بجلي جو بحران ۽ وفاق جون ناانصافيون.!!!( غلام مصطفيٰ جمالي)



اسانجي موجوده سياستدانن جيڪي2013واري عام اليڪشن جي مهم دوران ۾ پاڪستاني قوم سان جيڪا وعده ڪيا هئا ته پاڪستان کي هڪ ترقياتي راهه جي طرف کڻي وڃبو،پاڪستان مان غربت جو هميشه هميشه لاءِ خاتمو ڪيو ويندو،نوجوان کي نوڪريون ڏنيون وينديون قوم جي هر فرد کي سندس ضرورت زندگي جون سهوليتون فراهم ڪيون وينديون. جڏهن ته ميان برادرن صاحبن وڏي عام هڻي ۽ فخريه لهجي ۾ هر جلسي اندر اها ڳالهه بار بار دهرائي ته اسان جيڪڏهن اقتدار ۾ آياسين ته اسان جو پهريون فرض اهو هوندو ته ملڪ مان لوڊشيٽنگ جو هميشه هميشه لاءِ خامتو ڪيو ويندو.پر اڄ چار سال انهي حڪومت جي اقتدار هوندي ڏسجي ته ملڪ اندر اهڙي ڪا به تبديلي ناهي آئي جنهن جي ڪري موجوده سياستدانن جو گڻ ويهي ڳائجن.عوام اڄ به هڪ وقت جي لولي لاءِ پريشان آهي ۽ اڄ به انهي روڊن جي ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪري جي تلاش لاءِ پريشان ڦرندڙ نوجوان جون ڊگهيون قطارون ه ڏسڻ ۾ اچن پيون جيڪي کٽڻ بجاءِ هر ڏيهن وڌي رهيون آهن.جڏهن ته ملڪ اندر ڏسجي ته هر ماڻهو ڏکي زندگي گذاري رهيو آهي.هر انسان پنهنجي زندگي مان معطمين ناهي.ڪنهن کي گهريلو زندگي جي پريشاني ته ڪنهن کي بي بيروگاري جي پريشاني ته ڪنهن کي ملڪ اندر وڌندڙ مهنگائي جي پريشاني ته ڪنهن جي مارڪيٽ ۾ هر روز وڌندڙ قميتن جي پريشاني.ڪو به اهڙو ناهي جو چوي ته مان پنهنجي زندگي مان پريشان ناهيان.آخر عوام کي انهن پرشانين ۾ ڪنهن مبتلا ڪيو.انهي ئي حڪمرانن جن اقتدار ۽ اچي ڪري وڏين گاڏين جي هڪ ڊگهي قطار جي پروٽوڪول جي نشي اندر عوام جي دردن کي وساري ڇڏيو.نواز حڪومت اها ڳالهه ته وڏي هام سان ڪئي هئي ته اقتدار جي اچڻ سان ئي ٽن مهينن جي اندر ملڪ مان بجلي جي لوڊشينگ ختم ڪئي ويندي.پر ٽي مهينا ته پري رهيا پر ٽي سال گذري ويا آهن جو عوام بجلي جو لوڊشيٽنگ جو آزارڀوڳي رهي آهي ملڪ جي ٻهراڙين کي هڪ پاسي رکي ڪري پاڪستان جي روشين جي شهر ڪراچي تي هڪ نظر وجهو ته گذريل چار مهينن اندر ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيٽنگ اندر گذريل سال به ڪيترائي شهرين مري چڪا هئا جڏهن ته ڏسجي ته انهن بي گناهن عوام جو اهين مري وڃڻ ڪا معمولي ڳالهه ته ناهي جنهن کي اهين وساري ويهي رهجي.هن وقت به ڪراچي شهر اندر قهر جي گرمي آهي ۽ بجلي جي هڪ ڊگهي لوڊيشنگ عوام جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هن سال به گرمي پد وڌي وڃڻ ڪراچي واسين جي زندگين جي ذيان ٿيڻ جو اهم سبب بڻجي سگهي ٿو.پر افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته اڄ به ڪراچي جا شهر بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊيشنگ خلاف رستن تي نڪتل آهي ،پر سندس ڪير ٻڌڻ وارو ناهي ،انهي ڪري اهو سوال انهن کان به ته ڪجي ته اوهان ئي چيو هو ته ملڪ مان لوڊسيٽنگ جو خاتمو ڪيو ويندو پوءِ هي ڪراچي جي عوام جي موت ڪنهن جي کاتي ۾.؟؟ جڏهن ته ٽن مهينن اندر لوڊشٽنگ ختم ڪرڻ وارا هاڻ اهو چئي رهيا آهن ته 2018۾ لوڊشينگ ختم ڪئي ويندي پر 2018۾ لوڊشٽنگ ختم ٿئي اهڙي ڪا به هلچل ڏسڻ ۾ نه پئي اچي ۽ نه ئي حڪومت انهي معاملي ۾ سنجيدا آهي.وزيراعليٰ پنجاب جيڪو پاڻ کي خادم وطن ٿو سڏرائي اهو ڇو خاموش آهي ۽ هاڻي ڇو مينار پاڪستان تي هٿ وار پنکا کڻي ڪري پنهنجي حڪومت خلاف احتجاج ڇو ڪون پيو ڪري.؟ وڏا دهل شرنايون وڄائي ڪري وڏي رقم پاڪستاني خزاني مان ڪڍي ڪري نندي پور پاور پروجيڪٽ جو افتتاح ڪيو ويو.۽ روشني فراهم ڪرڻ وارو منصوبو خد روشين کان محروم رهجي ويو.جڏهن ته انهي منصوبي جي بند ٿيڻ کان پوءِ ميان نواز شريف هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي آهي ته هڪ مرده منصوبي ۾ جان ڪئين وجهي پر ڏسجي ته اها ڳالهه راءِ عمل ۾ اچي ٿي يا رڳو جان ڇڏائڻ جو چڪر آهي .!! جڏهن ته اهو منصوبو ق ليگ جو هو جيڪو سابق وزيراعظم محمد ميان سموري2007 ۾ شروع ڪيو هوجنهن جي شروعاتي خرچ39ملين آمريڪي ڊالر هو جئين ته هن منصوبي جي منظوري اي سي سي2007۾ ڏني جڏهن ته وزير خزانه انهي رقم جي قرضي جو يقين ڏياريو.پر ڏسجي ته انهي دور کان هن دور حڪومت کان صرف هڪ بجلي جو معاملو به حل ناهي ٿي سگهيو اها حڪومت عوام کي ڪهڙو لاڀ ڏئي سگهندي مان سمجهان ٿو ته وفاق هٿ سان سنڌ کي اونڌاهين کي طرف کڻي وڃي رهي آهي پر انهي وفاق کي ڪير سجهائي ته سنڌ ۽ سنڌين جو به هن ملڪ تي ڪو حق آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان وفاقي حڪومت خلاف ۽ سنڌ ۾ بجلي، گئس جي بندش ۽ پاڻي جي سپلائي ۾ ناانصافي خلاف چڪرا بازار موهني بازار نوابشاهه ۾ هزارين ماڻهن کي خطاب ڪيو جنهن خطاب دوران چيو ويو ته نواز شريف صرف بجلي چور نه پر هتان جي مزدور، زراعت جي دشمن آهي، نواز شريف 2013 جي عام چونڊن ۾ عوام سان وڏي ۾ وڏو ڪوڙ ڳالهائي ووٽ ورتو هئو ته مان چونڊن بعد ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻيندس، پر ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ بجاءِ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.سنڌ حڪومت جي ڳالهه اها اکين تي پر اهو سنڌ حڪومت کان به هڪ سوال آهي ته اوهانکي سنڌ جي عوام اڄ ڇو ياد آئي آهي جڏهن ته اوهان به اقتدار جا پنج سال پورا ڪري چڪا آهيو ۽ هن وقت صوبي سنڌ جا واڳ ڌڻي آهيو،پوءِ اوهان پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ صوبي کي ڪهڙو لاڀ ڏنو.؟ جڏهن ڏسجي ته اڄ به سنڌ جي  عوام لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻن هڻڻ تي مجبور،سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت سنڌ جي سرحدي ضلعي ٿرپارڪر ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي ڊگهي بندش ماڻهن جو جيئڻ تان روح کڻائي ڇڏيو آهي. ضلعي جي شهرن هيڊڪوارٽر مٺي، تعلقن ڏيپلي، ڇاڇري، ڏاهلي، ڪلوئي، ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي،جڏهن ته سنڌ ته ٻين وڏن شهر جن ۾ لاڙڪاڻو،سکر،ميرپورخاص ۽ بدين اندر جي بجلي جي لوڊشِيٽنگ انساني زندگي کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي،جڏهن ته ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار رڪارڊ 17 هزار 720 ميگا واٽ تائين پهچي وئي آهي. گذريل سال رمضان ۾ 19 جون تي 17 هزار 430 ميگا واٽ جي رڪارڊ پيداوار ٿي هئي. ۽ ٻئي پاسي خواجا آصف اهو به  چيو آهي ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي، بجلي وافر هئڻ جي باوجود انهن علائقن کي بجلي نه ڏينداسين. 2018ع ۾ به بجلي بحران ختم ڪري ڇڏيندي،انڪري مان آصف خواجه صاحب کان صرف هڪ سوال اهو تو ڪيان ته بجلي چوري رڳو سنڌ صوبي ۾ ته نه ٿي رهي آهي،جيڪڏهن سنڌ صوبي ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي ته ڇا پنجاب جا شهري بجلي چوري ۾ ملوث ناهن ڇا پنجاب ۾ بجلي چوري نه پئي،؟مان يقين سان چوان ٿو ته بجلي جيتري سنڌ ۾ چوري ٿيندي آهي اوتري ٻين صوبن ۾ چوري ٿيندي هوندي،پر ٻين صوبن سان اهڙو ويل ناهي جهڙو سنڌ صوبي جي عوام سان ڪيو پيو وڃي ۽ افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي عوام کي رڳو آسرن ۾ رلايو پيو وڃي ۽ هي قوم به رڳو آسرن تي پلجي رهي آهي سندس واهر ڪرڻ وارو ڪير ناهي

No comments:

Post a Comment