ارڙيءَ جي راڪاس جا سنڌ مٿان لامارا ..!!/احسان مستوئي



سنڌ ۾ هڪ اهڙو مرض تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي جيڪو معصوم جانين جو دشمن بڻجي ويو آهي، سرديءَ جي موسم ختم ٿيندي ئي گرمي جي موسم اچڻ سان گڏوگڏ هيءَ جان ليوا مرض به سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي، جيڪو هن وقت معصوم ٻارڙن جي جان جو دشمن  بڻجي سنڌ اندر  داخل ٿي ويو آهي، جيڪو معصوم ٻارڙن موت جو شڪار بڻائي رهيو آهي،  ان خطرناڪ مرض يعني ان موت جي راڪاس جو نالو آهي ارڙي جيڪو هن وقت سنڌ جي معصوم ٻارڙن تي موت جو راڪاس بڻجي سندن مٿان لامرا ڏيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ ٿوري عرصي ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي، هن مرض ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسي ورتيون آهن، ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون حياتيون ارڙيءَ جهڙي مرض سبب زندگيءَ ۽ موت جي ٻي واٽيءَ تي بيٺل آهن،هن سون جهڙي سنڌ جي مختلف علائقن مان روزانو ٻارن جي صحت خراب ٿيڻ ۽ ارڙي سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃڻ سبب ٻارڙا موت شڪار ٿي رهيا آهن،
جنهن جون خبرون هر روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿي رهيون آهن، ارڙي واري موت جي راڪاس کان بچڻ لاءِ هڪ ويڪسن هوندي آهي اها ويڪسن لڳڻ سان ان موت جي راڪاس کي مات اچي ويندي آهي، پر سنڌ ۾ صحت کاتي جي نااهلي سبب اها ويڪسن  به اڻلڀ بڻيل آهي، جنهن سان ارڙي جهڙي موذي مرض مان جان آجي ٿي سگهي ٿي، پر اهي ارڙي جي بچاءُ واريون ويڪسن اڻلڀ هئڻ ڪري سنڌ جي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جون حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن، سنڌ جي مختلفن شهرن ۾ ڪجھ عرصي کان وٺي روز ڪٿي نہ ڪٿي ارڙي وگهي معصوم ٻارڙا مري رهيا آهن ۽ سنڌ جي صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي ڪن تي جونءَ به ڪو نہ چري آهي ،سنڌ سرڪار پاران صحت کاتي کي بهتر بڻائي لاءِ صحت کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عوام کي پوري طرح رليف ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون پر صحت کاتي ۾ موجود ڪرپٽ عملدارن جي ڪري سنڌ حڪومت جي ان ڪيل ڪوششن ۽ سندن جي ڪئي ڪمائي تي پاڻي ڦري ويو آهي، هن وقت پوري سنڌ اندر ارڙي وبائي صورتحال اختيار ڪندي تيزيءَ سان  ڦهلجي رهي آهي،ڪيترائي معصوم نينگر توڙي جو نينگريون حياتيون وڃائي چڪيون آهن،اهڙي صورت ٿي وڃڻ کانپوءِ به صحت کاتي جي عملدارن جي ڪن لاٽار ڇو آهي؟، سنڌ سرڪار پي پي ايڇ آءِ  ۽ هينڊز وارن کي سرڪاري اسپتالن جو وهنوار به سوپي ڇڏيو آهي ڇا انهيءَ ٻنهي ادارن مٿان اها ذميواري نہ آهي ته هنن پاران ارڙي کان بچاءُ واريون ويڪسن ٻارڙن کي ڪيون وڃن جيئن ٻارڙن جون حياتيون بچي سگهن، پر اهي به خاموشيءَ جو روزو رکيون ويٺل آهن، جيڪڏهن اڃان به  ائين ئي رهيو ته الاءِ ڪيتريون معصوم حياتيون ضايع ٿي سگهن ٿيون ،هن وقت اخبارن ۾ ايندڙ خبرن  مطابق سنڌ جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا ارڙيءَ ۾ مبتلا ٿيل آهن جن جو پورو جسم رت سان لال ٿي ويو آهي ، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ان معصوم ٻارڙن جي پيٽان رت اچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان معصوم ٻارڙن کائڻ پيئڻ پڻ ڇڏي ڏنو آهي،  اهڙي صورتحال هوندي به  ۽ هر پاسي کان ويڪسن اڻلڀ هئڻ جو شڪايتون اچڻ سان گڏ ٻارڙن جي موت جون خبرون به اخبارن ۾ اچي رهيون آهن، پر صحت کاتو ڪي به اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ تيار نہ آهي، سنڌ جي صحت کاتي جي نااهليءَ  جو اهي چٽا ثبوت آهن ته ارڙيءَ کان بچاءُ جي ويڪسن اڻهوند لڳي پئي آهي ۽  سنڌ ۾ رڳو ارڙي جهڙي هڪڙي مرض تي به هن وقت نتائين ڪنٽرول نہ ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي معصوم گلن جهڙا   ٻالڪ موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ معصوم ٻارڙن جون زندگيون داءُ لڳي ويون آهن، ڇا ڪاڻ ته سنڌ ۾ ارڙي جي بچاءُ واريون ويڪسن اڻلڀ آهن، ارڙيءَ جو مرض خطرناڪ آهي ارڙيءَ جو مرض ڇا آهي ان بابت علائقي جي ڊاڪٽرن کان ٿوري گهڻي مليل ڄاڻ مطابق ارڙي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي،جيڪا هڪ وائرس جي صورت اختيار ڪندي ٻارڙن ۾ ڦهلجي ويندي آهي، هن بيماريءَ جو شڪار خاص طور تي 5 سالن تائين جا ٻار ٿيندا آهن، هن  ارڙيءَ جو وائرس ڳلي ۽ ڦڦڙن تي  تمام گهڻو اثر ڪندي آهي، تنهن ڪري ارڙي ساھ جي سرشتي کي نقصان پهچائيندي آهي، جنهن جي بچاءُ لاءِ وقت سر ويڪسن نہ لڳڻ سبب ارڙي جي بيماريءَ ۾ وتل ٻار حياتيءَ جي جنگ هارائي ويهندو آهي،جڏهن ته ارڙيءَ جي پهرئين علامت هيءَ آهي ته معصوم ٻارڙن کي  تيزيءَ سان  تيز بخار وڪوڙي ويندو  آهي،جيڪو هڪ انسان مان ٻئي انسان ۾ کنگھڻ جي ذريعي ٽرانسفر ٿي ويندو آهي، اهو خطرناڪ وائرس لڳڻ جي نتيجي ۾ چئن کان ستن ڏينهن ۾ ٻين ٻارڙن کي وڪوڙي ويندو آهي ،ان سان گڏ نڪ مان پاڻيءَ جو وهڻ، کنگھ، ڳاڙهيون لال ۽ پاڻيءَ سان ڀريل اکيون ارڙيءَ  جي شروعاتي علامتن مان هونديون آهن، ان سان گڏوگڏ ڳلي يا وات جي پٺئين پاسي ۾ اڇا ننڍڙا زخم جا نشان پيدا ٿي ويندا آهن ، جنهن کان پوءِ مُنهن ۽ ڳچيءَ تي به ساڳيا ننڍا ننڍا ڳاڙها نشان ظاهر ٿي ويندا آهن، جنهن کان پوءِ اهي ساڳيا ئي نشان هٿن پيرن ۽ پوري جسم تي ظاهر ٿي پوندا آهن، ارڙيءَ جو شڪار  عام طور تي اهي ٻارڙا ٿيندا آهن جنهن ۾ ڪمزوري هجڻ سان گڏوگڏ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائي هوندي آهي، ڏٺو وڃي ته ڪمزور ۽ کاڌ خوراڪ جي گهٽاتيءَ  وارن ٻارن کي ارڙي وڌيڪ اثر انداز ٿيندي آهي، ان سان گڏ جن ٻارن ۾ وٽامن اي جي کوٽ هوندي آهي، ارڙيءَ جي بيماريءَ ۾ اهي ٻار تمام  گهڻو متاثر ٿيندا آهن، ارڙيءَ جي سبب ڪنهن به ٻار جو موت نہ  ٿي سگھندو،جيڪڏهن ان ارڙيءَ ۾ جڪڙيل معصوم ٻارڙن کي وقت سر ان بيماريءَ جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن جو  علاج  به وقت سر ڪرايو وڃي ته ان معصوم  ٻارڙن جون حياتيون بچي سگھن ٿيون، ارڙي موت جو ڪارڻ ان ڪري به ٿيندي آهي جو ، ارڙيءَ جهڙي خطرناڪ مرض جو وائرس ڳلي ۽ ڦڦڙن تي تمام گهڻو اثر ڪندو آهي، وقت سر علاج نہ  ٿيڻ جي صورت ۾ اهو وائرس ڦڦڙن جي ساھ کڻڻ جي عمل ۾ رڪاوٽون  وجھي ڇڏيندو آهي ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀري ڇڏيندو آهي، جنهن کي  ڊاڪٽرن پاران نمونيا چيو ويندو آهي، پوري جسم جي رت رڳن ذريعي پهريان دل ۾ ايندي آهي  ۽ دل کان پوء ڦڦڙن ۾ آڪسيجن ذريعي صاف ٿيڻ لاءِ  اچي ويندي آهي  جتان وري اها رت واپس دل ڏانهن هلي ويندي آهي ۽ دل منجھان رڳن جي ذريعي پوري جسم ڏانهن پڻ ويندي آهي، جڏهن ڦڦڙن جو اهو وائرس رت جي ذريعي دماغ تائين پهچي ويندو آهي  ته مريض جي دماغ جي پردن ۾ سوڄ پيدا ٿيڻ لڳندي آهي،  جنهن سان ان ارڙيءَ ۾ مبتلا مريض گردن ٽوڙ بخار جو شڪار ٿيندو آهي،ان مريض جي موت جو سبب اهو گردن ٽوڙ بخار بڻجي ويندو آهي،
،هن وقت ارڙي جي مرض سنڌ کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي پر اُن صورتحال هوندي به صحت کاتو ۽ سنڌ جا ڪامورا اکيون ٻوٽيون ويٺل آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صاحب جن کي ارڙي وگهي فوت ٿيندڙ معصوم ٻارڙن واري معاملي جو جلد کان جلد  نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽  سنڌ جي صحت کاتي کي پابند بڻايو وڃي ته جيئن متاثر علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻيون وڃن ۽ ان متاثرين جو علاج ٿيڻ سان گڏوگڏ اهو به جائزو ورتو وڃي ته ٻارڙن جو موت ارڙي سبب ٿي رهيو آهي يا سنڌ ۾ ٻي ڪا پر اسرار بيماري  ڪاهي پئي آهي

No comments:

Post a Comment