هي سياست جي ڪهڙي ٿيوري پڙهائي پئي وڃي..!!/غلام مصطفيٰ جمالي



گذريل هڪ سال کان وٺي اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو ويو ته ڪنهن نه ڪنهن وجهه سان سينٽ جون چونڊون ملتوي ٿي وينديون.! پرائين نه ٿيو ۽ آخرڪار سينٽ جو چونڊون ٿي ويون،خيرسان چونڊون ته ٿي ويون پر اهي چونڊون پاڪستاني سياست جي وايو منڊل ۾ اهڙو ته طوفان ڇڏيون ويون  جنهن جي هل هنگامو شور پوري پاڪستان کي مٿي تي کڻي ڇڏيو آهي اسيمبلي ميمبرن مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام ۽ پارٽي ميمبرن تي غداري جا الزام به گردش ڪرڻ لڳا آهن جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا تي هارس ٽريڊنگ ۽ پسئي تي ووٽ وٺڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جا چرچا عام آهن هر ٽي وي چيئنل جي ٽاڪ شوز جو اُهو اشو اهم موضع بڻيل آهي اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن تي انهي هارس ٽريڊنگ ۽ سينٽ جي چونڊن تي بحث نه ڪيو ويو هجي،بظاهر ته انهي سنيٽ جي چونڊن جا ڪي پڪا ثبوت ته ڪنهن وٽ به ناهن تي پئسو ورتو يا ڏنو ويو آهي پر ماحول ۽ سنيٽ جي چونڊن کي ڏسي ڪري هر سياسي اڳواڻ پنهنجي سياست حريف مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳائي رهيو آهي.جنهن ڏينهن کان وٺي سنيٽ جون چونڊون ٿيون آهن انهي ڏينهن کان پوري پاڪستان جي عوام جو سکُ چين فٽو پيو آهي رڳو ڪروڙين رپيا ڏيڻ ۾ وٺڻ جي ڳالهه آهي ٻيو ڪجهه نه، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پوري دنيا جا اهي ملڪ جيڪي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجي نوجوان نسل جو اهم ڪردار ڄاڻائي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسانجي ترقي ۾ اهم ڪردار اسانجي نوجوان نسل جو آهي اتي ٿوري اسانجي ملڪ تي نظرون وجهون ته اسانجي ملڪ جا سياستدان ۽ ملڪ جي خيرخواه اسانجي نسل کي ڇا سيکاري رهيا آهن.؟ڇا اسانجي ملڪ جي نوجوان کي اهو سيکاريو پيو وڃي ته اوهان جيڪڏهن ڪنهن مهانگي اسڪول ۾ داخلا وٺندوُ ته اتي به اوهان کي پئسو ڏيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن امتحاجي سلپ حاصل ڪندا ته اتي به اوهانکي پسئو خرچ ڪرڻو پوندو،موبائيل جو بيلنس چيڪ ڪندا ته ان لاءِ به پسئو خرچ ڪرڻو پوندو جيڪڏهن حڪمرانن کي پنهنجو قميمي ووٽ ڏيندا ته ان جي بدلي اوهانکي انجو بدلو جيل يا ٿاڻي جا چڪر ڪاٽڻا پوندا ۽ پئسو ڏئي پنهنجي جان ڇڏائڻي پوندي  شام کانپوءِ  گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهندا جيڪڏهن نڪرندا ته پوليس چوڪي ته ٻيٺل پوليس اهلڪارن کي پسئو ڏيڻو پوندو ڀلي موٽرسائيڪل جا ڪاغظ پورا ڇو نه هجن ۽ افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته هاڻ اسانجا حڪمران جيڪو ڪم ڳجهي نموني  ڪندا هئا جيئن ڪنهن کي خبر به نه پوي ته پئسن عيوض ووٽ ورتو ويندو آهي يا ڏنو ويندو آهي اهي حڪمران هاڻ هڪ ٻئي مٿان ڪروڙين رپين جا هارس ٽريڊنگ جهڙا الزام لڳائي پاڪستان جي نوجوان نسل کي اهو سبق ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اوهانجي کيسي ۾ ٻه رپيا هوندا ته سڀ ڪجهه اوهانجو آهي جيڪڏهن اوهان وٽ پسئن کان سواءِ خالي مئريٽ آهي ته پوءِ اوهانجو هن ملڪ اندر ڪو به حصو ناهي،اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته پوءِ نوجوان آخر ڇا ڪري ڪٿان پسئو آڻي، ڇا پنهنجي حڪمرانن جي ڏنل سبق مطابق هلي.؟هي حال آهي اسانجي ملڪ جي نظام جو. ڪير آهي جيڪو انهي سموري ماحول جي گندي تلاه کي صاف ڪري هر انساني زندگي خطري ۾ آهي ۽  جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن . شاندار ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون.روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي. صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازي جو عشق اٿئون. پنهنجي اهڙن پرڪارن جي باهه تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي. شهرن ۾ دهشتگرديءَ ته  ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي. ڪنهن کي ڪا واٽ ڪانه ٿي ملي. هر ڪنهن جون متيون ئي منجهي پيون آهن. سياسي ڪارڪن پنهنجي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن. دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي. جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا. بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾ آهي، پر دکن ۽ دردن، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.منهنجو تعلق پڻ هڪ ٻهراڙي جي علائقي سان آهي جتي زندگي جڏهن صبح جا ڪرڻا کڻي نئون سفر شروع ڪرڻ لاءِ رواني ٿيندي آهي ته انهن ٻهراڙي ۾ انيڪ انساني زندگيون خواهشن جون اڌوريون اڻپوريون مرڪون کڻي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ڏانهن زندگي جو سفر تي روانييون ٿي وينديون آهن   جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجن ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي.ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان وٺي منهن ڏيندو آيو آهي، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن. سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساهه ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا، عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا، واپاري هن جو رت چوسيو، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا،ملان کيس نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو. هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان آتو آهي. نه کيس تعليم ملي، نه کيس تربيت ملي. هو صدين کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي، بي وس ۽ مجبور آهي. انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا، ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون. ۽ جڏهن به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي. ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ، باٺو، بندوق يا ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿيندي  آهي     هنن حالتن ۾ عوام کي فقط اهو احساس ڏيڻو آهي ته انسان اٽل ۽ اڏول ٿئي ٿو . حالتون ۽ حادثا، زلزلا ۽ طوفان، وبائون ۽ جنگيون، ڌاڙا ۽ اغوائون اسان جي تاريخ جو بدقسمتيءَ سان اڻمٽ رنگ بڻجي چڪيون آهن. ڪنهن دور ۾ عوام تي قهر نه ٿيا؟ ڪن اسان جي وڏڙن کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ته ڪن سندس کلون لهرايون، ڪن کين گهاڻن ۾ پهرايو ته ڪن تتل ڪڙاهن ۾ اڇليو ، پوءِ به اسان جو نسل ختم ڪونه ٿيو، پوءِ به اسان جا وڏڙا حياتيءَ کان مايوس نه ٿيا. بلڪ هنن موت جي بازار ۾ زندگيءَ جو رقص ڪري ڏيکاريو. ڏکن جا ڏونگر ڏاري ڏيکاريا. تڪليفن جا آسمان سر تي کڻي پنهنجي منزل طرف وڌي ڏيکاريو، ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي. ليڪن تدبر ۽ تحمل سان ، بردباري ۽ بهادريءَ سان حالتن کي بدلائڻو آهي. جيڪڏهن عوام ڪجهه به نه ڪري ته به زندهه رهي سگهي ٿو ۽ دنيا جي ڪابه قوت کيس ختم ڪري نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو، هنن حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي پرکيو، ڌاڙيلن پيدا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پيدا ڪرڻ جون حالتون بدلائي ورتيون، رٺلن کي پرچائي ورتو ۽ پرتلن کي پنهنجو ڪري ورتو ته اسان جا هي ڏکيا ڏينهن ختم ٿي سگهن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ عوام اڳرو ٿيندو ۽ اڳرو آهي. نه فقط ايترو پر عوام اڏول آهي  ۽ عظيم آهي. کيس نه ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وري خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي،هاڻ اهو وقت اچي ويو جو اسان هڪ ٿي ڪري انهي ماحول کي صاف ڪرڻ جي لاءِ آواز اٿاريو ڇو ته اسانکي اسانجو بنيادي حق نه پيو ملي اسان جون خواهشون تمنائون خاڪ نظر ٿي ويون آهن ۽ سياستدان آهن جو عوام جو پسئو پنهنجي قدبت ٺاهڻ ۽ سياست چمڪائڻ ۾ لڳائي رهيا آهن انهي ڪري هن وقت اهو موقعو اچي ويو آهي ۽ حڪمران به اهو صاف ٻڌائي رهيا آهن ته سمورو کيل پئسي جو آهي انهي ڪري هارس ٽريڊنگ جو فيصلو الڪيشن ڪميشن وٽ اچي ويو آهي جيڪو 14مارچ تي پيش ڪيو ويندو ۽ الزام هڻندڙ پارٽيون ثبوتن سميت پيش ٿينديون،انڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اهڙو ماحول ٺهي ٿو وڃي ڪنهن اندر سياسي ميمبرن مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام ثابت به ٿي ٿا وڃن ته پوءِ انهن سان ڪابه رعايت نه ٿيڻ گهرجي،بلڪه انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي پاڪستاني عوام سان انصاف ڪيو ويو ۽ هن وقت پاڪستان سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستاني ادارو نيب جنهن ريت ڪم ڪري رهيو آهي انهن ردارن مان به اهائي اميد آهي ته هوُ عوام جي معيار تي ضرور پورا پوندا ۽ پاڪستان عوام به هڪ نه هڪ ڏينهن سکُ جو ساهه ضرور کڻيندي

No comments:

Post a Comment