اربع
07 مارچ 2018ع: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته اسان
ڪنهن به قيمت تي پرامن پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين، پاڪستاني قوم هلندڙ سال 23 مارچ
تي 78 هون يوم پاڪستان روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي جنهن جي لاءِ پوري ملڪ ۾
تياريون زور شور سان جاري آهن. يوم پاڪستان جي موقعي تي گادي واري هنڌ اسلام آباد
۾ پريڊ به ڪئي ويندي جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شرڪت ڪندا.پاڪ فوج جي عام
لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر 78 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي عزم جو اظهار ڪيو
آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس
پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته قوم 23 مارچ تي 78 هون يوم پاڪستان ملهائڻ لاءِ
تيار آهي.هن چيو ته پاڪستان امن جو ٻيو نالو آهي ۽ اسان ڪنهن قيمت تي پرامن
پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين.پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارتي جاسوس ڊرون
ڪيرائي وڌو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب
ڀارتي جاسوس ڊرون لائن آف ڪنٽرول جي چري ڪوٽ سيڪٽر ويجهو موجود هو جنهن کي پاڪ فوج
ڪيرائي وڌو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوانن ڀارتي جاسوس ڊرون کي تحويل ۾ وٺي
ڇڏيو آهي. پاڪ فوج موجب گذريل هڪ سال دورنا اهو چوٿون جاسوس ڊرون آهي جنهن کي پاڪ
فوج طرفان تباهه ڪيو ويو آهي. آمريڪي اختيارين پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪنٽرول
لائن تي پاڪستان ۽ ڀارتي فوج جي وچ ۾ سرحدي جهڙپن سبب ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرا آهن، جڏهن
ته پاڪستان ۾ فرقيواراڻا ۽ دهشتگردي جا واقعا گهٽ ٿي ويا، آمريڪي دفاعي انٽيليجنس
ايجنسي ڊي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل رابرٽ پي ايشلي عالمي سلامتي صورتحال
تي پنهنجي رپورٽ آرمڊ سروسز ڪميٽي ۾ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستاني ڪوششن
سبب فرقيواراڻا ۽ دهشتگردي جا واقعا گهٽ ٿيي ويا. پاڪستان سرحدي دراندازي ۽ پوري
ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف آپريشنز جاري رکندو جڏهن ته اولهه بارڊر مينيجمينٽ جون ڪوششون
به ڪندو رهندو، پاڪستان افغانستان ۾ موجود مخالف عنصرن خلاف ڪارروائي چاهي ٿو جنهن
جي لاءِ هو آمريڪا ۽ افغانستان طرف ڏسي پيو. آمريڪي دفاعي انٽيليجنس ايجنسي چيو ته
ڪنٽرول لائن تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جهڙپن سبب ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرا آهن، اميد آهي ته
هلندڙ سال به ڪنٽرول لائن تي موجوده صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رهندي. رپورٽ ۾
چيو ويو ته ڀارت فوج کي جديد بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي ڇو ته هو عالمي
طاقت جي طور تي پنهنجي حيثيت مڃرائڻ چاهي ٿو، نئين دلي پنهنجي عالمي حيثيت لاءِ
ايٽمي طاقت کي ضروري سمجهي ٿو. ان ئي سلسلي ۾ هو پهريون ايٽمي آبدوز ٺاهي انڊين
نيوي جي حوالي به ڪري چڪو آهي، جڏهن ته جلد ٻيون ايٽمي آبدوز به بحريه جي حوالي
ڪري ڏيندو، ڀارت پوري ايشيا ۾ پنهنجي سفارتي ۽ معاشي رسائي ثابت ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن
ته بحر هند ۾ پنهنجن مفادن جو تحفظ به ڪري رهيو آهي. پاڪستان امن جي لاءِ چائنا
سان رابطو آهي تعليم جي شعبي ۾ به چائنا سهڪار ڪري رهيو آهي . مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيرئنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾
چائنيز ٻولي جي سکيا وارا ڪلاس 26 مارچ کان شروع ٿيندا. مهراڻ يونيورسٽي ۾ چائنيز
ٻوليءَ جي سکيا واري پروگرام جي افتتاحي تقريب ٿي گذري. تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ
يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾
راهداري منصوبي ۾ روزگار جا تمام گهڻا موقعا پيدا ٿيندا، جنهن لاءِ اسان کي تريبت
يافتا ماڻهن جي ضرورت پوندي. ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي مستبقل
کي مد نظر رکندي چائنيز ٻولي جي سکيا وارو هي ڪورس شروع ڪيو آهي، جنهن جي باني بيچ
۾ 25 شاگردن داخلا ورتي آهي. وائيس چانسلر چيو ته راهداري منصوبي جي مختلف
پراجڪيٽن ۾ وڌيڪ گهرج انجنيئرن جي ٿيندي، ان لاءِ انهن کي چائنيز ٻوليءَ به سکڻ
گهرجي. هن چيو ته هن وقت دنيا جو هر چوٿون ماڻهو چائنيز ٻوليءَ سمجهي ۽ ڄاڻي ٿو. ڪيڊٽ
ڪاليج پيٽارو جي پرنسپال ڪمانڊو محبوب الاهي ملڪ چيو ته پاڪ چائنا دوستي ٻنهي قومن
جي ترقي جي ضمانت ثابت ٿيندي. هن چيو ته مهراڻ سان ٻولي جي سکيا وارو معاهدو اعزاز
جي ڳالهه آهي. ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال وڌيڪ چيو ته تعلقات وڌائڻ لاءِ چائنيز ٻوليءَ
جو اچڻ لازمي آهي، جيڪا ايندڙ وقت ۾ هر ڪنهن لاءِ ڄاڻڻ ضروري ٿي پوندي. ان کان اڳ
تفصيلي پريزنٽيشن ڏيندي چائنيز ٻوليءَ جي پيٽارو ڪاليج ۾ قائم ڪلاس رومن جي
ڊائريڪٽر گانگ جنپي چيو ته ملڪ ۾ ڪراچي، لاهور ۽
فيصل آباد جي تعليمي ادارن ۾ چائنيز ٻولي جي سکيا وارا سينٽر ڪلاس روم قائم ڪيل
آهن. هن وقت ڪيدٽ ڪاليج وارا ڪلاس به بهتر نموني ڪم ڪري رهيا آهن. تقريب ۾ مهراڻ
يونيورسٽي ۽ ڪيدٽ ڪاليج جي چائنيز لئنگيوج واري ڪلاس رومس وچ ۾ معاهدو ڪيو ويو،
جنهن تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، ڪيدٽ
ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڪلاس رومس جي ڊائريڪٽر گانگ جنپي صحيون ڪيون. جڏهن ته تقريب ۾
ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن چائنيز ٻوليءَ جا گيت ڳايا ۽ انهن تي پرمانس پيش ڪئي. ڊائريڪٽر
جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته اسان ڪنهن به قيمت تي پر امن
پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين. پاڪستاني قوم هلندڙ سال 23 مارچ تي 78هون ” يوم پاڪستان“
روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي جنهن لاءِ سڄي ملڪ ۾ تياريون جاري آهن. يوم
پاڪستان جي موقعي تي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پريڊ به ڪئي ويندي جنهن ۾ ٽينهي
هٿياربند فوجن جا جٿا شرڪت ڪندا. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر 78 هين يوم
پاڪستان جي موقعي تي عزم جو اظهار ڪيو. سماجي رابطن جي سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي
ٽوئيٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته قوم 23 مارچ تي 78
هون يوم پاڪستان ملهائڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن جو ٻيون نالو
آهي ۽ اسان ڪنهن به قيمت تي پر امن پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين. وزير اعظم شاهد
خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 8 ترقياتي
منصوبن جي منظوري ڏني وئي. تفصيل موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ
قومي اقتصادي ڪونسل جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 8 ترقياتي منصوبن جي
منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ 11 ارب 36 ڪروڙ ماليت جي ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم کي اپ گريڊ
ڪرڻ، راولپنڊي ۾ 5 ارب ماليت سان 200 بيڊن جو گائني سينٽر قائم ڪرڻ، سدرن پنجاب
مان غربت جي خاتمي لاءِ 7 ارب کان وڌيڪ جي منصوبي ۽ ڊيرا غازي خان ۾ نادرن باءِ
پاس منصوبي جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چترال،
بومي، مستوج شندور شاهراه کي وڌائڻ جي جي منظوري به ڏني وئي. شاهراهن جي واڌاري تي
16 ارب 75 کان وڌيڪ لاڳت ايندي. ان کان سواءِ راولپنڊي ڪهوٽا روڊ منصوبي، ڄاڻايل
باءِ پاسن لاءِ 13 ارب جي منظوري، 8 ارب جي لاڳت سان زيارت، مور، ڪيچ هرنائي
شاهراهه جي تعمير جو منصوبو ۽ ڪي ڪي ايڇ متاثرن جي بحالي، لينڊ ايڪوزيشن جو 12 ارب
60 ڪروڙ رپين جو منصوبو به منظور ڪيو ويو.
تيل جون وڌندڙ قيمتون ۽ بيوس عوام(انور علي ڊومڪي/لاڙڪاڻو)
ترقي يافته قومون پنھنجي معاشري جي سربلنديءَ لاءِ رات
ڏينھن انهيءَ ڪوشش ۾ هونديون آهن ته ڪجهه به ٿئي ڇا به ٿئي پر سندن معاشرو سياسي،
سماجي، معاشي ۽ اخلاقي لحاظ سان بُلند هجي. پر هتي اُنهيءَ جي ابتڙ سڀ ڪجهه ٿئي
پيو. اسان جا حڪمران عوام جي اميدن تي پورو لهڻ بجاءِ اُنهن جي اميدن تي پاڻي
ڦيرائي ڇڏيندا آهن. جنھن جو تازو مثال تيل جي قيمتن جو وڌڻ
آهي.
مسلسل تيل جي قيمتن جي وڌڻ جي ڪري عوام
مھانگائيءَ جي سوناميءَ کي مُنھن ڏئي رهيو آهي. مھنگائي جي اهڙي زهر قاتل پوري
معاشري کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پر اُن جو گهڻو تڻو اثر غريب طبقي تي پوي
ٿو ۽ امير کي اهڙي مھانگائيءَ جي ڪابه پرواهه نه هوندي آهي. هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته
آخرڪار حڪمرانن کي پاڪستان جي اندر بار بار مھانگائي ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي
آهي. اسان جا ماڻهو هڪٻئي کان سوال ڪندي نظر ايندا آهن ته ڇا پاڪستان جي اندر
قدرتي وسائل موجود ڪونه آهن؟ جواب ايندو آهي ته اڻ ڳڻت قدرتي وسائل هن ملڪ جي اندر
موجود آهن جن ۾ تيل، گيس، پيٽرول، بليڪ گولڊ يعني ڪارو ڪوئلو، سنگ مرر جا پھاڙ ۽
اناج ۾ چانور، ڪڻڪ، مڪئي، ٻاجهري، جوئر، ڪمند، جَوَ، چڻا مٽر. سبزين م ڀينڊي،
طوري، ڪدو، ڪريلو، واڱڻ، بصر، پٽاٽا، بھه پالڪ، ٽماٽا وغيره. فروٽ ۾ انب، ڏاڙهو،
صوف، انگور، گدرا، هنداڻا وغيره مذڪوره شيون ڪثرت سان موجود آهن، انهيءَ کان علاوه
پاڪستان بالخصوص سنڌ جون هنري شيون به موجود آهن جن مان ايڪسپورٽ جي ذريعي اربين
ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا. پر اقتداري ڌر جو ايڏانھن ڪوبه ڌيان نه آهي. توهان جي آڏو هن
وقت سنڌ جي اندر وڏي
ڪثرت سان ٽماٽو موجود آهي، جنھن کي خريد ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن.
مقامي واپاري في ڪارٽون جيڪو ڏهن ڪلن جو آهي، اُهو 70 روپين ۾ خريد ڪري رهيو آهي،
جنھن سان هارپور ڪندڙ آبادگار جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته هو پاڻ
خريد ڪري هاري کي مناسب اگهه ڏئي ٻاهرين ملڪ موڪلي ڇڏي. مان سمجهان ٿو ته اِن سان
حڪومت جو به فائدو ٿيندو ۽ هاري جوبه ڀلو ٿيندو. انهيءَ کان علاوه جيڪي قدرتي
ذخائر ملڪ ۾ موجود آهن، اُنهن تي به تيزيءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته جيئن هن ملڪ جو عوام
به سُکَ جو ساهُه کڻي ۽ معاشي سگهه حاصل ڪري سگهي پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته
عوام کان ووٽ وٺڻ مھل اُنهن کي ڏٽا ڏئي ووٽ وٺي پوءِ اُنهن کان پنھنجا منھن موڙي
ڇڏيندا آهن، جيڪا ڳالهه ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪنھن به طرح ٺيڪ نه آهي. حڪمرانن جي بي
ڌياني ۽ عوام
ڏانھن متوجھ نه هجڻ جي ڪري مڊل ڪلاس جو طبقو وڏي عذاب کي منھن ڏئي رهيو آهي،
ايتريقدر جو ماڻهو پنھنجن ٻچن کي ضروري غذا به نـٿا ڏئي سگهن. صبح جي ٽائيم امير
ماڻهو پنھنجي ٻچن کي اسڪول موڪلڻ مھل هنن جي ناشتي تي هزارين روپيه خرچ ڪرڻ کان
علاوه کين عمده قسم جي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ چاڙهي وڏن وڏن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾
موڪلين ٿا. پر غريب جي ٻار کي صبح جي ناشتي ۾ پاپو چانهه به نصيب نٿو ٿئي، هو ڦاٽل
ڪپڙا ۽ ڇڳل چپل پائي وڃڻ تي مجبور آهي، جنھن تي ڪير به ايئن نه چوندو ته هي ٻٽو
معيار نه آهي. اهڙي ٻٽي معيار جي ڪري غرب غريب تر ۽ امير اميرتر ٿيندو پيو وڃي.
غير معياري ۽ بي فائده ڪوڙي نظام جي ڪري
پوري دنيا جي اندر پاڪستاني حڪمرانن جي بدنامي ٿي رهي آهي. پر تنھن هوندي به هو
پنھنجي نڪ جي پڪائيءَ جي ڪري بار بار عوام ڏي موٽي اچي وري کين ووٽ لاءِ هٿ جوڙ
ڪندي نظر ايندا آهن، هر ڀيري عوام کي مھانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ اڇلائيندڙ اهڙن
حڪمرانن جو هاڻي احتساب ٿيڻ گهرجي. اهو احتساب حڪومتي نه پر عوامي هجي ۽ عوام ئي
هنن کان هنن جي مڪاري، چالبازي، ٺڳي دوکيبازيءَ جو احتساب ڪري. جيڪڏهن عوام مذڪوره
ڳالهين تي عمل ڪري پنھنجا قدم حقيقت جي طرف وڌائڻ شروع ڪري ته پوءِ اُهو ڏينھن پري
ناهي جو ترقيءَ جون سموريون راهون سندن قدم ۾ هونديون.
پير گاجي شاهه جبل وارو فقير ..!! (ڊاڪٽر الهوسايو خاصخيلي)
سنڌ سڄي ولين بزرگن ۽ ڪرامتن
وارن فقيرن اوليا ڪرام سان ڀريل آهي جن پنهنجي پنهنجي وقت مطابق دين اسلام جي خدمت
ڪئي آهي- فقير بخش علي خاصخيلي ولد وسايو خاصخيلي 1923 ۾ ڪوهستان ۾ ڄائو هو دنيا
وي طور تي شايد ايترو مشهور نه هجي يا ڪنهن جو ٻڌل نه هجي پر حقيقتن چوندا آهن ته
ويراني، جبل ۽ سحرام به مڻيا لڪل هوندا آهن- هو گهڻو ڪري کٿي واري فقير جي نالي
سان مشهور هو- پاڻ اصل جبل جي ڪوهستان واري ڳوٺ ويرو بند جا رهاڪو هئا ۽ ڪافي عرصو
رهڻ بعد هو لڏو کڻي اچي حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ گل محمد ڇلگري ۾ رهائش اختيار
ڪيائون جتي هن لاڳيتو زندگي جا 45 سال اتي بزرگي واري زندگي گذاري ۽ جنهن بعد هو
اتان ٻيهر لڏي اچي تاج پر ڀرسان ڳوٺ چاڪرخان خاصخيلي ۾ رهائش اختيار ڪئي- پاڻ صوم صلوات جا پابند
هوندا ۽ نهايت ئي ايمان دار ۽ امانتدار هئا سندس پرهيزگاري ۽ دين سان لڳاءُ هئڻ
ڪري پري پري کان ماڻهو دعا ۽ ڌاڳو ڦيڻو حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس ملڻ ايندا هئا-
فقير بخش علي خاصخيلي نه رڳو دعاپٽ وارو هو ساڳي طرح هو سٺو شوق رکندڙ ۽ جانورن سان به محبت ڪندڙ هو- هو پاڻ وٽ ڀلا ڍگا، ڌارڻ ڍڳئيون، مينهنون پالڻ جو به شوقين هو- سندس پاليل ڍڳنجو هڪ جوڙو اڃان به موجود آهي- هن زندگي ۾ ڪو به نشو وغيره نه ڪيو ۽ نئي سگريٽ پان جي ويجهو ويو- سندس کاڌخوراڪ تمام سادي هوندي هئي- جنهن ۾ هو کير ۽ لسي سان مانيکائڻ کي ترجيح ڏيندو هو ۽ ماني تي مکڻ رکي ماني کائيندا هئا- هو نهايت ئي غريب پرور انسان هو- هي داڳي سان ٻڌائيندو هو ته پيٽ واري مائي کي پٽ آهي يا ڌيءَ کيس
بزرگي واري ورڇ جبل واري درگاه گاجي شاهه جي فقيرن کان ملي
پاڻ 27 جنوري 2018 تي اٽڪل 95سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي سندس مڙه کي درگاه سيد سرور شاهه اوليا لڳ تاجيور ۾
دفنايو ويو- سندس اولادن ۾ 2 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن..
عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جي مائرن جي دانهن(درياءُ خان جهتيال)
سنڌ سميت پوري دنيا ۾ عورتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن ۾
ڪردار ادا ڪندڙ عورتن، هارياڻين، غريب، جدوجهد ڪندڙ ۽ همٿ وارين عورتن بابت
ڳالهايو ويندو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ سميت دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ننڍا،
وڏا پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ مقرر عورتن جي حوالي سان پنهنجا خطاب
ڪندا آهن، عورتن جي جدوجهد، ڏُکن وارين پيچرن تي هلندي ۽ پنهنجي دردن سان وڙهندڙ
سنڌ جون عورتون بہ آهن.
درد، ڏُک بہ مختلف قسمن جا ٿين ٿا، جيڪي عورتون ماءُ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون اهي
پنهنجي ٻچڙن جي وڇوڙي جي غم ۾ پنهنجي اکين جون نور وڃائي ويهن ٿيون، ڪي عورتون وري
هارپا، پورهيا ڪري تڪليفن کي منهن ڏين ٿيون، ڪي وري پنهنجي ٻچڙن جي خوشين لاءِ
گهرن ۾ پورهيا ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪن ٿيون، سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون
ئي مائرون، عورتون موجود آهن، اڄ هن عورتن جي ڏينهن جي حوالي سان پاڻ انهن مائرن
جا درد بيان ڪنداسين جن جون اکڙيون پنهنجي گُم ٿيل پيارن جي لاءِ اڃارڪيون آهن،
اهي اکڙيون جن ۾ پهريان خوشي جا ڳوڙها هوندا هئا پر هاڻي انهن اکڙين ڏُکن منجهان
روئي روئي پنهنجي ڳوڙهن کي سڪائي ڇڏيو آهي، انهن عورتن جون جهور اکڙيون هر وقت
پنهنجي پيارن جي اوسيئڙي ۾ آهن، اهي درد سان ڀريل، ڏُکن ۾ وڪوڙيل عورتون آهن امڙ
سڪينا سرڪي، امڙ شاهينہ جوکيو، امڙ هريان ٻائي!
پهريان انصاف لاءِ سرپا احتجاج
بڻيل امڙ سڪينا سرڪي جي دانهن ڪيون ٿا، امڙ سڪينا کي سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي، ان لاءِ جو
اها امڙ پنهنجي نياڻي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ گذريل يارهن سالن کان احتجاج ڪري
رهي آهي، فضيلا سرڪي کي ست سالن جي عمر ۾ هٿياربند سندس گهر مان اغوا ڪري ويا هئا،
نياڻي فضيلا سرڪي کي اغوا ٿئي يارهن سال ٿي ويا آهن، ان جي امڙ سڪينا سرڪي پنهنجي
نياڻي جي بازيابي لاءِ ٺل شهر ۾ روزاني احتجاج ڪري ٿي، پر وس وارن جون بند پيل
اکيون نٿيون کلن، نياڻي جي اغوا ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين سندس امڙ سراپا احتجاج آهي،
فضيلا سرڪي جڏهن اغوا ٿي تہ سندس عمر 7 سال هئي، نياڻي هاڻي 17 سالن جي ٿي وئي هوندي، پر سندس
بازيابي قانون جي اعلي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن جي لاءِ سواليا نشان آهي، سنڌ جي
اها عورت جنهن پنهنجي جگر جي ٽڪِڙي جي بازيابي جي لاءِ يارهن سالن کان روڊ تي ويهي
نٽڻ اُس ۾ پنهنجي ڦاٽل پوتي مٿي تي رکي احتجاج ڪيو، اها عورت عظيم آهي، بلڪل سڪينا
سرڪي کي جيڪڏهن جدوجهد جي علامت چئجي تہ بہ گهٽ هوندو، ڇو جو اها عورت هن سماج ۾ پنهنجي حق لاءِ اهڙي تہ جدوجهد ڪري رهي آهي جنهن سان اسان سڀني جون اکيون کلڻ کپن، هڪ عورت
جنهن جي نياڻي يارهن سالن کان گُم هجي ۽ ان جي قانون نہ ڪا مدد نہ ڪري ان باوجود امڙ سڪينا سرڪي جدوجهد ڪري رهي آهي، اهو ڏينهن خالي
ناهي جنهن ڏينهن اها امڙ قرآن پاڪ کڻي اچي ٺل شهر جي پريس ڪلب سامهون دانهون ڪري،
پنهنجو حق گُهري، پنهنجي سُڪل اکين ۾ اهي اميدون کڻي ويهي تہ منهنجي نياڻي واپس ضرور ايندي، واقعي ان عورت کي سلام آهي جنهنجو
رستو جدوجهد آهي، پنهنجي حق لاءِ احتجاج آهي، انصاف لاءِ دانهن آهي.
سنڌ جي هڪ ٻي امڙ، جيڪا بہ انصاف لاءِ روڊن تي آهي، هُو انصاف وٺڻ لاءِ پنهنجي جهور اکڙين سان
هن معاشري کي ڏسي رهي آهي ۽ سوچي رهي آهي تہ مان هڪ عورت ٿي ڪري انصاف لاءِ دانهين رهي آهيان پر مردن جي هن
معاشري ۾ ايتري همٿ ڇو ناهي جو اهي هر ٿيندڙ اهم مسئلن تان جلد هٿ کڻي ويندا آهن،
ان عورت جو نالو آهي شاهينا جوکيو، ڦل شهر جي رهواسڻ شاهينا جوکيو بہ دردن جي وڻ ويڙهي ۾ ويڙهيل آهي، ڦل شهر ڀرسان پوليس هٿان کنڀيل
عمران جوکيو کي 7 سالن ٿي ويا آهن، پر اهو نوجوان اڄ تائين ظاهر ناهي ٿيو، ان کي
اغوا انڊسٽري هلائيندڙ ناهي کنڀيو پر ان کي پوليس اهلڪارن کنڀيو آهي، عمران جي
کنڀجڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس امڙ شاهينہ جوکيو احتجاج ڪندي رهي ٿي، عمران جي کنڀجڻ جو ڪيس بہ داخل ٿيو، پر اڄ تائين پوليس نوجوان کي ظاهر نہ ڪيو،عمران جي امڙ کي پُٽ جي اغوا جو درد اهڙو تہ ناسور ٿي ويو آهي جو امڙ شاهينا جوکيو پنهنجي نوجوان پُٽ جي تصوير
پنهنجي جهولي ۾ کڻي روزاني خاموش احتجاج ڪري ٿي ۽ پهنجي سُڪل اکڙين سان دانهين ٿي
تہ منهنجي جگر جو ٽڪڙو مونکي واپس ڪيو، ان امڙ جو نالو بہ هاڻي جدوجهد واري عورت بڻجي چڪو آهي، جيڪا هر روز نوشهروفيروز پريس
ڪلب اڳيان نٽهڻ اُس تي ويهي انصاف خاطر دانهين ٿي، امڙ شاهينا جوکيو گذريل ست سالن
کان پنهنجي نوجوان پڦٽ جي لاءِ احتجاج ڪندي رهي ٿي، پر سنڌ جي امڙ جي دانهن ڪير
نٿو ٻڌي، هي سماج بہ نہ، هي حڪومت بہ نہ، تہ هي قانون بہ نہ!، دردن کي سيني ۾ سانڍيندڙ ان عورت جون اکيون پُٽ جي آزادي لاءِ اڄ
بہ آتيون آهن.
عمر ڪوٽ جي اها عورت بہ اڄ روڊ تي آهي جنهن جو ٻچڙو 5 سالن کان گُم آهي، عمر ڪوٽ شهر جي
ميگهواڙ پاڙي جو نوجوان موهن ميگهواڙ مهراڻ يونيورسٽي ٻاهران 2013ع ۾ گم ٿي ويو،
پر اڄ ڏينهن تائين نہ موٽيو، نوجوان جي امڙ هريان ٻائي عمر ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان روزاني
پنهنجي هٿ جي اشهد آڱُر کڻي انصاف لاءِ ٻاڪاريندي رهي ٿي، موهن جيڪو 2013ع ۾ اعليٰ
تعليم پرائڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ويل هو پر ان ئي سال ۾ اغوا ٿي ويو،
سندس کي اغوا ٿئي 5 سال ٿي ويا آهن، موهن جي امڙ پنهنجي ٻڄڙي جي بازياني لاءِ
سراپا احتجاج آهي، پر قانون سندن نوجوان پٽ کي ڳولڻ ۾ ڪا مدد نٿو ڪري، امڙ هريان
ٻائي هڪ اهڙي قبيلي سان تعلق رکي ٿي جيڪو گهڻي قدر هارپو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن
جو پيٽ گذرن ڪن ٿا، ڪٿي ڪٿي پيٽ سان پٿر ٻڌي بہ اهي جيئن ٿا، بلڪل اهڙو درد رکندڙ امڙ هريان ٻائي 5 سالن کان هڪ
اهڙي ئي درد سان وڙهي رهي آهي، جيڪو هُن لاءِ هر وقت تڪليف جو سبب بڻيل آهي، امڙ
هريان ٻائي سنڌ جي اها عورت آهي جيڪا هاري طبقي سان ڳنڍيل هجڻ باوجود بہ پنجن سالن کان پنهنجي پُٽ جي بازيابي لاءِ عمر ڪوٽ شهر ۾ سراپا
احتجاج آهي، ان جي اها جدوجهد جيڪا اهڙا قبلي بنهہ گهٽ ڪن ٿا پر هريان ٻائي پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جي بازياني لاءِ 5 سالن
کان سراپا احتجاج آهي، ان کي ڪهڙو ناءُ ڏجي، ان کي ڪهڙن لفظن سان لکجي جيڪا غربت
جي هيٺ واري لڪير کان بہ هيٺ تہ پهريان ئي جيءُ رهي هئي پر وري اُن جي نوجوان پُٽ کي گم ڪيو ويو ۽
هُن جي دردن ۾ واڌارو ڪيو ويو، پر امڙ هريان ٻائي همٿ ناهي هاري، هُن جي جدوجهد
جاري آهي، انصاف لفظ جي پويان سنڌ جي عورت ان وقت تائين وڙهندي جنهن وقت تائين ان
جي جسم ۾ طاقت هوندي، اهي درد ڪهاڻيون آهن سنڌ جي عورتن جون، درد ڪهاڻين ان کي نہ چئجي، ڇو جو انهن سنڌ جي عورتن پنهنجي دردن کي هاڻي جدوجهد بڻائي ڇڏيو
آهي، نااميدي ڪڏهن انهن ناهي ڏٺي، انهن جي جدوجهد هر ڏينهن جاري آهي، فضيلا جي امڙ
يارهن سالن کان احتجاج ڪري ٿي، عمران جي امڙ 8 سالن کان انصاف لاءِ سراپا احتجاج
آهي، موهن جي امڙ بہ همٿ ناهي هاري ۽ هو پُٽ جي بازيابي خاطر دانهيندي رهي ٿي.
عورت جي معنيٰ تہ عظيم
آهي پر سنڌ ۾ عورتون پنهنجي حق لاءِ، پنهنجي دردن جي درمان لاءِ روڊن تي دربدر
آهن، سنڌ جي انهن سراپا احتجاج بڻيل عورتن جي هلندڙ جدوجهد ۾ ڪيترائي عورتن جا
ڏينهن آيا هوندا، عورت جي حقن بابت سمينار ٿيا هوندا، احتجاج ٿيا هوندا، پر انهن
سراپا احتجاج بڻيل عورتن کي شايد ئي ڪنهن ياد ڪيو هجي، اڄ جيڪو ڪجهہ لکيو آهي انهن تي لکيو آهي،
ان اميد سان لکيو آهي تہ
جدوجهد جي علامت بڻيل، سراپا احتجاج بڻيل امڙ سڪينا سرڪي، امڙ شاهينا جوکيو، امڙ
هريان ٻائي کي انهن ڏينهن تي سڀ ساڃاهہ وند، حڪمران، قانون جا عملدار، انصاف ڏيندڙ عدالتن
جا معزز ججز ياد ضرور ڪندا ۽ سنڌ جي انهن عورتن جي جهور اکڙين جي اندر ۾ سمايل
دردن کي ختم ضرور ڪندا.
سنڌ جي دردن جي پڄاڻي ٿيندو؟؟ (حميدشڪيل )
اسين هن ڏتڙيل ڏيھ جا بي ڏوهي ۽ معاشي حالتن ۾ ڌڪيل ضرورآھيون پر ان ۾ به
اسان جون غلطيون آھن ڇو ته هر دفعي صرف اهو چئي ڇڏيندا آھيون ته هن ڀيري انقلاب
آڻبو پراڻن حريفن , وڏيرن ,ڀوتارن,ميرن, پيرن ۽ سردارن سان مهاڏو اٽڪائي اليڪشن ۾
للڪاربو اهو ان ڪري جو سنڌ جي تباهي جا ذميوار اهي ماڻھون آھن جيڪي ووٽ وٺي شاهي
محلن ۾ نرم بسترن مٿان آرامي آھن
عوام جي ڪا به پرگهور يا سار نٿا لهن, ۽جڏھن اليڪشن جا ڏينهن ويجها سرڪندا اچن ٿا
ته اوطاقن ۾ ميلا متل هوندا آھن ۽ انقلاب جو راڳ الاپيندڙ ڌريون ان ناري تان ئي
دستبردار ٿيو وڃن
ته ان جو به هڪ سبب ,مقصد ۽
مجبوري هوندي آھي اهو ان ڪري جو مسڪين پورهيت ۽ اٻوجھ جي پٽ کي وڏيري پوليس هٿان
ٻڌرائي وري سندس ئي پئسن ايوذ ڇڏايو۽وعدي وفا تي هلڻ جا وچن به ڪرايا انقلابي خان
خوف وچان گهران به نٿو نڪري سگهي جو متان وري جيل ڀيڙو نه ٿي وڃي, ان مان صاف ظاهر
آھي ته اسان جا وڏا غلامي جي نوڪ ۽ وڏيري جي ظالماڻي سوچ جي زنجير سان جڪڙيل آھن
جيڪي نسل درنسل نوڪري ڏئي سزائو ڀوڳي رهيا آھن ته ڇا انقلاب ايندو, ڇو ايندو ڇا
لاء ايندو, جڏھن ووٽ ئي نام نهادن جي مرضي مطابق ادا ڪرڻو پوي ٿو ته معاشرو ڇا
سڌرندو ۽ ڪيڏانهن ملڪ توڙي سنڌ ترقي ڏانهن گامذن ٿيندا جو پيٽي ڪرپٽ ڪامورو پرائي
مال تي ٽوپي نراڙ تي جي فارمولي تحت اسبملين ۾ ويهي پنهنجي تڪ ۽ اتان جي شھرين کي انصاف ۽ سهولتون فراهم ڪندو
ڪڏھن به نه,۽ نه ئي وري اسين حق ڇڪي وٺڻ وارن مان آھيون جو ٻڌي ايڪي ۽ مل جل جو
مظاهرو ڪري ڪرپٽ ڪامورن کي پاڪستان مان لوڌي ملڪ نيڪالي ڏجي, هن وقت سنڌ ڌارين جا
درد سهي رهي آھي ته ٻي پاسي وري مهانگائي جا بار مڙھيا وڃن پيا ته مٿان وري معاشي
حالتن کي مظبوط ڪندڙ زراعت جو پاڻي نه ملڻ به هڪ الميو آھي, دهشگردي جا ڌمچر, خودڪش
بم بلاسٽ ۽ بارودن سان ڌرتي رت سان
رڱيل رهي ٿي , ان کان علاوه ڪيترن ئي مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل سنڌ جي ماڻھن تي رحم ڪير
ڪندو آخر, نياڻين سان ٿيل ظلم زيادتيون ڏاڍ ڪنهن کان ڳجهيون نه آھن هزارين حوا
ڄايون ڪاري ڪري ماريون ويون يا ته گهرو اڻبڻتن تحت خودڪشيون ڪري جان ڇڏائي ويون ته
ان جا ذميوار به اسين پاڻ آھيون جو ملڪ سنڌ ۽ٻين صون کي هلائڻ لاء اهڙا نمائيندا
چونڊي وڏن ۽ اعلي مقام رکندڙ بلڊنگن تائين رسائي ڇڏيندا آھيون جيڪي زندگيون عيش او
آرام سان گهاري عوام جا حق به ڦٻائي ڇڏين, هن مهل ڊگريون ماڻيندڙ نوجوان بي روزگاري سبب در در ڀٽڪي رهيا آھن جن جا والدين اڃان تائين به ان اوسيڙي ۾ ھونداآھن من ڪاٻچڙي کي نوڪري
ملي ته پوڙهائپ جو بار کڻي سگهي پر اهو خواب خواب ئي رهجي وڃن ٿا, ان کان بعد ڪمند جي آبادگارن سان ڪيل ڪيس , مل
مالڪن طرفان ملون بند ڪرڻ ,اگهن جي گهٽ وڌائي پورهيت جا لاھ ڪڍي ڇڏيا پُرامن احتجاج ڪندڙن مٿان لٺين جا وسڪارا ٿيا , تعليم کي
فروغ ڏيندڙ ۽ قوم کي سڌارڻ ۾ اھم ڪردارا ادا ڪرڻ وارن استادن سان حڪمرانن پاران
زبردست زور آزمائي ڪري باٺا وهايا ويا ۽ تعليم جو تقدس پئمال ڪيو ويو, ڪاڏي ويا
اهي ذميوار ادارا ۽ انسانيت جو راڳ الاپيندڙ جيڪي انصاف به فراهم نٿا ڪري سگهن هن
وقت سنڌ ازيتون ڀوڳي رهي آھي ماڻھون غربت سبب مفلسي جي زندگي گهاري خودڪشي ڪرڻ تي
مجبور ۽ وڏن شھرن ڏانهن رک ڪري پنڻ تي مجبور آھن ته ٻي وري قدرتي وبائي مرض سنڌ ۾
ڪيترن ئي ڏينهن کان داخل ٿيل ارڙي جي وبا گلن جهڙن ٻارڙن کي موت جو نشانو بڻائي رهي
آھي ڪيترائي گل ڪوماڻجي ويا ۽ سون جي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا موضي مرض۾ مبتلا ۽ موت
سان جنگ وڙھي رهيا آھن ته ٻي پاسي وري اگهور ننڊ ستل صيحت کاتي جا عملدار ڪو به
ٻوٽو ٻاري نه سگهيا نه ئي ڪو جلد اُپاءُ وٺي وقت سر علاج ڪيو ويو نه ئي حڪمرانن
طرفان ڪا ايمرجنسي لڳائي وئي, هر روز جي بنياد تي مختلف شھرن توڙي ڳوٺن مان ارڙي
وگهي ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجڻ جون خبرون پڙھڻ لاء ملن ٿيون ان کان اڳ نواب شاھ ۾
ارڙي ورتل ٻارڙن کي ڪنهن ليڊي هيلٿ ورڪر مدي خارج ٿيل بچا جا ٽڪا لڳايا ته ان وقت
ڏھ ٻارڙا بيهوش ٿيا ۽ انهن مان ٽن معصومن تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو انکان
علاوه هڪ ڏينهن جي رپورٽ موجب ڦلجي ويجهو پاٽ
شريف جي رهواسي غفار تيوڻو جون ٻه نياڻيون ارڙي جي بيماري ۾ فوت ٿيون ۽ علائقي ۾ مرض پڻ پکڙيل آھي , سانگهڙ جي ڳوٺ اعتبار
کوسو ۾ مالڪن طرفان بچاءُ جا ٽڪو لڳائڻ بعد ننڍڙي نورجهان اسپتال ۾ سڏڪا ڀريندي دم
ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو, رپڙي جي رهواسين سان به ارڙي وسان نه گهٽايو ٻه ٻار ان بيماري
سبب مالڪ حقيقي وٽ وڃي پهتا ۽ ٽيھ کان
وڌيڪ گلن جهڙن ٻارن جي مٿان هاوي آھي , ٻي طرف ڪلري ۾ ٽن ڏينهن اندر هڪ گهر جون ٻه
ٻارڙيون اجل جو شڪار ٿيون ,ڳڙھي حسن ۽ گولاڙچي ۾ هڪ نيگري جي فوتگي سميت چار ٻار
خطرناڪ وبائي بيماري ۾ مبتلا آھن, سنڌ حڪومت طرفان ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي نه ئي وس وارن طرفان يا سڄاڻ ڌرين پاران ڪو
قدم کنيو ويو معصوم گل مرجهائجي رهيا آھن ڏينهون ڏينهن ڳڻتي وڌندي وڃي پئي پر ڪنهن
کي ڄڻ ته ڪا ڪل ئي نه آھي ان کان علاوه سنڌڙي ۾ به فوتگين جي انگ ۾ اظافو اچي ويو,
ڪنڊيارو ۾ هڪ مزدور جي ننڍڙي معصوم ڌي ۽ ڳوٺ يارمحمد مڱريو مان ٽن سالن جون نياڻي فاني دنيا مان لاڏاڻو
ڪري ويون, خانپور ۾ به ٻارڙي فوت ٿي ۽ ڇهن ٻارن کان وڌيڪ علاج لاء اسپتال منتقل آھن ته ٻي پاسي وري ڳوٺ گل ٻرڙو ۾ ھڪ معصوم موت جو
پيالو پي ڇڏيو ۽ ساڳي جڳھ تي ويھ ٻار ارڙي جي مرض ۾ مبتلا بستري ڀيڙو آھن, ڏٺو وڃي ته اسپتالن ۾ غير معياري انتظامن سبب
دوائن جي کوٽ ۽ حڪمرانن جي بي ڌياني ايئن ئي رهي ته سنڌ جا پورهيت ۽ ماروئڙا ارڙي
جي موتمار بيماري ۾ پنهنجن جگر جي ٽڪرن کي تڙپندي مرندي بي يارومددگار ڏسي پنهنجي
قسمت تي روئندا رهندا, هن وقت سنڌ ۽ ان جا ماڻھون غربت جي ٻن پڙن جي چڪي ۾ پسجندا
رهن پيا مفلسي واري زندگي گهاري در در تڙپندا رهن ٿا انصاف ڄڻ ته بي معني ٿي ويو
سنڌ ھزارين مسئلن ۾ جڪڙيل ۽ ڏٿڙيل ڏيھ بنجي ويو انهن سڀني مسئلن کي مدي نظر رکي
چوڻو پوي ٿو ته هتان جا ڀوتار, وڏيرا, اسان سميت اسان جا حڪمران ئي انهن ڳالهين ۽ سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ جا ذميوار آھن
ته ان سان گڏ مسئلن کي اڀاريندڙ ۽ لکندڙ صرف ساسي جنگ جون ڳالهيون ۽ چند ماڻھن , نواز شريف, سميت ,قادري ۽ عمران جي,هڪ لفظ تي تبصرو ڪري پنا ڀري
ڇڏين ٿا ته انهن کي سنڌ جي باري ۾ سوچڻ گهرجي غربت سٽيل علائقن ۽ ماروئڙن جو آواز
بڻجڻ گهرجي
سينٽ اليڪشن، ڌانڌلين کان هارس ٽريڊنگ تائين...!!(غلام مصطفيٰ جمالي)
سنڌي ۾
هڪ مشهور چوڻي آهي ته“نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪُٽجي”۽ اهو پهاڪو هن وقت سنيٽ جي
چونڊن سان بلڪل ٺهڪي ملي ٿو ڇو ته سينٽ چونڊن کان پهرين سينٽ ميمبر جي وڪامڻ واري
ڳالهه ۽ انکانپوءِ هارس ٽريڊنگ وارو معاملي تائين پهچڻ، جنهن مان اها ڳالهه ثابت
ٿي ٿئي ته معاملو وري به لئي مٽي ٿي ويندو بس ٿوري وقت لاءِ هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا
آهي ٻيو ڪجهه به نه..ڇو ته هي پاڪستان جي سياست جو اهو تلاهه آهي جنهن اندر
سموريون مڇونُ مانگر مڇ ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن جئين اڳين جو الهه تلهه ناس ڪري
سگهجي.انهي ڳالهه به ڪو شڪ ناهي ته سينٽ جي چونڊن ۾ هن وقت تعداد ۾ پئسو استعمال ڪيو ويو آهي ۽
انهي معاملي کي سامهون رکندي ٿيڻ ته ائين گهرجي هان ته معاملي جي پوري طرح ڇنڊ ڇاڻ
ڪئي وئي هان ۽ سينٽ جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ها پر هڪ وري هڪ نئون بحث ڪرڻ
کان بهتر آهي ته سمورين سياسي جماعتن جي اڳواڻ کي اهو ڪرڻ گهرجي ته ماٺ ۽ خاموشي
واري رستو اختيار ڪري ويهي رهن ته ملڪ لاءِ بهتر ٿيندو ۽ جيڪو به ڪجهه ڪرڻو اٿن
اهو پنهنجي پارٽي ۾ ويهي ڪن جئين ملڪ اندر هڪ نئون رينگٽ شروع نه ٿي.بجائي انجي جو
پارليامينٽ تي ڇهه ڇنڊجن،هن وقت عدليه ۽ پارلياميٽ جي خلاف جيڪا سياستدن جي زبان
استعمال ٿي رهي آهي اهڙِي زبان پاڪستان جي تاريخ ۾ به ڪڏهن استعمال ناهي ٿي.
پارليامينٽ مٿان ايترو ته گند اڇلايو ويو آهي جنهن اندر هر ماڻهو جو دامن داڳ دار
نظر اچي رهيو آهي ضميرفروشي جو ڪاروبار ايترو ته وڌي ويو آهي جو جنهن کي جيتري به
لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهو ڪاروبار اوترو نروار نظّر اچي رهيو آهي ۽ وجهه به
اها ئي آهي ته انهي کان انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي،هن وقت اندر هاڻ ته اهو رواج ٿي
ويو آهي ۽ هي ڪاروبار عروج تي پهتل آهي هتي هر ڪو انهي عيب دار چادر کي پنهنجي ڳچي
مان ڪڍي ڪري ٻئي جي ڪنڌ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن مان اهو ثابت ٿي ٿو ته
سڀ پئسي جي راند آهي جيڪو گهڻي ٻولي لڳائيندو آهي اهو وڌيڪ ميمبر خريد ڪندو آهي.
جڏهن ته اسميبلي ميمبر هڪ دفعو پاڻ کي خريد ڪرائيندو آهي ۽ پاڻ انهي اسميبلي اندر
ڇهه سال وڪاميندو رهندو آهي،۽ پاڪستان جي معصوم قوم کان سندس ڏنل پئسو وياج سميت
وصول ڪيو ويندو آهي،پر ٿيندو ڇا..؟سڀ ڏسندا چار پنج ڏينهن شور شرابو هلندو ۽ پوءِ
روايت موجب اهو معاملو وري به آهستي آهستي بند ڪتابن ۾ رهجي ويندو جنهن جو ماضي جو
هڪ پراڻو قصو به نه لڳندو،۽ پاڪستاني عوام وري به پنهنجي ڪمن ڪارن ۽ موج مستي ۾
لڳي ويندي.جڏهن ته ڪير به اهو نه ٿو سوچي ته پوري دنيا ۾ بدنام ٿيندڙ پاڪستاني
سينٽ جي چونڊن جي نظام کي تبديل ڪجي مان سمجهان ٿو ته اهو نظام تبديل ته پري جي
ڳالهه آهي انهي نظام کي وڌيڪ خراب ڪيو ويندو،ڪو زمانو هو جنهن اندر اهو چيو ويندو
هو ته جنهن وٽ ٻه سئو ڪروڙ رپيا هجن اهو پوري قومي اسيبملي خريد ڪري وزيراعظم ٿي
سگهي ٿو جڏهن ته اهو سستو زمانو هو ۽ هاڻ انهي جا ريٽ جي مٿي چڙهي ويا آهن،جڏهن ته
ٻن سئو ميمبرن جو ايوان سئو ڪروڙ رپين ۾ ته مطلب ته في ميمبر هڪ ڪروڙ رپين ۾ جڏهن
ته هن وقت هڪ سياسي پارٽي ڪجهه ميمبر خريد ڪرڻ لاءِ ٽي سئو ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا
آهن،جڏهن ته فاٽا وارن هڪ هڪ ووٽ کي ڪروڙن ۾ وڪرو ڪيو آهي،جڏهن ته هن
وقت جي اهڙِي ماحول کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ اليڪشن اندر ووٽ جي قيمت
ڇا هوندي،مان سمجهان ٿو ته اها به پاڪستاني عوام جي خلاف هڪ سازش آهي. پهرين
پاڪستان جي عوام کي پسئو ڏيکاري کين لالچي ڪيو ويو وڃي پوءِ انهي لالچ جو فائدو
وٺندي کائونس ووٽ خريد ڪيو ويندو،۽ اهڙِي ماحول کي ڏسندي اهو هام هڻي چئي سگهجي ٿو
ته اسان وٽ جهموريت آهي.؟؟ ۽ پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي آزادي سان ڪو فيصلو ڪري
سگهي ٿي يانه.؟پهرين چيو ويندو هو ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون چاهين ته عام ماڻهو کي
به ٽڪيٽ ڏئي ڪري کين ميمبر بڻائي سگهن ٿو پر هاڻ اهو تاثر آهي ته انهي ميمبرن کي
ٽڪيٽ به ڪروڙين رپيا ڏٺي ڪري پوءِ ڏنو ويندو،۽ پوءِ پاڪستاني عوام اهڙِن ميمبرن
مان ڪا سٺائي جي اميد رکي جيڪ خد ڪروڙين رپيا ڏئي ڪري ايوان ۾ آيا هجن،۽ پوءِ اهي
حڪمران عوام جا ڪهڙا مسئلا حل ڪندا مان سمجهان ٿو ته اهڙن اميدوارن جي ذهن ۾ ته
صرف ڏنل پئسو وياج سميت اوڳاڻڻ واري ڳالهه هوندي ٻيو ڪهجه به نه اهي ڪهڙا ويهي
عوام جا درد ڏک دور ڪندا.انهي ڪري هن وقت سينٽ جي چونڊن بابت جيڪو معاملو هلي رهيو
آهي انهي تي سنجيندگي سان ويهي سوچڻ جي ضرورت آهي يا نه اهو به اوهانجي ذهن تي
ڇڏجي ٿو،ليڪن هن وقت جيڪي حالتون آهن انهن حالتن ۾ ته الڪيشن ڪيميشن به بي وس ۽
لاچار نظر اچي رهيو آهي ڇو ته وٺس ڪي اختيار ئي ناهن جو هو ضمير فروشن خلاف آپريشن
ڪري سگهي،جڏهن ته بنيادي طور تي ڪنهن به پارٽِي ميمبر کي اهو آئيني حق مطابق نه ٿو
روڪي سگهي ته هوُ پنهنجي پارٽي جي مطابق ووٽ ڏئي اها سندس دل جي مرضي آهي انهي ڪري
اهي ميمبر خفيه طريقي سان پنهنجي ٻولي لڳائي ڪري پنهنجي پارٽي جي خلاف ووٽ ڪاسٽ
ڪري ڪروڙين رپين جا مالڪ ٿي ويندا آهن،ڪو زمانو هو جنهن زماني اندر پاڪستان اندر
انهي ڳالهه جو تصور به نه هوندو پر هاڻي اها سياست هڪ سياسي منڊي تي وئي آهي جتي
ميمبرن توڙي ووٽرن جو ووٽ کي خريد ڪيو ويندو آهي،انهي ڪري مان سمجهان ٿو ته هاڻ
اهو وقت اچي ويو آهي جو سنيٽ جي ميمبر چونڊ کي به الڪيشن ۾ منقعد ڪيو ويو قومي
اسميبلي جي ميمبر وانگر سينٽ جي ميمبر جي چونڊ به عوام ڪري پر هن وقت ملڪ اندر
ائين ٿيڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي ڇو ته جيڪڏهن ائين به ٿي عوام سان وڌيدن ڪير
ڪري. هن وقت خد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل جو نمائندن
جو ڪردار اهڙو هئڻ گهرجي جو انهن لاءِ هارس ٽريڊنگ جو لفظ استعمال نه ٿيڻ گهرجي،
ملڪ جون حالتون ڏسي ججن کي به روئڻ ايندو آهي پر کليل نموني سان روئي ناهيون
سگهندا.انڪري مان سمجهان ٿو ته نانگ ويو نڪري ۽ لڪيو پيو ڪٽجي وارو پهاڪو بلڪل به
درست آهي ۽ ملڪ اندر قومي ادران به پئسڻ جي ٻولين ۾ تورجن ٿا
شگـر مـلـز انـتـظـاميـا جـو ڪـمـنـد جـي آبــادگـارن تـي ايـتـرو ظلـم ..؟(نادر حسين ڀٽي )
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته
شگر ملن جو به ملڪي معيشت ۾ وڏو هٿ هوندو آهي پر ڪجهه سياسي عناصرن پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪري
سنڌ جي آبادگارن کي ڪنگال بڻائڻ لاءِ انهن جو رت چوسي پنهنجا خزانا ڀرڻ ۾ پورا آهن .
۽ ڪند جي آبادگار روز احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ 2 ڏنيهن
اڳ سنڌ پنجاب دنگ تي ڪمند جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ان موقعي
تي شگر مل انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ ڌرڻو ڏئي ڪمند جي پڙاهي بند ڪرائي
وئي ۽ انهن چيو ته 1 ميهنو گذرڻ باوجود به سنڌ جون ملون اسان کي پئسا نه ٿيون ڏين ۽ سنڌ حڪومت
آبادگارن بجاءِ شگر مل انتظاميا سان ٻٽ بڻيل آهي آبادگار اڳواڻ .
سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد مقام
تي ڏهرڪي شگر ملز خلاف آبادگارن جو ڪين اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ۽ شگر مل
انتظاميا خلاف سخت نعري بازي آبادگار اڳواڻ احمد خان سيلرو ، ميان شبير احمد ڀارو
، محمد ايوب مزاري جي اڳواڻي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ سنڌ حڪومت آبادگارن بجاءِ شگر
مل انتظاميا جي سپورٽ ڪري رهي آهي ۽ اسان جي مدد ڪرڻ وارو به ڪو ناهي ضلعي
انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت به گهري ننڍ ۾ ستل آھي ڪمند جي آبادگارن کي شگر ملز انتظاميا پئسا ڏئي جيئن اهي پنهنجون
ضرورتون پوريون ڪري سگهن ،
افسوس
ان ڳالهه جو آهي ته پنجاب حڪومت ڪمند جي آبادگارن کي 180 رپيه اگهه وٺي ڏئي رهي
آهي شوگر ملز انتظاميا في ٽرالي تي 50 کان 100 مڻ ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ ۽ گهٽ اگھ ڏين ٿا ۽
سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ ڪمند جي آبادگارن کي 1 ميهنو گذرڻ باوجود به
پئسا نه ملڻ ڪري آبادگار فڪاڪشي تي مجبور آهيون ۽ ڪمند جي آبادگارن جا ٻار بک مري
رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم نٿا ڏئي سگهن ڇو ته اهي اسڪول ۾ ٻارن جي
فيس نٿا ڀري سگهن ۽ انهن وٽ 172 جو سي پي آر هجڻ باوجود به شگر مل انتظاميا پئسا
نٿي ڏئي رهي آهي ۽ ڪمند جا آبادگار آخر ڪنهن جي اڳيان وڃي پنهنجا لڙڪ هارين پنهنجا ڏک درد سور کي ڏکائين .
افسوس
ان ڳالهه جو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت توڙي قيادت سنڌ جي آبادگارن کي نظر انداز
ڪري ڇڏيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جلد آبادگارن جي حق ۾ فيصلو ڏئي آبادگارن ۽ انهن جي
ٻارن تي رحم ڪيو وڃي ۽ شگر مل انتظاميا کان پئسا جلد وٺي ڏياريا وڃن ۽ جيڪا انهن
مايوسي ڇائينل آهي اها ختم ڪئي وڃي هن وقت ڪمند جهڙي بهترين فصل جو اگهه ٽال تي وڪرندڙ سڙيل ۽ ناڪاره
ڪاٺين کان به گهٽ آهي مل انتظاميه وارن جي من مستي ان حد تائين آهي جو ڪمند جي
هلندڙ سيزن جيڪا هر سال آڪٽوبر مهيني ۾ شروع ٿيندي آهي ، ان کي مختلف بهانن ۽ بد
نيتن سان اڳتي پوئتي ڪري جنوري ۾ به پنهنجي مرضي مطابق ۽ پنهنجي ئي اگهه موجب
شروعات ڪئي آهي شگر مل انتظاميه وارن جي اها مرضي ڪنهن فورو ڌاڙيل ۽ دشتگردن کان
گهٽ نه آهي ڪڻڪ جي پوک کي ملڪ جي سمورين پوکن مٿان فضيلت ان ڪري آهي جو پوري دنيا
جي غريبن توڙي امير ماڻهن جي پيٽ جو اهم کاڌو آهي ، ان پوک کي نومبر کان پوکيو
ويندو آهي ۽ جڏهن کان ڪمند جي فصل کي ڪٽي شگر مل کي سپلاءِ ڪبو آهي جيڪو هن وقت
سنڌ جا سمورا آبادگار بيوس بڻجي نه ڪاهي سگيا آهن مجبورن الله پاڪ ڏي هٿ کڻي روڊن
تي احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري آيا ۽ انهن جو حشر جيڪو حڪومت سڳوري ڪراچي ۾ ڪيو اهو
سمورن سنڌ جي سڃاهه ونڊن توڙي عام ماڻهن کان گجهو نه آهي . بار بار احتجاج ڪري
ڌرڻا هڻي آبادگارن ڪورٽ سڳوري جي انصاف لاءِِ در کڙڪايو ڪورٽ مان ڪجهه انصاف ته
مليو ، لڪين مل انتظاميه وارن انهن ڪورٽن جي فيصلي کي به لت هڻي پنهنجي ڏاڍ ۽
بربريت جو مظاهرو ڪري شگر ملين کي بند رکيو ۽ پنهنجي ايڏي هوڏ ۽ هٺ ڏيکاريو ڇڏيو
جو اهو ثابت ٿي ويو ته سنڌ جا آبادگار ته ڇا پر ملڪ جون ڪورٽون به انهن جي لاءِ ڪا
اهميت نه ٿيون رکين هن وقت ڪمند جي حالت اها آهي جو آبادگار ڪمند جي گاڏين کي
جنازو سمجهي گهر مان ڪڍڻ لاءِ تيار آهن ڇو ته مٿان گرمي جي موسم جي شروعات ٿي
ويندي ۽ آبادگار ڪمند کي نيڪال ڪري نه سگهندا . شگر مل انتظاميه وارا آبادگارن جو
اجورو به پنهنجي مرضي سان ڏين ٿا ، سنڌ جي آبادگار هن وقت مل انتظاميه وارن وٽ
يرغمال آهن ڪورٽن ۽ حڪمرانن سياستدان يا ته بيوس بڻيل آهن يا وري انهن مل انتظاميه
وارن جي ملي ڀڳت ۾ شامل ٿي ڪري آبادگار کان زراعت جي پوک جو حق کسڻ لاءِ انهن
تباهه ڪرڻ لاءِ ڀاڱي ڀائيوار آهن ،
هن وقت جڏهن ڪمند جو اگهه
به ڪو نه آهي پر ڪٽوٽي چوٽان چوٽ آهي ، اتي بروڪرن جي بازار به ڏاڍي گرم آهي سنڌي
۾ چوندا آهن ته ڏاچي هڻ ڏهه توڏي هڻي تيرهن ؛ شگر مل جا ماڻهو پئسا روڪن ته اهي
وري اڃان گهٽ قيمت ڏين ٿا آبادگارن کي پيا ائين
رلائيندا آهن نالي ۾ ڪيش پر پوءِ پيو ڳولين بس بروڪر لڀندو ئي ڪو نه پوءِ سنڌ جي
آبادگار ڪمند جي پوک کي پنهنجي بدنصيبي ۽ تقدير جو فيصلو سمجهي پيو دل کي دلاسو
ڏيندا آهن ته ماڻهو به مري ويندو آهي بيماري به ٿيندي آهي ڪمند جو فصل ويو ته گهر
و ڀاتي فوت ٿي وڃڻ جو مثال ڏئي پيو دل کي تسلي ڏيندو آهي ،
افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته ڪمند جي ٽرالين سبب روڊ بلاڪ ٿي ويندو
آهي ۽ روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل هوندا آهن ۽ ايمبولنس کي جاءِ نه
هوندي آهي ته هو ڪنهن سيريس مريض کي اسپتال پهچائي سگهي ، ان لاءِ ڪيترائي مريض
رستي ۾ ئي پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪيتريون حمل واريون عرتون رستي ۾
ئي ٻارن کي جنم ڏين ٿيون ۽ ڪيترائي ٻار هن دنيا ۾ ئي اچڻ کان پهرين دم ڏئي وڃن ٿا
۽ ڪيتريون عرتون ٻارن کي جنم ڏيڻ کان پهرين دم ڏئي ڇڏين ٿيون خدارا آبادگارن مقرر
اگهه ڏئي بند ٿيل رستا کلرايا وڃن ، جئين ته انساني جانيون بچي سگهجن ،
شگر ملن
جو نئو ڪارنامو ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺن ۾ گهوٽڪي شگر ملز جي ڊي ڊبليو 3 پاران زهريلو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ پاڻي ڳوٺن ۾
ڇڏڻ سبب علائقي جي ماڻهن ڪيترن ئي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن ۾ دمو ،
ٽبي ، ۽ اتان جا معصوم ٻارڙا اکين جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، شگر ملز
انتظاميه سنڌ جي غريب عوام تي وڏو ظلم جي انتها ڪري رهيا آهن ۽ زهريلي پاڻي جا
پائيپ غريب ماڻهن جي گهرن ڏانهن لڳائي رهيا آهن پر ڊي سي گهوٽڪي ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻ
بجاءِ شگر ملز انتظاميا جا زهريلا پائيپ لڳرائڻ ۾ پڻ مدد ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت
شگر ملز انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري غريب ماڻهن کي انصاف ڏنو وڃي ۽ گهوٽڪي جي ڳوٺن
کي شگر ملز جي عزاب ۽ شگر ملز ڪري ٿيندر بيمارين کان بچايو وڃي .
آخر ۾ آئون هڪ ڪمند جي
ننڍڙي آبادگار جي حثيت سان سنڌ جي سمورن آبادگارن جو فرياد هنن لفظن ۾ وس وارن آڏو
پيش ڪندس ته ڪجهه اسان جي سنڌ جي آبادگارن کي خدا جي واسطي شگر ملز انتظاميه کان بچايو وڃي ،
ڪمند جي آبادگارن کي پيئسا وٺرائي ڏئي ۽ ڪمند جي آبادگارن جي مفادن جو توڙي سنڌ جي
زراعت جو خيال ڪندا .
ڇا مسلم ليگ (ن) ختم ٿي ويندي؟ (صاحب خان ڀٽي)
پاناما کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو مستقبل ته
اونداهو نظر اچي رهيو آهي پر جيڪا به ڪارروائي نوازشريف خلاف ٿي رهي آهي، ان جا اثر ٻين پارٽي تي به
ضرور پوندا، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ ڳجهن طاقتن جو واسطيدار پارٽيون
ئي پاڻ کي بچائي احتساب بچائي سگهنديون، رهي ڳالهه پيپلزپارٽي، اي اين پي جي ته
انهن بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته ان وقت
نوازشريف ڪارو ڪوٽ پهري عدالتن ۾ پهتو هو، خبر ئي نه پيو پئي ته آخر ڪنهن جي چوڻ
تي پيپلزپارٽي خلاف مهم هلائي رهيو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افختار چوڌري جي بحالي
لاءِ ته هو حڪومت سان به مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ
به تيار هو، جنهن بابت اهو چيو ويو هو ته جيڪڏهن نوازشريف چاهيو ته حڪومت
ڪري به سگهي ٿي ۽ ٻيهر چونڊون به ٿي سگهن ٿيون ۽ اهو سڀ ان جج لاءِ ڪري رهيو هو،
جنهن کي اڳوڻي جنرل پرويز مشرف افتخار چوڌري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو ۽ 12 مئي
جو واقعو به پيش آيو، جنهن جو مک جوابدار ايم ڪيو ايم کي سمجهيو پيو وڃي.
بهرحال ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن به چيف جسٽس جي بحالي واري جدوجهد ۾ هڪ ٻئي جون
مخالف هونديون هيون پر پيپلزپارٽي ۽ نواز ۾ اتحاد هوندو هو، اهو ئي سبب هوجو اها
جدوجهد ڪامياب ٿي وئي هئي پر بينظير جي شهادت کانپوءِ پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي جي
حڪومت آئي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري افتخار چوڌري کي بحال ڪرڻ انڪار ڪري ڇڏيو
هو، اهو ڇو ٿو، ڇا جي ڪري پيپلزپارٽي نه پئي چاهي ته افتخار چوڌري بحال ٿئي، اها
ته رڳو پيپلزپارٽي کي ئي خبر هوندي، بهرحال نواز ليگ جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ افتخار
چوڌري پنهنجي عهدي تي بحال ٿي ويو ۽ جيئن هو عهدي تي آيو ته هن اهڙي شخص کي عدالت
۾ طلب ڪيو، جنهن کي هن ملڪ ۾ جي تاريخ ۾ ڪنهن به گهرائڻ جي همت نه ڪئي هئي، مطلب
ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري هڪ آرمي چيف جي عهدي تي رهندڙ شخصيت کي عدالت ۾
طلب ڪيو، جيڪو گهران اهو چئي نڪتو ته
عدالت وڃي رهيو آهيان، جنهن جون خبرون بار بار ميڊيا تي ڏيکاريون ويون ته اڳوڻو
آمر عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ روانو ٿي ويو آهي بعد ۾ اها خبر هلي ته هو عدالت وڃڻ
بدران اسپتال هليو ويو ، سندس طبعيت خراب ٿي وئي. بهرحال اهو ته ماضي هو پر هاڻ
جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه تبديل ئي ٿي رهيو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته
ملڪ ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، اها تبديلي هن ملڪ جي حقن کان محروم ننڍن صوبن
لاءِ تمام گهڻو ڪارائتي ٿيندي،
جيئن ته ملڪ ۾ اهي به ڳالهيون هليون
رهيون آهن ته نوازشريف وارو معاملو ٻن لاڏلن جو آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان جهيڙو
ڪري رهيو آهي، مطلب ته سڄو اشارو ميان محمد نوازشريف ۽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران
خان ڏانهن ئي آهي. جيئن ته ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ چونڊون به ويجهو اچي چڪيون
آهن ۽ سينيٽ چونڊ ۾ پارٽيون هڪ ٻئي خلاف مهم هلائي رهيون هيون هاڻ ته نوازشريف هڪ
ڀيرو ٻيهر نااهل ٿي ويو آهي، اڳ ۾ سندس وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو ۽ هاڻ کيس پارٽي
جي صدارت تان هٽايو ويو آهي، مطلب ته کيس ٻيهر نااهلي جو ٺپو هنيو ويو آهي. جهڙي
ريت ملڪ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته چونڊون ٿيندي نظر نه
اچي رهيون آهن، هڪ طرف مختلف جماعتن ۾ به ڇڪتاڻ جو سلسلو تيز ٿيندي پيو وڃي ته ٻئي
طرف وري چونڊون به تمام گهڻو ويجهو اچي ويون آهن. سياسي پارٽين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب هڪ طرف معيشت کي نقصان پهتو
آهي ته ٻئي طرف وري عام ماڻهو مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ نوازليگ جاتي امرا
۾ گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جنهن سبب حالتون بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن،
جيڪڏهن ڪو احتجاجي ڌرڻوٿئي ٿو ته ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ به
فوج کي طلب ڪيو وڃي ٿو، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس به حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي، جڏهن
ملڪ جون اهڙيون حالتون هجن ته ڪهڙي ريت
هي ملڪ ايندڙ چونڊن کي برداشت ڪري سگهندو. هڪ طرف سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانوبڻائي
وڃي ٿو ته ڪڏهن اسلام آباد جهڙي ريڊ زون ۾ صحافين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ جوابدار
گرفتار ئي نه ٿا ٿين ۽ نامعلوم دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪندي پنهنجي ٻرن ۾ لڪي
وڃي ويهي رهن ٿا. بهرحال هن ملڪ ۾ اڳ
دهشتگردي جو وڏو مسئلو هو ۽ هاڻ سياسي بحران پيدا ٿي ويو آهي، بقول نواشريف جي ته
هاڻ هو هڪ نظرياتي ليڊر بڻجي چڪو آهي پر سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چئي رهي آهي ته
نوازشريف کي چريو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيئن ته نوازشريف ڄ ڪلهه عدالتن خلاف
بيان ڏيڻ ۽ انتقام وٺڻ جون دانهون ڪري رهيو آهي. نيب به نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف
ڪارروايون ڪري رهي آهي، احتساب جي حڪم تي شريف ڪٽنب تي ريفرنس بابت نيب جاچ به ڪري
رهي آهي، هاڻ ته نواز ليگ جي لاءِ سياست به تمام گهڻو ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هڪ طرف
نوازشريف جي پارٽي جو مستقبل تي داءُ تي لڳي ويو آهي ته ٻي طرف سندس ڪٽنب جي خلاف
جاچ به سندن لاءِ ڏکيائون پيد ڪري ڇڏيون آهن. ماضي ۾ جڏهن به نوازشريف تي ڪو ڏکيو
وقت آيو ته پيپلزپارٽي سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر افسوس جو اڳوڻي گهرو وزير
چوڌري نثار جي رويي سبب پيپلزپارٽي ۽ نواز
ليگ ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي وئي هئي، ايتري قدر جو ڪيترائي ڀيرا نواز شريف پيپلزپارٽي
جي اڳواڻن کي پرچائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي پر مختلف وقتن تي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي
آمهون سامهون اينديون رهيون، هن وقت ٻنهي پارٽين ۾ وچ ۾ ويڇا ساڳي ريت موجود آهن ۽
پيپلزپارٽي واضح طور چئي چڪي آهي ته هو نوازشريف جو جمهوريت خاطر ساٿ ڏيندا هئا پر
هاڻ هو نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ
انصاف جي سياسي ميدان خالي ٿي چڪو آهي
۽نواز ليگ جو پري پري تائين ڪو به سياسي مستقبل نظر نه اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته
نوازشريف کي 2 ڀيرا نااهل قرار ڏيڻ بعد نوا ليگ کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي ۽
پارٽي کي ساڳي پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ نوازشريف کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي،
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن نيب شريف ڪٽنب کي پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس
جاري ڪيا هئا پر انهن مان هڪ به فرد نيب آڏو پيش نه ٿيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف
چيئرمين عمران خان چيو هو ته نوازشريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏنو ويو
آهي ۽ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ڏيکاريندو. رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي به پارٽي
فنڊنگ جو ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪو به هڪ حساس ڪيس آهي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪيس به تحريڪ
انصاف جي سربراهه عمران خان خلاف هلي رهيا آهن. پي ٽي وي تي حملو، پارليامينٽ تي
حملو ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ڪيس سميت چار ڪيس دهشتگردي ٽوڙ واري
عدالت ۾ هلي رهيا آهن. جنهن جي هڪ ٻه ٻڌڻين ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به
پيش ٿي چڪو آهي ۽سندس حاضري کان ڇوٽ واري
استدعا به منظور ڪئي وئي هئي، مطلب ته نوازشريف خلاف فيصلواچي چڪو آهي ۽ باقي
عمران خان خلاف فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، جنهن جو هن ملڪ جي عوام کي بيچيني سان
انتظار آهي. پر هن وقت جيڪي حالتون پيدا
ٿي چڪيون آهن ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته چونڊون وقت تي ڪرائڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي،
هڪ طرف نيب جي ضمني ريفرنسز جون ٻڌڻيون ته
ٻي طرف وري ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، جنهن سبب
مهانگائي به ٿي آهي ۽ معيشت کي به ڌڪ رسيو
آهي ۽ سمورين سياسي جماعتن جي اها خواهش آهي ته انهن جو پارٽي سربراهه وزيراعظم
ٿئي پر هاڻ ايندڙ چونڊن ۾ ڪير وزيراعظم ٿو
ٿئي، ان جو فيصلو ته عوام کي ئي ڪرڻو آهي،
جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته، نه ته ماضي جيان هن ڀيري به هلندڙڇڪتاڻ جو نقصان جمهريت کي
ئي ٿيندو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مسلم ليگ ن جي رجسٽرين رد ٿئي ٿي يا نه؟ جيئن ته هن
ملڪ ۾ ڪا به پارٽي پنهنجو نالو تبديل ڪري
ڪم ڪري سگهي ٿي، انهن کي ڪو به چوڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو آهي، اهڙي طرح شايد مسلم
ليگ نواز جو به نالو تبديل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ هڪ اهڙي درخواست به داخل ڪئي
وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نااهل جي نالي سان ڪا پارٽي به نٿي
ٺهي سگهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته نوازشريف لاءِ عدالتن ۽ فوج خلاف ڳالهائڻ تمام
گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيو آهي.هاڻ ڏسڻو پوندو ته نوازشريف مسلم ليگ ۾ نون کي ڪيئن ٿو
بچائي.
sahibalisindhi@gmail.com
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...