ووٽ جو قدر ڪرڻ جي ڳالھ ڪندڙ سياستدان نواز شريف کي ٿورڙو ان ڳالھ ڏانھن به ڌيان
ڏيڻ گهرجي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران گذريل ڏينهن اھڙي صورت حال پيدا ٿي،
جنهن جو ماضيءَ ۾ ڪو مثال ئي نه ٿو ملي، قصو ائين ھو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس
دوران اسپيڪر اياز صادق جي مسلسل اسرار جي باوجود ايوان ۾ گھرو وزير سميت لاڳاپيل
وزير ۽ سيڪريٽري ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ موجود نه ھئا، اسپيڪر، وزيرن ۽
سيڪريٽرين کي گھرائڻ لاءِ ڪجھ وقت لاءِ ايوان جي ڪارروائي کي ملتوي ڪيو ۽ ھو ٻيھر
جڏهن ايوان ۾ پھتو ته ان وقت به ساڳي صورتحال ھئي، جنهن ڪري قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر ايوان مان واڪ آئوٽ جو فيصلو ڪيو، عام طور تي ايوان جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪندا
آهن ۽ اسپيڪر انھن کي واڪ آئوٽ ڪرڻ کان روڪيندو آهي، جڏهن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري
ويندا آهن ته ان کان پوءِ اسپيڪر کين پرچائي واپس وٺي اچڻ لاءِ ڪوششون وٺندو آهي،
پر ھتي معاملو ان جي بلڪل ابتڙ نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ھن ڀيري خود اسپيڪر واڪ
آئوٽ ڪيو آهي، اڃا به وڌيڪ حيران ۽ پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اسپيڪر اياز صادق
جو تعلق حڪمران پارٽي نواز ليگ سان آهي، جڏهن ته غير حاضر وزيرن جو تعلق به ساڳي
پارٽي سان آهي، ٻين لفظن ۾ ھڪ طرف نواز شريف ووٽ جي تقدس لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي
ته ٻئي طرف سندس پارٽي جا وزير پارليامينٽ کي اھميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن،
جيتوڻيڪ اھا صورتحال رڳو وفاق ۾ موجود نه آهي، پر سنڌ اسيمبلي ۾ به ويجھڙ ۾
ڪيترائي وزير ايوان جي ڪارروائي ۾ شريڪ نه ٿيا، جنھن ڪري ميمبرن جا سوال اڌ ۾ رهجي
ويا، اھڙي صورت حال ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ڪيئي ڀيرا اھا ڳالھ ورجائي ته وزيرن جو
اھو رويو مناسب نه آهي، شھلا رضا جو اھو به چوڻ هو ته وزيرن جي دلچسپي نه وٺڻ سبب
ميمبر به ايوان ۾ دلچسپي گھٽائي ڇڏين ٿا، سنڌ ۾ به غير حاضر ميمبرن ۽ ڊپٽي اسپيڪر
جو تعلق ساڳي يعني پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي، نه رڳو اھو پر سينيٽ جي چونڊن
واري معاملي تي وڏا سياسي بيان ڏيندڙ ۽ جمھوريت جون ڳالهيون ڪندڙ نوازشريف خود
جڏهن چئن سالن تائين وزيراعظم جي عھدي تي ويٺل ھو، تڏهن ھن سينيٽ جي ايوان ۾ وڃڻ
جي تڪليف نه ڪئي، جنهن ڪري ڪيئي ڀيرا سينيٽ ۾ اھا ڳالھ سامھون آئي ته وزيراعظم ملڪ
جي مٿين ايوان جو احترام نه ٿو ڪري، نه رڳو وزيراعظم پر سندس ڪابينا جا وزير به سينيٽرن
جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻ کي پنهنجي لاءِ توھين سمجھندا ھئا، جنهن جي
نتيجي ۾ گذريل ڏينهن کين سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي عهدن تي جڏهن شڪست ملي
ته انهن کي جمھوريت به ياد اچي وئي، اصول ۽ اخلاق به اچي ويو ۽ ھارس ٽريڊنگ جون
دانهون به شروع ٿي ويون،
ھن ملڪ جي اھا وڏي بدقسمتي رھي آھي ته سياستدانن جي قول ۽ فعل ۾ سدائين تضاد رهيو آهي، جنهن ڪري اھي جڏھن مخالف ڌر ۾ ھوندا آھن ته سٺيون ڳالهيون ۽ واعدا ڪندا آهن، پر جڏهن اھي اقتدار ۾ ايندا آهن ته کانئن اھي واعدا وسري ويندا آهن، ساڳي ريت جڏهن کين ڪنھن عھدي تان هٽايو وڃي ٿو ته انهن کي پارليامينٽ جي بالادستي ياد اچي وڃي ٿي، تنھن ڪري انھن کان اھو پڇڻ ضروري آھي ته پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ان جو احترام به لازمي آهي، ويجھڙ ۾ پارليامينٽ جي توھين ڪرڻ ۾ ڪن ٻين ادارن بدران سڀ کان وڌيڪ اڳڀرا خود اھي سياستدان ۽ سياسي پارٽين جا سربراھ رھيا آھن، جيڪي نه رڳو پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن، پر پارليامينٽ جي قائد ايوان يعني وزيراعظم ٿيڻ جا خواب به ڏسي رھيا آھن، پارليامينٽ جي توھين جو سلسلو عمران خان جي ان تقرير سان شروع ٿيو، جنهن جو ورجاءُ شيخ رشيد به ڪيو ۽ گذريل ڏينهن ساڳي سينيٽ ۾ حاصل بزنجي به ڳالھائي، جيڪڏهن پارليامينٽ جا ميمبر لکين روپيا پگھارون ۽ ٻيا الائونس وٺڻ جي باوجود ان پارليامينٽ کي توھين آميز لفظن سان مخاطب ٿي رھيا آھن ته انھن کان ايترو ضرور پڇڻ گھرجي ته ڇا ان پارليامينٽ جو ميمبر ھجڻ جي حيثيت ۾ ھو خود پنهنجي توھين نه ڪري رھيا آھن،
اصل ۾ پارليامينٽ کي جيڪڏهن ڪي مسئلا، پريشانيون ۽ خطرا آهن ته اھي ڪنهن به ٻي اداري مان نه پر خود پارليامينٽ ۾ ويٺل سياستدانن منجهان آهن، جيڪي ايوان ۾ من پسند رٻڙ اسٽيمپ قانونسازي ڪرڻ ته چاھين ٿا پر مقصد نه ھجڻ جي صورت ۾ پارليامينٽ جي ايوان ۾ اچڻ کي پنهنجي لاءِ توھين سمجھن ٿا، تنھن ڪري سياستدانن کي جيڪڏهن ووٽ جو قدر ڪرائڻو آهي ته سڀ کان پھريون انھن کي پارليامينٽ جي عزت ڪرڻي پوندي ۽ ان کي اھميت ڏيڻي پوندي، ايوان جي ڪارروائي دوران حاضري کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ پارليامينٽ جي باري ۾ گفتگو دوران ڪنهن به قسم جي توھين ڪندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي،
farooqburiro9@gmail.com

No comments:
Post a Comment