عدالت جيترا اختيار رکندڙ فيض گنج پوليس/ساجد حسين سومرو، ڏهرڪي



پوليس هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن جو ڪم آهي عوام جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪرڻ، پر اسان وٺ الٽو ڪم ٿي رهيو آهي، هتي پوليس عوام جي حفاظت ڪرڻ بدران ويتر عوام جي دشمن ٿي وئي آهي، هتي پوليس ڌاڙيلن جو روپ اختيار ڪيون ويٺي آهي، هر آئي ڏينهن پوليس ڌاڙيلن جيان غريب ماڻهن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري عورتن سميت ٻارڙن تي تشدد ڪري گهر جي سامان سميت نياڻين جو ڏاج ڍور ڍڳا ڪاهي وڃي ٿي، حقيقت ڳالھ ته اها آهي پوليس جي ڪارگردگي مان ڪير به مطمئن ناهي، پوليس جي ڪرتوتن کي ڏسي هاڻي ته اڇو اجرو صاف ماڻهو به پوليس کي رستي تي ڏسي پنهنجو رستو ئي تبديل ڪري ڇڏي ٿو، هتي روز جي بنياد تي ڪنهن نه ڪنهن بيگناھ کي ڏوهاري قرار ڏئي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو، پوليس جو ڪم آهي ثبوتن سميت ڏوهاري پڪڙي  عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ، اهو عدالت جو ڪم آهي قانون مطابق ڏوهاري کي جيڪي به سزا ڏئي، پر هتي ته پوليس عدالت جو روپ پاڻ ڌاريون ويٺي آهي رشوت وٺي ٻڌ ڇوڙ کان ويندي قتل ڪرڻ جي منزل تائين، سمورا اختيار پوليس پنهنجي حوالي ڪيون ويٺي آهي، پوِ پوليس جي مرضي آ جنهن کي چاهي ٻڌي جنهن کي چاهي رشوت وٺي آزاد ڪري، پوِ ان ۾ ڪيترو به وڏو ڏوهاري ڇو نه هجي، اهڙي طرح فيض گنج پوليس به عدالت پاڻ ته قانون پاڻ بڻجي وئي آهي، ٻه ڏينهن پهرين بوزدار وڏا ڀرسان فيض گنج پوليس هڪ ڳوٺاڻي نوجوان عبدالفتاح شر کي ڏوهاري ڄاڻائي واري جي دڙن ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو هو، وارثن مقتول نوجوان جو لاش هنڊياري روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو هو، ان موقعي تي مقتول جي امڙ جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ کي ٻين نياڻين جي اولاد آهي پوليس منهنجي پٽ کي جڙتو مقابلي ۾ ماري وڏو ظلم ڪيو آهي، هوڏانهن فيض گنج جي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته مارجي ويل عبدالفتاح شر قتل ڪيس ۾ گهربل هو، هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته جيڪڏهن عبدالفتاح شر واقعي ڏوهاري هو ته ان کي گرفتار ڪري عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچايو وڃي ها، پوِ اهو عدالت جو ڪم هو ڏوهاري کي قانون مطابق ڦاهي ڏئي ها يا ڪا ٻي سزا ڏئي ها، پوليس کي اهڙا ڪنهن اختيار ڏنا آهن جو ڏوهارين کي قتل ڪري؟ ان ڪري آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه کي گهرجي ته لاپرواھ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جئين اهڙو واقعو ٻيهر جنم نه وٺي ،

No comments:

Post a Comment