“سوشل ميڊيا جي شور ۾ غم ٿيل عام زندگي”راهب علي سولنگي



جديد سائنس هاڻي اسان جي زندگي جو هڪ حصو ٿي چڪي آهي.جنهن کان بغير هاڻي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پئي آهي. سائنس انسان جي زندگي آسان بڻائي ڇڏي آهي.ڪنهن ٽيهه چاليهه سال پهريون سوچيو هوندو جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي جديد سائنس جتي بيشمار سهولتون پيدا ڪيو آهن.اتي وڏيون مشڪلاتون به پيدا ٿي چڪيون آهن. ڪمپيوٽر ۽ سوشل ميڊيا پوري دنيا ۾ وڏو انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن پوري دنيا کي اهڙي طرح گڏ ڪري رکيو آهي ته سب هڪ ٻئي سان ڄڻ ته تمام ويجهو آهن.جتي انهيءِ هن وقت بيشمار فائدا ڏنا آهن.پر اتي هن برائين سان گڏوگڏ وڏن نقصانن جي به هڪ وڏي لسٽ موجود آهي.هڪ طرف طاقتور ملڪ جيڪي پاڻ کي سپر پاور سمجهن ٿا. اهي ملڪ انهيءِ مان جاسوسي جو ڪم به وٺي رهيا آهن.۽ ان کان علاوه ان کي هٿيار وانگر به استعمال ڪري رهيا آهن.جڏهن به ٻئي طرف انهيءِ مان اسان جي نوجوان نسل کي ذهني اخلاقي ۽ جسماني نقصان به ٿي رهيو آهي. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال عام آهي.۽ اسان جا اڪثر نوجوان انهيءِ جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪندي نّظر اچي رهيا آهن.اسان جو نوجوان سوشل ويب سائنس مثلن فيس بڪ، ٽوئيٽر، وائبر، ويڪپيڊ. يا يوٽيوب وغيره جو منفي استعمال ڪندا رهن ٿا.جنهن مان هو نفسياتي مرض جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. جڏهن ته هڪ رپورٽ جي مطابق انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ پوري دنيا ۾ 50 سيڪڙو لان وڌيڪ ماڻهو ذهني ۽ نفسياتي مرض جا مريض ٿي چڪا آهن.جڏهن ته اهو تعداد وڌي رهيو آهي.خاص طور تي اسان جي ملڪ ۾ جڏهن ته ايترا صارفين ڪجهه خاص پڙهيا لکيا به ناهن ۽ نه ٿي انهيءِ حوالي سان ڪا سندن سٺي تربيت به ناهي ڪئي ويئي.انهن نوجوانن انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي سڀ کام وڌيڪ فضول ڳالهيون ۽ دوستي رکڻ جي لاءِ استعمال ڪندي نظر اچن ٿا.هڪ وڏي مثال فيس بڪ ويب سائٽ آهي.جنهن تي ماڻهو هڪ ٻئي سان دوستي ڪندي نظر اچن ٿا. جيڪي هڪ ٻئي کي صحيح طرح سان سڄاڻن به نٿا.اها هڪ غلط ڳالهه آهي.انهيءِ مان وڏي کان وڏو نقصان ٿو ٿئي ڇو ته انهيءِ ۾ وڏو وقت ضايع ٿيندو آهي.هر انسان انهيءِ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ استعمال ڪندي نظر اچن ٿا.انهيءِ کي ضرورت کان وڌيڪ استعمال انسان کي مختلف بيمارين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.انهيءِ سان انسان جو دماغ به مفلوج ٿي ويندو آهي. هڪ رپورٽ جي مطابق انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جو استعمال ان حد تائرن وڏي چڪو آهي جو ماڻهن کي ٻئي ڪنهن ڪم جي ڪرڻ جي واندڪائي نه ٿي ملي سگهي.50 سيڪڙو نوجوان انهيءِ جي ڪري ذهني مرض جو دٻاءُ جو شڪار آهن.جنهن جي ڪري اهڙا ڪيئي واقعا منظر عام تي اچي ويا آهن. ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جو منفي اڪثريت استعمال ڪرڻ سان خوشحال گهر اجڙي چڪا آهن.ماڻهو انٽنيٽ کي دوڪي طور به استعمال ڪندا آهن.ميڊيا جي نالي تي براهه راستا هڪ ٻئي کي گنديون گنديون گاريون ۽ پنهنجي پٽڪن کا اڇلائيندا رهندا آهن. انٽرنيٽ جو منفي استعمال جو هڪ مثال اهو به هوندو آهي.ته سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي ڪنهن به ماڻهو جي مڪمل معلومات حاصل ڪري انکي ڌوڪي سان ڪنهن جڳهه تي گهرائي انهيءِ کي اغوا ڪيو وڃي ٿو. وقت سان گڏوگڏ هاڻي ماڻهن ۾ اخلاقي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو.سوشل ميڊيا جو حد کان وڌيڪ استعمال انسان جي سوچڻ سمجهڻ جي قابليت گهٽ ٿيندي ويندي آهي.مسلسل انٽرنيٽ جو استعمال ٿيڻ سان انسان بلڪل ناڪارا به بڻجي وڃي ٿو.اصل زندگي کان بلڪل لاتعلق انسان سوشل فوبيان جو شڪار ٿيندو ويندو آهي هن وقت ماڻهون ڪتابن پڙهڻ کان به پري هليا ويا آهن ۽ ڪتاب اصل نه ٿا پڙهن رڳو انٽرنيٽ ۽ ميڊيا کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا.ماڻهن جي سوچ خراب طرح سام متاثر ٿي چڪي آهي تڏهن ته ان کي باقي سڀ ڪجهه فضول نظر اچي رهيو آهي.انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا هن وقت اسان جي زندگي ۾ مڪمل طرح شامل ٿي چڪي آهي.اسان جي سوچ ۽ نفسيات بلڪل بدلجي ويئي آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي.ته اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ نه صرف انهيءِ جي باري ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي پر انهيءِ جي  ذهني نقصان جو به ٻڌايو وڃي ننڍن معصوم ٻارن ۾ شعور بيدار ڪيو وڃي.حڪومت کي به انٽرنيٽ جي باري ۾ ڪو قانون ساز ڪرڻ جي ضرورت آهي.جڏهن ته انهيءِ جي منفي استعمال سان نقصان کان بچائي سگهجي.ان کان علاوه اها اسان جي اخلاقي ذميواري آهي ته اسان انٽرنيٽ جو منفي استعمال ڪرڻ کان گريز ۽ غيراخلاقي سرگرمين کان پهريز ڪيو وڃي.انترنيٽ علم حاصل ڪرڻ به هڪ بهترين ذريعو آهي.هاڻي اهو سڀڪجهه اسان تي آهي. ته ان کي سٺي طرح استعمال ڪرڻو آهي ڇو ته نئي صدي پاڻ سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور وٺي آئي آهي.ڏسندي ڏسندي ئي جنهن پوري دنيا کي پاڻ وٽ قيدي جيان قيد ڪري ڇڏيو آهي.جنهن ۾ ڊيسڪ کان ليپ ٽاپ ۽ وري ٽيبليٽ اسمارٽ فون جي ذريعي انٽرنيٽ عام ٿيندي رهي آهي.تڏهن اڄ معمولي تعليم رکندڙ ماڻهون به پنهنجي هٿن ۾ موجود موبائيل ۽ نيٽ جي ذريعي انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيو آهي.فيس بڪ  واٽس ايپ، ٽوئيٽر، ۽ انسٽاگرام استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد ڪروڙن ۾ ٿي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو سوشل ميڊيا تي پنهنجي اڪائونٽس سان گڏ هڪ نئي دنيا کان متعارف ٿيندي نظر اچن ٿا.جتي سچ ۽ ڪوڙ ۾ ڪوبه فرق نظر نه ٿو اچي.جنهن جي ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ٿيندو رهي ٿو.جيڪي ماڻهو سوشل ميڊيا تي پوسٽ پڙهندڙ ڪنهن جاچ نه ڪرڻ جي ڪري انهيءِ فيس بڪ جي هڪ پوسٽ جي ڪري ڪاوڙ ءء۽ پريشان رهن ٿا.ڪنهن ٻئي جي فوٽو شاپ تصوير ڏيئي هڪ ڪريل لفظن واري ٻولي لکي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي وڃي ٿي.ڇا اهو سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ناهي ماحول کي سڀ کان وڏو نقصان سوشل ميڊيا ٽيمز پهچايو آهي.رات ڏينهن ڪوڙي سچي پروپيگنڊا جي ڪري عام ماڻهو پريشان رهن ٿا. پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو تعداد شمار جي مطابق هن وقت سڄي ملڪ ۾ موبائيل صارفين جو تعداد چوڏهين ڪروڙن براڊ بينڊ انٽرنيٽ صارفين تعداد چار ڪروڙ ايڪيهه لک کان به وڌيڪ وڌيل آهي.جڏهن ته اسمارٽ فون جي گهڻي استعمال ٿرڻ سان سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ هڪ مشڪل  هدف آهي.انهيءِ ڳالهه جي ڪري ته سوشل ميڊيا صارفين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي استعمال ڪن ٿا.انهيءِ لاءِ ضرورت انهيءِ ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا صارفين لاءِ بنابظر اخلاق وارو قانون لاڳو ڪيو وڃي.۽ انهيءِ قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.۽ انهن ماڻهن کي سختي سان پابند بڻاِيو وڃي ڇو ته سڀ کان گهڻا ماڻهو انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪندي نظر اچن ٿا. انٽرنيٽ جو گهڻي کان گهڻو استعمال اسان جي معاشري ۾ خراب روين ۽ غير سماجي سرگرمين جو باعث ٿي رهيو آهي.انٽرنيٽ جو بيجا استعمال اسان نوجوان طبقو معاشري ۽ سماجي تعلقات جي فقدان جو شڪار ٿي رهيا آهن.ماڻهو انٽرنيٽ جي ذريعي غيراخلاقي غير قانوني سرگرمين جو شڪار آهن.انسان انسانيت مان به نڪري وڃڻ آهي.بحرحال هن وقت اسان سوشل ميڊيا کي سٺو چئون ٿا يا خراب ڇو ته اهو جن بوتل مان ٻاهر نڪري چڪو آهي.پر انهيءِ جن کي واپس بوتل ۾ وجهڻ تمام مشڪل ٿي چڪو آهي.پر هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي.ته ڪوڙ ۽ نفرت ڪرائيندڙ جنهن سان سماج ۾ فساد ٿين انهيءِ پوسٽن تي قانون طرح سان ڪنٽرول ڪرايو وڃي.خاص طور تي سوشل ميڊيا جون پنهنجن ٽيمن اهو ڪرڻ گهرجي.تو هو پنهنجي ميمبر کي اهڙي خرح تربيت ڏين جنهن سان انساني سماج ۾ ڪجهه سٺي بهتري اچي سگهي.ڇو ته سوشل ميڊياجو غلط استعمال به تمام گهڻو ٿئي ٿو.جنهن سان انساني معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن تي خراب اثرانداز ٿيندي نطر اچي ٿي.جنهن جي ڪري انهيءِ جا منفي اثر به انساني زندگي م ڏسڻ ۾ اچن ٿا.اهي ئي ويب سائيٽس نوجوان جي مستقبل جي لاءِ زهر قاتل جي حد تائين خطرناڪ آهن.جڏهن ته يوٽيوب، فيس بڪ، ٽوئيٽر، وغيره سوشل ميڊيا جا اهڙا طاقتور نالا هن سماجي ميڊيا کي به نقصان کان به خبردار ٿيڻ گهرجي.جعلي اڪائونٽس جي ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويندو آهي.سوشل ميڊيا به نشي وانگر انساني زندگي ۾ آهي. جنهن ۾ فحاشي وارو ماحول ۽ بي حيائي جو کولي عام اظهار به ٿيندو رهي ٿو.جنهن سان اسان جو نوجوان نسل متاثر ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا ذهني اخلاقي ۽ جسماني صحت کي به وڏو نقصان ڏنو آهي. نوجوانن جو وڏو تعداد انهي3 سوشل ميڊيا جي ذريعي غلط ڪم ڪندي نظر اچن ٿا. زمانو جهڙي طرح تيز رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي.پر اسان جذباتي طور تي تمام پوئتي هليا ويا آهيون. سوشل ميڊيا ۽ پنهنجي سوشل زندگي ۾ توازن رکڻ لاءِ تمام صروري آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي الائي ڪيترا جعلي نالن تي اڪائونٽ ٺاهي ڪيترن ئي ماڻهن کي بيوقوف ڪندا آهن.جڏهن ته سوشل ميڊيا جي ذريعي وڏا ڏوهه به ٿين ٿا.اهڙو جعلي اڪائونٽ جعلي نالي سان راڌڻ ليڪس جي نالي تي سوشل ميڊيا تي تمام ڪريل ڳالهائي ماڻهن جي اخلاقيات جو قتل ڪيو وڃي ٿو.اهو سڀ جعلي نالي سان اڪائونٽ ذريعي غيراخلاقي ٻولي ڳالهائي ماڻهن جي عزت معجروهه ڪئي وڃي ٿي.اهو جعلي اڪائونٽ جعلي نالي سان راڌڻ ليڪس اهو ختم ڪري انهيءِ خلاف قانوني ڪاروائي تحرڪ ورتو وڃي.

No comments:

Post a Comment