صحت

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو بغير اوپن هارٽ سرجري جي دل جا وال تبديل ڪرڻ جو ڪامياب آپريشن


ملتان(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾مطالعي جي دوري تي آيل 3 رڪني سرجري جي ٽيم پاڪستان ۾ بغير”اوپن هارٽ سرجري“ جي دل جي اهم والن جي تبديلي جو ڪيامياب آپريشن ڪيوآهي. آپريشن جي مرحلي مان گذرڻ وارا ٽئي مريض صحت مند آهن.چوڌري پرويز الاهي انسٽي ٽيو ب آف ڪارڊيولوجي  ملتان ۾ ڊاڪٽر بروس جونز، ڊاڪٽر اسڪاٽ فريزيئر ۽ ڊاڪٽر ياسر اختر تي ٻڌل 3 رڪني ٽيم پاڪستاي مريضن کي شه رڳ جي ذريعي ايورٽڪ والن جي تبديلي جو ڪامياب آپريشن ڪيو آهي. هن قسم جي آپريشن ۾”ناڪارا والن“ کي بغير ڪڍڻ جي ٻيو وال نصب ڪيو ويو جنهن لاءِ جسم جي اندروني حصي ۾ ڪنهن به قسم جي چير يا ڦاڙ  ناهي ڪرڻو پوندو.اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر راڻا الطاف جو چوڻ آهي ته ايورٽڪ جي تبديلي جو آپريشن گذريل ڏينهن ڪيو ويو جنهن ۾ 3 آمريڪي ڊاڪٽر تي ٻدل ٽيم ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف به حصو ورتو.آپريشن لاءِ جسم کي رت مهيا ڪرڻ واري بنيادي ۽ مرڪزي شه رگ”ايورٽا“ کي استعمال ڪيو ويو اهڙي طرح غير جراحتي آپريشن ۾ اوپن هارٽ سرجري جي ضرورت ناهي رهندي ائين ناڪارا والن کي بغير ڪڍڻ جي نئو وال ڪاميابي سان لڳايو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment