بيمار صحافي مدثر ڪلوڙي جي سار آخر ڪير لهندو…؟/احسان علي مستوئي



صحافتي دنيا ۾ آئي مونکي تقريبن پنج سال ٿيڻ وارا آهن،آءُ جڏهن کان صحافتي دنيا ۾  قدم رکيا آهن،  ان پنجن سالن واري ڊگهي عرصي کان ويندي اڄ تائين صحافين کي مشڪلاتن ۽ تڪليفن مان گذرندي ڏسي رهيو آهيان،ڪڏهن ڪنهن صحافي کي سچ لکڻ تان ڌمڪايو ٿو وڃي تہ وري ڪڏهن ڪنهن صحافي جي آواز کي بند ڪرڻ لاءِ سندس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن،ڪٿي تہ ڪن صحافين کي مارڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر اهڙي صورتحال هوندي بہ صحافين ڪڏهن بہ اصولن تي سودي بازي ناهي ڪئي هو هميشہ سچ کي پنهنجي منزل سمجهندي اڳتي هلندا رهيا آهن، سندن جي هڪ وک بہ پوئتي ناهي ٿي ۽ هو هر مشڪل سان مهاڏو اٽڪائيندي هر مظلوم جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا  ڪري رهيا آهن، صحافي  ٻين جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پر سندن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪير بہ اڳتي اچڻ لاءِ تيار ئي ناهي،جنهن اداري ۾ صحافي ڪم ڪري رهيو آهي ان صحافي جي ان اداري طرفان تہ ڪجھ نہ ڪجھ مالڪي ٿيڻ گهرجي پر هتي ائين نہ ٿي رهيو آهي، صحافي ڄاڻي تہ سندس جا نصيب ڄاڻين ان جي هتي ڪا بہ وارثي ڪو نہ پئي ٿي،هتي جيڪي وس وارا صحافي آهن اهي تہ هر مشڪل مان پنهنجي جان آجي ڪرائي ٿا وڃن پر هڪ غريب مسڪين لاچار صحافي هميشہ مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر ايندو آهي ادارا ساڻس جي ڪا بہ مدد نہ ڪئي ويندي آهي، آءُ ان ادارن کي ائين بہ ڪو نہ ٿو چوان تہ ادارو صحافي جي ذاتي ڦڏن فسادن ۾ اچي ٻين جا حق ان صحافي کي ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ سندن جي بري ڪمن جي رهنمائي ڪري بلڪہ آءُ اهو چوڻ چاهيان ٿو تہ صحافي جڏهن ڪنهن بيماريءَ ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ حالن کان بي حال ٿي وڃي ٿو تہ ان صحافي جي اداري کي هرحال ۾ مدد ڪرڻ گهرجي ، جيئن اڄ سکر جو صحافي مدثر ڪلوڙو  ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زير علاج آهي جيڪو غربت سبب علاج لاءِ  مسيحا جو منتظر نظر اچي رهيو آهي،اڄ اهي لفظ آءُ  نہ لکان ها جيڪڏهن سندس جي ادارو مالڪي ڪري ها تہ مدثر ڪلوڙو مسيحا جو منتظر آهي اهي لفظ آءُ مجبور ٿي لکيا آهن، منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي  تہ مدثر ڪلوڙو جي بہ ڪنهن نہ ڪنهن اداري ساڻ وابستگي هوندي ۽ مدثر بہ پنهنجي زندگيءَ جون ڪجھ بهارون ان اداري کي بنا ڪنهن مفاد جي ارپيون هونديون، وڏي محنت سان رپورٽنگ ڪئي هوندي، هر مشڪل وقت ۾ ان اداري تائين خبرون پهچائيندو رهيو هوندو، پر جيڪڏهن اڄ اهو مدثر ڪلوڙو اڄ بيماريءَ سبب  مشڪل ۾ آ تہ اداري کي بہ اڳتي اچڻ گهرجي سندس مشڪل وقت سندس جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، منهنجي خيال ۾ اداري ساڻس جي ڪابہ مدد نہ ڪئي آهي، هاڻي ادارو ان بيمار صحافيءَ کان ڇو نہ ٿو پڇي تہ اسان تنهنجي ڪهڙي مدد ٿا ڪري سگهون، منهنجي نظر ۾ تہ ان اداري کي مدثر ڪلوڙو کان اهو بہ نہ پڇڻ گهرجي ۽ بنا پڇڻ جي سندس جي هر ممڪين مدد ڪري، ادارو بہ وڻ جي ڇانءُ جيان هوندو آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهون وڻ پوکيندو آهي ان کي پاڻي ڏئي وڏو ڪندو آهي تہ ان مان بہ اهائي اميد رکندو آهي تہ وڻ وڏو ٿيندو تہ گرمين ۾ ان جي ڇانءُ ۾ ويهي لطف اندوز ٿيندس، ادارو بہ صحافيءَ لاءِ ان وڻ جي ڇانءُ، برابر هوندو آهي صحافي بہ ڪنهن اداري ۾ ڪم ان لاءِ ڪندو آهي تہ ساڻس کي مٿي جي ڇانءُ ملي ۽ هو ان ڇانءُ ۾ رهندي سچ لکندي لطف اندوز ٿيئي، هو اها اميد لڳايون ويٺو هوندو آهي  تہ  جنهن اداري ۾ آءُ ڪم ڪري رهيو آهيان اهو منهنجو ڀر جهلون ٿي بيهي رهي، جيڪو مشڪل وقت ۾ ڪم اچي ۽ صحافي جي ڇپر ۽ ڇانءُ بڻجي، ان آيل ڏکي وقت ۽ مشڪل مان ٻاهر ڪڍي اچي،پر آءُ مدثر ڪلوڙو کي ان اداري جي ڇانءُ کان محروم ڏسي رهيو آهيان، اڄ مدثر ڪلوڙو  پنهنجي حياتي جا ڏينهن ڳڻي رهيو آهي، پر ادارو سندس کان لاتعلقي ڄاڻايون  ويٺل آهي، برحال هي ذڪر ڪيون مون ان ادارن جو جن پنهنجي محنت ڪش صحافين کي ائين لاوارث ڪري مرڻ لاءِ ڇڏي ڏين ٿا، هاڻي آءُ ڳالھ ڪندس صحافين جي جيڪي سڀ اسين هڪ ئي ٻيڙي جا سوار آهيون، اسين صحافي صحافت جي پائي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون يونينون ٺاهي رهيا آهيون تہ جئين ڪو صحافين ڏانهن اک کڻي نہ ڏسي ۽ جيڪڏهن ڏسي بہ تہ سئو دفعا سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي تہ آءُ ڪنهن سان پيو مهاڏو اٽڪايا، اهو ان صحافين جو ساراھ جوڳو عمل آهي تہ صحافت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هو ڏينهن رات پاڻ پتوڙي رهيا آهن، اهڙي مقصدن ۾ هو ڪاميابيون ماڻي رهيا آهن، پر هنن کي بيمار صحافين لاءِ بہ ڪجھ سوچڻ کپي، بيمار صحافين لاءِ هڪ تنظيم جوڙي وڃي ۽ سنڌ جي  تمام صحافين کي گڏ ڪري ڪري ان تنظيم سازي جو آغاز ڪري انهن تي ماهوار فيس مقرر ڪئي وڃي سموري صحافين فيس ادا ڪرڻ جو سندن  کي پابند بڻايو وڃي تہ جيئن ڪوئي بہ غريب صحافي بيماريءَ جي ور چڙهي موت جو شڪار نہ ٿي سگهي، جڏهن ائين ٿيو تہ ڪنهن بہ صحافي کي ڪنهن کان خيرات گهرڻي نہ پوندي، اهڙي ڀلائي ۽ ساراھ جوڳي ڪم  لاءِ تمام صحافين کي اڳتي اچڻ جي اشد ضرورت آهي، بيمار صحافين کي ائين اڪيلو نہ ڇڏجي جيئن آءُ اڄ مدثر ڪلوڙو کي اڪيلو ڏسي رهيو آهيان، منهنجي خيال ۾ اهي تنظيمون،اهي يونينون ڪهڙي ڪم جون جيڪي ڪنهن مجبور غريب صحافي جي مدد ڪرڻ کان لنوائين ٿيون، ڇا مدثر ڪلوڙو اسان جو حصو نہ آهي جنهن جي اسان هر ممڪين مدد ڪري سندس جو علاج ڪرايون، صحافين جي ٻين معاملن ۾ مون يونينن جي اڳواڻن کي هميشہ اڳتي ڏٺو آهي،انهن کي مسئلا حل ڪرائيندي ڏٺو آهي، پر سکر جي بيمار صحافي مدثر ڪلوڙو جي معاملي ۾  اهي سڀ تنظيمون آخر خاموش ڇو آهن، سندن جي خاموشيءَ وارو  رکيل روزو ڇو نہ  ٿو کلي سندس جي مدد ڪرڻ  لاءِ انهن جا قدم اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڇو وڃي رهيان آهن،،وڏي افسوس جي ڳالھ آهي تہ اسان خاموش آخر ڇو  آهيون، آءُ مدثر ڪلوڙو جي ان بيماري ۽ علاج واري معاملي ۾ ڪنهن بہ ڪاموري يا سياستدان کي سندس جي علاج لاءِ اپيل ڪو نہ ڪندس، ڇو تہ اسين صحافي هڪ ٿي ان مظلوم غريب صحافي جي  مدد پاڻ ڪري سگهون ٿا، ان جي علاج  لاءِ ڪنهن کي بہ چوڻ جي ضرورت نہ آهي،اسين سڀ جيڪڏهن هڪ ٿي وڃون تہ ڪنهن کان بہ ڪجھ  گهرڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي، جيڪڏهن اسان صحافي آهيون تہ اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو تہ صحافتي دنيا ۾ رهندڙ هر ماڻهون اسان جي گهر جي ڀاتي جيان آهي، اهڙي طرح مدثر ڪلوڙو بہ اسان جي گهر جو ڀاتي آهي  ۽ اسان جو اهو فرض ٿو بڻجي تہ اسين ان صحافي ڀاءُ جي هر ممڪين مدد ڪندي ان جو علاج ڪرايون،سندس جي ڏک سک ۾ ساڻس جا ٻانهن  ٻيلي ٿي بيهون،مدثر ڪلوڙو هڪ بيباڪ صحافي هجڻ سان گڏوگڏ بهترين انسان آهي،سندس سان منهنجي ملاقات تہ ڪڏهن نہ ٿي آهي پر هن جي چهري مان اهو محسوس ٿيندو آهي تہ هو نيڪ دل انسان آهي،من ۾ مير رکڻ وارن مان نہ آهي، هن غريب صحافيءَ جي سار سنڀال لهڻ گهرجي ، ڇو تہ اهڙي نيڪ دل انسانن جو هن دنيا مان انگ گهٽبو پيو وڃي، مدثر ڪلوڙ جي تندرستيء جي دعا گهرڻ سان گڏ هن جي مالي مدد ڪرڻ گهرجي جيئن مدثر ڪلوڙ  ڏکن مان نڪري اچي،  جيڪڏهن سنڌ جي سمورن صحافين مان هر هڪ صحافي تي رڳو 500 سئو رپيا رکون تہ ان پيسن مان مدثر ڪلوڙي جو علاج آساني سان سٺي اسپتال مان ڪرائي سگهون ٿا تہ پوءِ اسان کي ڪهڙي ضرورت آهي تہ اسان ڪنهن ڪاموري يا کڻي سياستدان کي اپيل ڪري مدثر ڪلوڙي جو علاج ڪرايون، اسان سڀ صحافين کي گڏجڻ جي ضرورت آهي، اڄ مدثر ڪلوڙي تي ڏکيو وقت آهي ڪڏهن اسان تي بہ اهڙو وقت اچي سگهي ٿو، جيڪو ڪجھ اسين اڄ مدثر ڪلوڙي لاءِ ڪنداسين سمجو تہ اهو سڀ ڪجھ اسين پنهنجو پاڻ لاءِ ڪري رهيان آهيون، منهنجي هن ڪالم لکڻ جو مقصد صرف اهو هيو تہ آءُ مدثر ڪلوڙي جي بيوسيءَ ،غريبي ۽ ان جي لاچاري سميت ان جي بيماري کي اوهان صحافي دوستن آڏو رکان جيئن سندس جي ڪا مدد ٿي سگهي، مونکي اميد آهي تہ اسين سڀ صحافي گڏ ٿي مدثر ڪلوڙي کي بيماريءَ واري سمنڊ مان ڇڪي  ٻاهر ڪڍي اينداسين ۽ وري مدثر ڪلوڙي کي صحافتي دنيا ۾ پهريا جيان سرگرمين ۾ ڏسنداسين

No comments:

Post a Comment