پاڪستان جي
سياست اندر سينٽ جي چونڊن کي وٺي ڪري وڏو سياسي هلُ هنگامو هلي رهيو هوُ،هڪ پاسي
سينٽ جي چونڊ جو چرچو عام هو جنهن اندر سموري جماعتن مان عمران خان ۽ آصف علي
زرداري حڪومتي سياسي پارٽي توڙي ٻين سياسي پارٽين تي ڀاري نظر اچي رهيا هئا ته
انهي پاڪستان جي سياست اندر پاڪستان ملسم ليگ ن جي اڳواڻ ميان نواز شريف ۽ سندس
پارٽِي جي وزيرخارجه مٿان مس ۽ ميان نواز شريف مٿان موچڙن جو وسڪارو هو،ميان نواز
شريف جي هڪ جسلي اندر موڇڙو لڳو ته هڪ جلسي اندر خواجه آصف مٿان مس هاري هئي جيڪو
عمل سياسي توڙي عوامي ماحول جي لحاط کان مذمت جوڳو عمل آهي،جنهن جي نه رڳو پاڪستان
ميڊيا توڙي پاڪستاني عوام به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ته سياسي جا رنگ روپ اصول ڀلي
ڪهڙا به هجن ته انهن جي موچڙن ۾ نه ٿو تورِي سگهجي،جڏهن ته سنيٽ جي چونڊن کان
پهرين پاڪستان جي سياست اندر وري پئسن واري سياست جو رواج ۾ عام نظر اچي رهيو هو. ڏٺو
وڃي ته سينٽ جي چونڊن کان پهرين پاڪستان جي سياست اندر هارس ٽريڊنگ کي وٺي ڪري
تمام گهڻو شور هو ۽ جئين ئي سينٽ الڪيشن ٿي ته کٽڻ ۽ هارائڻ وارين پارٽين هڪ ٻئي
مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳائڻ شروع ڪيا . پاڪستان جي سياست اندر الزام بازي ڪا
نئي ڳالهه ناهي.! اها الزام تراشي واري سياست پراڻي آهي. پر هن وقت جيڪي هارس
ٽريڊنگ جو الزام هڻي ڪري پارٽِيون هڪ ٻئي جي خلاف جا سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ توڙي
اليڪٽرونڪ ميڊيا تي اچي باهه باري رهيو آهن ۽ الڪيشن ڪميشن کان اهو مطالبو به ڪري
رهيون آهن ته هوُ انهي هارس
ٽرِيڊنگ معاملي تي تحقيقات ڪري. انهي ڳالهه کي سامهون رکندي الڪيشن ڪميشن وچ وارو
ڪرادر ادا ڪندي 14مارچ تي انهن سمورين پارٽيون کي طلب ڪندي اهي نوٽيس جاري ڪيا آهن
ته هوُ ثبوت ساڻ کڻي اچن. جنهن جي ڪري هوُ هارس ٽريڊنگ جا الزام هڻي رهيا
آهن،پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڇڏي ڪري بقايا سمورين پارٽين اهو مطالبو ڪيو ته تحقيقات
ڪئي وڃِي. انهي ڪري انهي کي ڇڏي ڪري باقي سمورين جماعتن کي نوٽيس موڪليا ويا آهن
ته هوُ هارس ٽريڊنگ جا الزام ساڻ کڻي ڪري 14مارچ تي پيش ٿين.مان يقين سان چوان ٿو
ته هارس ٽريڊنگ کي وٺي ڪري هن وقت پاڪستان ۾ جيڪا تاريخ لکي ويندي اها زندگي ۾
ڪڏهن به نه وسرندڙ تاريخ هوندي ڇو ته انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سينٽ جي چونڊ
اندر ڪنهن به هڪ پارٽي جي ايتري گرفت مظبوط ئي هئي ۽ نه ئي وٺس ايترا سينٽ جا
ميمبر موجود هئا جو هوُ اڪيلي سر ويهي ڪري سينٽ چيئرمين جي چونڊ ڪن ها.ان وقت جيڪو
فيصلو سمورين پارٽين کي اڪيلي سر ايوان ۾ ويهي ڪرڻ گهرجي ها اهو فيصلو هنن پارٽين
اليڪشن ڪمشن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.انهي ڪري جيڪڏهن هارس ٽريڊنگ جو ڪو ثبوت
ڪنهن ٻن يا چار ميمبر تي ثابت به ٿي ٿو وڃي ته پوءِ ڇا انهن سنيٽر جي سزا ملندي يا
نه.؟اپوزيشن ليڊر سائين خورشيد شاهه پهرين کان اهو چوندو پيو اچي ته هارس ٽريڊنگ
واري معاملي کي ايڏو اشو نه بڻايو وڃي.برحال هاڻي سينٽ جي الڪيشن ٿي چڪي آهي ۽
انهي سنيٽ جي الڪيشن اندر پاڪستان جي اتحادي پارٽين پاڪستان پيلزپارٽي ۽ پاڪستان
تحريڪ انصاف جي پارٽي جي چونڊيل اميدوار ميدان ماري ورتو آهي ۽ سندس چونڊيل صادق
سنجراڻي سينٽِ جي اليڪشن کٽي ورتي آهي جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي چونڊيل
اميدوار راجه ظفرالحق انهي ميدان ۾ شڪست کاڌي آهي،پاڪستان جي اتحادي پارٽي جي
اڳواڻ ٽوٽل 57 ووٽ سان راجه ظفرالحق کي شڪت ڏني جڏهن ته انهن اتحادي پارٽين جي ڪل
ووٽن جي تعداد 52 هئي،۽ انهي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي ووٽن جي تعداد 53 هئي
۽ ٽوٽل پنج اهي ووٽ جيڪي عين ٽائيم تي ميان نواز شريف جو ساٿ ڏئي ڪري اتحادي
پارٽين ۾ شريڪ ٿيا انهن يقين پڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ته سڄو ڪمال پئسي جو آهي
سمورو سينٽ پسئي سان خريد ڪيو ويو آهي،سنيٽ جي الڪيشن جي لاءِ ٽوٽل 104مميبرن کي
ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو هو پر هڪ ووٽ جيڪو اسحاق ڊار جي صورت ۾ بيمار هجڻ سب پاڪستان نه اچي
سگهيو انڪري ٽوٽل 103ميمبرن ئي ووٽ ڪاسٽ ڪيا.103ووٽن مان ٽوٽل ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ هڪ
به ووٽ اهڙو به هو جيڪو نه آيو ۽ ان ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو هجي ٽوٽل جا ووٽ ڪاسٽ ٿيا
جڏهن ته سينٽ جي چونڊ هلي رهي هئي ان وقت پاڪستان جي سموري ميڊيا انهي سنيٽ جي
اليڪشن کي فوڪس ڪري رهي هئي ۽ وڏا وڏا تجزيڪار انهي اليڪشن کي سامهون رکندي پنهنجا
تجزيا ڏئي رهيا هئا،مان پريشان آهيان ته جنهن پارٽي جا ٽوٽل 53ووٽ هئا انهي 47ووٽ
حاصل ڪيا ۽ جنهن پارٽي جا ٽوٽل 51ووٽ هئا انهي 57ووٽ حاصل ڪيا،۽ وڏي آرام ۽ اطمنان
سان اهي تجزيڪار انهي تي بحث ڪري رهيا هئا ڄڻ ڪا معمولي ڳالهه هجي،جڏهن ته ڏٺو وڃي
ته پاڪستان مسلم ليگ ن جا ٽوٽل ڇهه اهڙا ووٽ جيڪي مخالف ڌر ڏانهن ويهي ويا.جيڪا
هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه هڪ معمولي ڳالهه سمجهي ڪري انهي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو پئي ويو اهو
هارس ٽريڊنگ ته شڪ مان پڪ ۾ تبديل ٿي ويو،ڇو ته اها ڳالهه سڀني جي سامهون آهي ته
ميان نواز شريف جا ٽوٽل ووٽ 53هئا جنهن مان کيس صرف 47ووٽ پيا ته باقي جا ووٽ ڪنهن
جي حصي ۾ وڌا ويا ۽ ڪنهن وڌا،سنيٽ جي چونڊن دوران پرائيڊنگ آفسير يعقوب ناصر صادق
سنجراڻي کي 57ووٽ کڻي ڪري ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ۽ اعلان ڪيو جڏهن ته يقوب
سنجراڻي جي يعقوب ناصر حلف نامو پڻ کڻايو ۽ کيس پروٽوڪول جي ذريعي سندس ڳوٺ پڻ
پهچايو ويو،سنيٽ جي الڪيشن کان پهرين سينٽ جي چونڊ لاءِ چار ڪاميٽيون ٺاهيون ويون
هينون،سنيٽ جي الڪيشن کان آصف علي زرداري ۽ عمران خان هڪ ٻئي تمام گهڻا مخالف هئا
پر عمران خان ڪهڙي به صورت ۾ اهو نه ٿي چاهيو ته سنيٽ جي چيئرمين پاڪستان مسلم ليگ
ن جو هجي انهي ڪري عمران خان آصف سان سموريون رنجشون ختم ڪري سينٽ جي چونڊن ۾ سندس
ساٿ ڏنو،برحال اها به ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته هت پاڪستان جي سياست اندر ڪجهه ٿيندي
دير ناهي ٿيندي ڪالهوڪو ڏينهن آهي اڃان جنهن ڏينهن عمران خان اهو صاف چئي رهيو هو
ته زرداري هاڻ اوهانجي واري پر سياست جي انا ۾ عمران خان اهو سڀ ڪجهه وساري نواز
شريف سان هلندڙ جنگ ۾ آصف علي زرداي جو ساٿ ڏنو.برحال عمران خان به هڪ سياسي ليڊر
آهي کيس پاڪستان جي جهوريت اندر اهو حق حاصل آهي ته هوُ ڪهڙي به طرف پنهنجي سياست
جو رخ موڙي سگهي ٿو،انهي سياسي اندر عمران خان ۽ آصف علي زرادي سينٽ جي چونڊن اندر
پنهنجو اتحاد مظبوط ڪيو ۽ انهي مظبوط اتحاد سنجراڻي کي سنيٽ جو چيئرمين بڻائي
ڇڏيو.برحال سنيٽ جو چونڊ ٿي وئي ۽ حڪومت ڌر اڪثريت سان هارائي وئي ۽ اتحادي پارٽين
سينٽ جي چونڊ کٽي ورتي،ڪالهه سينٽ جي چونڊ کي وڏي ڪري اتحادي پارٽين نعرا هڻي
رهيون هنيون ۽ جيت جو جشن پڻ ملهائي رهيو هنيو ته ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ ن
انهي کي هارس ٽريڊنگ جو الزام ڏئي رهي هئي ۽ ن ليگ اڳواڻ اهو چئي رهيا هئا ته
ڪالهه جيڪي هڪ ٻئي لٽيرو ۽ ڌاڙيل چئي رهيا هئا انهن ملڪ اندر هڪ نئي سياست متعارف
ڪرائي آهي جيڪا هارس ٽيڊنگ جي جنم ڏئي ٿي،برحال سنيٽ ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي هٿن
مان ويو هليو ۽ آصف ۽ اتحادي کڻي ويا پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا 14مارچ تي سياست
پارِٽيون هارس ٽريڊنگ جا ثبوت کڻي الڪيشن ڪميشن وٽ پيش ٿين ٿيون يا نه..
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment