سينيٽ چيئرمين لاءِ سياسي ڌرين جي ڳٺ جوڙ/ اعجاز ممنائي



سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ چونڊ اڄ ٿيڻي آھي ان سلسلي ۾ ايوان جي ٻنھي وڏين پارٽين پي پي ۽ ن ليگ ۾ صلاح مشورا ٿي رھيا آھن ۽ اڳوڻي چيئرمين تي ٻنھي جو اتفاق ٿي ويو آھي ان کان اڳ سينيٽرن جي چونڊ ۾ جيڪو ڪجھہ ٿيو اھو پوري دنيا پنھنجي اکين سان ڏٺو ان تي ھن وقت راءِ قائم ڪرڻ وقت جو زيان ھوندو ڇوته انھن سينيٽرن جو نوٽيفڪيشن به نڪري چڪو آھي ھاڻ اھي سينيٽر آھن پر ھتي اھا ڳالھہ ضرور ڪرڻي پوي ٿي ته اسان وٽ ماضيءَ ۾ به اميدوار چونڊون وڙھندا رھيا آھن ۽ انڌا منڊا فيصلا قبول ڪندا رھيا آھن پر ماضي قريب ۾ ھر چونڊ جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ويو آھي ھر ھارايل اميدوار پنھنجي شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي ۽ اسان جي اليڪشن ڪميشن به چئن يا پنجن سالن تائين ڪيس ھلائي ڪنھن ھڪ اميدوار جي حق  ۾ فيصلو ڏيئي ٿي تيستائين اسيمبليءَ جي مدت به ختم ٿي وڃي ٿي سو اگر سينيٽرن سان به اھا ئي ساڳي حالت آھي بھرحال پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان ته پنھنجي سينيٽرن لاءِ واضح چئي چڏيو ته اھي پئسا وٺي سينيٽر ٿيا آھن جڏھن ته ايم ڪيو ايم نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين ڌرين اھو ساڳيو اعتراض واريو ته پيپلز پارٽي ڪرپشن ڪئي آھي ۽ سينيٽرز خريد ڪيا آھن پر وري اھي ساڳيون پارٽيون پي پي جو چيئرمين آڻڻ  لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رھيون آھن عمران خان ته نواز شريف ۽ زرداريءَ سان ھٿ ملائي ھلڻ کي گناھان ڪبيرا قرار ڏيندي چيو آھي ته ائين ڪرڻ سان سندن سموري جدوجھد ناڪام ٿي ويندي پر يو ٽرن اھڙو ڏنو جو سڄي قوم کي ڏندين آڱريون اچي ويون پاڻ اھي سڀ ڪرپٽ ۽ ويڪو سينيٽر کڻي وڃي بلوچستان جي وڏي وزير جي ھٿ ۾ ڏنا ته ھنن کي سوگھو ڪر ان وزير اعليٰ وري وڃي زرداريءَ سان ھٿ ملايو ۽ چيو ته اھي سڀ سينيٽر پي پي اميدوار کي ووٽ ڏيندا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته  غلط نہ ٿيندو ته عمران خان اڻ سڌي طرح زرداريءَ جي اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي آھي ھتي مونکي ھڪ قصو ياد اچي ويو آھي ته ھڪ راشي آفيسر عمري جي سعادت حاصل ڪري آيو سڀئي کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ ويا ۽ ھرڪو ڪانہ ڪا شيءِ پاڻ سان گڏ کڻي ويو پر ان صاحب ڪابه شيءِ وٺڻ کان انڪار ڪيو ٽن ڏينھن کان پوءِ ھُو آفيس آيو ۽ سڀني ملازمن کي چيائين ته ھاڻي اھو ساڳيو ريٽ نہ ھلندو مان جيڪو خرچ ڪري آيو آھيان اھو جلد ڪڍڻو آھي ايتري ۾ ھڪ شخص پنھنجو فائيل ۽ ھڪ لفافو کڻي آيو ته صاحب فائيل وٺي ڏٺو ۽ لفافي ڏي نھاري چيائين اھو مونکي نہ ڏي اھو سامھون جيڪو ڪوٽ ٽنگيل آھي ان ۾ وجھي اچ ڇوته مان رشوت وٺڻ کان توبھہ ڪري ڇڏي آھي اھي نانگ آھن جنھن ڪري مان انھن ۾ ھٿ نہ وجھندس ھمراھہ اھو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ کيس چيائين صاحب پوءِ اھي پئسا ڪير کڻندو چيائين اھو ڪوٽ منھنجي زال گاڏيءَ ۾ رکندي آھي ۽ گاڏيءَ مان کڻندي آھي منھنجو ان ڪوٽ سان وسطو نہ آھي سو عمران خان به ان زال وارو ڪردار اپنايو آھي انڪري سڀني سينيٽرن واري رقم بني گالا واري گھر تي پھچائي ٽين شاديءَ وارو سمورو خرچ پورو ڪرڻ جو چيو ويو ھونءَ به عمران خان جي پوري سياست يو ٽرن سان رھي آھي جنھن ڪري سندس پراڻا ساٿي به ساڻس گڏ ھلڻ لاءِ تيار نہ آھن سندس سياسي سنجيدگيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو پاڻ جنھن پارليامينٽ جو ميمبر آھي تنھن کي ئي گھٽ وڌ ڳالھائيندو رھيو آھي جيڪو پارليامينٽ کي گاريون ڏيئي تنھن جا سينيٽر چوڻ ڪيئن ڪندا انڪري قانون ساز اسيمبلي لاءِ سنجيدہ سياستدان ھجڻ ضروري آھن ۽ ٻيو ته چيئرمين لاءِ اھڙو برددبار ماڻھو ھجي جيڪو مخالف ڌر کي گڏ وٺي ھلڻ سان گڏ ملڪي مفاد لاء ڪم ڪري جيڪڏھن ٻين ادارن وانگي ھن اھم عھدي تي به سياستدانن تجربا ڪرڻ شروع ڪيا ته پوءِ ملڪ جو خدا ئي حافظ ھوندو ڇوته ڳچ  عرصي کان پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري هڪ ٻرندڙ مسئلو پئي رهي آهي. 1973ع واري متفقه آئين ۾ واعدو ٿيل هو ته ڏهن سالن ۾ يعني 1983ع تائين ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪري صوبن کي مڪمل خودمختياري ڏني ويندي. 1973ع وارو  آئين جيئن ته چونڊيل ايوان، سياستدانن ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ڌرين ڏنو هو پر 1975ع ۾ جمهوريت تي راتاهي ۽ اڳتي هلي پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي سولي چاڙهڻ بعد لاڳيتي ضيائي آمريت جي ڪري آئين ۾ جيڪي جمهوري ڌرين واعدا ڪيا هئا سي اڻپورا رهجي ويا ۽ انهن واعدن کي وري اڳتي اچي جمهوري ڌرين ئي 2008ع وارين عام چونڊن کان پوءِ 18هين آئيني ترميم منظور ڪري اڳتي وڌايو، ان آئيني ترميمي ۾ ميان رضا رباني جو ڪردار اهم هو، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي انڪري مخالف ڌر به رضا ربانيءَ کي ٻيھر چيئرمين بنائڻ جي تجويز سامھون آندي آھي پاڪستان اندر اڄ جي دور ۾ جيڪي چند غير تڪراري ۽ سڀني لاءِ قابل قبول سياسي شخصيتون آهن، تن ۾ ميان رضا رباني جو نالو به سرفهرست آهي. ميان رضا رباني هاڻوڪي سينيٽ جو چيئرمين  هو جيڪو پنهنجو مدو پورو ڪري ويو آهي پر پارٽي جي ٽڪيٽ تي سينيٽر وري به چونڊجي ويو آهي.
>
> عام چونڊون ھن ئي سال ٿيڻيون آھن ان کان اڳ سينيٽ جون چونڊون ٿي رھيون آھن، جنهن جي مرحلي دوران بلوچستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، حڪمران جماعت نواز ليگ جي سربراهه يعني اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي سپريم ڪورٽ جي طرفان نااهل ٿيڻ ۽ پارٽي صدر جي حيثيت ۾ هن طرفان ڪيل سڀئي فيصلا رد ڪرڻ کانپوءِ نواز ليگ جا سينيٽ اميدوار پارٽي ٽڪيٽ بدران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهيا. هن وقت عددي لحاظ کان سينيٽ ۾ نواز ليگ ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي.
  اصولي طور تي سينيٽ چونڊن لاءِ اها پنهنجي اتحادين سان گڏجي اميدوار آڻي سگهي ٿي پر صورتحال انتهائي مختلف آهي. هڪ ته آزاد اميدوار، ٻيو بلوچستان مان جيڪي سينيٽر چونڊيا آهن،سي ۽ ٽيون فاٽا جي سينيٽرن جي اهميت وڌي وئي آهي. جوڙ ٽوڙ جي عمل مان عوام تائين ۽ دنيا تائين ڪو سٺو نياپو ناهي ويو،  بهتر ٿيندو ته سياسي ڌريون دل وڏي ڪري سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪن، ڇاڪاڻ ته هي جيڪي وقتي لوڏا ۽ لاها چاڙها آهن، لازمي آهي ته پاڪستان اندر چونڊيل ادارا، چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ڌرين کي قبولڻ ۾ وقت لڳندو، ڇو جو هتي  جمهوريت ۽چونڊيل حڪومتون گهٽ عرصو پر اڻ چونڊيل ۽ جمهوريت تي راتاهون هڻندڙ ڳچ عرصو حڪومت ۾ رهيون آهن. پاڪستان کي ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ جو واحد طريقو جمهوريت ئي آهي. جنهن لاءِ سياسي ڌرين کي ڪنهن راند جو حصو ٿيڻ بدران پنهنجي ضمير، منشور ۽ نظرئي موجب، اڳتي وڌي فيصلا ڪرڻا پوندا ته  جيئن ملڪ جو عوام پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪري سگهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ڪالهه دير سان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين لاءِ بلوچستان سان تعلق رکندڙ صادق سنجراڻي کي پارٽي طرفان اميدوار نامزدڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. صادق سنجراڻي، جنهن جي حمايت تحريڪ انصاف به ڪري چڪي هئي ته بلوچستان جو وڏو وزير قدوس بزنجو به ڪري چڪو آھي ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته قانون ساز اسيمبليءَ لاءِ صادق سنجراڻي ڪيتري قدر سنجيدگيءَ سان سسٽم کي ھلائي ٿو جيڪڏھن نواز ليگ ان تي اتفاق ڪيو ته پوءِ مخالف ڌر ۾ ڪير ويھندو ان جو اڃان فيصلو ٿيڻو آھي جيڪڏھن مخالف ڌر نہ بڻي ته پوءِ فيصلا ھڪ طرفہ ٿيندا ۽ اھي فيصلا ملڪ ۽ قوم لاءِ ھاڃيڪار به ٿي سگھن ٿا

No comments:

Post a Comment