اسين هن ڏتڙيل ڏيھ جا بي ڏوهي ۽ معاشي حالتن ۾ ڌڪيل ضرورآھيون پر ان ۾ به
اسان جون غلطيون آھن ڇو ته هر دفعي صرف اهو چئي ڇڏيندا آھيون ته هن ڀيري انقلاب
آڻبو پراڻن حريفن , وڏيرن ,ڀوتارن,ميرن, پيرن ۽ سردارن سان مهاڏو اٽڪائي اليڪشن ۾
للڪاربو اهو ان ڪري جو سنڌ جي تباهي جا ذميوار اهي ماڻھون آھن جيڪي ووٽ وٺي شاهي
محلن ۾ نرم بسترن مٿان آرامي آھن
عوام جي ڪا به پرگهور يا سار نٿا لهن, ۽جڏھن اليڪشن جا ڏينهن ويجها سرڪندا اچن ٿا
ته اوطاقن ۾ ميلا متل هوندا آھن ۽ انقلاب جو راڳ الاپيندڙ ڌريون ان ناري تان ئي
دستبردار ٿيو وڃن
ته ان جو به هڪ سبب ,مقصد ۽
مجبوري هوندي آھي اهو ان ڪري جو مسڪين پورهيت ۽ اٻوجھ جي پٽ کي وڏيري پوليس هٿان
ٻڌرائي وري سندس ئي پئسن ايوذ ڇڏايو۽وعدي وفا تي هلڻ جا وچن به ڪرايا انقلابي خان
خوف وچان گهران به نٿو نڪري سگهي جو متان وري جيل ڀيڙو نه ٿي وڃي, ان مان صاف ظاهر
آھي ته اسان جا وڏا غلامي جي نوڪ ۽ وڏيري جي ظالماڻي سوچ جي زنجير سان جڪڙيل آھن
جيڪي نسل درنسل نوڪري ڏئي سزائو ڀوڳي رهيا آھن ته ڇا انقلاب ايندو, ڇو ايندو ڇا
لاء ايندو, جڏھن ووٽ ئي نام نهادن جي مرضي مطابق ادا ڪرڻو پوي ٿو ته معاشرو ڇا
سڌرندو ۽ ڪيڏانهن ملڪ توڙي سنڌ ترقي ڏانهن گامذن ٿيندا جو پيٽي ڪرپٽ ڪامورو پرائي
مال تي ٽوپي نراڙ تي جي فارمولي تحت اسبملين ۾ ويهي پنهنجي تڪ ۽ اتان جي شھرين کي انصاف ۽ سهولتون فراهم ڪندو
ڪڏھن به نه,۽ نه ئي وري اسين حق ڇڪي وٺڻ وارن مان آھيون جو ٻڌي ايڪي ۽ مل جل جو
مظاهرو ڪري ڪرپٽ ڪامورن کي پاڪستان مان لوڌي ملڪ نيڪالي ڏجي, هن وقت سنڌ ڌارين جا
درد سهي رهي آھي ته ٻي پاسي وري مهانگائي جا بار مڙھيا وڃن پيا ته مٿان وري معاشي
حالتن کي مظبوط ڪندڙ زراعت جو پاڻي نه ملڻ به هڪ الميو آھي, دهشگردي جا ڌمچر, خودڪش
بم بلاسٽ ۽ بارودن سان ڌرتي رت سان
رڱيل رهي ٿي , ان کان علاوه ڪيترن ئي مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل سنڌ جي ماڻھن تي رحم ڪير
ڪندو آخر, نياڻين سان ٿيل ظلم زيادتيون ڏاڍ ڪنهن کان ڳجهيون نه آھن هزارين حوا
ڄايون ڪاري ڪري ماريون ويون يا ته گهرو اڻبڻتن تحت خودڪشيون ڪري جان ڇڏائي ويون ته
ان جا ذميوار به اسين پاڻ آھيون جو ملڪ سنڌ ۽ٻين صون کي هلائڻ لاء اهڙا نمائيندا
چونڊي وڏن ۽ اعلي مقام رکندڙ بلڊنگن تائين رسائي ڇڏيندا آھيون جيڪي زندگيون عيش او
آرام سان گهاري عوام جا حق به ڦٻائي ڇڏين, هن مهل ڊگريون ماڻيندڙ نوجوان بي روزگاري سبب در در ڀٽڪي رهيا آھن جن جا والدين اڃان تائين به ان اوسيڙي ۾ ھونداآھن من ڪاٻچڙي کي نوڪري
ملي ته پوڙهائپ جو بار کڻي سگهي پر اهو خواب خواب ئي رهجي وڃن ٿا, ان کان بعد ڪمند جي آبادگارن سان ڪيل ڪيس , مل
مالڪن طرفان ملون بند ڪرڻ ,اگهن جي گهٽ وڌائي پورهيت جا لاھ ڪڍي ڇڏيا پُرامن احتجاج ڪندڙن مٿان لٺين جا وسڪارا ٿيا , تعليم کي
فروغ ڏيندڙ ۽ قوم کي سڌارڻ ۾ اھم ڪردارا ادا ڪرڻ وارن استادن سان حڪمرانن پاران
زبردست زور آزمائي ڪري باٺا وهايا ويا ۽ تعليم جو تقدس پئمال ڪيو ويو, ڪاڏي ويا
اهي ذميوار ادارا ۽ انسانيت جو راڳ الاپيندڙ جيڪي انصاف به فراهم نٿا ڪري سگهن هن
وقت سنڌ ازيتون ڀوڳي رهي آھي ماڻھون غربت سبب مفلسي جي زندگي گهاري خودڪشي ڪرڻ تي
مجبور ۽ وڏن شھرن ڏانهن رک ڪري پنڻ تي مجبور آھن ته ٻي وري قدرتي وبائي مرض سنڌ ۾
ڪيترن ئي ڏينهن کان داخل ٿيل ارڙي جي وبا گلن جهڙن ٻارڙن کي موت جو نشانو بڻائي رهي
آھي ڪيترائي گل ڪوماڻجي ويا ۽ سون جي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا موضي مرض۾ مبتلا ۽ موت
سان جنگ وڙھي رهيا آھن ته ٻي پاسي وري اگهور ننڊ ستل صيحت کاتي جا عملدار ڪو به
ٻوٽو ٻاري نه سگهيا نه ئي ڪو جلد اُپاءُ وٺي وقت سر علاج ڪيو ويو نه ئي حڪمرانن
طرفان ڪا ايمرجنسي لڳائي وئي, هر روز جي بنياد تي مختلف شھرن توڙي ڳوٺن مان ارڙي
وگهي ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجڻ جون خبرون پڙھڻ لاء ملن ٿيون ان کان اڳ نواب شاھ ۾
ارڙي ورتل ٻارڙن کي ڪنهن ليڊي هيلٿ ورڪر مدي خارج ٿيل بچا جا ٽڪا لڳايا ته ان وقت
ڏھ ٻارڙا بيهوش ٿيا ۽ انهن مان ٽن معصومن تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو انکان
علاوه هڪ ڏينهن جي رپورٽ موجب ڦلجي ويجهو پاٽ
شريف جي رهواسي غفار تيوڻو جون ٻه نياڻيون ارڙي جي بيماري ۾ فوت ٿيون ۽ علائقي ۾ مرض پڻ پکڙيل آھي , سانگهڙ جي ڳوٺ اعتبار
کوسو ۾ مالڪن طرفان بچاءُ جا ٽڪو لڳائڻ بعد ننڍڙي نورجهان اسپتال ۾ سڏڪا ڀريندي دم
ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو, رپڙي جي رهواسين سان به ارڙي وسان نه گهٽايو ٻه ٻار ان بيماري
سبب مالڪ حقيقي وٽ وڃي پهتا ۽ ٽيھ کان
وڌيڪ گلن جهڙن ٻارن جي مٿان هاوي آھي , ٻي طرف ڪلري ۾ ٽن ڏينهن اندر هڪ گهر جون ٻه
ٻارڙيون اجل جو شڪار ٿيون ,ڳڙھي حسن ۽ گولاڙچي ۾ هڪ نيگري جي فوتگي سميت چار ٻار
خطرناڪ وبائي بيماري ۾ مبتلا آھن, سنڌ حڪومت طرفان ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي نه ئي وس وارن طرفان يا سڄاڻ ڌرين پاران ڪو
قدم کنيو ويو معصوم گل مرجهائجي رهيا آھن ڏينهون ڏينهن ڳڻتي وڌندي وڃي پئي پر ڪنهن
کي ڄڻ ته ڪا ڪل ئي نه آھي ان کان علاوه سنڌڙي ۾ به فوتگين جي انگ ۾ اظافو اچي ويو,
ڪنڊيارو ۾ هڪ مزدور جي ننڍڙي معصوم ڌي ۽ ڳوٺ يارمحمد مڱريو مان ٽن سالن جون نياڻي فاني دنيا مان لاڏاڻو
ڪري ويون, خانپور ۾ به ٻارڙي فوت ٿي ۽ ڇهن ٻارن کان وڌيڪ علاج لاء اسپتال منتقل آھن ته ٻي پاسي وري ڳوٺ گل ٻرڙو ۾ ھڪ معصوم موت جو
پيالو پي ڇڏيو ۽ ساڳي جڳھ تي ويھ ٻار ارڙي جي مرض ۾ مبتلا بستري ڀيڙو آھن, ڏٺو وڃي ته اسپتالن ۾ غير معياري انتظامن سبب
دوائن جي کوٽ ۽ حڪمرانن جي بي ڌياني ايئن ئي رهي ته سنڌ جا پورهيت ۽ ماروئڙا ارڙي
جي موتمار بيماري ۾ پنهنجن جگر جي ٽڪرن کي تڙپندي مرندي بي يارومددگار ڏسي پنهنجي
قسمت تي روئندا رهندا, هن وقت سنڌ ۽ ان جا ماڻھون غربت جي ٻن پڙن جي چڪي ۾ پسجندا
رهن پيا مفلسي واري زندگي گهاري در در تڙپندا رهن ٿا انصاف ڄڻ ته بي معني ٿي ويو
سنڌ ھزارين مسئلن ۾ جڪڙيل ۽ ڏٿڙيل ڏيھ بنجي ويو انهن سڀني مسئلن کي مدي نظر رکي
چوڻو پوي ٿو ته هتان جا ڀوتار, وڏيرا, اسان سميت اسان جا حڪمران ئي انهن ڳالهين ۽ سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ جا ذميوار آھن
ته ان سان گڏ مسئلن کي اڀاريندڙ ۽ لکندڙ صرف ساسي جنگ جون ڳالهيون ۽ چند ماڻھن , نواز شريف, سميت ,قادري ۽ عمران جي,هڪ لفظ تي تبصرو ڪري پنا ڀري
ڇڏين ٿا ته انهن کي سنڌ جي باري ۾ سوچڻ گهرجي غربت سٽيل علائقن ۽ ماروئڙن جو آواز
بڻجڻ گهرجي
No comments:
Post a Comment