پير گاجي شاهه جبل وارو فقير ..!! (ڊاڪٽر الهوسايو خاصخيلي)



سنڌ سڄي ولين بزرگن ۽ ڪرامتن وارن فقيرن اوليا ڪرام سان ڀريل آهي جن پنهنجي پنهنجي وقت مطابق دين اسلام جي خدمت ڪئي آهي- فقير بخش علي خاصخيلي ولد وسايو خاصخيلي 1923 ۾ ڪوهستان ۾ ڄائو هو دنيا وي طور تي شايد ايترو مشهور نه هجي يا ڪنهن جو ٻڌل نه هجي پر حقيقتن چوندا آهن ته ويراني، جبل ۽ سحرام به مڻيا لڪل هوندا آهن- هو گهڻو ڪري کٿي واري فقير جي نالي سان مشهور هو- پاڻ اصل جبل جي ڪوهستان واري ڳوٺ ويرو بند جا رهاڪو هئا ۽ ڪافي عرصو رهڻ بعد هو لڏو کڻي اچي حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ گل محمد ڇلگري ۾ رهائش اختيار ڪيائون جتي هن لاڳيتو زندگي جا 45 سال اتي بزرگي واري زندگي گذاري ۽ جنهن بعد هو اتان ٻيهر لڏي اچي تاج پر  ڀرسان  ڳوٺ چاڪرخان خاصخيلي ۾ رهائش اختيار ڪئي- پاڻ صوم صلوات جا پابند هوندا ۽ نهايت ئي ايمان دار ۽ امانتدار هئا سندس پرهيزگاري ۽ دين سان لڳاءُ هئڻ ڪري پري پري کان ماڻهو دعا ۽ ڌاڳو ڦيڻو حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس ملڻ ايندا هئا-
فقير بخش علي خاصخيلي نه رڳو دعاپٽ وارو هو ساڳي طرح هو سٺو شوق رکندڙ ۽ جانورن سان به محبت ڪندڙ هو- هو پاڻ وٽ  ڀلا ڍگا، ڌارڻ ڍڳئيون، مينهنون پالڻ جو به شوقين هو- سندس پاليل ڍڳنجو هڪ جوڙو اڃان به موجود آهي- هن زندگي ۾ ڪو به نشو وغيره نه ڪيو ۽ نئي سگريٽ پان جي ويجهو ويو- سندس کاڌخوراڪ تمام سادي هوندي هئي- جنهن ۾ هو کير ۽ لسي سان مانيکائڻ کي ترجيح ڏيندو هو ۽ ماني تي مکڻ رکي ماني کائيندا هئا- هو نهايت ئي غريب پرور انسان هو- هي داڳي سان ٻڌائيندو هو ته پيٽ واري مائي کي پٽ آهي يا ڌيءَ کيس بزرگي واري ورڇ جبل واري درگاه گاجي شاهه جي فقيرن کان ملي
پاڻ 27 جنوري 2018 تي اٽڪل 95سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي سندس مڙه کي درگاه سيد سرور شاهه اوليا لڳ تاجيور ۾ دفنايو ويو- سندس اولادن ۾ 2 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن..

No comments:

Post a Comment