فرق هئڻ ڪري آھي امير لاء الڳ قانون ته غريب لاء قانون ٻيو ۽ بي
لاڀ آھي, شھر ھجي يا ٻھراڙي جيڪي
لاقانونيت جي ور چڙھيل آھن جنهن
سبب خونريزي ۽ وهشيت جون مختلف وارڌاتون ٿين ٿيون ۽ ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته سنڌ ۾ قتل او غارت جا واقعا هر روز جو
معمول بڻيل آھن اوليائن جي ڌرتي ۾ رت جي راند وارو عمل ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان
جاري ۽ ساري آھي ڪڏھن عورت مٿان تهمت مڙھي بي
رحمي سان ماريو وڃي ٿو ته ڪڏھن وري مرد ملڪتين ۽ غيرت جي نالي تي جهيڙا ڪري رت جي
راند کيڏن ٿا پر هن وقت ڏٺو وڃي ته ھاڻي
وري گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جيڪي ٽارين وانگي ٽڙيل ۽ خشبودار مهڪندڙ گل ٿين ٿا ته بي
رحم سماج جا بي رحم ماڻھون نئين ڦٽندڙ گلاب جي گلن کي مروڙڻ جو سلسلو به شروع ڪري
ڇڏيو مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتن ۽ شھادتن جون خبرون پڙھڻ لاء
اخبارن ۾ ملن ٿيون جنهن ۾ نواب شاھ ۾ پيش ايندڙ ڪجھ ڏينهن اندر معصوم ٻارڙن سان
ٿيل وحشيت دل کي جهير ڏيندڙ واقعا نظرن اڳيان گذرن ٿا, صيحت کاتي جي بي ڌياني سبب
مدي خارج ويڪسين لڳڻ سان چئن ٻارڙن جون زندگيون اصل لاء خارج ٿي ويون, لانڍي اسڪول
جي وحشي صفت پٽيوالي تيرهن سالن جي شاگرد احسان مري سان بدفعلي ڪري انسانيت جا سڀ
ليڪا لتاڙي ڪڌو ڪم ڪيو انکان علاوه ستين ڪلاس جي شاگرد نينگر سجاد خانزادي سان
ظالم ۽ شيطان صفت عنصرن طرفان ذيادتي
ڪئي وئي اڃان اهي ساڳيا زخم ۽ ويڻ ڇٽا
ئي نه آھن ته بي ضمير ماڻھن پاران ڪيل وحشيت جون ڪريل حرڪتون اڃان وسريون ئي نه آھن ته مٿان وري هڪ گلاب جو گل مرجهائجي ويو جنهن کي دروازو کڙڪائي ٻاهر گهرايو
ويو جنهن بعد دماغي گولي لڳڻ سبب مالڪ حقيقي سان وڃي مليو ۽ والدين جي اميدن جو ٻرندڙ ڏيئو اجهامجي ويو پورهيت پيءُ ٽرڪ
ڊرائيور جون تمنائون آسون باسون
سڀ هڪ گولي جون کاڄ بڻجي ويون جيجل جي جهولي خالي ٿي وئي سڪ پيار پاٻوھ ۽ مٺين
لولين جي ڇانو ۾ پلجندڙ جگر جو ٽڪرو جنت جهڙي ماءُ ۽ پريت سان پاليندڙ پيءُ جي
اکين ۾ وهندڙ ڳوڙھن جي ڦڙي ڦڙي ۾ سمائجي دردن جي دنيا بڻجي ويو, گولي جو کاڄ
بڻجندڙ پنجن ورهين جو بي قصور معصوم ٻالڪ شير محمد سيال جو آخر ڏوھ ڪهڙو هيو جو هن
کي پوپٽ وانگي پل ۾ اڏاري بيدردي سان قتل ڪيو ويو, اهڙا ڪيترائي واقعا سنڌ ۾ رونما
ٿيندا رهن ٿا پر هنن اڻ مدائتن وڇوڙن تي انسانيت جو ڪنڌ شرم جهڪي ويو زمين رُني هوندي آسمان ۾ لرزاهٽ پيدا ٿيندو هوندو پر پوء به اهڙا ظالم کل خوشي, آڪڙ ۽ من مستين ۾ وتن ٿا گهمندا
ڦرندا جن کي نه لهر نه لوڏو, ها ڳڻتي هجي به ڪهڙي, ڇو ته هو جاگيردارن ۽سرمائيدارن
جا ڪمندار ڪاروا يا ته هنن جي ٽڪرن تي سندس اوطاقن ۾ پلجندا آھن سنڌ ۾ته قانون
نالي ڪاشئي ئي نه آھي جو ڪنهن سان صحيح نموني ۾ انصاف ٿيو هجي, ڇو ته هتان جو امن پکي عدل سميت اڏامي ويو توڻي جو نوابشاھ ۾اعلي
آفيسرن, عملدارن وزيرن مشيرن جو اباڻو گهر به آھي اسمبلي ۽ ايوانن ۾ ويٺل ڪامورا
سواء نڊن جي ڪرڻ ۽ ڊارڙن هڻڻ ۾ پورا آھن هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته اهي شھيدشاگرد ۽ زيادتين جو شڪار ٿيل معصوم ٻارڙن جي والدين جا وهندڙ رتاوان ڳوڙھا
ڪهڙي نموني سان اگهن ٿا
عدالتن ۾ هلندڙ ڪيس ۽ احتساب جي ڳالهه ...!!/غلام مصطفيٰ جمالي
پاڪستان جي عدالتي نظام کان وڏي ۾ وڏي شڪايت
اها آهي جو پاڪستان ۾ هلندڙ عدالتي ڪيس ڪيترائي سال گذري وڃڻ باجود به حل ناهي ٿي
سگهندا.ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان اندر هلندڙ عدالتي ڪيس جي 15کان 20سال
به لڳي ويندا آهن پر ڪيس حل ناهن ٿي سگهندا،ان حوالي سان پاڪستان سپريم ڪورٽ جي
ادراي “ لا اينڊ جسٽس ڪمِيشن پاڪستان”“ايل اينڊ جي سي پي”جي سيڪٽري ڊاڪٽر رحيم
اعوان پاران ڳالهه ڪئي وئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هن وقت سمورو الزام عدالتن جي مٿان
لڳي رهيو آهي پر ڪير به اهو نه ٿو ڏسي ته عدالت جي مٿان بار ڪيترو آهي ۽ عدالتون خد
ڪيتري دٻاءُ ۾ آهن.ان اهو به چيو ته اوهان پاڪستان جي ڪنهن ننڍي سطح تي ڪورٽ جو
جائزو وٺو ته اوهانکي اندازو لڳي ويندو اوهان انهي ننڍي ڪورٽ جو رڪارڊ چيڪ ڪندا ته
اوهان کي 100کان 150 ڪيس اهڙا ملندا جن کي روزاني چيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ انهي ڪيسن
جو جائزو ورتو ويندو آهي.ڇا اوهانجي نظر ۾ هڪڙي ڏينهن اندر 100يان 150ڪيس ٻڌڻ يا
انهي ڪيسن خلاف ڪاروائي ڪرڻ انهي جج لاءِ ڪيترو مشڪل هوندو اوهان سمورن ڪيسن جا
تعداد گڏ ڪيو ۽ پوءِ وقت جواندازو ڪيو ته اوهانکي خبر پئجي ويندي ته انهي ننڍڙي عدالت جي جج
وٽ هڪ منٽ کان به مٿي جو وقت نه هوندو انهي ڪيسن کي ڏسڻ لاءِ..ڇا اهڙي حالتن اندر
اهو جج ساهه کڻي سگهندو.هن وقت(ايل اينڊ جي سي پي) جي رپورٽ مطابق پاڪستان اندر
پاڪستان جي سموري عدالتن جن ۾ سپريم ڪورٽ،هاءِ ڪورٽ،شريعت ڪورٽ،ضلعي ڪورٽ هي اهي
ڪورٽون آهن جن ۾ هن وقت 18لک کان وڌيڪ ڪيس هلي رهيا آهن جڏهن ته جنوري 2018ع جي
انگ اکرن موجب سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 38000ڪيس هلي رهيا آهن جنهن جو اڃان فيصلو ٿيڻ
وارو آهي ٻئي طرف لاهور جي هاءِ ڪورٽ ۾ هن وقت جيڪي موجوده ڪيس آهن انهن جي تعداد
150000کان مٿي جي آهي ۽ ٻئي نمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ آهن جن ۾ هلندڙ ڪيسن جي تعداد
94000آهي انکان اعلاوا پشارو هاءِ ڪورٽ اندر هلندڙ ڪيسن جي تعداد 30000آهي جڏهن ته
بلوچستان هاءِ ڪورٽ اندر هلندڙ ڪيسن جي تعداد 6000آهي جن جو فيصلو باقي آهي انکان
اعلاوا اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ اندر 16000ڪيس آهن جن جو به فيصلو اڃان باقي آهي ۽
انکان علاوا پوري پاڪستان جي ضلعي توڙي تعلقي سطح جي عدالتن جي ڪيسن جي ڄاڻ وٺجي
ته اتي به ڪيسن جي تمام گهڻي تعداد آهي جيڪي ڪيس عدالتن اندر هلندڙ آهن جن جا
فيصلا اڃان باقي آهن..؟.اها ڳالهه به درست آهي ته پاڪستان اندر عدليه جي ڪارڪردگي
عوام جي سوچ جي مطابق ناهي آئي.ڪيترائي ڪيس ڪيترن ئي سالن کان وٺي هلندڙ آهن جيڪي
حل ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.جڏهن جو مثال اهو کڻي ڏيو ته ڏاڏي ڪيس ڪرايو ته فيصلو
سندس پڙپوٽي کي ٻڌايو ويندو آهي.مطلب ته عدالت اندر ڪيس داخل سڀ ڪجهه وساري ڇڏڻ
آهي. تاريخ تي
تاريخ جو هڪ نه کٽڻ وارو سلسلو...ماڻهو ڪيس ته داخل ڪندا آهن پر انصاف جي اوسيڙي ۾
ويٺي ويٺي کين سال لڳي ويندا آهن.۽ عدالتن اندر اهڙي ڪا حڪمت عملي
ناهي جنهن سان اهي ڪيس جلد کان جلد حل ٿي سگهن.هي صرف هن ملڪ جي ڳالهه ناهي
اوهانکي ياد هوندو ته ڪجهه وقت پهرين ڀارت جو چيف جسٽس وزيراعظم جي اڳيان روئي
ويٺو هو جنهن جا وهندڙ لڙڪ عالمي سطح جو مرڪز بڻيا هئا.اهو به اها ئي حيقيقت
ٻڌائيندي روئي ويٺو هو ته هن وقت ڀارت اندر جهڙي طرف جا ڪيس هلندڙ آهن انهن مان
اهوئي لڳي پيو ته اهي ڪيس ايندڙ ڏهه سالن ۾ ئي حل نه ٿي سگهندا.جنهن ڪري فوري طور
ڀارت جي عدالتن اندر ججن جي مقرري جي لاءِ ججن جي ٻيڻي گهر ڪئي.ته جيئن انهن ڪيسن
کي جلد کان جلد حل ڪري سگهجي..! پاڪستان اندر انهي جي ڀيٽ ۾ صورتحال ئي ٻئي
آهي.ڀارت اندر ججن جي مقرري لاءِ ججن جي تعداد کي ٻيڙو ڪرڻ جي درخواست ڪئي پئي وڃي
۽ پاڪستان اندر اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان اندر اهڙا قابل جج موجود ئي ناهن جن جي
مقرري ڪئي وڃي..! اها هڪ واضع حيقيت آهي ته پاڪستان اندر ٽيلنٽ جي ڪا ڪمي
ناهي. چيف جسٽس
جيڪڏهن دروازا کولي ڇڏي ته کيس ٽيلنلٽ خد به خد ملي ويندو.انهي ڪري اهو به چئي
سگهجي ٿو ته عدالت پنهنجو به احتساب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي...ڳالهه احتساب جي هلي آهي
ته اها به ڳالهه ڪندو هلان ته هن ڪري هن وقت جيڪو حڪمرانن جو احستاب وارو معاملو هلي رهيو آهي انهي جو به ڇا احتساب ٿيندو يا نه.؟پر انهي احتساب کي
ملڪي حڪمران انتقام جو نالو ڏئي رهيا آهن اپوزيشن ملڪي مفاد قرار ڏئي رهيا
آهن.ميان نواز شريف سمجهي ٿو ته ڪجهه سياسي حلقا سندس احتساب جي آڙ ۾ شريف خاندان
جي پاڪستاني سياست مان هميشه جي لاءِ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن..جڏهن آصف علي
زرداري جو اهو خيال آهي ته احتساب جي آڙ اندر ڀٽو ازم کي هيمشه لاءِ دفن ڪرڻ جي
ڪوشش ٿي رهي آهي.ٻئي طرف عمران خان جو اهو گمان آهي ته جيڪڏهن ميان صاحب ۽ ڀٽو
فيڪٽريز احتساب جي شڪنجي ۾ ڦاسي ٿا پون ته کيس وزيراعظم ٿيڻ کان ڪير
به روڪي نه ٿو سگهي.جڏهن ته انهي متل ٻڙدڪ ۾ ڪجهه ننڍيون ننڍيون سياسي جماعتون
ٻيون به آهن ۽ ملڪ اندر ملڪي پسئو ٻاهر لٽايو پيو وڃي.جيڪو آف شوز ڪيمپين جي صورت
۾ سڀني جي سامهون آهي.انهي ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستاني عوام جو پئسو جيڪو
ٻاهر خرچ ٿي رهيو آهي جيڪڏهن انهي پسئي جو چوٿون حصو به ملڪي عوام تي خرچ ڪيو وڃي
ته ڪجهه سالن اندر مان مان غربت جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.ڏٺو وڃي ته ملڪ جي هن وقت
70ارب رپين جو قرضو آهي ۽ پاڪستاني پيئسو 200ارب کان مٿي جو آهي انهي ڪري اها سوچڻ
جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن انهي پسئي جو چوٿون حصو پاڪستان اچي ته پاڪستان تان سندس
قرض به لهي سگهي ٿو.پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهن جڏهن ملڪ اندر ڪرپشن ڪندڙ خلاف احتساب
ڪيو وڃي ۽ احتساب به اهڙو ڪيو وڃي جنهن اندر ڪنهن مظلوم سان ظلم نه ٿي ۽ ڪنهن جابر
کي انصاف نه ملي.؟ان ڪري هن وقت پاڪستان جي عوام کي عدالت جي محفوط ڪيل فيصلي مان وڏيون اميدون آهن.ته عدالت انهي معاملي اندر
ڪو ڪردار ادا ڪري جيئن ملڪ ۽ ملڪي قوم جي حقن جو جائز استعمال ٿي سگهي.
چونڊڪو ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو..!!درياءُ خان جهتيال / دادوc
سنڌ ۾ ''ناروا سلوڪ'' جا واقعا روزاني وڌندا پيا وڃن، ڪڏهن ڪنهن
''بااثر'' جي چوڻ تي ڪنهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي تہ ڪڏهن وري ڪنهن غريب جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويندو آهي، ان ۾ بہ گهڻي قدر بااثر ماڻهو ئي ملوث هوندا آهن جن کي روڪڻ لاءِ پوليس وٽ
ڪمزوري جو سرٽيفڪيٽ اڳواٽ ئي موجود هوندو آهي، پوليس وٽ ڪمزوري جو پڪو سرٽيفڪيٽ
هجڻ ڪري ڪيترائي واقعا جنم وٺن ٿا، ماڻهن سان ناروا سلوڪ ڪيو وڃي، اهڙن واقعن مان
چونڊڪو شهر جو واقعو بہ هڪ آهي، گذريل جمعي واري رات خيرپور ميرس شهر کان چونڊڪو واپس ايندڙ
نرسنگ جي شاگرد ذوافقار علي ڀنڀرو کي جوابدارن اغوا بعد تشدد ڪر مُنهن تي ڪارنهن
ملي پادرن جا هار ڳچي ۾ وجهي سرڪس ڪرائي ڦوٽو ڪڍيا،اهو واقعو سورواهہ ٿاڻي جي حد ۾ چونڊڪو ڀرسان کڏن وٽان ٿيو، ڏسو تہ ڪيڏو نہ الميو آهي جو هڪ ميڊيڪل جي شاگرد کي جوابدارن ڪهڙي ڏوهہ جي سزا ڏني؟ قانون جي ابتڙ هلندڙ اهي ماڻهو قانون کان واقف ناهن يا
اهڙن ماڻهن کان قانون جو خوف نڪري ويو آهي؟ هي سنڌ آهي جتي اهڙا واقعا جنم وٺي
رهيا آهن جنهن سان نہ رڳو ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿئي ٿي پر قانون تان بہ ارواهہ کڄي وڃي ٿو، هڪ شهر کان ٻئي شهر ايندڙ شاگرد جي اهڙي تذليل؟ ڪهڙي
ڏوهہ ۾؟ ڪنهن جي اجازت سان؟ الميو هي بہ آهي تہ جڏهن شاگرد سان اهڙو ظلم ڪيو ويو تہ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبرون هليون جنهن بعد خيرپور جي ايس ايس پي
نوٽيس بہ ورتو پر وري جوابدار ٿاڻي تي گهرائي لاڪ اپ ڪيا ويا، ان واقعي جو 6
ڄڻ خلاف ڪيس بہ داخل ٿيو آهي، بر وقت جوابدارن کي ٿاڻي تي گهرائي ڪيس داخل ڪرڻ عمل
سٺو آهي، پر جيڪي پوليس جي سڏ تي اچي ٿاڻي تي نڪتا سو بہ ايڏو وڏو واقعو ڪرڻ باوجود؟ ڳالهہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ انسانيت کان ڪريل ڪم ڪندڙ اهي ڪهڙي قسم جا انسان آهن؟ انهن جي دماغ
۾ ڪهڙو نفرتن جو باغ آهي جيڪي پنهنجي اهڙي عمل سان ان باغ کي پاڻي ڏئي رهيا آهن،
ان واقعي بابت چونڊڪو جي ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ترہ نوجوان کي ڪارنهن جي الزام هيٺ پڪڙي تذليل جو نشانو بڻايو ويو آهي،
جنهن ۾ هڪ ڇوڪري تي بہ تشدد ڪيو ويو آهي، پر ڳالهہ اتي ختم نٿي ٿئي ڇو جو ڳالهہ انسانيت کي لڄائڻ جي آهي، جيڪو واقعو ٿيو آهي ان واقعي کي ڪارنهن جي
''ڇاپ'' هڻي ختم نٿو ڪري سگهجي، هي واقعو انسانيت سان راند جو واقعو آهي، سنڌ ۾
اهڙن واقعن کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان نفرت جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي،
خيرپور ميرس مڪاليج جي شاگر جي ٿيل تذليل جي جوابدارن کي صرف ڪيس داخل ٿيڻ جي سزا
نہ پر جيل جي هوا کائڻ جي ۽ اسانيت سان کيڏڻ جي بہ سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ ۾ اهڙا واقعا نفرتن کي جنم ڏين ٿا، اهڙا واقعا
ڪارنهنپ جي الزام ۾ لڪايا وڃن ٿا، جنهن ۾ پوليس جو خاموش ڪردار سوچڻ تي مجبور ڪري
ٿو، ڪٿي امن پسند سنڌ کي نظر تہ لڳي وئي آهي، پر جيڪي قانون، قانون ڪندي نٿا ٿڪجن انهن کي ڪير تہ سمجهائي تہ سنڌ جي ماڻهن جو بچاءُ اوهان وٽ آهي، نوجوانن جي تذليل ڪرڻ ڪا عام
ڳالهہ ناهي، اهو واقعو پوليس جي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿو، خيرپور ضلعي جي
پوليس جي حدن ۾ روزاني ڏوهن جو وڌڻ گهڻو ڪجهہ ٻڌائي ٿو، اهڙن واقعن کي روڪڻ بہ جيڪڏهن علائقي جي پوليس اڳيان نہ ايندي تہ اهڙا انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙ جوابدار پنهنجون ڪاروايون ڪندا رهندا
۽ پوليس ڪمزوري جو سرٽيفڪيٽ پاڻ سان گڏ وتندي، سنڌ ۾ اهڙن واقعن جو وڌڻ انتهائي
ڳڻتي وارو بڻجي ويو آهي، هڪ نوجوان جي اهڙي تذليل پوري سنڌ جي نوجوانن ۾ مايوسي
پکيڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير،
گهرو کاتي جي وزير، آءِ جي سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن، نوجوانن جي حقن بابت ڪم
ڪندڙ ادارن جي اڳواڻن ۽ ٻين قانون جي اعليٰ علمدارن کي اپيل آهي تہ خيرپور ميرس ميڊيڪل ڪاليج جي نرسنگ جي شعبي جي شاگرد ذوالفقار علي
ڀنڀرو سان ٿيل ناروا سلوڪ ۽ انسانيت کان ڪريل تذليل جو نوٽيس وٺي سندس سان انصاف
ڪيو وڃي.
جشن پاڪستان تقريبون ۽ شرپسندن جون سرگرميون/سيد زوار حسين شاه
پاڪستان ۾ هاڻي محسوس ٿي رهيو اهي ته پاڪستان جون تقريبات جتي ڪٿي ٿي
رهيون آهن پر اهو به ڪڙو سچ آهي ته ڪجهه شرپسند جتي اهي تقريبات ٿي رهيون اهن اهي
نامعلم ماڻهن ذريعي موت مار ڌمڪيون ان سان گڏ انهن ادارن کي پڻ داهي پٽ ڪرڻ جون
ڌمڪيون ملي رهيون اهن عدالت سڳوري انڪوائري ٽيم جوڙي تحقيقات ڪرائي ته ڇا اهي
ادارا پاڪستان جي بقا لاء ڪم نه ٿا ڪن جيڪي اسان کي جشن پاڪستان جي تقريبات ڪرڻ
لاء دٻائي رهيا اهن جيڪڏهن توهان تقريبات ڪيون ته توهان جا سان ادارن جون بلڊگيون
ڊاهي پٽ ڪنداسين اسان پاڪ فوج جي جنرل قمر جاويد جباجوه کي اپيل ڪنداسين ته اسان کي تحفظ
مهيا ڪيو وڃين پاڪستان سان پيار ڪناد آهيون پيار ڪندارهنداسين ڪرپشن خلاف لکندا رهنداسين پوء ڀلي
اسان کي موت چو نه نصيب ٿئي انهي سلسلي ۾ تقريبات
ڪندا رهنداسين اسان اانحن شرپندن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته اسان کي
پاڪستان جان کان به وڌيڪ پيارو آ، پاڪستان جي آزادي کان پوء جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجهجي ته پوء اهو
معلوم ٿيندو ته وڏي محنت سان پاڪستان ترقي ڪري اهو اعلي مقا م حاصل ڪري چڪو آهي ان سان گڏ ايٽمي ٽيڪنالاجي حاصل ڪري هو هن وقت جديد دور ۾ شامل ٿي رهيو اهي پر ڪڙو سچ اهو به آهي ته پاڪستان کي ڀارت دل سان تسليم نه ڪيو جنهن کان پوء جنگي صورت حال کان
گذرندا رهندا آهيون ڀارت جنهن جو سلوگن آهي ته امن جي آشا ، پوري دنيا کي اهو باور
ڪرائيندو آهي ته اسان پر امن ملڪ آهيون جيڪو غلط آهي هو سدائين ڪوشس ڪندو رهيون
آهي ته پاڪستان مٿان حملا ڪري ان جي ترقي کي روڪيو وڃي پاڪستان ۾ 23 مارچ جي هُالي سان تقريبن هر شهر ۾ تقريبات ٿيون آهن
انٽرنيشل پريس ڪلب راڻي پور ، مخيتار فورس راڻي پور پاران جدا جد اتقريبات منعقد
ڪري اهو ثابت ڪيو ته اسان پاڪستاني آهيون اسان کي پاڪستان سان بي انتها محبت آهي
هي جان پاڪستان مٿان قربان آهي ، اسان کي اهڙن جذبن جي ضرورت آهي ، مان سمجهان ٿو
ته اسان کي پاڪستان جي بقا لاء سلامتي لاء اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو اهي انٽرنيشنل پريس
ڪلب راڻي پور مختيار فورس يونٽ راڻي پور جنهن ۾ پير سيد فياض حسين شاجه جيلاني . نفاذ
جعفريه جي مختيار فورس جي ڊويزنل ڪمانڊر سيد غلام مصطفي شاه ، تعلقه سوڀوديرو عمران سولنگي غلام اصغر
جعفري انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صدر ملڪ قاسم پروفيسر
تعليمي ماهر آرڪالاجي محقق رٽائرڊ ڊائريڪٽر سچل چيئر جناب الطاف اثيم ڪائونسسلر
بهادر کوکر ڪاشف کوکر ، شفيع محمد ملاح زاهد قاضي ، انور ناريجو ، شير محمد ديدار
عباسي ٻين شرڪت ڪئي جنهن وڏي جوش جذبي سان قومي تارنو ڳائي پرچمم
ڪشائي ڪئي هن قتريب جي تمام آيل مهمانن کي پير سيد عرفان علي شاه عرف بابو سائين جيڪو مختيار فورس جو پڻ ڪمانڊر آهي نعره هڻي پاڪستان زنده
آباد پاڪ فوج زنده آباد جا نعره هڻي آيل مهمانن کي خوش آ،ميديد چيو ان کان بعد
انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻي پور ۾ پڻ آيل مهمانن پير سيد فرزند علي شاه جيلاني پير
سيد فياض حسين شاه جيلاني ، جام محبت ستو والي ڏنو صديقي محمد رمضان عباسي گلڻ جامرو شير گل اسد وساڻ اربيلو
وساڻ قلندر بخش ٻين پڻ شرلڪت ڪري خطاب
ڪيو انهن چيو ته پاڪستان کي نقصان يڏيندڙ اڄ به پاڪستان جي بقا کي نقصان ڏيڻ لاء
يڪجا اهن پر انهن کي عبرت ناڪ شڪست ڏني ويندي جنهن بعد نيشنل پريس ڪلب راڻي پور جي
جنرل سيڪريٽري قربان منگي نديم شيخ غلام
شبير جوڻيجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري 23 مارچچ تي روشني وڌي مان
سمجهان ٿو ته جتي پاڪستان جون تقريبون ٿين ٿيون ٻئي طرف ڪجهه شرپسند انهن ادارن کي
_اهي پٽ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا جيئن انهن ادارن ۾ پاڪستان زنده باد تقريبات نه ٿي سگهن هن وقت مان
اهو چوندس ته راڻي پور ۾ ٽي پريس ڪلب ڪم ڪري رهيون آهن ڪا پريس ڪلب ننڊي وڏي ناهي
هوندي اسان جي سوچ ننڊي هوندي آهي راڻي
پور جي شادي حال لڳ نيشنل ۽ انٽڙرنيشنل پريس ڪلب تقريبات ڪندا رهندا آهن خاص طور
انٽرنيشنل نيشنل پريس ڪلب راڻٻڻي پور جي صهافين قلم علم هٿ ۾ کڻي جڏهن کان حق سچ
لکڻ شروع ڪيو اهي ته شر پسند حدون
اورانگهي عدالت سڳوري کي مس
گائينڊ ڪرڻ جي ڪوشس ڪري انهن پريس ڪلب کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جون پڻ سازشون ٿي رهيون آهن
اهو ان ڪري جو هو انهن ادارن ۾ آئيني شعور بابت سيمينار ورڪشاپ ڪنوينشن ڪري عوام
کي سجاڳي ڏيندا اهن جيڪا شايد ڪرپشن ڪندڙن کي پسند نه ايندي هجي اسان هٿ ٻڌي ڪورٽ
سعوري کي عرض ڪنداسين ته هو مرتبه توهان انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ان کان رپورٽ وٺو ته
اهي اداره جيڪا عوام جي ڀلائي لاء ڪم ڪري رهيا اهن انهن اندر پاڪستان سان اظهار
وفا جون تقريبون هلي رهيون آهن غريب عوام جون خبرون ڪڍي انهن کي اجاگر ڪري پنهنجو فرض ادا ڪن ٿا ، ان ڪري اسان عرض
رکنداسين ته انهن ادارن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو ڃي جن جو هڪ اهم ڪردار آهي اسان
پاڪستان زنده باد جا نعره هڻنداسين اسان پاڪ فوج جا نعره هننداسين اسان ڪرپشن خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين صحافين جي هٿ ۾ قلم اهي جيڪو
فرض شناس صحافي ڪالم ناگر هوندو
اهو اهن ملڪ سان پيار ڪندو جيڪو ان جو فرض اهي امان سمجهان ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪي
شرپسند هن پريس ڪلبن کي ڪو بهانو بڻائي ڊاهي پٽ ڪن جيڪو ممڪن ناهي صحافي پوري
پاڪستان جا گڏ ٿي اهڙي عمل کي روڪيندا جيڪڏهن حق سچ لکندڙ اداره به محفوظ نه رهن
ته پوٻء هن ملڪ جو ڇا ٿيندو ، اهو سوچڻو آهي پاڪستان جي عوام جي دلي خواهش آهي ته
پاڪستان زنده باد جا نعره لکندا رهندا جيڪڏهن ڪرپشن جي آاز اٿارن تي اسان کي پريس
ڪلب ۾ان اٿاريو ويو ته پوء پوري پاڪستانن جا
صحافي احتجاج ڪري تحفظ به ان ئي
رياست کان گهرندا هاڻي اهو وقت ناهي جو ڪو شرپسند اچي ڪنهن اداري مٿان ڪارو وار
ڪري اها تاريخ ڪڏهن به انهن کي معاف نه ڪندي اسان کي
گڏ ٿي پاڪستان خلاف ٿيندڙ سازسيين کي بي نقاب ڪرڻو پوندو هن ملڪ کي ٻنهي هٿن سان
لٽيندڙن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو اسان اهو پڻ مطالبو ڪنادسين ته پاڪستان زنده باد
آهي پاڪ فوج اسان جو سرمايو اسان جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ اهم ڪرادار ادا ڪري
رهيو اهي جيڪڏهن انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻي پور يا وري نيشنل پريس ڪلب راڻي پور کي
زور جي بنياد تي ڪنهن هٿ چراند ڪئي ته پوء پوري پاڪستان ۾ احتجاج ڪري پنهنجو حق
وٺن ايندو اهي راڻي پور ۾ ڪئي اداره پڻ سرڪاري بلڊنگ ۾ اهن جن کي توهان اسان سڀ
ڄاڻون ٿا هاڻي داداگري نه هلندي قلم جي طاقت سان غريب عوام جي حقوق جي پهريان به
حفاظت ڪئي اهي هاڻي به ڪنداسين ان ڪري مان سمجهان ٿو ته صحافي اتحاد صلع خيرپور
سميت ٻين صحافي تنظيمن لاء چيلينج هوندو ته جيڪڏهن هنن پريس ڪلبن کي طاقت ذريعي ڊاهڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوء صحافي پوري پاڪستان ا۾ احٽجاج ڪري پنهنجو حق وٺندا انب ڪري
هوش حواس سان ان مسئلي تي غور ڪرڻو پوندو جنهن اهي بلڊنمگ ٺاهيون آهن جن تي ڪروڙين
روپيا خرچ ڪيا ويا اهن انهن کي ڪنهنجي وس جي ڳالهه انهي ته هو ان کي ڊاهر عدالت
سڳوري جي خدمت ۾ اهو عرض رکنداسين ته هڪ مرتبه هن ڪيس تي نظر ثاني ڪئي وڃين جيئن
عوام جي ڀلائي لاء جوڙيل ادارن کي تحفظ ملي سگهي قانون جي دائري ۾ رهندي پاڪستان
سان پيار جو اظهار محبت جو اظهار ڪندا رهنداسين
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...