پــي ايــس 7 تــي ٿـيـنـدڙ دنـگـل!!... (نادر حسين ڀٽي )



        نه اهــي سيــاســي اڳــواڻ رهيــا آهــن جيڪي ماضي ۾ پنهنجي عوام جي پرگهور لهندا هئا ؟ سنڌ ۾ اها سالن کان روايت هلي رهي آهي ته اليڪشن جا ڏيهاڙا ويجهو ايندي ئي سنڌ غريب عوام کي بي وقوف بڻايو ويندو آهي سنڌ جا ماڻهو ظلم ، ستم ۽ دردن جا ستايل هوندا آهن ۽ ان آسري ۾ هوندا آهن ته اڳئين دفعي نه ئي سهي پر هن دفعي وڏيري ۾ ڀلائي جي اميد ڪجي ، پر جيڪر وڏيرا صفا سٺو هندو نه ته سڄڻ کي آسرو نه ته وري دشمن کي ڀئو ! پر ان ڳالهه کي ڪير به غلط نٿو ڪري سگهي ته وڏيرن کي ۽ چونڊيل نمائيندن کي پنهنجي تڪ ۽ ڳوٺن ۽ شهر جا غريب ماڻهو تڏهن ياد ايندا آهن ، جڏهن  انهن کي اسيمبلي ۾ ٻيهر وڃڻ جا ڏينهن ويجهو ايندا آهن ائين کڻي چئجي ته اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندي هو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي عذرخواهين وارو فارمولو استعمال ڪري اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ائين ئي سنڌ صوبي جي ضلعي گهوٽڪي اندر زمين تپائيندڙ سياست جو انوکو انداز آهي، يا ائين کڻي چئجي ته يونان جي وار ڪندڙ ليڊرن جهڙو آھي، جتي عوامي خدمتن کان وڌيڪ شخصيت پرستي جو اثر وڌيڪ آهي ۽ ڊپلوميٽڪ (مفاهمت واري پاليسي) سياست سميت مذھبي اڻ ڀڻ جو مقدار وڌيڪ آھي، پنج مارچ جي چونڊ تعلقي ميرپور ماٿيلو ڏھرڪي جي تڪ تي ٿي رهي آھي، هڪ طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيٽ تي بيٺل اميدار مرحوم احمد علي جي فرزند عبدالباري پتافي کي نامزد ڪيو ويو آھي، ته ٻئي پاسي فنڪشنل ليگ طرف ميان مجن سائين اميدوار آهي. مرحوم سردار احمد علي پتافي جي وفات کان پوءِ خالي ٿيل تڪ تي موجوده صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته ٻئين اميدوار پر اميد آھن، جڏھن ته عبدالباري پتافي سان لنڊ گروپ جو سربراهه خالد احمد خان جي وفاداري گڏ آھي، ساڳي ئي پارٽي جي ايم اين اي علي گوهر مهر سميت مهر لابي فنڪشنل ليگ اميدوار جي مڪمل پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ عبدالباري پتافي پنهنجي تڪ تي مختلف ڳوٺن سميت شھر ميرپور ۽ ڏھرڪي تي تيزي سان ورڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڏي عوامي لاڙو ظاهر ظهور نظر اچي ٿو، هندو ڪميونٽي جو پڻ ساٿ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سان آھي، مذھبي پيشواه ميان مجن سائين سميت درگاه ڀرچونڊي جا مريد ۽ اڳوڻو ايم اين اي ميان مٺو پڻ مجن سائين جي ورڪ ۾ ميدان تي لٿل آهي، هندو ڪميونٽي جي هن وقت مڪمل همدردي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ماڻهن سان آھي، جڏھن ته شر قبيلي ۽ بوزدار قبيلي سميت مهر گروپ جي حمايت مڪمل طور تي فنڪشنل ليگ جي اميدوار سان آھي، جنهن ڪري ٻنن ڌرين وچ ۾ چوٽي جو دنگل ٿيڻ جا امڪان آهي ، ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اندر ڏھن سالن جي سياست ۾ ڪو به عام ماڻھو کي فاعدو نه ڏئي سگهي آھي، اسڪول، روڊ رستا، اسپتالون، واٽر سپلاءِ اسڪيمون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون آهن، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا آهن ، جن کي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت ۾ اسڪولن ۾ تبديل نه ڪرائي سگهي آھي ، هتان جي عام ماڻھن جي حالت پ پ پ حڪومت مڪمل برمين جهڙي ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ناقص ڪارڪردگي سبب هن وقت مخالف وڏي پئماني تي ان موقعي جو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي اندر به ڌڙابندي آهي، جنهن ڪري اهي ڌڙا به عبدالباري پتافي جي لاءِ چئلينج بڻجي سگهن ٿا، پر تنهنجي باوجود به ڏٺو وڃي ته عبدالباري پتافي کي جيڪا عوامي موٽ آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چونڊن جا نتيجا آخر ڇا نڪرندا. ميرپور ڏھرڪي سميت ميان مجن سائين طرفان ورڪ به مڪمل تيزي سان جاري آهي، جڏھن ته سائين مجن گادي جو فائدو وٺندي پنهنجي مريدن جي مدد حاصل ڪري رهيو آهي، انهن ذريعي به ڀرپور نموني سان اليڪشن مهم هلائي رهيو آهي، ان حوالي سان مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران فنڪشنل ليگ جي اميدوار ميان مجن جي حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پي ايس 7 تي پي ٽي آءِ پنهنجو اميدوار نه بيهارڻ سبب ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي آهي پي ايس 7 جي عوام پيپلز پارٽي پاران ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ توڙي بي روزگار نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ سبب هتان جي عوام پيپلز پارٽي کان باغي ٿي وئي آهي ، پنج مارچ جي تاريخ تقديرن ۽ تعبيرن جو فيصو آھي، جيڪو عوام جي هٿ ۾ موجود آھي، جڏھن ته ٻنن ڌرين سان عوامي همدرديون ساڻ آھن، ۽ سندس مان تمام گهڻو خوش آهن، ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن عبدالباري پتافي ڪامياب ٿي به وڃي ته ڇا هو عوامي خدمت ڪندو يا وري روايتي سياستدانن وانگر پنهنجي مفادن کي عزيز ڪري ويهندو، ٻنهي ڳالهين جا نتيجا سولا آهن، جيڪڏهن توهان عوام سان گڏ هلندا ته بيشڪ عوام توهان سان گڏ آهي، پر جيڪڏهن توهان عوام سان گڏ بيهڻ پسند نه ڪندا ته بيشڪ عوام به توهان کي ٺڪرائي ڇڏيندي ، تنهنڪري پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي وچ ۾ دنگل ٿيڻ جو امڪان آهي

No comments:

Post a Comment