وڏي مشھور چوڻي آھي ته ڪنهن
قوم کي اگر اوهان تباھ ڪرڻ چاهيو ٿا ته انهي کان تعليم کسي ڇڏيو ۽ انهي جي تاريخ
ميساري ڇڏيو ته اها قوم خود بخود تباھ ٿي ويندي, اهو ئي سبب آھي جو جڏھن ڪنهن به
ملڪ يا رياست تي ڪا به ٻاهرين قوت حملا آور ٿيندي هئي ۽ فتح حاصل ڪرڻ شرط سڀ کان
پهرين انهي جا قُطب خانا ساڙيا ويندا ھئا ته جئين انهي قوم جي ايندڙ نسل تعليم ۽
تاريخ کان اڻ ڄاڻ بنجي هميشه لاء انهي سامراجي قوت جي غلام بڻجي وڃي.چيو وڃي ٿو ته 6 آگسٽ 1945۾ آمريڪا طرفان
پھريون ڀيرو ايٽمي طاقت جو مظاهرو ڪندي هيرو شيما تي لٽل بوائي نامي بم اڇلايو ويو
ته ان وقت جي جاپاني حڪومت هسپتالن ۾ سڀ کان پهرين استادن جون جانيون بچائڻ جو حڪم
ڏنو, ان جو سبب صرف ان ملڪ جي تعليمي بقا هئي, اهو ئي سبب آھي جو اڄ دنيا اندر
جاپان ٽيڪنالوجي جي ڊوڙ سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو پر اسان جي ملڪ جا استاد پنهنجي
حقن جي حاصلات لاء سراپا احتجاج نظر اچن ٿا ۽ اسان جي خلفاء راشدين جي پيروڪار
سڏائيندڙ ۽ علم روشني جو نعرو لڳائيندڙ حڪمران جماعت انهن استادن مٿان تشدد ڪندي
نظر اچي ٿي.هڪ طرف اهي قومون ۽ اھي
حڪمران آھن جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائن ٿا ۽ ٻئي طرف اسان جا
حڪمران جيڪي پارلياماني اجلاسن ۾ يا ته شرڪت ئي ڪون ڪن يا ڪرسي تي ننڊون ڪندي نظر
اچن ٿا ۽ اسان جي بي ضمير عوام خيراتي ڪارڊ هٿ ۾ کڻي انهن اڱوٺي ڇاپ حڪمرانن اڳيان
ڪُڏندي نظر اچي ٿي. ڇا هي قوم ترقي ڪري سگهندي?? هرگز نه.ڪنهن به علائقي يا ڪنهن به اداري اندر جڏھن ڪي اهڙا اڻ وڻندڙ يا
نقصان پهچائيندڙ واقعات پيش اچي ويندا هجن جن کي منهن ڏيڻ ۽ حل ڪرڻ تمام ضروري ٿي
پوندو هجي ته ان علائقي يا اداري اندر ايمرجنسي نافذ ڪئي ويندي آھي ته جئين ترت
اپاءُ وٺي حالات کي قابو ۾ آڻي وڏي نقصان کان بچي سگهجي, پر سنڌ حڪومت طرفان تعليم
کاتي اندر نافذ ڪيل ايمرجنسي کي سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي پر تعليمي معيار
ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو پيو وڃي,ان جو سبب معلوم ڪرڻ کان بحرحال آئون قاصر آھيان.
هن وقت صوبي اندر پنج هزار جي
لڳ ڀڳ اسڪول بند پيل آھن, سيمس(SEMIS) جي
گذريل رپورٽ مطابق صوبي ۾ تقريبن 41131 پرائمري, 2329 مڊل, 1696 سيڪنڊري ۽ 128 جي
لڳ ڀڳ هائر سيڪنڊري ادارا موجود آھن, انهن منجهان ڪنهن کي ديوارون ناهن,ڪن کي ڇت
ناهي, ڪي زبون حال ۾ آھن ته ڪن اسڪولن کي بلڊنگ ئي ناهي, جيڪي آھن انهن منجهان
تقريبن 98 سيڪڙو ادارا ته بجلي کان ئي سهولت کان ئي محروم آھن.
گزريل مالي سال کان هن سال
تعليم جي بجيٽ 144.5 بلين منجهان وڌائي 160.7 بلين ڪئي وئي, جيڪو تقريبن 11.2
سيڪڙو جو واڌارو ٿئي ٿو, انهي ڪُل بجيٽ جو اگر 50 سيڪڙو به ايمانداري سان تعليمي
بهتري لاء خرچ ڪيو وڃي ته يقينن سنڌ جي تعليمي شرح ۾ 48 سيڪڙو کان ڪجھ نه ڪجھ واڌ
ضرور اچي سگهي ٿي.
ٻي هر ڳالھ کان هٽي ڪري ڏٺو
وڃي اسان جو تعليمي نصاب سالن کان تبديل نه ٿي سگهيو آھي, اهو ئي نصاب جيڪو اسان
جا استاد پڙهيا, اهو ئي اسان کي پڙهايائون ۽ آئون سمجهان ٿو ته اگر اهڙا ئي نا اهل
حڪمران رهيا ته اهيو نصاب اڃان 7 کان8 پيڙهين تائين پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو,ڇا انهي
حال سان اسين انهي دنيا جو مقابلو ڪري سگهون ٿا جيڪا چنڊ تي آباد ٿيڻ جا خواب پئي
ڏسي ۽ يقينن ڪامياب ٿيندي, پر اسين سنڌي مادي جون اهي ئي ٽي حالتون نهرو,پٽڙو ۽
گئس پڙھندا رهنداسين ۽ اسان جو وزير اعلي صاحب هڪ دفعو وري اجلاس ۾ اعلان ڪندي نظر
ايندو ته تعليم ترقي جي ڪُنجي آھي
No comments:
Post a Comment