سينيٽ
جي ميمبري جي حاصلات لاءِ کرب پتين واري کيل کان پوءِ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي
چونڊ لاءِ پدم پتين پرڌان منتري بنجڻ لاءِ پنهنجي ٽجوڙين جا منهن کولي ڇڏيا آهن ۽
جوڙ توڙ جو سلسلو زور شور سان جاري و ساري آهي هڪ طرف پ پ جي آصف علي زرداري
پنهنجي پراڻي جمهوري سفر جي ساٿي رضا رباني جو نالو چيئرمين واري چوٻول مان ئي
هٽائي سليم مانڊي والا يعني سليم مانڊڻي واري جو نالو نروار ڪري ڇڏيو آهي ته ان
کان سواءِ ڪنهن کي به قبول نه ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ هڪ طرف قيوم سومري جون خدمتون
حاصل ڪيون ويون ته ٻئي طرف وري مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمٰن
کان وٺي فاٽا جي ميمبرن ۽ بلوچستان جي آزاد ووٽرن ۽ ايم ڪيو ايم جي لڏي سان به
ڳجهه ڳوهه ۾ به ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ميان نوازشريف
ٽرمپ وارو پتو کيڏندي اهو اعلان ڪيو ته جيڪڏهن رضا رباني کي پ پ پنهنجو اميدوار
آڻي ته اسان سندس حمايت ڪرڻ لاءِ غير مشروط طور تي تيار آهيون. انهيءَ جي موٽ ۾
آصف علي زرداري اتحادين سميت 57 ميمبرن جي ڀاري اڪثريت واري دعويٰ ڪندي اهو چيو ته
ڪهڙي به ريت سليم مانڊوي والا کان سواءِ ٻيو ڪو به چيئرمين قبول نه ڪيو ويندو.
جڏهن ته اهڙي سياسي راند واري چالن کي سمجهندي عمران خان بلوچستان جي آزاد ميمبرن
کي پاڻ وٽ گهرائي پنهنجا 13 ووٽ به سندن ئي جهولي ۾ آڇيندي اهو اعلان ڪيو ته
جيڪڏهن بلوچستان مان ڪو بلوچ سينيٽ جو چيئرمين چونڊجي اچي ٿو ته ان جي ڀرپور حمايت
ڪئي ويندي ۽ بلوچستان جي احساس محرومي ان سان ختم ٿي ويندي. پر ڏٺو وڃي ته ان جي
ردعمل ۾ نيشنل پارٽي جي سربراهه حاصل بزنجي چيو آهي ته بلوچستان کي سينيٽ چيئرمين
جو عهدو ڏيڻ سان احساس محروميون ختم نه ٿينديون اهي احساس محروميون تڏهن ختم ٿي
سگهن ٿيون جڏهن بلوچستان جي تشخص ۽ قومي وحدت متعلق جيڪي به بلوچن جا تحفظات آهن
انهن تي هاڻي سنجيدگي سان گڏجي ويهي سڀني ڌرين کي سوچڻ گهرجي ڇو ته هي احساس
محرومي هڪ ڏينهن جي نه پر 70 ورهين جون آهن ڪنهن هڪڙي عهدي ملڻ سان ختم نه ٿيون ٿي
سگهن. بلوچن جي معدني وسيلن ۽ بلوچستان جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن کي جيستائين بلوچن
کي سندن وارث نه ٿو بڻايو وڃي اوستائين اهي احساس محروميون ساڳيون رهنديون. ان
صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجي جنهن ٻه ڏينهن
اڳ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پنهنجي آزاد ووٽن جي کيس حمايت جو يقين ڏياريو
هو انهيءَ بُلاٽي کائيندي چيو آهي ته آصف زرداري کي فيصلي جو ڪو به اختيار نه ڏنو
آهي اختيار ڏيڻ واري ڳالهه ميڊيا ۾ غلط آندي وئي اختيار اهو هو ته ڪو گڏيل اميدوار
آندو ويندو ۽ ن ليگ جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ان سان به ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.
انهيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته جهڙي ريت پ پ ۽ ن ليگ سينيٽ چيئرمين جي حاصلات لاءِ
پنهنجا پتا کيڏي رهيون آهن اهڙي ريت بلوچ به پنهنجي آزاد ووٽرن جي ڏڍ تي ڪو نه ڪو
عهدو ماڻڻ چاهين ٿا. جڏهن ته آصف علي زرداري سينيٽ چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي سراج
الحق کان پڻ مدد طلبي ورتي آهي انهيءَ مان لڳي پيو ته سينيٽ چيئرمين لاءِ جهڙي ريت
جوڙ توڙ عروج تي پهتل آهي ان مان ڏسجي ته ڪنهن جو ٿو ڪڻو نڪري ڇو ته ميان نوازشريف
به پنهنجي اتحادين مولانا فضل الرحمان، حاصل بزنجو سميت فاٽا جي ميمبرن سان پڻ
ڳالهيون ٻولهيون ڪري چڪو آهي ته ڪهڙي به طريقي سان هن ڀيري سينيٽ جي چيئرميني سندن
حوالي هجي ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي هوندي به هن ڀيري ن ليگ پنهنجو سينيٽ
چيئرمين چونڊرائي ٿي وڃي ته اها وڏي ۾ وڏي اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي ليکي ويندي ڇو ته
ڪيتري وقت کان وٺي جيڪي حالتون ميان نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف مسلسل هلي رهيون
آهن ان مان ائين واضح پيو ٿئي ته اصل اقتدار ڌڻي ايندڙ دور ۾ نه رڳي ميان نوازشريف
پر سندس سموري خاندان کي سائيڊ لائين ڪرڻ چاهين ٿيون جنهن جا اشارا نيب واري فيصلن
کان وٺي آيل عدالتي فيصلن مان ئي اهو واضح ٿئي ٿو ته گهڻي ڀاڱي ميان نوازشريف جي
رستا روڪ ٿي چڪي آهي باقي ٿورو گهڻو جيڪو ڪم رهيل آهي اهو ايندڙ چند مهيني اڌ ۾
ٿيڻ وارو نظر اچي پيو. پر ڏسجي ته هن ڀيري ايم ڪيو ايم ڪهڙو پاسو ٿي وٺي ڇو ته
ميان نوازشريف جي دور ۾ ئي سندس خلاف آپريشن وارو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين
جاري آهي ۽ هن وقت تائين ايم ڪيو ايم ۾ جيڪي ڌڙا منظر عام تي آيا آهن ان مان اهو
نظر پيو اچي ته اڃا به ڪا گهڻي ايم ڪيو ايم ۾ ڀڃ ڊاهه ٿيڻ واري آهي ۽ ان جو ايندڙ
دور ۾ ڪهڙو منظر نامون هوندو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ان جو سربراهه ڪير هوندو اهو ته اڳتي
ڏسڻو آهي. ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي حاصلات لاءِ سنڌ جي گورنر محمد زبير، سينيٽر
مشاهدالله ۽ سليم ضياءَ کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن جن فاروق ستار کان وٺي
بهادرآباد پي ايس پي جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن جنهن جي سلسلي ۾ فاروق
ستار چيو آهي ته ن ليگ اميدوارن جي حمايت جو فيصلو رابطه ڪاميٽي واري اجلاس ۾ ڪيو
ويندو ۽ بهادرآباد وارا جيڪڏهن پ پ اميدوار کي ووٽ ڪندا ته اها سندن سنگين غلطي
هوندي ان مان واضح ٿئي ٿو ته سينيٽ جي چيئيرمين وارن چونڊن ۾ متحده به ن ليگ کي
اهميت ڏيڻ چاهي ٿي ڇو ته تازو سينيٽ چونڊن ۾ 12 کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جا ميمبر
باجين سميت زرداري جي ڪئمپ ۾ وڃي ڪري کيس ووٽ ڏنا هئا يقينن اهو ڏک ۽ درد ايم ڪيو
ايم جي فاروق ستار کان اڃا تائين وسريو نه هوندو ان سان گڏ تازو هير سوهو کان وٺي
ڪجهه ٻيون باجيون ۽ ڪجهه ٻيا ايم ڪيو ايمي ميمبر پ پ ۾ جيڪي شامل ٿيا ان جي ڪري
ايم ڪيو ايم ڪراچي اندر پنهنجي لاءِ پ پ کي خطرو سمجهي رهي آهي انهيءَ جي ڪري
سينيٽ چونڊن ۾ پ پ بجاءِ ن ليگ کي ئي اهميت ڏيڻ چاهي ٿي. پر ڏٺو وڃي ته هن چونڊن
واري کيل ۾ اوچتو ئي اوچتو ڊرامائي تبديلي ان وقت نظر آئي آهي جو عمران خان به پ پ
کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان جي ڪري حڪمران اتحاد جي پوزيشن مضبوط ڏسڻ ۾
اچي پئي ۽ تازو وزيراعظم خاقان عباسي سان ملاقات دوران فاٽا جي سينيٽرن پاران
حمايت لاءِ فنڊن وٺڻ جو مطالبو ورجايو ويو آهي ۽ فنڊ اهي ڪيترا ڏنا ويندا ۽ عوام
تي ڪيترا خرچ ڪيا ويندا اها ته سڀ ڪنهن کي ڄاڻ آهي پر اصل ۾ هي ووٽن جي حاصلات
لاءِ سڄو ڊرامو رچايو پيو وڃي. پر جيڪا آصف زرداري پاران بلوچستان جي چونڊجي آيل
سينيٽرن جي مان ۾ رات جي ماني جي دعوت کارائي هئي اها ماني اهي ملهائيندا يا نه ڇو
ته هن وقت کان ئي حالتون ٻيون نظر اچي رهيون آهن ۽ هن وقت اليڪشن ڪميشن نون چونڊيل
52 ميمبرن مان 47 ميمبرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ۽ 5 سينيٽر هن
چونڊن واري مرحلي ۾ پنهنجو ووٽ داخل ڪري سگهندا يا نه اهو به اڃا تائين واضح ناهي
ٿي سگهيو پر رضا رباني جيڪو پ پ کان ناراض اچي رهيو آهي ان سان گڏ فرحت الله بابر
جهڙي ريت سينيٽ اندر الوداعي تقرير ڪئي ۽ حقيقتون بيان ڪيون ان کان پوءِ جيڪا سندن
مٿان ڪاوڙ نظر اچي پئي اها اڳتي هلي صورتحال واضح ٿيڻي آهي ڇو ته رضا رباني چيو
آهي ته تاريخ جي قلم سان مرڻ بدران بندوق جي گولي سان مرڻ پسند ڪندس عهدا اچڻا
وڃڻا آهن اصولن تي سوديبازي نه ڪئي آهي نه وري اڳتي ڪرڻ چاهيان ٿو. ان مان واضح
ٿئي ٿو ته رضا رباني اڳتي هلي ڪو وڏو پينڊورا باڪس کولڻ چاهي ٿو جنهن پنهنجي
الوداعي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه 12 مارچ تي بيان ڪندس. ان
صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته سينيٽ واري چيئرمين شپ جي حاصلات لاءِ ميان نوازشريف جو هن
وقت پلڙو ڀاري نظر پيو اچي اهو ان ڪري جو بلوچ به بلوچ جي ماني کائي ڪري منهن ڦيري
چڪا آهن ۽ تازو حاصل بزنجي به ان جو واضح اشارو ڏنو آهي ته پنهنجي قومي تشخص کان
سواءِ عهدا وڏي شيءِ ناهن ۽ احساس محروميون عهدن سان نه پر تهذيب ۽ تمدن جي ڀرم
سان ختم ٿينديون آهن. ان حوالي سان ڏسجي ته 12 مارچ تي سينيٽ جو چيئرمين پ پ جو ٿو
ٿئي يا ن ليگ جو جيڪڏهن ن ليگ هن سينيٽ وارين چونڊن ۾ پنهنجو چيئرمين ڪامياب ڪرائي
وڃي ٿي ته اها اسٽيبلشمينٽ جي وڏي ۾ وڏي ناڪامي هوندي. سو ڏسجي ته سينيٽ چيئرمين
مانڊڻي وارو ٿئي ٿو يا وري لوهه وارو.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment