سنڌ جو نصيب ڪڏهن سڻائو ٿيندو جو هتي هر عام ماڻهول پورهيت، هاري،
مزدور ڪو سُک جو ساهہ کڻندو، هتي انڌير نگري چرٻٽ راڄ سبب ماڻهو
خوف ۾ ورتل آهن تہ خبر ناهي ڪڏهن ٿو ڪو بااثر مڇرجي ۽ اسان
کان زندگي کسي، ڪنهن جي بہ آڙ
کسي بس زندگي جي جيون کي پورو ڪري، هتي هر وقت هر غريب جي اها سوچ آهي تہ اسان کان شل ڪا ننڍي غلطي نہ ٿئي نہ تہ زندگي تان هٿ ڌوئي ويهنداسين، ايئن آهي بہ!، اهڙا کوڙ واقعا رپورٽ بہ ٿيا آهن جن ۾ پوليس جو اهم ڪردار رهيو آهي، اها پوليس جنهن جو آءِ
جي اي ڊي خواجہ آهي، اي ڊي خواجہ لاءِ سنڌ جا ماڻهو ساهہ ڏيندڙ هئا پر جيڪو ظلم هن دور ۾ ٿيندو ٿو وڃي اهو تاريخ جي پنن تي
لکبو ٿو وڃي ۽ تاريخ جا اهي پنا ڪارا ٿيندا پيا وڃن، تاريخ ڪڏهن نہ ٿي مٽجي سگهي، اي ڊي خواجہ جي هوندي پوليس جي ڪارنامن بابت تاريخ جي پنن ۾ خيرپور ميرس پوليس
جو ظلم بہ لکيو ويندو، جيڪو ايس ايس پي شبير احمد
سيٺار جي مقرري هوندي ٿيو آهي، هِن ظلم جي داستان اکين مان رت جا ڳوڙها روئڻ تي
مجبور ڪري ڇڏيو آهي جڏهن اخبار ۾ اهيو پڙهيو تہ خيرپور ميرس ضلعي جي پوليس مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏ بوزدار وڏا
ڀرسان ڳوٺ مولا بخش شر ۾ زرعي زمين تي منجهند جي وقت ڪم ڪندڙ پورهيت فتح محمد شر
کي ڊوڙائي ڊوڙائي وڃي واريءَ ۾ دسيو ۽ اتي کيس گهلي گهلي سندس کي لوندڙي ۽ ڪياڙي ۾
گوليون هڻي عدالت کان مٿاهون قتل ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي انسان کي قتل جو
اعليٰ مثال قائم ڪيو، اهو ظلم خيرپور پوليس ڪيو جنهن سان نہ رڳو هڪ وني بيواهہ ٿي
وئي پر معصوم ٻار پنهنجي پيءُ جي شفقت کان محرو ٿي ويا، هڪ پوڙهو بابا پيرسني ۾ بي
اولادي ٿي ويو آهي، اها قيامت برپا ڪئي خيرپور ميرس ضلعي جي پوليس، ٻڌو آهي تہ ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿان
ٿيندا آهن پر اها بہ خبر پئي تہ ڏاڍي ماڻهو ۾ انسانيت بلڪل بہ ناهي هوندي، خيرپور ميرس پوليس اهڙو غير انساني عمل ڪيو جو ڪيتري
ئي پوليس گڏجي هڪ ئي پورهيت کي ڊوڙائي ڊوڙائي ان کي بيدردي سان قتل ڪري ڪوڙ جا
سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڌاڙيل مارڻ جي ڪوڙي دعوا ڪئي، جڏهن پوليس اتي گڏ ٿي تہ ڪجهہ ماڻهو ان قيامت واري جاءِ تي موجود هئا جن
جو ان غير انساني عمل بابت چوڻ هو تہ پوليس پورهيت کي وارياسي واري پاسي ڀڄڻ جو چيو جڏهن پورهيت خوف
مان ڀڳو تہ ان وارياسي ڀٽ تي پهچڻ کان اڳ ئي جيتري جي
گولين سان پوليس پورهيت کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن پوليس پورهيت فتح محمد شر کي قتل
ڪيو تہ وارثن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون لاش رکي ڌرڻو
هنيو تہ پوليس پاڻ بچائڻ لاءِ فتح محمد شر کي
ڌاڙيل فتو شر چئي مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي پر اها دعوا بہ ڪوڙ نڪتي، ان لاءِ جو 2013ع ۾ ڳوٺ ۾ هڪ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾
هڪ ڳوٺاڻو قطب الدين شر قتل ٿي ويو هو، ان ڪيس ۾ پورهيت فتح محمد شر جي ٻن ڀائرن
کي سزا آئي جيڪي جيل ۾ آهن، پر پورهيت فتح محمد شر تي ڪو بہ ڪيس داخل ٿيل نہ هو،
اتان ئي پوليس جو ڪوڙو مقابلو ظاهر ٿو ويو آهي، اخبارون وڏي واڪين ٻڌائن ٿيون تہ مقابلو ڪوڙو هو، پورهيت کي ڊوڙائي ڊوڙائي بيدردي سان گوليون هڻي
قتل ڪري انسانيت کي لڄايو ويو، پوليس ڪوڙ جا رڪارڊ قائم ڪندي اهو ڄاڻايو تہ فتح محمد شر روپوش هو، جڏهن رپوش هو تہ پنهجي زمين تي پير اگهاڙا ڪري ڪيئن پيو هارپو ڪري؟ رپوش ايئن آزاد
هوندا آهن ڇا؟؟ سو بہ هڪ غريب پورهيت، آزاد روپوش اُهي هوندا
آهن جيڪي بااثر هوندا آهن يا بااثرن جا ماڻهو هوندا آهن، خيرپور پوليس ظلم ڪرڻ بعد
سرڪاري مدعيت ۾ قتل ٿيل پورهيت مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، پورهيت قتل ڪري بعد ۾
مقابلو ڄاڻائي ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ ڪيس بہ پورهيت تي ڪيو ويو آهي، ظلم مٿان ظلم!ٰ آخر سنڌ جو نصيب اهڙو ڇو؟
اهڙي بدنصيبي سنڌ جي ماڻهن جي؟ جو پوليس انسانيت جا ليڪا لتاڙي ظلم جون سڀئي حدون
اورانگهيندي وڃي؟ خيرپور ميرس پوليس جي ڪوڙي مقابلي جو سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي
سنڌ نوٽيس ورتو آهي پر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل
آهي تہ خيرپور پوليس پاران عدالت کان مٿاهين قتل
جو پاڻ مراد نوٽيس وٺي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي تہ جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نہ ٿين جنهن جي ڪري ڪو پوڙهو پيءُ پيرسني ۾ بي اولادي ٿي وڃي،ڪا وني
بيواهہ ٿي وڃي،ڪي معصوم ٻڄڙا يتيم ٿي وڃن.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment