مان جڏهن به پاڪستان جا حالات ڏسندو آهيان تڏهن انهن حالات تي اڪثر
ڪجھھ لکندو آهيان هاڻي جڏهن گڏيل قومن جي جاري ڪيل عالمي خوشي جي رپورٽ 2018ع ۾
پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ خوش رهندڙ ملڪن ۾ ڀارت کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. گڏيل قومن
طرفان جاري ڪيل عالمي خوشيءَ جي رپورٽ ۾ 156 ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن ۾
پاڪستان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 درجا ترقي سان 80 کان 75 هين پوزيشن تي اچي ويو آهي.
لسٽ ۾ ڀوٽان 97 هين نمبر، نيپال 101، بنگلاديش 115، سريلنڪا 116، ايران 106، ڀارت 133
۽ افغانستان 145 هين نمبر تي آهي. سروي موجب عالمي درجا بندي ۾ فن لينڊ کي دنيا جو
خوش ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جتي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خوش رهن ٿا، جڏهن ته آمريڪا
جا ماڻهو امير هئڻ باوجود خوش رهڻ ۾ ڪنجوسي ڏيکاريندا آهن. رپورٽ ۾ 156 ملڪن جي في
ماڻهو آمدني، صحت مند زندگي، سماجي آزادي، سماجي سهڪار ۽ بدعنواني ۾ گهٽتائي جو
جائزو ورتو ويو جنهن تحت اها رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. فن لينڊ ۾ صحت ۽ صفائي، سٺي
تعليم، مفت طبي سهولتن سان گڏ ڪيترين ئي بنيادي ضرورتن جي عوام تائين آساني سان
پهچ سبب ان ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ خوش رهندڙ ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن پاڪستان هاڻي
ڪرڪيٽ ۾ به اڳم آهي سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته پي ايس ايل جي فائنل ۾
پهچندڙ ٽيل کي سپورٽ ڪنداسين، امن قائم ٿيڻ سان ڪراچي ۾ راندين جون سرگرميون بحال
ٿيون آهن ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيم به پاڪستان ۾ کيڏندي. تقيل موجب ڪراچي جي مقامي هوٽل
۾ يارهين عالمي موبائل ڪانفرنس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي گورنر
محمد زبير چيو ته شهر ۾ امن امان جي هوا جي ڪري واپاري ۽ ثقافتي سرگرميون وڌي
رهيون آهن. سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته سينيٽ جي
چونڊن ۾ ڪوليشن پارٽنر شپ جي نئين اصطلاح سامهون آئي آهي، پي ٽي آءِ پي پي پي سان
گڏجي وئي آهي ته پوءِ ظاهر ڇو نه پئي ڪري. محمد زبير چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا
ته اسان ڪنهن ٻئي کي ووٽ ڏنا ۽ ڪنهن ٻئي ڪنهن ٽئين کي ووٽ ڏنا، ڪنهن ٻئي جي جلسن ۾
نعرا هنيا ويا جوتا اڇلڻ وارو عمل درست ناهي. هن پي ايس ايل فائنل جي حوالي سان
چيو ته پي ايس ايل جي فائنل ۾ پهچندڙ ٽيم کي سپورٽ ڪنداسين، امن قائم ڪرڻ سان
ڪراچي ۾ راندين جون سرگرميون بحال ٿيون آهن ويسٽ انڊيز جي ٽيم به پاڪستان ۾ کيڏندي. پاڪستان ۾ بجلي جي اوور بلنگ
خلاف تحريڪ انصاف جي ايم اين اي ساجد نواز طرفان ڳچيءَ ۾ بلن جا هار ۽ ٽوپي پهري
احتجاج ڪيو ويو. ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي
اجلاس ۾ تنهن وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن ته تحريڪ انصاف جو ايم اين اي
ساجد نواز ڳچيءَ ۾ بلن جو هار لڙڪائي پهتو. ايم اين اي ساجد نواز چيو ته بجلي جا
جعلي بل موڪليا ويندا آهن، اهڙا ميٽر آهن جيڪي آهن ئي نه، انهن جا بل به موڪليا
ويندا آهن. هن پنهنجي ڳچيءَ ۾ 2 ڪروڙ رپين جي بلن جو هار پهري احتجاج ڪيو. توانائي
واري ممڪلتي وزير عابد شير علي چيو ته ملڪ ۾ هڪ جهڙو نظام لاڳو آهي ۽ ڪٿي به اوور
بلنگ نه ٿي رهي آهي، بجلي مفت خورن لاءِ ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ
بجلي آهي جيڪي بل ادا ڪندا آهن، قومي اسيمبليءَ ۾ ٽوپي ڊرامو نه هلندو، بل ڏيندا
ته بجلي ملندي نه ته نه ملندي. هن چيو ته هي ڊرامو مان به ڪري پئي سگهيس، هو
قانونساز آهن، کين چورن جو ساٿي نه ٿيڻ گهرجي . جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي
چيئرمين جنرل زبير محمود حيات چيو
آهي ته پاڪستان اسان جي لاءِ هڪ نعمت آهي، دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ايترا وسيلا موجود
ناهن پر الله پاڪستان کي خوبصورت جغرافيا ڏني آهي. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي جنرل
زبير محمود حيات چيو ته ماڻهون پاڪستان جي نظريي لاءِ هجرت ڪئي ڪير به پنهنجو گهر
هجرت کان سواءِ ناهي ڇڏيندو قيام پاڪستان اسان جو فخر ۽ اثاثو آهي. هن چيو ته دنيا
جي ڪنهن ملڪ ۾ ايترا وسيلا موجود ناهن پر الله پاڪستان کي خوبصورت جغرافيا ڏني،
پاڪستان جي جغرافيا اسان جو وڏو اثاثو آهي. جنرل محمود حيات وڌيڪ چيو ته پاڪستان
اسان جي لاءِ هڪ نعمت آهي، نوجوان ٻار ۽ ٻارڙين کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ کان واقف
هئڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ آبپاره ۾ روڊ بند ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب
نثار آبپاره ۾ روڊ جي بندش تي سي ڊي اي چيئرمين کان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪري
ورتي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، سيڪيورٽي جي نالي
تي روڊ بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ٻڌايو وڃي ته روڊ ڪنهن ۽ ڇو بند ڪيو آهي؟آرمي
چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چيني سفير ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري
ڪيل بيان موجب چيني سفير يائو ينگ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جي ايڇ ڪيو ۾
ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ترجمان
موجب چيني سفير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ قربانين جي واکاڻ ڪئي. ايم ڪيو
ايم پاڪستان سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوار جي حمايت جو اعلان
ڪري ڇڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل جي قيادت ۾ وفد ڪراچي ۾ ايم
ڪيو ايم جي مرڪزي بهادر آباد جو دورو ڪيو جتي ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ سينيٽ ۾
اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم
پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو ته ايم ڪيو ايم نه ٿي چاهي ته پيپلز پارٽي کي
سينيٽ ۾ ووٽ ڏئي ان ڪري سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل شيري
رحمان کي ووٽ نه ڏينداسين.فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته اسان جا سمورا سينيٽر اپوزيشن
ليڊر لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوار کي ووٽ ڏيندا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي کان
ڪشمور تائين عوام پيپلز پارٽي جي بدعنواني جو شڪار آهي، پيپلز پارٽي 10 سالن ۾
صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو.ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عملي ۽ ان جي گهرڀاتين سان
ڀارتي عملدارن جي ناروا سلوڪ کانپوءِ پاڪستاني سفير کي واپس سڏايو ويو. رپورٽن
مطابق پاڪستان ڀارت مان پنهنجي سفير کي مشاورت لاءِ واپس سڏائي ورتو، سهيل محمود
کي ڀارت ۾ سفارتي عملي کي حراسان ڪرڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو. ان حوالي
سان هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان مشاورت لاءِ ڀارت
کان پنهنجو سفير واپس سڏايو آهي. هن چيو ته نئين دهلي ۾ پاڪستاني سفارتي عملي کي
حراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان سفير عملي کي حراسان ڪرڻ واريون
شاهديون به موڪليون ۽ ان سلسلي ۾ ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري
احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته سفارتي عملي جي حفاظت ۽ ميزباني حڪومت
جي ذميواري هوندي آهي، ڀارتي ادارا اسان جي سفارتڪارن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهن.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment