هڪ همدرد انسان دوست جو وڇوڙو..!/صدام جمالي (بکرجمالي موري)


دنيا ۾ کوڙ اهڙا ماڻھو آھن. جيڪي پنهنجي مثبت سوچ ۽ سٺي ڪردار سبب هميشه ماڻهن جي دلين ۾ گهُر ڪري جاء ٺاهي وٺندا آهن ۽ اهڙن ڪردارن کي موت به مات ناهي ڏئي سگهندو. ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي لازوال جدوجهد ۽ اڻکٽ محنتن سبب هميشه ماڻھن جي دلين ۾ زنده رهندا آهن. ۽ پوءِ اهي ماڻھو وساري به وسري ناهن سگهندا. اهڙن ئي ڪردارن منجهان ضلعي شھيد بينظير آباد سان واسطو رکندڙ هر دل عزيز شخصيت ۽ همدرد انسان دوست محتسب اعلي گهوٽڪي احمد خان جمالي پڻ هڪ هو. احمد خان جمالي سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مهر علي جمالي ۾ سال 1960ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو علي محمد جمالي هو. سندس پيءُ علي محمد جمالي تعليم کاتي ۾ سپروائيزر هو.مسڪين ۽ بي پهچ ماڻھن جو همدرد هڏ ڏوکي احمد خان جمالي بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هي ننڍپڻ کان ئي تمام ذھين ۽ هوشيار هو. هن ايم اي جي تعليم سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪرڻ بعد ڊسپينسري  ۾ داخلا ورتي ۽ بعد ۾ محنت ڪري ڊسپينسر ٿي ويو. انکانپوءِ هن پنهنجي ڳوٺ مهرعلي جمالي ۾ هڪ ميڊيڪل ڪلينڪ کولي مسيحائي ڪردار ادا ڪيو. هي هڪ ڊسپينسر هئڻ سان گڏو گڏو سماجي ڪارڪن پڻ هو. انڪري کيس سڀ ڊاڪٽر احمد خان جمالي جي نالي سان پڪاريندا هئا. هڪ دفعي بااثر وڏيري جو همراھ چوري ڪندي ڀاڳيئي جي فائرنگ ۾ زخمي پيو ته کيس هن وٽ علاج لاءِ رات جو کڻي آيا ته هن کين اهو چئي علاج ڪرڻ کان کُٿو جواب ڏيئي ڇڏيو ته ”اهو پوليس ڪيس آھي“ پوليس کان رپورٽ وٺي اچو. تنهن تي بااثر وڏيري جا همراه مٿس باھ ٿي ويا ۽  ان ڏينهن کان پوءِ بااثر ڀوتارن پاران احمد خان جمالي کي مختلف حُربن سان سندس زندگي تنگ ڪيو ويو ۽ موتمار ڌمڪيون به ڏنيون ويون. نيٺ تنگ ٿي احمد خان جمالي اهو فيصلو ڪيو ته کيس ھر حالت ۾  وڌيڪ تعليم حاصل ڪري وڪيل ٿيڻو آھي. ۽ اهڙن ڀوتارن کان سنڌ جي جان آجي ڪرائڻي آھي. اهڙو اظھار خيال سندس پُٽ فهيم الزمان جمالي سندس پيُ جي وفات کان ٻئي ڏينهن مونسان گفتگو ڪندي ڪيو. انکانپوءِ هن لا ڪاليج حيدرآباد ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي ۽ سال 1999ع ۾  وڪيل ٿيو. ۽ سنڌ جي مختلف ڪورٽن جن ۾ هن سول، سيشن ۽ هائي ڪورٽ  وڪالت ڪري ڪيترائي ڪيس کٽيا. ۽ ھي هيومن رائيٽس جو ميمبر پڻ رهيو. ڊاڪٽر احمد خان جمالي سال 2012ع ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي بڻيو. ۽ کيس گهوٽڪي ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو. هن وقت تائين هو گهوٽڪي ضلعي ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو رهيو.  محتسب اعلي احمد خان جمالي جو نالو فرض شناس آفيسرن ۾ سرفهرست هو. هو پروفيشنل حوالي سان هڪ آفيسر طبقي سان تعلق رکندڙ هو. پر ان جي باوجود هن پنهنجي علائقي واسين جي خدمت واري جذبي کي ڪڏهن به نه وساريو، ڏٺو وڃي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري هن جديد دور ۾  سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به شعور جي وڏي کوٽ آھي. پرمحتسب اعلي احمد خان جمالي پنهنجي ڳوٺ جو اهو واحد شخص هو. جنهن 1988 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسي جو بنياد رکڻ سميت ان وقت نوجوانن جي تنظيم پڻ ٺاهي. جنهن جي پليٽ فارم تان هن علائقي واسين جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سماجي ڀلائي وارو جذبو پڻ پيدا ڪيو. هي مانجهي مڙس جڏھن به ڊيوٽي کان فارغ تي پنهنجي ڳوٺ مهرعلي جمالي پهچندو هو ته ڪيترائي مسڪين ڳوٺاڻا توڙي مختلف مسئلن جو شڪار علائقي واسي اڳ ئي سندس انتظار ۾ بيٺل هوندا هئا ۽ هو گهر وڃڻ کان پهرين سندن مسئلا ٻُڌي کين حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندو هو. هر ڪنهن ماڻھو سان پيار ۽ پاٻوھ سان پيش اچڻ سندس زندگي جي وڏي خاصيت هوندي هئي. هي هميشه سچ ڳالھائيندڙ سچو کرو انسان هو. هن هميشه نيڪي ۽ ڀلائي جي ڪمن کي هٿي ڏني. هن ڪڏھن به ڏوڪڙ پئسي کي اهميت نه ڏني. ڪوڙ ٺڳي ۽ دوکي دولاب سان کيس سخت نفرت هو. سچ پڇو ته احمد خان جمالي اهڙو شخص هو جنهن علائقي واسين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هي ڪافي عرصي کان شوگر جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ 3 مهينا پهرين سندس گڙدا فيل ٿي ويا. مس مس گڙدن جو ڪامياب آپريشن ٿيو ته وري ڪئنسر جي موذي مرض پنهنجي ليپٽ ۾ آڻي ڇڏيو. ۽ ائين ساڻس زندگي بيوفائي ڪري ڇڏي. 4 ڏينهن اڳ 25 مارچ تي شام ڌاري ساھ جي تند ٽُٽي پئي، ائين هو هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو ۽ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

No comments:

Post a Comment