سنڌ ۾ جيڪي مسئلا هوندا آهن انهن جي نشاندهي يا حل ان وقت تائين ممڪن
ناهي هوندو جسيتائين ان مسئلن جا شڪار ماڻهو احتجاج ۽ دانهون نہ ڪن، ايئن ڪيترائي معاملا آهن جن جو حل احتجاجن کان سواءِ ممڪن نٿو
بڻجي، پر هن معاشري ۾ انهن ماڻهو کي اهڙي نظر سان ڏٺو ويندو آهي ۽ معاشري جي ماڻهن
کي لڳندو آهي تہ هي خوام خواهہ احتجاج ڪن پيا ۽ ايئن کڻي چئجي تہ هنن جو ڪم ئي اهو آ، ٻيو تہ وري احتجاج ڪندڙن جي دانهن اعلي ايوانن تائين پهچائڻ وارا صحافي
هوندا آهن، صحافت عبادت آهي پر ڪجهہ صحافي هاڻي اهو ڪم ڪن ٿا جنهن سان نہ رڳو احتجاج ڪندڙ مايوس ٿين ٿا پر انهن کي ڏُک بہ ٿئي ٿو تہ اسان جي مسئلي کي اڳيان پهچائڻ ۾ بہ صجافي ''پنهنجي ڳالهہ'' پهريان ڪن ٿا بعد ۾ اسانجي ڳالهہ لکن ٿا، معاشري ۾ مسئلن جي شڪار ماڻهن جي احتجاج کي مزاق سمجهيو وڃي
ٿو پر انهن جي حقيقت ڪير نٿو سجهي، پر معاشري کي ڇڏي ڪري هڪ صحافي کي ڏسجي تہ اهو ڇا ٿو ڪري؟ هو پنهنجي قلم کي ڪهڙي رنگ سان ٿو استعمال ڪري، ڪٿي
اهو رنگ تہ نہ جيڪو احتجاج ڪندڙن جي لاءِ ڪو بہ فائدو نہ هجي، هڪڙا احتجاج هوندا آهن چوريون ٿيڻ خلاف، هڪڙا هوندا آهن سرڪاري
طور تي علاج ڪرائڻ يا نوڪري ڏيارڻ لاءِ، هڪڙا وري اهڙا مسئلا هوندا آهن جنهن ۾
ڪنهن گهٽي، پاڙي يا شهر جي بنيادي مسئلن جي دانهن هوندي آهي، اهي احتجاج ۽ اها
دانهن ايوانن تائين پهچائڻ ۾ صحافي جو وڏو ڪردار هوندو آهي پر جيڪڏهن ڪو صحافي ان
ڪردار تي پاڻ ئي آڱريو کڻي تہ ان کي ڇا ڪجي؟ ان کي اصلاح ئي ڪري سگهجي ٿي، اڄ هن خط ذريعي انهن کي
اصلاح ڪجي ٿي، گهڻا احتجاج اخبارن ۾ نظر ايندا آهن جن ۾ دانهن هوندي آهي، انهن
دانهين ماڻهن کي اخباري ۽ چينل رپورٽرن ۾ اميد هوندي آهي تہ اهي اسانجي دانهن ايوانن تائين پهچائيندا، ايئن آهي بہ، پر ڪي صحافي صحافت جي آڙ ۾ اهو ظلم ڪري رهيا آهن جنهن سان دانهون
ڪندڙن جي دل آزاري ٿئي ٿي، صحافت جو پيشو بہ هڪ عبادت آهي پر ان جي آڙ ۾ اهڙو ظلم ڪرڻ ان صحافي کي بلڪل بہ نٿو جُڳائي، الميو هي بہ آهي تہ صحافت جي ''ص'' کان بہ ڪير واقف نہ هجي ۽ اهو بہ صحافي ٿي وڃي تہ پڪ ڄاڻو تہ معاشري جي ڀلائي تہ نہ ٿيندي پر رهندو ئي معاشرو پوئتي ڌڪجي ويندو، ڇو جو ان ماڻهو کي نہ ڪا ڄاڻ هجي نہ سڃاڻ هجي تہ اهو ماڻهو ڪيئن ٿو ڪنهنجو ڀرجهلو ٿي سگهي؟ لازمي آهي ان جي ذهن ۾
صرف ۽ صرف ''ڪمائي'' وارو لفظ گردش ڪندو هوندو ۽ ان جي ڪري ئي پيشي واري صحافين تي
آڱريون کڄنديون آهن، فرض ڪيو جيڪڏهن هڪ گهر جا ڀاتي جنهن ۾ عورتون ٻارڙا بہ شامل هجن، اهي ڪنهن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪن ۽ انهن جي هٿن ۾ پاڪ
ڪتاب هجي جيڪڏهن صحافي ان کان رپورٽنگ عيوض ڪجهہ رقم گهرن تہ سمجهو تہ اهو معاشري جي تباهي جو پهريون ڏاڪو آهي، ٻيو وري ڪو احتجاج ٿئي ۽
احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هجي تہ اسانجي گهر ۾ ڌاڙو لڳو آهي اسانجو الهہ تلهہ چوري ٿي ويو آهي ۽ ان کان بہ صحافي رپورٽنگ عيوض رقم گهري تہ مڪمل طور تي اسان اهو ئي سمجهون تہ هاڻي ڀلائي جو رستو سڙي چڪو آهي، اڳيان وڌڻ لاءِ تمام گهڻي اوندهہ آهي جنهن ڪري اسان اڳيان وڌي نٿا سگهون، اڄ هي اصلاحي خط انهن
صحافين لاءِ آهي جيڪي اخبارن جي آڙ ۾ انهن پريشان ماڻهن، دردن ۾ وڪوڙيل ماڻهن، ظلم
جي متاثرن، بيمار ماڻهن، تڪليفن جي ستايل ماڻهن کي وڌيڪ ستائن ٿا، اهي ماڻهو جيڪي
پريس ڪلبن کي پنهجي دانهن جو دڳ سمجهن ٿا پر جيڪڏهن صحافي انهن کي انهن مسئلن جي
دانهن اڳيان پهچائڻ ۾ ئي مدد گار ثابت نہ ٿين ۽ انهن سان ''پنهجي ڳالهہ'' پهريان ڪن تہ پوءِ انهن دانهين کي ڪهڙي اميد هوندي ان صحافي مان، ڪهڙو پيغام
ويندو ان جي ذهن ۾ تہ اسان غريب آهيون دانهن ڪيون ٿا وس وارن لاءِ پر هتي تہ هيٺيان ماڻهو ئي اسانجي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهيا آهن جيڪي ڳالهہ ڏاڍي تڪليف واري آهي، صحافين کي هر ان عمل کي نندڻ گهرجي جيڪو هن
معاشري کي خراب ڪري ٿو، جيئن صحافي ڪرپشن جون خبرون هلائن ٿا تيئن پاڻ کي بہ صاف رکن، اُهو عمل نہ ڪن جنهن سان ڪنهن غريب جي دل آزاري ٿئي ۽ ان دل مان ''آهہ غريبا قهر خدائي'' جهڙا لفظ نڪرن.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment