تيل جون وڌندڙ قيمتون ۽ بيوس عوام(انور علي ڊومڪي/لاڙڪاڻو)



ترقي يافته قومون پنھنجي معاشري جي سربلنديءَ لاءِ رات ڏينھن انهيءَ ڪوشش ۾ هونديون آهن ته ڪجهه به ٿئي ڇا به ٿئي پر سندن معاشرو سياسي، سماجي، معاشي ۽ اخلاقي لحاظ سان بُلند هجي. پر هتي اُنهيءَ جي ابتڙ سڀ ڪجهه ٿئي پيو. اسان جا حڪمران عوام جي اميدن تي پورو لهڻ بجاءِ اُنهن جي اميدن تي پاڻي ڦيرائي ڇڏيندا آهن. جنھن جو تازو مثال تيل  جي قيمتن جو وڌڻ آهي.
مسلسل تيل جي قيمتن جي وڌڻ جي ڪري عوام مھانگائيءَ جي سوناميءَ کي مُنھن ڏئي رهيو آهي. مھنگائي جي اهڙي زهر قاتل پوري معاشري کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پر اُن جو گهڻو تڻو اثر غريب طبقي تي پوي ٿو ۽ امير کي اهڙي مھانگائيءَ جي ڪابه پرواهه نه هوندي آهي. هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته آخرڪار حڪمرانن کي پاڪستان جي اندر بار بار مھانگائي ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي. اسان جا ماڻهو هڪٻئي کان سوال ڪندي نظر ايندا آهن ته ڇا پاڪستان جي اندر قدرتي وسائل موجود ڪونه آهن؟ جواب ايندو آهي ته اڻ ڳڻت قدرتي وسائل هن ملڪ جي اندر موجود آهن جن ۾ تيل، گيس، پيٽرول، بليڪ گولڊ يعني ڪارو ڪوئلو، سنگ مرر جا پھاڙ ۽ اناج ۾ چانور، ڪڻڪ، مڪئي، ٻاجهري، جوئر، ڪمند، جَوَ، چڻا مٽر. سبزين م ڀينڊي، طوري، ڪدو، ڪريلو، واڱڻ، بصر، پٽاٽا، بھه پالڪ، ٽماٽا وغيره. فروٽ ۾ انب، ڏاڙهو، صوف، انگور، گدرا، هنداڻا وغيره مذڪوره شيون ڪثرت سان موجود آهن، انهيءَ کان علاوه پاڪستان بالخصوص سنڌ جون هنري شيون به موجود آهن جن مان ايڪسپورٽ جي ذريعي اربين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا. پر اقتداري ڌر جو ايڏانھن ڪوبه ڌيان نه آهي. توهان جي آڏو هن وقت سنڌ جي اندر  وڏي ڪثرت سان ٽماٽو موجود آهي، جنھن کي خريد ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. مقامي واپاري في ڪارٽون جيڪو ڏهن ڪلن جو آهي، اُهو 70 روپين ۾ خريد ڪري رهيو آهي، جنھن سان هارپور ڪندڙ آبادگار جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته هو پاڻ خريد ڪري هاري کي مناسب اگهه ڏئي ٻاهرين ملڪ موڪلي ڇڏي. مان سمجهان ٿو ته اِن سان حڪومت جو به فائدو ٿيندو ۽ هاري جوبه ڀلو ٿيندو. انهيءَ کان علاوه جيڪي قدرتي ذخائر ملڪ ۾ موجود آهن، اُنهن تي به تيزيءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته جيئن هن ملڪ جو عوام به سُکَ جو ساهُه کڻي ۽ معاشي سگهه حاصل ڪري سگهي پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته عوام کان ووٽ وٺڻ مھل اُنهن کي ڏٽا ڏئي ووٽ وٺي پوءِ اُنهن کان پنھنجا منھن موڙي ڇڏيندا آهن، جيڪا ڳالهه ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪنھن به طرح ٺيڪ نه آهي. حڪمرانن جي بي ڌياني ۽  عوام ڏانھن متوجھ نه هجڻ جي ڪري مڊل ڪلاس جو طبقو وڏي عذاب کي منھن ڏئي رهيو آهي، ايتريقدر جو ماڻهو پنھنجن ٻچن کي ضروري غذا به نـٿا ڏئي سگهن. صبح جي ٽائيم امير ماڻهو پنھنجي ٻچن کي اسڪول موڪلڻ مھل هنن جي ناشتي تي هزارين روپيه خرچ ڪرڻ کان علاوه کين عمده قسم جي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ چاڙهي وڏن وڏن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪلين ٿا. پر غريب جي ٻار کي صبح جي ناشتي ۾ پاپو چانهه به نصيب نٿو ٿئي، هو ڦاٽل ڪپڙا ۽ ڇڳل چپل پائي وڃڻ تي مجبور آهي، جنھن تي ڪير به ايئن نه چوندو ته هي ٻٽو معيار نه آهي. اهڙي ٻٽي معيار جي ڪري غرب غريب تر ۽ امير اميرتر ٿيندو پيو وڃي.
غير معياري ۽ بي فائده ڪوڙي نظام جي ڪري پوري دنيا جي اندر پاڪستاني حڪمرانن جي بدنامي ٿي رهي آهي. پر تنھن هوندي به هو پنھنجي نڪ جي پڪائيءَ جي ڪري بار بار عوام ڏي موٽي اچي وري کين ووٽ لاءِ هٿ جوڙ ڪندي نظر ايندا آهن، هر ڀيري عوام کي مھانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ اڇلائيندڙ اهڙن حڪمرانن جو هاڻي احتساب ٿيڻ گهرجي. اهو احتساب حڪومتي نه پر عوامي هجي ۽ عوام ئي هنن کان هنن جي مڪاري، چالبازي، ٺڳي دوکيبازيءَ جو احتساب ڪري. جيڪڏهن عوام مذڪوره ڳالهين تي عمل ڪري پنھنجا قدم حقيقت جي طرف وڌائڻ شروع ڪري ته پوءِ اُهو ڏينھن پري ناهي جو ترقيءَ جون سموريون راهون سندن قدم ۾ هونديون.

No comments:

Post a Comment