ڇا ڪرشنا روپلي جو مان رکي سگهندي؟!/گلزار ملاح



سنڌ ۾ ڪولهي برادري سنڌ جي قديم برادري آھي، هن برادري سنڌ جو اوج به ڏٺو ته سنڌ ۾ ڪئين ڪربلائون به ڏٺيون، ڪولهي برادري جو صدين کان سنڌ جي مٽيء سان جڙيل ناتو ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ٻنيء ۾ لابارو ۽ ھارپو ڪندڙ ڪولهي جي پگهر مان وطن جي عظمت جي خوشبو ٿي اچي، سنڌ جي هيء برادري جيتري محنت ڪش آھي، اوترو مانُ هن برادري کي ڪڏھن به ناهي ملي سگهيو زمينون کيڙي ان اپائيندڙ هن برادريء جي سندس سيني جي زمين سدائين اُڃاري ئي رهندي ئي آھي، توڻي جو هنن جي محنت تي زميندار ۽ جاگيردار عيش ڪن ٿا، پر اڻ برابري ۽ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري معاشري ۾ هيء برادري سدائين ڏاڍ ۽ ڏمر کي ڀوڳيندي رهي آھي، جيڪا  برادري زميندارن جي قرض سبب پنهنجو مستقبل زميندار وٽ گروي رکي وري ڪوڏر ڏانٽو هٿ ۾ کڻي اها ئي زمين کيڙڻ وڃي ٿي جيڪا زمين ماءُ هوندي به هن برادري جي زندگي ۾ ڪو سڻڀو گرھ کڻي اچڻ جو وسيلو ناهي ٿي سگهي، جنهن معاشري جي هوٽل تي هن برادري جو بئنچ ۽ ڪوپ به الڳ رکيل هجي، ان برادري جي نياڻي جو سينيٽ ۾ پهچڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي،  حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪرشنا جو سينيٽ ۾ پهچڻ انهن ڌرين جي فتح آھي جيڪي ڌُريون برابري جي نظام جون قائل آھن، پ پ پ پنهنجي حڪومت جي ڏھن سالن جي عرصي ۾ جيڪي سنڌ سان ويل وهايا آھن سي ڪرشنا کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ سان سنڌ وساري نه ويهندي، سنڌ ڇا خود ڪرشنا به نه وساري سگهندي غذائي کوٽ سبب ڪرشنا جي جنم ڀومي ۾ ئي ڪيترين ئي مائرن  جون هنجون خالي ٿي ويون، سنڌ حڪومت ڪرشنا جي ديس ۾ جيڪي ڪڻڪ جي ٻورين ۾ ڪڻڪ سان گڏ مٽي ڀري امدادي طور ورهائي، ڪرشنا کي سندس ديس واسين سان ٿيل اها حڪمرانن جي جُٺ به چڱي ريت ياد هوندي، ڪرشنا اڄ اهو ضرور ڏسندي هوندي ته ڪيئن ڏُڪار سبب سندس ديس واسي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي رهيا آھن، ڪرشنا کي اهو به ياد هوندو ته ڪيئن سنڌ جو اڳوڻو وزيراعلي غذائي کوٽ سبب فوت ٿيندڙ ٻارن جو ذميوار مائرن کي سمجهندو هو ته ٿري ٻارن جو موت غذائي کوٽ سبب نه بلڪه  دائي کان ويم ڪرائڻ سبب ٿئي ٿو، ڪرشنا کي ان پاسي به نهارڻ گهرجي ته ٿر جي ڏورانهن علائقن ۾ اڄ به اسپتالن ۾ ميٽرنٽي هوم ناهن،  اها حقيقت آھي ته پ پ پ جو واڳ ڌڻيء آصف زرداري،  شھيد محترمه بينظير ڀُٽو کي پنهنجي سياسي ماءُ سمجهندڙ ۽ پارٽي سينئر ساٿي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني کي رڳو ان ڪري ٻيهر سينيٽ جي چيئرميني لاء قبول نه ڪيو ته  هو پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالھ ڪري ٿو، جنهن پارٽيء جي سينئر اڳواڻ کي پارٽي جي مشاورتي اجلاس کانسواء هڪ ماڻھو جي مرضي سان سينيٽ جي چيئرميني لاء  قبول نٿو ڪيو وڃي، ان پارٽيء ۾ هڪ ڏڪاريل ڏيھ جي نياڻيء کي پنهنجي اصول جي ڳالھ رکڻ جي اجازت به نه هوندي، ظاهر ڳالھ آھي ته جنهن جي مرضي سان ڪرشنا سينيٽ جي ميمبر منتخب ٿي آھي، ڪرشنا سياسي ڳالھ رکڻ لاء ان وٽ ئي جوابده هوندي، ڪرشنا ان پارٽيء جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊجي آھي، جنهن پارٽي جي خراب حڪمراني گواه سنڌ جو سمورو انفرا اسٽڪچر آھي، اهو لازمي اصول آھي ته سنڌ کي معاشي سياسي سماجي طور پوئتي ڌڪيندڙ پارٽي جي حمايت ڪندڙ يا پارٽي جي صفن ۾ ويٺل کي ماڻھو کي سنڌ جو شعور ڪڏهن به قبول نه ڪندو، پر هڪ ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته ڪرشنا کي نيٺ روپلي جي ماڳ تي واپس ورڻو آھي، ۽ ڪرشنا سينيٽ جو حلف کڻڻ وقت ئي چيو هو ته مان پاڻ کي روپلي جي ديس ۾ ٿي ڀانيان، اسان وقت اچڻ کان پهريان پنهنجا انديشا ظاهر ڪندا آھيون ۽ ڪرشنا جو حلف کڻڻ کانپوء ئي سوشل ميڊيا کان پرنٽ ميڊيا تائين اهڙو ماحول جڙيو، هر ماڻھو پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق ڪرشنا کي مياري ڪري رهيو آھي، سنڌ جا  غريب ڪولهي  زميندار ۽ جاگيردارن وٽ ذھني طور باندي بڻيل هئڻ ڪري ڪولهين جي اڪثريت پ پ پ جي ووٽر رهندي آئي آھي، جيڪا برادري ملڪ ۾ ٿيندڙ پهرين اليڪشن کان وٺي 2013 جي اليڪشن تائين هڪ ئي سياسي ڌُر کي ووٽ ڏيندي اچي، اڄ جڏھن ان برادري جي نياڻي کي ملڪ جي اعلي ايوان ۾ عزت ملي آھي ته اعتراض ڇا جو؟ ڪڏھن ڪڏھن مخالف فوج مان به بغاوت جو آذانون اينديون آھن، آغا سليم جو ناول همه اوست  جنهن به پڙھيو هوندو تنهن کي خبر هوندي ته سارنگ جيڪو اقتدار پرست هو، جنهن اقتدار ۽ ذات پرستي لاء پنهنجي محبت کي به پوئتي ڇڏي وڃي مغل حڪمرانن سان گڏيو پر وقت اچڻ تي سندس اقتدار پرست ضمير جاڳي ٿو ۽ کيس هڪ موڙ تي ياد اچي ٿو ته ڪيئن مغلن هن جي پيءُ ماءُ جي سينن ۾ ڀالا هنيا هُئا، ۽ پوء پنهنجي ئي فوج تي ترار اڀي ڪري ٿو، اگر يزيد جي لشڪر مان حُر تلوار ڇڏي، حُسيني پرچم کڻي سگهي ٿو، ته پوء اهو به ممڪن آھي ته ڪرشنا به روپلي جي رت جو ڀرم رکندي ڪنهن ڏينهن بغاوت ڪري سگهي ٿي،اسان کي وقت کان پهرين پنهنجا تجزيا پنهنجون سوچون ڪنهن تي مڙھڻ نه گهرجن، ڪرشنا جي سياسي ڪردار بابت اسان کي سوچڻ نه گهرجي، اهو ته ڪرشنا کي فيصلو ڪرڻو آھي ته هوء تاريخ ۾  ڪهڙي ڪردار ۾ جيئڻ گهري ٿي، ڇا هوء تاريخ ۾ روپلي جي وارث ثابت ٿيندي يا پارٽي پاليسين سبب ايوان سان گڏ تاريخ ۾ به خاموش رهندي؟ ڪرشنا کي هيءُ موقعو مليو آھي، جيئن هن ٿري لباس پائي  پوري ايوان ۽ ميڊيائي ڪئمرائن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو،  ائين ئي هُن کي هڪ حقيقي جمهوريت پسند ۽ وطن دوستي جو ڪردار ادا ڪري، اهو ٻڌائڻو پوندو ته اصول روايتي اقتدار کان مٿانهان هجن ٿا،

No comments:

Post a Comment