حڪومت
پاڪستان پي آءِ اي وٺڻ وارن کي اسٽيل مل مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اهو سبب ڄاڻائيندي ۽ پنهنجي مٿان پاڪ پوتي
وارا ڪک رکندي چيو آهي ته بجيٽ ۽
موجوده خسارو وڌي رهيو آهي.پاڪستان جي معيشت هن وقت ٻن وڏن مسئلن جو شڪار آهي.
اسٽيل مل بند پئي آهي،انڪري جيڪو به اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائنز) جا قرض ادا ڪندو. ان کي اهي ٻئي ملڪي ادارا مفت ۾ ڏينداسين.سموريون ڳالهيون
سامهون رکندي سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته ڇا پاڪستان وٽ ايترو به پئسو ناهي ته صرف ٻه
ادارا جيڪي مالي طور پوئتي وڃي رهيا آهن ۽ سندس ساهه سسڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ کين
بچائي سگهي،ڇو اچي خوار ٿيا آهيو ڇو ٿا پاڪستان جي ويهه ڪروڙ عوام کي خوار ڪيو
ڪجهه ته اکين ۾ ديد رکو.پر افسوس ته پاڪستان جي انهن حڪمرانن کي انهي ٻنهي ادارن
جو ڪهڙو قدر ادارا قائم ڪرڻ ته وڃي آرامي ٿيا ۽ انهن حڪمرانن انهن ادارن کي برباد
ڪري ڇڏيو.مونکي ته حيرت انهي ڳالهه تي آهي جو پاڪستان سپريم ڪورٽ انهي معاملي ٿي
خاموش ڇو آهي ڇو نه ٿي وضاحت پڇي ٻنهي ادران جي تباهي جو حڪمرانن کان.؟.جڏهن ته
ملڪ اندر حڪمرانن جي پويان ته ائين اچي پئي آهي جئين ماڻهو کي اڪيلو ڏسي انهي
پويان جنگلي ماکي پئجي ويندي آهي.افسوس ته سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز واري
نجڪاري واري معاملي تي سراسر خاموش آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي پي آءِ اي ۽
اسٽيل ملز جي اهيمت کي سمجهڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پوءِ ساڳي
سال قائداعظم محمد علي جناح 1947ع ۾ “اورينٽ” نالي سان پاڪستان ايئرلائن قائم ڪئي.
ته جيئن پاڪستانين کي به دنيا جي تيز ترين ڊوڙ ۾ شامل ڪري سگهجي. اورينٽ ايئر
لائين جي محب وطن پاڪستانين جي اڻک محنت سان اورينٽ ايئر لائين ايتري تيزي سان
ترقي ڪرڻ شروع ڪري ڏني . جنهن کانپوءِ سندس نالو 1955ع ۾ تبديل ڪري سندس نالو
اورينٽ مان“پي آءِ اي” رکيو ويو.جڏهن ته انهي محنت ۽ ڪوششن سان 1960 واري ڏهائي ۾
پي آءِ اي دنيا جي مقبول ترين ايئرلائين بنجي وئي.جنهن جو اندازو اوهان انهي ڳالهه
مان ڪري سگهون ٿا ته“جيڪولن ڪينڊِي” آمريڪي خاتون اول پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ پسند
ڪندي هئي.جڏهن ته بالي ووڊ جو مشهور اداڪار گارڊنر به پي آءِ اي ۾ ئي سفر ڪرڻ کي
پسند ڪندو هو.ايشا جي پهرين ائير لائين جنهن ۾ “ٽي وي”سسٽم ۽ آٽوٽڪنگ ۽ ٻيون
ڪيتريون سهولتون ميسر هنيون.جڏهن ته ان وقت انسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت اهڙين
سهولتن لاءِ ترسندو هو.پي آءِ اي دنيا جي پهرين ائير لائين هئي. جنهن کي 1964ع ۾ پهرين
دفعا چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي هئي.1971ع ۾ جڏهن آمريڪا ۽ چين جي دوستي ٿي ته
آمريڪا جو ان وقت جي وزير خارجه پي آءِ اي جي ذريعي ئي چين پهتو هو.۽ ان وقت دنيا
جنگ جي ماحول کان نڪري ڪري امن جي رستي تي پهتي هئي.۽ دنيا لاءِامن جو راهون لکي
چڪيون هينون.پي آءِ اي ايمرٽ ائير لائين سعودي ايئر لائينس ۽ ٻين ڪيرن ئي ملڪن جي
ائير لائين جي موجود ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.سعودي ائير لانيس ايمرٽ جو پهريون
جهاز پاڪستان پي آءِ اي جو عملو پاڪستان ۾ اڏاري آيو هو.پي آءِ اي ائير لائينس جي
معيار جو اندازو اوهان انهي ڳالهه مان لڳائي سگهون ٿا. ته پاڪستان پي آءِ اي جي ائيرهوسٽ
۽ ٻئي عملي جي ڊريس دنيا جي مشهور فيشن شو Pierre Cardin پيرس ۾
تيار ٿي اهڙِي مقبول ترين ايئر لائين کي پاڪستاني حڪمران ڀڳڙن جي مُٺ تي وڪرو ڪرڻ
ٿا چاهين ۽ انهي ڪري شايد پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومتي وزير اعظم خاقان عباسي
پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جي باري ۾ شايد پڪو پهه ڪري ڇڏيو
آهي.جنهن کي هن وقت هڪ وٺو ۽ هڪ فري حاصل ڪيو جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي.حڪمرانن جا
اهڙا رويا ڏسي ڪري ائين لڳي رهيو
آهي ته شايد حڪومت کي نجڪاري مان ئي ڇوٽڪارو نظر اچي رهيو آهي. جنهن ڪري حڪومت
گهڻي عرصي کان نجڪاري جي مهم هلائي رهي آهي. چوي وڃي پيو ته آئي ايم ايف جي اڳيان
جهيل جهول ۽ ڪجهه پئسا وجهندي حڪومت کي اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ته نجڪاري
ڪيو.!!جڏهن ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کان باربار اهو چورايو پيو وڃي ته ڪاروبار ڪرڻ
حڪومت جو ڪم ناهي.!پر وزيراعظم جو ته وس ئي نه پيو هلي اگر سندس وس هلي ته پاڪستان
جي هر اداري کي نجڪاري ۾ تبديل ڪري ڇڏي.جڏهن ته هي معاملو صرف خاقان عباسي جو ناهي
ان کان پهرين سندس سابق وزيراعظم ميان نواز شريف جرنل
ضياءِ الحق،جرنل. پرويزمشرف،۽ ٻين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي ادران اندر نجڪاري
جو عمل ڪري چڪا آهن. پر سوال اهو ئي آهي ته انهي نجڪاري مان ملڪ کي ڇا مليو.سواءِ
ادارن جي تباهي جي.!سڀني گڏجي ڪري مفت دل بي رحم انسانن پنهنجي من پسند ماڻهن جي
حوالي اهي ادارا ڪري ڏيا جن ملڪ کي هميشه خساري ۾ ئي وڌو.زيل پاڪ سمينٽ فيڪٽري کان
ويندي پي ٽي سي ايل جي فروخت تائين. پاڪستان کي ڇا مليو. جڏهن ته اڄ تائين اها
پوري رقم به نه ملي سگهي آهي جيڪا زيل پاڪ سمينٽ فيڪٽري ۽ پي ٽي سي ايل سان ملي ڪري
نجڪاري جو سودو ڪيو ويو هو.!! افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هي ڪهڙا انسان آهن جيڪي
نجڪاري جو ڌندو کولي ويٺا آهن.پي ٽي سي ايل جي وڪڻڻ کان پوءِ هي حال آهي جو فون
استعمال ڪندڙ کي پنهنجو نمبر چيڪ ڪرڻ لاءِ به پئسا ڀرڻا پئجي رهيا آهن.جڏهن ته
حڪومت کي ايم سي بي،حبيب بنڪ،يو بي ايل،جي وڪڻڻ سان به ڇا مليو. افسوس ٿو
ٿئي ته حڪومت انهن ادارن کي هٿي ڏئي انهن کي ترقي جي راه ڏانهن گامزد ڪرڻ بجاءِ
انهن ادارن جي نجڪاري ڪري انهن ادارن کي تباهي کي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي.شايد
هن وقت به حڪمران باهه ۽ گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ڇو ته ڪنهن به اهو ناهي
سوچيو ته ادارن کي ترقي يافته بڻائي انهن ادارن مان ملندڙ فائدي مان آئي ايم ايف
جو قرض ڏنو وڃي.پر هت ته رواج ئي ابتو آهي.فرض لاهڻ بجاءِ وڌيڪ قرض کڻڻ جي رٽ
لڳائي ڇڏي آهي.۽ انهي ڪرڻ لاهڻ کي نجڪاري ۾ تبديل ڪري ادارن جو هٿ سان ٻِيڙو ٻوڙيو
پيو وڃي.جڏهن ته ماهر انسان قرض کي مرض ٿا سمجهن.جيڪو تمام گهڻو خطرناڪ آهي جنهن
جا نتيجا به خطرناڪ ٿا نڪرن.پرنجڪاري جي معاملي اهڙا ادارا به نجڪاري جي ور چڙهي
ويا جيڪا ترقي ڪري منافو ڪمائي رهيا هئا. نجڪاري ڪميشن اڄ به پنهنجي رڪارڊ جو
جائرو وٺي.ته کيس احساس ٿيندو،ته انهن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ ڪميشن
ڪهڙا ڪارنام انجام ڏنا آهن.سنڌ اندر کنڊ پيدا ڪندڙ شگر ملون جيڪي ڪرڙوين رپين ۾
وڪرو ڪيو ويون.اهي ڪنهن به طرح سان قومي محاظ ۾ شامل نه هنيون.سابق صدر آصف علي
زرداري کان ڪير پڇا ڪري ته ان 45ڪروڙ پين جي ماليت جي هڪ شگر مل صرف 9 ڪروڙ ۾ ڇو
ورتي.ان ڪري اڪثر دارا اهڙي ئي نوتيت سان وڪرو ڪيا ويا آهن جنهن سان قومي مال
جي نقصان کان اعلا عوام ۽ مزدور طبقي کي پڻ تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.ڪيترائي محنت
ڪندڙ مزدور ويچارا بي زوگار ٿي ويا آهن.ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي سندس معصوم ٻار بک
تي گذارو ڪري رهيا آهن.جڏهن ته انهن لاءِ هاڻ ته روزگار جا دروازا به ڄڻ بند ٿي
ويا آهن.هڪ دفعو ٻيهر پي آءِ اي جي نجڪاري وارو معاملو اٿيو آهي. آئي ايم ايف ته
اهو نه چيو آهي ته اوهان پي آءِ اي تي ترقي لاءِ سندس نجڪاري ڪيو.!پر حڪومت ته بنا
سوچڻ جي ئي نجڪاري جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي،کيس اها به خبر نه هئي ته انکان پوءِ ان
جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. آئي ايم ايف چيو ته توهان بجلي ورهائڻ واري شعبي جي نجڪاري
ڪريو. انهن بنا سوچي سمجهي فيصلو ڪري ڇڏيو.حڪومت جي اها زميواري آهي ته هو عوام جي
روزگار جي موقعا فرام ڪري. پر پاڪستان ۾ ان جي ريت رسم بلڪل به ابتڙ آهي. هت
روزگار جا موقعا فرام ڪرڻ بجاءِ روزگار جي موقعن کي ختم ڪيو پيو وڃي. حڪومت کي
گهرجي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ روزگار سميت ملڪ جي اداردن کي مظبوط ڪري انهن جي
ترقي لاءِ جاکوڙ ڪري.پر هت ادارن جي واڌ ۽ ترقي ڪرڻ بجاءِ هر روز ڪنهن نه ڪنهن
اداري جي وڪرو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. ان ڪري اهو اهم سوال آهي ته ڇا حڪومت
کي نجڪاري کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڇو ڳوليو نه ٿو ٿي.پر شايد هن وقت جي حاڪمن جي
نيتن ۾ رولو آهي .جنهن جي ڪري هو قومي ادارن جي ڪروڙين رپين جي ملڪيت پنهنجي من
پسند ماڻهن کي ٽڪي جي ملهه ۾ وڪڻڻ ٿا چاهين.ڇو ته هتي هر معاملي ۾ کوٽ نظر ٿي
اچي.انهي ڪري انڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي گهرجي ته انهي معاملي جو جلد کان جلد
نوٽيس وٺي ۽ هڪ سان گڏ هڪ فري ڏيندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪري .
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment