پاڪستان امن جو ٻيون نالو آهي (شيرمحمد سولنگي)

اربع 07 مارچ 2018ع: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته اسان ڪنهن به قيمت تي پرامن پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين، پاڪستاني قوم هلندڙ سال 23 مارچ تي 78 هون يوم پاڪستان روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي جنهن جي لاءِ پوري ملڪ ۾ تياريون زور شور سان جاري آهن. يوم پاڪستان جي موقعي تي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ پريڊ به ڪئي ويندي جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شرڪت ڪندا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر 78 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي عزم جو اظهار ڪيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته قوم 23 مارچ تي 78 هون يوم پاڪستان ملهائڻ لاءِ تيار آهي.هن چيو ته پاڪستان امن جو ٻيو نالو آهي ۽ اسان ڪنهن قيمت تي پرامن پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين.پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارتي جاسوس ڊرون ڪيرائي وڌو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ڀارتي جاسوس ڊرون لائن آف ڪنٽرول جي چري ڪوٽ سيڪٽر ويجهو موجود هو جنهن کي پاڪ فوج ڪيرائي وڌو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوانن ڀارتي جاسوس ڊرون کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پاڪ فوج موجب گذريل هڪ سال دورنا اهو چوٿون جاسوس ڊرون آهي جنهن کي پاڪ فوج طرفان تباهه ڪيو ويو آهي. آمريڪي اختيارين پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪنٽرول لائن تي پاڪستان ۽ ڀارتي فوج جي وچ ۾ سرحدي جهڙپن سبب ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ فرقيواراڻا ۽ دهشتگردي جا واقعا گهٽ ٿي ويا، آمريڪي دفاعي انٽيليجنس ايجنسي ڊي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل رابرٽ پي ايشلي عالمي سلامتي صورتحال تي پنهنجي رپورٽ آرمڊ سروسز ڪميٽي ۾ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستاني ڪوششن سبب فرقيواراڻا ۽ دهشتگردي جا واقعا گهٽ ٿيي ويا. پاڪستان سرحدي دراندازي ۽ پوري ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف آپريشنز جاري رکندو جڏهن ته اولهه بارڊر مينيجمينٽ جون ڪوششون به ڪندو رهندو، پاڪستان افغانستان ۾ موجود مخالف عنصرن خلاف ڪارروائي چاهي ٿو جنهن جي لاءِ هو آمريڪا ۽ افغانستان طرف ڏسي پيو. آمريڪي دفاعي انٽيليجنس ايجنسي چيو ته ڪنٽرول لائن تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جهڙپن سبب ڇڪتاڻ وڌڻ جا خطرا آهن، اميد آهي ته هلندڙ سال به ڪنٽرول لائن تي موجوده صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رهندي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارت فوج کي جديد بڻائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي ڇو ته هو عالمي طاقت جي طور تي پنهنجي حيثيت مڃرائڻ چاهي ٿو، نئين دلي پنهنجي عالمي حيثيت لاءِ ايٽمي طاقت کي ضروري سمجهي ٿو. ان ئي سلسلي ۾ هو پهريون ايٽمي آبدوز ٺاهي انڊين نيوي جي حوالي به ڪري چڪو آهي، جڏهن ته جلد ٻيون ايٽمي آبدوز به بحريه جي حوالي ڪري ڏيندو، ڀارت پوري ايشيا ۾ پنهنجي سفارتي ۽ معاشي رسائي ثابت ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن ته بحر هند ۾ پنهنجن مفادن جو تحفظ به ڪري رهيو آهي. پاڪستان امن جي لاءِ چائنا سان رابطو آهي تعليم جي شعبي ۾ به چائنا سهڪار ڪري رهيو آهي .  مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيرئنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ چائنيز ٻولي جي سکيا وارا ڪلاس 26 مارچ کان شروع ٿيندا. مهراڻ يونيورسٽي ۾ چائنيز ٻوليءَ جي سکيا واري پروگرام جي افتتاحي تقريب ٿي گذري. تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ راهداري منصوبي ۾ روزگار جا تمام گهڻا موقعا پيدا ٿيندا، جنهن لاءِ اسان کي تريبت يافتا ماڻهن جي ضرورت پوندي. ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي مستبقل کي مد نظر رکندي چائنيز ٻولي جي سکيا وارو هي ڪورس شروع ڪيو آهي، جنهن جي باني بيچ ۾ 25 شاگردن داخلا ورتي آهي. وائيس چانسلر چيو ته راهداري منصوبي جي مختلف پراجڪيٽن ۾ وڌيڪ گهرج انجنيئرن جي ٿيندي، ان لاءِ انهن کي چائنيز ٻوليءَ به سکڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت دنيا جو هر چوٿون ماڻهو چائنيز ٻوليءَ سمجهي ۽ ڄاڻي ٿو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پرنسپال ڪمانڊو محبوب الاهي ملڪ چيو ته پاڪ چائنا دوستي ٻنهي قومن جي ترقي جي ضمانت ثابت ٿيندي. هن چيو ته مهراڻ سان ٻولي جي سکيا وارو معاهدو اعزاز جي ڳالهه آهي. ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال وڌيڪ چيو ته تعلقات وڌائڻ لاءِ چائنيز ٻوليءَ جو اچڻ لازمي آهي، جيڪا ايندڙ وقت ۾ هر ڪنهن لاءِ ڄاڻڻ ضروري ٿي پوندي. ان کان اڳ تفصيلي پريزنٽيشن ڏيندي چائنيز ٻوليءَ جي پيٽارو ڪاليج ۾ قائم ڪلاس رومن جي ڊائريڪٽر  گانگ  جنپي  چيو ته ملڪ ۾ ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد جي تعليمي ادارن ۾ چائنيز ٻولي جي سکيا وارا سينٽر ڪلاس روم قائم ڪيل آهن. هن وقت ڪيدٽ ڪاليج وارا ڪلاس به بهتر نموني ڪم ڪري رهيا آهن. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي ۽ ڪيدٽ ڪاليج جي چائنيز لئنگيوج واري ڪلاس رومس وچ ۾ معاهدو ڪيو ويو، جنهن تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، ڪيدٽ ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڪلاس رومس جي ڊائريڪٽر گانگ جنپي صحيون ڪيون. جڏهن ته تقريب ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن چائنيز ٻوليءَ جا گيت ڳايا ۽ انهن تي پرمانس پيش ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته اسان ڪنهن به قيمت تي پر امن پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين.  پاڪستاني قوم هلندڙ سال 23 مارچ تي 78هون ” يوم پاڪستان“ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي جنهن لاءِ سڄي ملڪ ۾ تياريون جاري آهن. يوم پاڪستان جي موقعي تي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پريڊ به ڪئي ويندي جنهن ۾ ٽينهي هٿياربند فوجن جا جٿا شرڪت ڪندا. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر 78 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي عزم جو اظهار ڪيو. سماجي رابطن جي سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته قوم 23 مارچ تي 78 هون يوم پاڪستان ملهائڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن جو ٻيون نالو آهي ۽ اسان ڪنهن به قيمت تي پر امن پاڪستان جي حفاظت ڪنداسين. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 8 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. تفصيل موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪونسل جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 8 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ 11 ارب 36 ڪروڙ ماليت جي ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ، راولپنڊي ۾ 5 ارب ماليت سان 200 بيڊن جو گائني سينٽر قائم ڪرڻ، سدرن پنجاب مان غربت جي خاتمي لاءِ 7 ارب کان وڌيڪ جي منصوبي ۽ ڊيرا غازي خان ۾ نادرن باءِ پاس منصوبي جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چترال، بومي، مستوج شندور شاهراه کي وڌائڻ جي جي منظوري به ڏني وئي. شاهراهن جي واڌاري تي 16 ارب 75 کان وڌيڪ لاڳت ايندي. ان کان سواءِ راولپنڊي ڪهوٽا روڊ منصوبي، ڄاڻايل باءِ پاسن لاءِ 13 ارب جي منظوري، 8 ارب جي لاڳت سان زيارت، مور، ڪيچ هرنائي شاهراهه جي تعمير جو منصوبو ۽ ڪي ڪي ايڇ متاثرن جي بحالي، لينڊ ايڪوزيشن جو 12 ارب 60 ڪروڙ رپين جو منصوبو به منظور ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment