شگـر مـلـز انـتـظـاميـا جـو ڪـمـنـد جـي آبــادگـارن تـي ايـتـرو ظلـم ..؟(نادر حسين ڀٽي )



            ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شگر ملن جو به ملڪي معيشت ۾ وڏو هٿ هوندو آهي  پر ڪجهه سياسي عناصرن پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪري سنڌ جي آبادگارن کي ڪنگال بڻائڻ لاءِ انهن جو رت چوسي پنهنجا خزانا ڀرڻ ۾ پورا آهن .
۽ ڪند جي آبادگار روز احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ 2 ڏنيهن اڳ سنڌ پنجاب دنگ تي ڪمند جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ان موقعي تي شگر مل انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ ڌرڻو ڏئي ڪمند جي پڙاهي بند ڪرائي وئي ۽ انهن چيو ته 1 ميهنو گذرڻ  باوجود به سنڌ جون ملون اسان کي پئسا نه ٿيون ڏين ۽ سنڌ حڪومت آبادگارن بجاءِ شگر مل انتظاميا سان ٻٽ بڻيل آهي آبادگار اڳواڻ .  
    سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد مقام تي ڏهرڪي شگر ملز خلاف آبادگارن جو ڪين اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ۽ شگر مل انتظاميا خلاف سخت نعري بازي آبادگار اڳواڻ احمد خان سيلرو ، ميان شبير احمد ڀارو ، محمد ايوب مزاري جي اڳواڻي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ سنڌ حڪومت آبادگارن بجاءِ شگر مل انتظاميا جي سپورٽ ڪري رهي آهي ۽ اسان جي مدد ڪرڻ وارو به ڪو ناهي ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت به گهري ننڍ ۾ ستل آھي  ڪمند جي آبادگارن کي شگر ملز انتظاميا پئسا ڏئي جيئن اهي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ،
       افسوس ان ڳالهه جو آهي ته پنجاب حڪومت ڪمند جي آبادگارن کي 180 رپيه اگهه وٺي ڏئي رهي آهي شوگر ملز انتظاميا في ٽرالي تي 50  کان 100 مڻ ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ ۽ گهٽ اگھ ڏين ٿا ۽ سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ ڪمند جي آبادگارن کي 1 ميهنو گذرڻ باوجود به پئسا نه ملڻ ڪري آبادگار فڪاڪشي تي مجبور آهيون ۽ ڪمند جي آبادگارن جا ٻار بک مري رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم نٿا ڏئي سگهن ڇو ته اهي اسڪول ۾ ٻارن جي فيس نٿا ڀري سگهن ۽ انهن وٽ 172 جو سي پي آر هجڻ باوجود به شگر مل انتظاميا پئسا نٿي ڏئي رهي آهي ۽ ڪمند جا آبادگار آخر ڪنهن جي  اڳيان وڃي پنهنجا لڙڪ هارين پنهنجا ڏک درد سور کي ڏکائين .
        افسوس ان ڳالهه جو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت توڙي قيادت سنڌ جي آبادگارن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جلد آبادگارن جي حق ۾ فيصلو ڏئي آبادگارن ۽ انهن جي ٻارن تي رحم ڪيو وڃي ۽ شگر مل انتظاميا کان پئسا جلد وٺي ڏياريا وڃن ۽ جيڪا انهن مايوسي ڇائينل آهي اها ختم ڪئي وڃي هن وقت ڪمند جهڙي بهترين فصل جو اگهه ٽال تي وڪرندڙ سڙيل ۽ ناڪاره ڪاٺين کان به گهٽ آهي مل انتظاميه وارن جي من مستي ان حد تائين آهي جو ڪمند جي هلندڙ سيزن جيڪا هر سال آڪٽوبر مهيني ۾ شروع ٿيندي آهي ، ان کي مختلف بهانن ۽ بد نيتن سان اڳتي پوئتي ڪري جنوري ۾ به پنهنجي مرضي مطابق ۽ پنهنجي ئي اگهه موجب شروعات ڪئي آهي شگر مل انتظاميه وارن جي اها مرضي ڪنهن فورو ڌاڙيل ۽ دشتگردن کان گهٽ نه آهي ڪڻڪ جي پوک کي ملڪ جي سمورين پوکن مٿان فضيلت ان ڪري آهي جو پوري دنيا جي غريبن توڙي امير ماڻهن جي پيٽ جو اهم کاڌو آهي ، ان پوک کي نومبر کان پوکيو ويندو آهي ۽ جڏهن کان ڪمند جي فصل کي ڪٽي شگر مل کي سپلاءِ ڪبو آهي جيڪو هن وقت سنڌ جا سمورا آبادگار بيوس بڻجي نه ڪاهي سگيا آهن مجبورن الله پاڪ ڏي هٿ کڻي روڊن تي احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري آيا ۽ انهن جو حشر جيڪو حڪومت سڳوري ڪراچي ۾ ڪيو اهو سمورن سنڌ جي سڃاهه ونڊن توڙي عام ماڻهن کان گجهو نه آهي . بار بار احتجاج ڪري ڌرڻا هڻي آبادگارن ڪورٽ سڳوري جي انصاف لاءِِ در کڙڪايو ڪورٽ مان ڪجهه انصاف ته مليو ، لڪين مل انتظاميه وارن انهن ڪورٽن جي فيصلي کي به لت هڻي پنهنجي ڏاڍ ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري شگر ملين کي بند رکيو ۽ پنهنجي ايڏي هوڏ ۽ هٺ ڏيکاريو ڇڏيو جو اهو ثابت ٿي ويو ته سنڌ جا آبادگار ته ڇا پر ملڪ جون ڪورٽون به انهن جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿيون رکين هن وقت ڪمند جي حالت اها آهي جو آبادگار ڪمند جي گاڏين کي جنازو سمجهي گهر مان ڪڍڻ لاءِ تيار آهن ڇو ته مٿان گرمي جي موسم جي شروعات ٿي ويندي ۽ آبادگار ڪمند کي نيڪال ڪري نه سگهندا . شگر مل انتظاميه وارا آبادگارن جو اجورو به پنهنجي مرضي سان ڏين ٿا ، سنڌ جي آبادگار هن وقت مل انتظاميه وارن وٽ يرغمال آهن ڪورٽن ۽ حڪمرانن سياستدان يا ته بيوس بڻيل آهن يا وري انهن مل انتظاميه وارن جي ملي ڀڳت ۾ شامل ٿي ڪري آبادگار کان زراعت جي پوک جو حق کسڻ لاءِ انهن تباهه ڪرڻ لاءِ ڀاڱي ڀائيوار آهن ،
     هن وقت جڏهن ڪمند جو اگهه به ڪو نه آهي پر ڪٽوٽي چوٽان چوٽ آهي ، اتي بروڪرن جي بازار به ڏاڍي گرم آهي سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڏاچي هڻ ڏهه توڏي هڻي تيرهن ؛ شگر مل جا ماڻهو پئسا روڪن ته اهي وري اڃان  گهٽ قيمت ڏين ٿا آبادگارن کي پيا ائين رلائيندا آهن نالي ۾ ڪيش پر پوءِ پيو ڳولين بس بروڪر لڀندو ئي ڪو نه پوءِ سنڌ جي آبادگار ڪمند جي پوک کي پنهنجي بدنصيبي ۽ تقدير جو فيصلو سمجهي پيو دل کي دلاسو ڏيندا آهن ته ماڻهو به مري ويندو آهي بيماري به ٿيندي آهي ڪمند جو فصل ويو ته گهر و ڀاتي فوت ٿي وڃڻ جو مثال ڏئي پيو دل کي تسلي ڏيندو آهي ،
         افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته ڪمند جي ٽرالين سبب روڊ بلاڪ ٿي ويندو آهي ۽ روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل هوندا آهن ۽ ايمبولنس کي جاءِ نه هوندي آهي ته هو ڪنهن سيريس مريض کي اسپتال پهچائي سگهي ، ان لاءِ ڪيترائي مريض رستي ۾ ئي پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪيتريون حمل واريون عرتون رستي ۾ ئي ٻارن کي جنم ڏين ٿيون ۽ ڪيترائي ٻار هن دنيا ۾ ئي اچڻ کان پهرين دم ڏئي وڃن ٿا ۽ ڪيتريون عرتون ٻارن کي جنم ڏيڻ کان پهرين دم ڏئي ڇڏين ٿيون خدارا آبادگارن مقرر اگهه ڏئي بند ٿيل رستا کلرايا وڃن ، جئين ته انساني جانيون بچي سگهجن ،
        شگر ملن جو نئو ڪارنامو ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺن ۾ گهوٽڪي شگر ملز جي ڊي ڊبليو 3  پاران زهريلو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ پاڻي ڳوٺن ۾ ڇڏڻ سبب علائقي جي ماڻهن ڪيترن ئي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن ۾ دمو ، ٽبي ، ۽ اتان جا معصوم ٻارڙا اکين جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، شگر ملز انتظاميه سنڌ جي غريب عوام تي وڏو ظلم جي انتها ڪري رهيا آهن ۽ زهريلي پاڻي جا پائيپ غريب ماڻهن جي گهرن ڏانهن لڳائي رهيا آهن پر ڊي سي گهوٽڪي ڳوٺاڻن جي مدد ڪرڻ بجاءِ شگر ملز انتظاميا جا زهريلا پائيپ لڳرائڻ ۾ پڻ مدد ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت شگر ملز انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري غريب ماڻهن کي انصاف ڏنو وڃي ۽ گهوٽڪي جي ڳوٺن کي شگر ملز جي عزاب ۽ شگر ملز ڪري ٿيندر بيمارين کان بچايو وڃي .
     آخر ۾ آئون هڪ ڪمند جي ننڍڙي آبادگار جي حثيت سان سنڌ جي سمورن آبادگارن جو فرياد هنن لفظن ۾ وس وارن آڏو پيش ڪندس ته ڪجهه اسان جي  سنڌ جي آبادگارن کي خدا جي واسطي شگر ملز انتظاميه کان بچايو وڃي ، ڪمند جي آبادگارن کي پيئسا وٺرائي ڏئي ۽ ڪمند جي آبادگارن جي مفادن جو توڙي سنڌ جي زراعت جو خيال ڪندا .

No comments:

Post a Comment