پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾
ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان خدڪش حملن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا
پاڪستان هن افسوسناڪ ۽ تباه ڪُن لهر جو رُخ موڙي سگهندو؟ حالت ايتري تيزي سان خراب
ٿي رهيا آهن. جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته پاڪستاني سرڪار هن لهر کي قابو ڪرڻ ۾
ناڪام ٿي رهي آهي. سمورو پختون علائقو، جنهن ۾ اُتر ڏکڻي سرحدي صوبو ۽ قبائلي
علائقا شامل آهن ۽ اُتر بلوچستان جو پختون قبضي وارا علائقا، طالبان جي اثر هيٺ
آهن، ايستائين جو پنجاب ۽ سنڌ ۾ به خدڪش بمبار پيدا ٿي رهيا آهن .جنهن جي ڪري پوري
ملڪ جو امن هڪ سواليه نشان بڻيل آهي.جڏهن ته انهي دهشتگردي جي حوالي سان ملڪ جي
فوج تي هڪ نظر وجهجي ته انهي فوج به وسان ناهي گهٽايو.ڇو ٿه پاڪستان آرمي انهن
دهشتگردن جي خلاف جيتري ويڙهه ڪئي آهي.۽ انهي ويڙه اندر پنهنجي قوم جي بقا لاءِ.
پنهنجا ڪيترائي نواجوان شهيد ڪرايا آهن. اها به سڀني کي خبر آهي.۽ اڃان به پاڪ فوج
جا جوان انهي دهشتگردن سان وري رهيا آهن.پر ڪالهه جيڪو لاهور ڀرسان لائيونڊ جتي
تليغي جماعت جو وڏي ۾ وڏي مزڪر آهي اتي به خد ڪش حملو ٿيو.ان کي ڏسي ڪري مونکي
جرنل راحيل شريف جو اهو بيان ياد اچي ويو.جيڪو هن پنهنجي دور اندر ميڊيا تي ڏنو
هو.ته ان وقت تائين فوج ڪجه نه ٿي ڪري جيستائين پاڪستاني عوام اسان سان ملي ڪري
انهي دهشتگردن خلاف انهي جنگ ۾ فوج جو ساٿ نه ٿي ڏئي.انهي ڪري مان جرنل راحيل شريف
جي انهي ڳالهه مان سورهن آنا مطعمين آهيان.ڇو ته فوج ته ٻاهرين سطح تي دهشتگردن
سان وڙهي رهي آهي.جڏهن ته ملڪ جي اندروني علائقي سطح تي هڪ نظر وجهجي ته هر ماڻهو
انهي ڳالهه ۾ فوج سان تعاون ۾ رهي ته پنهنجي علائقي اندر ڪنهن مشڪوڪ ماڻهو کي ڏسي
يا کيس اهڙي اعلاع هجي ته ڪو ڪنهن لاءِ وڏي سازش ڪري رهيو آهي.ته انهي جو هڪ دم
سڪيورٽي عملي کي اعلاع ڏي جئين ڪنهن وڏي واقعي کي روڪي سگهجي.پر ڏنو وڃي ته
پاڪستان اندر انهي ڳالهه جو شعور پاڪستان جي عوام ۾ ذري جيتري جو به ناهي.جڏهن
اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي.جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ اندر خدڪش حملن تي ويهي لکجي ته
شايد ڪيترا پنا ڀرجي وڃن.پر خدڪش حملن جي واقعن جي تاريخ نه کٽندي. لاهور جي
علائقي رائيونڊ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پنجن پوليس اهلڪارن سميت 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا
آهن، ان ڏس ۾ مليل انگن اکرن موجب دهشتگردن رائيونڊ اجتماع گاهه ٻاهران قائم پوليس
چوڪي ڀرسان دهشتگردن ڌماڪو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ چئن پوليس اهلڪارن سميت 9 ڄڻا
مارجي ويا آهن جڏهن ته ڌماڪي بعد پوليس ۽ سڪيورٽي
اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو جنهن کانپوءِ پوليس مارجي ويلن جا لاش
کڻائي پوليس جناح اسپتال ۽ ٻين اسپتالن پهچايا،ان وقت ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته
پوليس چوڪي کي دهشتگردن نشانو بڻايو آهي ۽ انهن جو اهو به منصوبو هو ته رائيونڊ
مرڪز اندر گهڙي وڃن پر سندس اهو منصوبو به ناڪام ويو جنهن جي ڪري هنن پاڻ کي بم
سان اڏائي ڇڏيو، ذريعن موجب ڌماڪو ٽائيم ڊيوائيس ذريعي موٽر سائيڪل يا آپگهاتي
بمبار ڪيو آهي، 2018ع ۾ لاهور ۾ ٿيندڙ اهو پهريون ڌماڪو هو.مان سمجهان ته اهو ڪو
وڏو منصوبو آهي جنهن ۾ پاڪستان دشمن قوتن جو هٿ آهي جيڪي پاڪستان اندر هڪ وڏي
فرقيواريت جنگ ڪرائڻ ٿيون چاهين.جڏهن ته پاڪستان جيڪو اڳ ئي انتهاپسندي جي گهيري ۾
آهي.ڇو ته ڏٺو وڇي ته پاڪستان اندر فرقيواريت ايتري حد تائين وڌي وئي آهي جو هر ڪو
مخالف جماعت جا پير ڪڍڻ ۾ پورو آهي.مان سجهان ٿو ته اهو اسلام ته درس ناهي ڏنو ته
اوهان ڪنهن بي گناه کي ويهي ماريو.انهن جو رت وهايو.انهن جي ٻچن کي يتيم ڪيو.جڏهن
ته لاهور واقعي کان پهرين جيڪو پاڪستان اندر
ڪيترن جي وڏن وڏن شهر ۾ خدڪش حملا تي چڪا آهن جو تعداد به تمام گهڻو آهي.ملڪ جي
چئني صوبن اندر نه رڳو دهشتگرد آهن پر ان کان وڌيڪ ڀارتي ايجنسي “را“جا ماڻهو به
موجود آهن جيڪي ملڪ اندر دهشتگردي ڪري رهيا آهن.انهي ڪري شايد پوري قوم انهي ڳالهه
تي سوچيندي هوندي ته “را“جي پاڪستان اندر دهشتگردي ۽ انهن دهشتگردي جي واقعن ۾
شامل آهي انڪري اهو به درست آهي ته اهو جو ريگٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي ٻڌي رهيا
آهيون.پر اڄ تائين انهي “را“خلاف ڪا ڪاروائي ڇو ڪون ڪئي وئي آهي.جيڪڏهن ڏسجي ته
پاڪستان جي امن امان جي بگاڙ جي زميوار صرف ۽ صرف ڀارتي ايجنسي “را“آهي ته پوءِ
ڀارت سان امن ڳالهيون ڪرڻ جو ڪهڙو ڪم.ڇا ڀارت سان ڳالهيون ڪري صرف ۽ صرف پاڪستان ۽
انڊيا جي ڪرڪيٽ بحال ڪرائڻي آهي ته پوءِ قوم کي ان مان ڪهڙو فائدو.قوم ته اڄ به
پنهنجي پيارن جا لاش ميڙي رهي آهي.مان ڪالهه کان وٺي مختلف انڊيا جا نيوز چيئلن
ڏسي رهيو آهيان ته انهن نيوز چيئلن تي پاڪستان اندر ٿيل خدڪش حملي کي ڪهڙي شڪل ڏئي
پيش ڪيو ٿو وڃي.پر مون انڊيا جي ڪنهن به چيئلن تي اها نيوز نه ٻڌي ته پاڪستان ۾ ڪو
قهر ڪڙڪيو آهي.سواءِ هڪ ٻه چيلئن جي.جيڪي پڻ اهو ٻڌائي رهيا هئا ته.پاڪستان اندر
خدڪش حملي جا ڪارڻ پاڪستان اندر وڌندڙ فرقيواريت آهي.جڏهن ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾
انڊيا تي هڪ نظر وجهي ته پاڪستان کان وڌيڪ انڊيا ۾ تمام گهڻي فرقيواريت آهي.ڇو ته
انڊيا اندر ڪيترن ئي قسمن جا هندو رهن ٿا.جن جا پاڻ ۾ تمام گهڻا اختلاف آهن.پر اڄ
تائين انهن هندن پيٽن تي بم ٻڌي ڪري پنهنجي جا لاش نه ڪرايا.جڏهن ته انهي ڀيٽ اندر
پاڪستان ۾ اهو مهينو کالي ناهي جنهن اندر ڪو خدڪش حملو نه ٿيو هجي.هن وقت تائين
پاڪستان انهي وڌندڙ خدڪش حملن جي ڪري پنهنجي قوم جو تمام گهڻو نقصان ڪري چڪو
آهي.جڏهن ته ڪالهه ٿيل لاهور رائيونڊ وارو واقعو اڃان به نه پهريون واقعو آهي نه
آخري ڇو ته ملڪ اندر اڃان به اهي دهشتگرد موجود آهن.جيڪي پاڪستان جي قوت کي ڪمزور
ڏسڻ چاهين ٿا.جڏهن ته انهي وڌندڙ دهشتگردي ملڪي ماحول تي پڻ تمام گهڻا اثارات وڌا
آهن.ڪو واپاري پاڪستان اندر کلي واپار نه ٿو ڪري سگهي ڪو شهري شهر مان خريداري نه
ٿو ڪري.سگهي.ڪو سياح ملڪ گهمي نه ٿو سگهي. الاءِ ته ملڪ ۾ ڪهڙي ڊپ واري فضا هلي
رهي آهي.جنهن پوري عوام کي حراسان ڪري ڇڏيو آهي.آخر پاڪستاني قوم ڪڏهن سک جو ساه
کڻندي.۽ ڪڏهن پنهنجي مرضي ۽ آزادي واري زندگي گذاري سگهندي. ڪيڏي نه افسوس جهڙي
ڳالهه آهي ته قومن پنهنجي بقا لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ روشن مسقبل لاءِ ڏينهن رات هڪ
ڪري اهي منزلون ماڻيون.جن جا انهن خواب ڏٺا هئا ۽ اسين انهي قوم جا هوندي به سسڪين
وارو ساه کڻي رهيا آهن.لاهور رائيونڊ وارو واقعو به انهي بدنصيب قوم جو آهي جن جي
رهبرن هاڻ ظالمن سان وڙهندي وڙهندي پل ڪن ساه جي ٿڦڪي سم هئين ته ظالمن وري به قوم
مٿان قهر ڪڙڪايون.هن وقت پاڪستان اندر جيڪو امن جو مسئلو آهي.۽ جنهن ريت انهي امن
لاءِ پاڪ فوج وڙهي رهي آهي.مان سلام پيش ٿو ڪيان انهن آرمي جي جوانن کي جيڪي ان هن
ظالمن خلاف وڙهي رهيا آهن..پر رڳو فوج کي پاڪستان جي حفاظت جي زميوار ڪرار ڏيڻ اها
سراسر ناانصافي آهي.ڇو ته انهن دهشتگردن سان وڙهڻ ۽ انهن جو خاتمو ڪرڻ هر پاڪستان
جو فرض آهي.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment