پاڪستان
اندر رياست عوام جي ڀلائي لاء ڪم ڪري رهي آهي ڪجهه سال اڳ پاڪستان ۾ رياست جي رٽ کي چيلنج
ڪيو ويو هو
ته ڪٿي
رياست جي رٽ قائم آهي ته ڪٿي رٽ قائم ناهي جيڪو بلڪل ڪڙو سچ هو پاڪستان جي معيشيت
مڪمل تباه ٿي چڪي هئي ڪو ڪنهن کان پڇڻ لاء تيار نه هو پاڪستان اندر هڪ طرف ڪرپشن
ڪندڙن ۽ ٻئي طرف دهشتگردن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان سان گڏ قانون جي
ڀڃڪڙيون ٿينديون رهيون عدالتي فيصلن کي سري عام تسليم ڪرڻ کان انڪر ٿيندو رهيو هو جنهن تي پوري
پاڪستان اندر باشعور عوام اديب دانشور پاڪستان سان پيار ڪندڙ ملڪ جي بقا سلامتي ۾ پنهنجو هٿ
ونڊائيندڙ احتجاج رڪارڊ پڻ ڪرائيندا رهيا آهن پر اهو به سچ آهي ته جن آواز بلند
ڪيو انهن مٿان ڪوڙا ڪيس جڙتو مقابلا ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪرائي چپ ڪرائڻ لاء هر
ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي هئي اسان جي ادارن ۾ سياسي مداخلت تباهه ڪري ڇڏيو پوليس
هجي روينيو هجي تعليم هجي صحت هجي پي آئي اي هجي پاڪستان اسٽيل مل هجي ريلوي هجي اينٽي ڪرپشن هجي يا
وري نيب ، برحال اهي ادارا ڪجهه سال اڳ پنهنجي شناخت مڪمل طور وڃائي ويٺا هيا جنهن
کان پوء پاڪستان سان پيار ڪندڙ اهو محسوس ڪيو ته ائين نه ٿئي جو پاڪستان اسان جي
هٿن کان هليو وڃين اهڙي ته صورت حال پيدا ڪئي وئي جو ڪو نماز پڙهڻ لاء تيار نه هو
ڪو سفر ڪرڻ لاء تيار نه هو ڪنهن کي انصاف نه پيو ملي جنهن کان پوء پاڪستاني عوام پنهنجي پياري ملڪ جي
سلامتي لاء پنهنجي جان قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني جيئن هي ملڪ بچائي سگهجي اسان جي
تمام سيڪيورٽي ادارن هڪ مفصل پلان تشڪيل ڏنو جنهن ۾ ان وقت جي جنرل رٽائرڊ راحيل
شريف وڏي حڪمت عملي اختيار ڪري سول حڪومت سان گڏجي هڪ نييشنل اڪشن پلان تشڪيل ڏنو
۽ ضرب عضب آپريشن جو پڻ اعلان ڪيو ان سان گڏ نيشنل ايڪشن پلان ۾ معتبر شخصيتن سمت ادارن جي ڪئي اهم آفيسرن کي شامل ڪري ملڪ ۾
هلندڙ اقراپروري دهشتگردي معيشت کي ڌڪ هڻائيندڙن خلاف ايڪشن کڻن جو حتمي فيصلو ڪيو
جنهن ۾ ڪجهه عمل ٿيو ڪجهه نه پر اهو سچ اهي ته ملڪ مان دهشتگردي مڪمل ختم ڪرائي
وئي ان سان گڏ پاڪستان کي بدنام ڪندڙ ڪجهه سياسي شخصيتن کي اسان جي سپريم
ڪورٽ آف پاڪستان ، پاڪستان جي آئين کي مدي نظر رکندي اهڙا ته تاريخي فيصلا ڪيا
جنهن کان پوء عوام کي اهو يقين ٿيو ته پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو ، پاڪستان
اندر دهشتگردن جي سهولتڪارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو نيب اندر هڪ اهڙي
شخصيت جيڪا چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجا فرائض انجام
ڏنا رٽائرڊ ٿيڻ کان پوء پاڪستان جي تمام سياسي پارٽين متفق راء سان رٽائرڊ چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جناب جاويد اقبال کي نيب لاء چيئرمين منتخب ڪرڻ لاء تجويزون
پيش ڪيون ويون جنهن کان پوء نيب چيئرمين جي عهدي تي قانون
مطابق مقرر ڪيو ويو پوري ملڪ ۾ مٺايون ورهايون ويون هڪ اميد جاڳي ته هاڻي پاڪستان
اندر جنهن جنهن ڪرپشن ڪئي آهي ان کي ضرور قانون جي پڪڙ هيٺ آندو ويندو ، حقيقت اها
آهي ته پاڪستان جا تقريبن اڪثر سياستدانن آفيسرن عام ڀوتار جاگيردار ٺيڪيدارن
ايتري ته ڪرپشن ڪئي جو ڇا ڳالهه ڪجي برحال الله سائين وٽ انصاف آهي هو جڏهن چاهي جيڪو ڪڌن
ڪمن ۾ ملوث هوندو ان کي بي نقاب ڪري سگهي ٿو اهو ئي ٿيو پاڪستان اندر ڪئي اهڙا
انڪشافات ٿيا جنهن ۾ سياستدانن ٽي وي پروگرامن سوشل ميڊيا تي اچي هڪ ٻئي جي مٽي
پليت ڪئي هڪ ٻيئي تي ڪرپشن جا الزام هڻندا رهيا اداره نوٽ ڪندا رهيا ، مان اهو
چوندس ته جيڪڏهن رياست حرڪت ۾ اچي ته پاڪستان جي آئين کان ڪو به بالاتر ناهي پر پر
اسان جي پاڪستان ۾ هڪ ته ڪنهن به مجرم مٿان ڪو گواهي نه ڏيندو اهو ان ڪري جو
جيڪڏهن ڪنهن غريب گواهي ڏني ته پوء هو جيرو نه رهندو يا وري ڪنهن جڙتو پوليس
مقابلي يا چوري جي الزام هيٺ ان تي ايف ائي آر ضرور ڪٽبي سچ چوڻ سچ ٻڌڻ جو حوصلو
ڪن ڪن ۾ هوندو آهي
پاڪستان
۾ ڪرپشن ڪندڙن جي وڏي لسٽ آهي جنهن تي پڻ آيف آئي اي نيب ۽ ٻين ادارن کي ڪم ڪرڻ گهرجي عوام جو اهو
ديرينه مطالبو آهي ته عام ماڻهون سميت سياستدانن آفيسرن خواه ڪهڙي به اداري يا
سياسي پارٽي
سان تعلق
هجي ان جي تمام اثاثن جي جانچ پڙتال ٿيڻ گهرجي قانون کان ڪو به بالاتر ناهي ، پر
الله ڪري ائين ٿئي . پاڪستان اندر ڪئي اهڙا ماڻهون به هيا جن وٽ ڪرائي جا به پيسا نه هيا هاڻي هو شاپنگ
به هر هفتي لنڊن برطانه مان ڪن ٿا ، انهن جي تمام اثاٿن کي عوام جي سامهون ڪيو
وڃين ، پوء ڏسو ته ڪو ڪرپشن ڪري ٿو ڊاڪٽر عاصم شرجيل ميڻ ، مشتاق رئيساني خالد
لانگاهه اهي ته
صرف پردي جي سامهون ايندڙ صرف ڪجهه نالا آهن پر سچ اهو اهي ته اڃان به ڪيئ ادارن ۾
سياسي طاقت هئڻ ڪري اعلي منصب تي ويٺا آهن جيڪي سياسي واببسطيگي استعمال ڪري رهيا
آهن انهن خلاف پڻ ايڪشن ٿيڻ گهرجي ، ان
سان گڏ وڏو ظلم اهو به ٿيو ته جڏهن عوام جي فلاح بهبود جا فنڊ ڊائريڪٽ صوبائي
ميمبر قومي اسيمبلي سينٽ جي ميمبر کي ملندا هيا ته بس اهي ڪجهه عوام جي ڀلائي لاء
ڪم ڪندا هيا ٻيا هڙپ سنڌ اوهان جي سامهون آهي ته ڇا پيو ٿئي پر جڏهن وري هيٺين سطح
تي ٽائون يوسي کي فنڊ ڏنا ويا جتي ٽائون آفيسر ٽي ايم او ناظم چيئرمين مقرر ڪيا ويا ته
سياستدانن پڻ پنهنجي مٽ مائٽ جيالن ڪارڪنن کي انهن جائين تي پوسٽنگ ڪرائي وري سنڌ
کي يوسي ٽائون ليول تي ٻنهي هٿن سان لٽيو اسان صرف نعرن هڻڻ ۾ پورا ، برحال
پاڪستاني عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پاڪستان سميت سنڌ جي ننڊن شهرن وڏن شهرن تائين نيب جي
رسائي آساني سان آهي عوام سماجي تنظيمن پاران ڏنل درخواستون پڻ نظر ثاني هيٺ آهن
پر ڪيس ڪافي آهن ماڻهون گهٽ آهن آهسته آهسته انهن جو به نالو جانچ هيٺ ايندو ۽ جن
سدائين پيسا ڏئي وري معافي نامه قبول ڪرايا آهن انهن جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي
جمهوريت جي آڙ ۾ عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيندڙ ضرور قانون جي پڪڙ ۾ ايندا مرد مجاهد
هاڻي تيار آهن ڪرپشن ڪندڙن جا تمام دڳ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اهڙا به قانون
جوڙيا ويا آهن ته جيڪو گواهي ڏيئي ٿو ان کي پاڪستان جي رياست مڪمل تحفظ مهيا ڪري
ان سان گڏ جيڪو بيان ڏيڻ چاهي ٿو يا درخواست ڏيئي ٿو ان جو نالو پڻ سيگائي راز ۾
رکيو ويندو ،
نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدرت ۾ ڪئي اهم اجلاس
ٿيا آهن جنهن ۾ تمام نيب ميمبران کي اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيڪي به ڪيس آهن انهن
کي جلد مڪمل ڪري ريفرنس لاء تيار ڪيو وڃين وقت گهٽ آهي ان ڪري ڪيس
تمام گهڻا آهن چيئرمين نيب اجلاس دوران نواز
شريف ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاظء وزارت داخله کي
خط پڻ لکيو آهي ان سان گڏ عمران خان خلاف پڻ هيليڪاپٽر جي استعمال بابت دستاويز پڻ هٿ ڪرڻ جي دعوا
ڪئي آهي وفاقي وزير ريلويز
سعد رفيق خلاف پڻ جانچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪي پي ڪي جي قانون واري وزير
امتياز شاهد قريشي خلاف جانچ جو فيصلو ڪيو ويو نيب چيئرمين بار بار اهو پنهنجي
بيان ۾ چوندو رهيو آهي ته نيب هڪ خود مختيار ادارو آهي ڪنهن جي اشاري تي ڪم نه پيو
ڪري جنهن خلاف ثبوت ملندا ان خلاف قانوني ڪاروائي تحقيقات پڻ ٿينديون جيڪو قانون
آئين اجازت ڏيئي ٿو بس ايترو مان ضرور چوندس ته پاڪستان کي ڪافي بدنام ڪرڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هاڻي هر ان کي جنهن مٿان ڪرپشن جا الزامات آهن ڪاروائي ڪري
عوام کي سڌ ڏني وڃين جيئن نيب سميت ٻين ادارن مٿان ٿيل عدم اعتماد کي بحال ڪري
سگهجي
No comments:
Post a Comment