سر عام سماج جو قتل عام !؟(وقار عباسي/خيرپور ناٿن شاهه)



اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به جتي انسان ٻين سياره گرهن تي مريخ جيان نئيون دنيائون تعمير ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ اسان پراڻي دور جي ڳڌين ريتن رسمن ۽ منگڙت سوچن ۾ اڄ به اسان جو عوام هڪ ذهني معذور بيڻل آهي انهن رسمن جي پيروڪاري ڪندي اڄ به حوا ڄائي ۽ آدم جو رت وهي رهيو آهي، اسان وٽ جتي دنيا  ترقي يافته ملڪ کي ڏسي وري جڏهن پاڻ تي هڪ نظر رکون ٿا ته اڄ به اسان وٽ اهڙين ريتون رسمون منگڙت فيصلا عروج تي پهتل آهن اسان جو ايندڙ نسل انهن ڳڌين فرسوده رسمن جي ائين پيروڪاري ڪري رهيو آهي، ڄڻ وڏن کان مليل ڪو ڏاج هجي اها اسان جي سوچ جي ڪيڏي نه وڏي غربت آهي، اسان وٽ اڄ به ذهني معذور اڄ به انهن ڳڌن ڪمن کي رسمون سمجهي نڀائي رهيا آهن هڪ وڏو علميو اهو به آهي ته اڄ به اسان وٽ ڪارو ڪاري، نياڻي جي قرآن پاڪ سان شادي ڪرائڻ، سڱ چٽي ۾ نياڻي جا احساس مارڻ پر انهن مان ڪارو ڪاري نالي تي هڪ رسم عام ٿي آهي جنهن ڪيترن هي بيگناهن کي هن سماج جي ڏاڍن هٿان غيرت جي نالي تي مارائي ڇڏيو، جنهن ڪيترين ئي اڇي ۽ پاڪ پوتئر کير جهڙين نياڻين کي به ڪارنهن جو الزام ڏئي ڪارو ڪري ماريو آهي،  جيڪڏهن ڪو ڏوهاري به آهي ته سماج ۾ قانون نالي به هڪ ادارو هوندو آهي جيڪو اتان جي زميني حقيقتن جي رهڻي ڪرڻي جي امن جي ساک کڻي ان حلف تي هلندو آهي ته اتان جو امن امان اهي قانون جا رکوالا برقرار رکندا ۽ اڻوَڻندڙ واقعن کي منهن ڏئي عوام جي خوشين کي برقرار رکندا،
 پر هتي اسان وٽ اهو قانوني نظام ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ها اهي ٻه جيڪي عام لفظ آهن غريب ۽ امير غريبن لاءِ هڪ نظام هڪ قانون ته امير لاءِ ٻيو  قانون سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن اهو قانون ٻن حصن واري ڪٿا جو حصو بڻيو آهي ؟ آخر اسان وٽ اهڙي سڄاڳي ڇو نه ٿي اچي ؟ ماڻهون سجاڳ ٿي پون جڏهن ته اسان وٽ ڪيتري وقت کان فلاحي ادارا اين جي اوز کان ويندي انساني حقن جي پاسداري جا پيروڪار جن هنن ڳڌين ريتن  رسمن جي خاتمي لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙيو انهن اڻٿڪيون محنتون ڪيون ان ۾ فنڪارن به پنهنجو ڪردار نڀايو ٿيٽر ڪري ۽ ان ڳڌين رسمن بابت ماڻهن کي آگهائي ڏئي اجاگر ڪيو ته وقت بدلجي ويو آهي اونداهي کي ڇڏي سج جي روشني جيان روشن جهان جو پاسو وٺي اهڙين رسمن جو خاتمو آڻيو ساڳي جڳهه تي سماجي تنظيمن پڻ پاڻ ملهايو ۽ سيميار ڪرائي ماڻهن کي شعور ڏيڻ واري واٽ ۽ گس تي هلڻ سيکاريو، جڏهن ته هڪ طرفان قانون هوندي به اهڙي برائين جي خاتمي لاء ڪي عمل جوڳيو اپاء ڇو نه ٿا ورتا وڃن جيڪو هن موضوع جو وڏو سوال بڻيل آهي ؟ ته آخر ڇو ڇا لاء ۽ ڪيستائين؟
  وقت بدلجندو رهيو ماڊرن دور آيو پر افسوس اڄ به اسان سوچ نه مٽائي سڳهياسين ۽ ان رسمن جي نالي تي حوا جون ڌِيون  ۽ آدم جا پٽ سرعام گولين، ڪهاڙين ۽ پٿرن  جو کاڄ بڻجن ٿا اهڙو کاڄ  جنهن جو ڪو والي وارث به ناهي ڇو ته اهڙي قيامت غريبن جي گهرن تي گهڻو ڪڙڪي ٿي، آخر ڪيستائين ؟قانون جنهن جي مٿي مان ڳالهه ڪئي اهو حفاظت بدران اگر ڌر بڻجي ته پوءِ ڪير دانهي ڪير عوام ڪير غريب ڪير امير ؟ ڪجهه ڏينهن پهريان رتيديرو ۾ ظهور نالي ڳڀرو نوجوان پنهنجي مامي جي دعوت تي ويو سندس وني به گڏ وئي، ته ماما جي دعوت آهي ۽ ننڍڙو ڀاءُ به ساڻس گڏ ويو، سڄو ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ظهور کي اها خبر نه هئي ته هي سماج ان کي اڄ کان پوءِ ساهه کڻڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ پنهنجا ئي هن جي رت جا پياسي ٿي پوندا هن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويندو، رات جي ٽائيم پنهنجي گهر واري سان  گڏ ستل نوجوان کي گهر واري سامهون قانون جي رکوالي اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ ۽ منظور سيانچ نوجوان ظهور سيانچ کي بيگناهه 50 سالن جي ڪراڙي عورت سان ڪارو ڪرار ڏئي پنهنجي گهرواري ۽ ننڍي ڀاءُ سامهون ماري ڇڏيو غريب هجڻ ڪري ڪير والي وارث به نه ٿيو ظهور جهڙا الائي ڪيترا نوجوان ان رسم جي نالي تي ڪٺا ويا، جيڪو ظلم ناحق ڪيتري ٽائيم کان اسان جي ارڌ گرڌ چڪر ڪاٽي رهيو آهي!  ظهور سيانچ جي گهرواري ۽ ڀاءۡ صدمي ۾ بيهوش نوجوان سان گڏ سندس جي ڀائرن، ماءُ ۽ سندس جي ڳورهاري وني جي اميدن جو قتل پڻ ٿيو، اهڙي قيامت برپا ڪندڙ سانحي تي آخر سرڪار طرفان ايڪشن ڇو نه کنيو ويو،؟  اسان وٽ وڏيرا شاهي نظام جي ذهن اهڙين رسمن جي نالي تي ذاتي پلاند ڪري غريبن جا گهر اجاڙين ٿا. ۽ پوءِ غيرت جو نالو ڏئي ان ڳالهه کي ائين ماٺ ٿا ڪرائن جو ڪجهه ٿيو ئي نه هجي ! ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ ڪٺو ويو، ته ڪنهن ماءُ جو جگر ڇِنو ويو، ڪنهن پيُ جو سهارو کسيو ويو. ڪنهن عورت جو جيون ساٿي ڏور ڪيو ويو ها اهو به سچ آهي ته  اسان وٽ مير پير ڀوتارن سامهون ڪنهن جي به نه هلندي آهي ڇو ته هو ان علائقي جا بادشاه هوندا آهن انڪري پوليس خاموشي جو مظاهرو ڪندي سنڌ پوليس جي عملدار جي ونگار وهندي نظر پئي اچي ها جي ٿيندو ته به ڇا ٿيندو اڄ اهو ڪيس لوڙهجي ويندو سڀاڻي وري ڪنهن ٻئي ظهور سيانچ کي ماريو ويندو ۽ انهن جي لاشن جي سرعام بيحرمتي ڪئي ويندي ها ان عورتن کي وري به بغير غسل  دفنايو ويندو! اسان جي سماج ۾ اهڙا وقعا روز جو معمول بڻيل آهن، اسان جي سماج ۾ اهڙي واقعن کي ڏسندي پري پري تائين انصاف جو نالو نشان ئي ڪونهي ڪو آخر ڇو ؟ آخر ڇو ؟ اڄ به سنڌ ۾ اهڙين رسمن کي ٿيندي ڏسندي اها سوچ پئي اچي ته اڃا سماج ۾ ذهني غربت موجود آهي الائي ڪڏهن سنڌ مان اهڙين رسمن جو انت ايندو ۽ ماروئڙا خوشين ۾ جهومندا اها سنڌ ڏسڻ لاءِ روح سِڪي پيو، موجوده دور ۾ اهڙين رسمن خلاف سرڪار سخت ايڪشن کڻي ته پوءِ ان تي ظابطو آڻي سگهجي ٿو شهيد نوجوان ظهور جي امڙ انصاف جي منتظر آهي ۽ ان جي گهر واري ان آس ۾ آهي ته شل ڪو اهڙو واءُ وري جو انصاف هن فاني دنيا ۾ ملي.
ڪڏنهن ديس تو ۾ سڌارا به ڏسبا
۽ پيرن تي بيٺل ادارا به ڏسبا

No comments:

Post a Comment