عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جي مائرن جي دانهن(درياءُ خان جهتيال)



سنڌ سميت پوري دنيا ۾ عورتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عورتن، هارياڻين، غريب، جدوجهد ڪندڙ ۽ همٿ وارين عورتن بابت ڳالهايو ويندو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ سميت دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ننڍا، وڏا پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ مقرر عورتن جي حوالي سان پنهنجا خطاب ڪندا آهن، عورتن جي جدوجهد، ڏُکن وارين پيچرن تي هلندي ۽ پنهنجي دردن سان وڙهندڙ سنڌ جون عورتون بہ آهن.
درد، ڏُک بہ مختلف قسمن جا ٿين ٿا، جيڪي عورتون ماءُ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون اهي پنهنجي ٻچڙن جي وڇوڙي جي غم ۾ پنهنجي اکين جون نور وڃائي ويهن ٿيون، ڪي عورتون وري هارپا، پورهيا ڪري تڪليفن کي منهن ڏين ٿيون، ڪي وري پنهنجي ٻچڙن جي خوشين لاءِ گهرن ۾ پورهيا ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪن ٿيون، سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي مائرون، عورتون موجود آهن، اڄ هن عورتن جي ڏينهن جي حوالي سان پاڻ انهن مائرن جا درد بيان ڪنداسين جن جون اکڙيون پنهنجي گُم ٿيل پيارن جي لاءِ اڃارڪيون آهن، اهي اکڙيون جن ۾ پهريان خوشي جا ڳوڙها هوندا هئا پر هاڻي انهن اکڙين ڏُکن منجهان روئي روئي پنهنجي ڳوڙهن کي سڪائي ڇڏيو آهي، انهن عورتن جون جهور اکڙيون هر وقت پنهنجي پيارن جي اوسيئڙي ۾ آهن، اهي درد سان ڀريل، ڏُکن ۾ وڪوڙيل عورتون آهن امڙ سڪينا سرڪي، امڙ شاهينہ جوکيو، امڙ هريان ٻائي!
پهريان انصاف لاءِ سرپا احتجاج بڻيل امڙ سڪينا سرڪي جي دانهن ڪيون ٿا، امڙ سڪينا کي سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي، ان لاءِ جو اها امڙ پنهنجي نياڻي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ گذريل يارهن سالن کان احتجاج ڪري رهي آهي، فضيلا سرڪي کي ست سالن جي عمر ۾ هٿياربند سندس گهر مان اغوا ڪري ويا هئا، نياڻي فضيلا سرڪي کي اغوا ٿئي يارهن سال ٿي ويا آهن، ان جي امڙ سڪينا سرڪي پنهنجي نياڻي جي بازيابي لاءِ ٺل شهر ۾ روزاني احتجاج ڪري ٿي، پر وس وارن جون بند پيل اکيون نٿيون کلن، نياڻي جي اغوا ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين سندس امڙ سراپا احتجاج آهي، فضيلا سرڪي جڏهن اغوا ٿي تہ سندس عمر 7 سال هئي، نياڻي هاڻي 17 سالن جي ٿي وئي هوندي، پر سندس بازيابي قانون جي اعلي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن جي لاءِ سواليا نشان آهي، سنڌ جي اها عورت جنهن پنهنجي جگر جي ٽڪِڙي جي بازيابي جي لاءِ يارهن سالن کان روڊ تي ويهي نٽڻ اُس ۾ پنهنجي ڦاٽل پوتي مٿي تي رکي احتجاج ڪيو، اها عورت عظيم آهي، بلڪل سڪينا سرڪي کي جيڪڏهن جدوجهد جي علامت چئجي تہ بہ گهٽ هوندو، ڇو جو اها عورت هن سماج ۾ پنهنجي حق لاءِ اهڙي تہ جدوجهد ڪري رهي آهي جنهن سان اسان سڀني جون اکيون کلڻ کپن، هڪ عورت جنهن جي نياڻي يارهن سالن کان گُم هجي ۽ ان جي قانون نہ ڪا مدد نہ ڪري ان باوجود امڙ سڪينا سرڪي جدوجهد ڪري رهي آهي، اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن اها امڙ قرآن پاڪ کڻي اچي ٺل شهر جي پريس ڪلب سامهون دانهون ڪري، پنهنجو حق گُهري، پنهنجي سُڪل اکين ۾ اهي اميدون کڻي ويهي تہ منهنجي نياڻي واپس ضرور ايندي، واقعي ان عورت کي سلام آهي جنهنجو رستو جدوجهد آهي، پنهنجي حق لاءِ احتجاج آهي، انصاف لاءِ دانهن آهي.
سنڌ جي هڪ ٻي امڙ، جيڪا بہ انصاف لاءِ روڊن تي آهي، هُو انصاف وٺڻ لاءِ پنهنجي جهور اکڙين سان هن معاشري کي ڏسي رهي آهي ۽ سوچي رهي آهي تہ مان هڪ عورت ٿي ڪري انصاف لاءِ دانهين رهي آهيان پر مردن جي هن معاشري ۾ ايتري همٿ ڇو ناهي جو اهي هر ٿيندڙ اهم مسئلن تان جلد هٿ کڻي ويندا آهن، ان عورت جو نالو آهي شاهينا جوکيو، ڦل شهر جي رهواسڻ شاهينا جوکيو بہ دردن جي وڻ ويڙهي ۾ ويڙهيل آهي، ڦل شهر ڀرسان پوليس هٿان کنڀيل عمران جوکيو کي 7 سالن ٿي ويا آهن، پر اهو نوجوان اڄ تائين ظاهر ناهي ٿيو، ان کي اغوا انڊسٽري هلائيندڙ ناهي کنڀيو پر ان کي پوليس اهلڪارن کنڀيو آهي، عمران جي کنڀجڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس امڙ شاهينہ جوکيو احتجاج ڪندي رهي ٿي، عمران جي کنڀجڻ جو ڪيس بہ داخل ٿيو، پر اڄ تائين پوليس نوجوان کي ظاهر نہ ڪيو،عمران جي امڙ کي پُٽ جي اغوا جو درد اهڙو تہ ناسور ٿي ويو آهي جو امڙ شاهينا جوکيو پنهنجي نوجوان پُٽ جي تصوير پنهنجي جهولي ۾ کڻي روزاني خاموش احتجاج ڪري ٿي ۽ پهنجي سُڪل اکڙين سان دانهين ٿي تہ منهنجي جگر جو ٽڪڙو مونکي واپس ڪيو، ان امڙ جو نالو بہ هاڻي جدوجهد واري عورت بڻجي چڪو آهي، جيڪا هر روز نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اُس تي ويهي انصاف خاطر دانهين ٿي، امڙ شاهينا جوکيو گذريل ست سالن کان پنهنجي نوجوان پڦٽ جي لاءِ احتجاج ڪندي رهي ٿي، پر سنڌ جي امڙ جي دانهن ڪير نٿو ٻڌي، هي سماج بہ نہ، هي حڪومت بہ نہ، تہ هي قانون بہ نہ!، دردن کي سيني ۾ سانڍيندڙ ان عورت جون اکيون پُٽ جي آزادي لاءِ اڄ بہ آتيون آهن.
عمر ڪوٽ جي اها عورت بہ اڄ روڊ تي آهي جنهن جو ٻچڙو 5 سالن کان گُم آهي، عمر ڪوٽ شهر جي ميگهواڙ پاڙي جو نوجوان موهن ميگهواڙ مهراڻ يونيورسٽي ٻاهران 2013ع ۾ گم ٿي ويو، پر اڄ ڏينهن تائين نہ موٽيو، نوجوان جي امڙ هريان ٻائي عمر ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان روزاني پنهنجي هٿ جي اشهد آڱُر کڻي انصاف لاءِ ٻاڪاريندي رهي ٿي، موهن جيڪو 2013ع ۾ اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ويل هو پر ان ئي سال ۾ اغوا ٿي ويو، سندس کي اغوا ٿئي 5 سال ٿي ويا آهن، موهن جي امڙ پنهنجي ٻڄڙي جي بازياني لاءِ سراپا احتجاج آهي، پر قانون سندن نوجوان پٽ کي ڳولڻ ۾ ڪا مدد نٿو ڪري، امڙ هريان ٻائي هڪ اهڙي قبيلي سان تعلق رکي ٿي جيڪو گهڻي قدر هارپو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذرن ڪن ٿا، ڪٿي ڪٿي پيٽ سان پٿر ٻڌي بہ اهي جيئن ٿا، بلڪل اهڙو درد رکندڙ امڙ هريان ٻائي 5 سالن کان هڪ اهڙي ئي درد سان وڙهي رهي آهي، جيڪو هُن لاءِ هر وقت تڪليف جو سبب بڻيل آهي، امڙ هريان ٻائي سنڌ جي اها عورت آهي جيڪا هاري طبقي سان ڳنڍيل هجڻ باوجود بہ پنجن سالن کان پنهنجي پُٽ جي بازيابي لاءِ عمر ڪوٽ شهر ۾ سراپا احتجاج آهي، ان جي اها جدوجهد جيڪا اهڙا قبلي بنهہ گهٽ ڪن ٿا پر هريان ٻائي پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جي بازياني لاءِ 5 سالن کان سراپا احتجاج آهي، ان کي ڪهڙو ناءُ ڏجي، ان کي ڪهڙن لفظن سان لکجي جيڪا غربت جي هيٺ واري لڪير کان بہ هيٺ تہ پهريان ئي جيءُ رهي هئي پر وري اُن جي نوجوان پُٽ کي گم ڪيو ويو ۽ هُن جي دردن ۾ واڌارو ڪيو ويو، پر امڙ هريان ٻائي همٿ ناهي هاري، هُن جي جدوجهد جاري آهي، انصاف لفظ جي پويان سنڌ جي عورت ان وقت تائين وڙهندي جنهن وقت تائين ان جي جسم ۾ طاقت هوندي، اهي درد ڪهاڻيون آهن سنڌ جي عورتن جون، درد ڪهاڻين ان کي نہ چئجي، ڇو جو انهن سنڌ جي عورتن پنهنجي دردن کي هاڻي جدوجهد بڻائي ڇڏيو آهي، نااميدي ڪڏهن انهن ناهي ڏٺي، انهن جي جدوجهد هر ڏينهن جاري آهي، فضيلا جي امڙ يارهن سالن کان احتجاج ڪري ٿي، عمران جي امڙ 8 سالن کان انصاف لاءِ سراپا احتجاج آهي، موهن جي امڙ بہ همٿ ناهي هاري ۽ هو پُٽ جي بازيابي خاطر دانهيندي رهي ٿي.
عورت جي معنيٰ تہ عظيم آهي پر سنڌ ۾ عورتون پنهنجي حق لاءِ، پنهنجي دردن جي درمان لاءِ روڊن تي دربدر آهن، سنڌ جي انهن سراپا احتجاج بڻيل عورتن جي هلندڙ جدوجهد ۾ ڪيترائي عورتن جا ڏينهن آيا هوندا، عورت جي حقن بابت سمينار ٿيا هوندا، احتجاج ٿيا هوندا، پر انهن سراپا احتجاج بڻيل عورتن کي شايد ئي ڪنهن ياد ڪيو هجي، اڄ جيڪو ڪجهہ لکيو آهي انهن تي لکيو آهي، ان اميد سان لکيو آهي تہ جدوجهد جي علامت بڻيل، سراپا احتجاج بڻيل امڙ سڪينا سرڪي، امڙ شاهينا جوکيو، امڙ هريان ٻائي کي انهن ڏينهن تي سڀ ساڃاهہ وند، حڪمران، قانون جا عملدار، انصاف ڏيندڙ عدالتن جا معزز ججز ياد ضرور ڪندا ۽ سنڌ جي انهن عورتن جي جهور اکڙين جي اندر ۾ سمايل دردن کي ختم ضرور ڪندا.

No comments:

Post a Comment