ڇا چين ۽ آمريڪا جو ٺڪراءُ ٿيندو...؟؟؟/غلام مصطفيٰ جمالي


هن وقت پوري ملڪ جي سياست جو ماحول اهڙو ته گرم ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ملڪ جي سموري پرنٽ توڙي ايڪٽرونڪ ميڊيا توڙي ملڪ جي سياسي ماحول جون خبرون ڇانيل رهنديون اچن.ڇو ته ڪجهه ڪجهه وقت  پهرين پانامه لڪيس معاملي اهڙو ته اچي ممڙ مچايو جو ائين پئي لڳو ڄڻ حڪومت وئي.! جنهن نيٺ ميان  نواز شريف جي گهر ڀيڙو ڪيو،جنهن کان پوءِ  وري ايم ڪيو ايم وارو سياسي اشوز به ڪنهن کان گهٽ نه هو،جنهن اشو پوري ميڊيا جو نظرون پنهنجي طرف ڇڪي ورتيون هنيون،ايم ڪيو ايم وارو اهم اشو هو ۽ اهڙو اشو جنهن تان نظرون هٽائي به نه ٿيون سگهجن.! پر اتي ڳالهه هن وقت ٻن سپر طاقت ملڪن جي ڪجي جن جي پاڻ ۾ تمام گهڻي ڪشمڪش هلندڙ آهي جيڪا هن وقت تمام گهڻي شدت اختيار ڪري هئي آهي.ڇو ته بحيره جنوبي چين جي معاملي تي هن وقت جيڪا ڪشمڪش آهي انهي جي ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. انهي ڪشمڪش جي باري ۾ آمريڪا جي (تهنڪ ٽنڪ)“رينڊ“جي تازي رپورٽ مطابق ته هن وقت جيڪا بحيره ڏکڻ چين جي مسئلي تي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڪشمڪش هلندڙ آهي اها ڪشمڪش جنگ ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته گذريل مهيني  ۾ هالينڊ جي شهر “بيگ“ ۾ قائم ڪيل عالمي عدالت بحيره ڏکڻ چين تي چين پاران داخل ڪرايل درخواست کي رد ڪندي فلپائن جي موقف جي صحيح قرار ڏنو آهي ته چين انهي عالمي عدالت جي ڪيل فيصلي کي واضع طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.پر اهو معاملو هن وقت وڌيڪ سنگيني اختيار ڪري ويو، چين جي دفاع واري وزير (چانگ وينڪوان) پنهنجي هڪ بيان اندر اهو سري عام چئي ڏنو آهي ته بحيره ڏکڻ چين جي معاملي تي جيڪڏهن چين کي چين ڪرڻي پئي ته هوُ جنگ ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندو.!جڏهن ته دفاع واري وزير چيني فوج ۽ عوام کي اها پڻ اپيل ڪئي ته هوُ چين جي علائقي سلامتي ۽ سندس تحفط لاءِ تيار رهن.جڏهن ته چين جي دفاع واري وزير جي اهڙي بيان کان پوءِ آمريڪا پاران سندس علائقي ۾ فوجي مشقون تيز ڪري ڇڏيون آهن.جڏهن ته هاڻ آمريڪي حڪمران طبقي جي ترجمان (تنهڪ ٽينڪ“رينڊ“ به بحيره ڏکڻ چين جي معاملي تي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ جنگ جي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي..بحيره ڏکڻ چين اندر پاڻي واري علائقن جي هلندڙ ڇڪتاڻ جي تاريخ به تمام گهڻي پراڻي آهي.جڏهن ته انهي معاملي تي شدت هن وقت اختيار ڪري وئي آهي،جنهن ۾ چين“فلپائن،تائيوان،ملائيشا،ويٽنام،بيرونائي سميت بحيره ڏکڻ چين جي حوالي سان پنهنجا پنهنجا موقف آهن،سمونڊ جي علائقن سان گڏوگڏ هڪ ٻه وڏا جزيرا آهن جن جا نالا “پراسليز” ۽ “اسپرٽليس” آهن جڏهن ته انهي ٻنهي جزيرن تي چين سميت ڪيترن ئي ملڪن جون دعوائون آهن جيڪي غير آباد آهن،پر ٻنهي جزيرن جي باري ۾ اهو چيو پيو وڃي ته اهي ٻئي جزيرا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن پر اڃان تائين انهي قدرتي وسيلن بابت ڪنهن به قسم جي ڳولا نه ڪئي وئي آهي،ان ڪري انهي ڳالهه تي به پورو يقين نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي ٻئي جزيرا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن به يا نه.؟چين جو صوبي هبيان ڪيترائي سئو ميلن تائين بحيره ڏکڻ چين سان مليو پيو آهي.جڏهن ته چين پاران اهو به چيو پيو وڃي ته اها ٻئي جزيرا صدين کان چين جو حصو رهيا آهن،ان حوالي سان چين جو 1947ع ۾ نڪتل نقشو وري اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ انهن ٻنهي جزيزن کي چين جو حصو ڄاڻايو ويو آهي،جڏهن ته ويٽنام ۽ تائيوان جو اهو بيان آهي ته 1940 اندر جي ڏهاڙي اندر ٻئي جزيرا انهن جي ماتحت رهيا آهن،جڏهن ته ٻنهي ملڪن جو اهو به بيان آهي ته انهي بابت ٻنهي ملڪن وٽ انهي جا دستاويز به انهن وٽ موجود آهن،جڏهن ته فلپائن جو اهو دعويٰ آهي ته اسپرائلس جزيرو جي جغرافيائي لحاظ کان سندس حصو هوُ.پر ڏکڻ چين جي علائقي بحيره ڏکڻ چين جي علائقي جي معاشي زونز جي بابت اقوامي متحده جي(يونائيٽيڊ نيشنل ڪنويشن آن دي لا آف دي سي)جي مطابق انهن علائقن جي انهن جو اختيار آهي،تنهن جي ڪري اهوُ مسئلو هن وقت تمام گهڻي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو آهي.جنهن جي ڪري آمريڪا فلپائن،ويٽنام،تائيوان،۽ ٻين ملڪن کي پاڻ سان ملهائي ڪري انهي علائقن تي پنهنجي بالادستي ڪرڻ جي سوچي رهيو آهي. هاڻ آسٽريليا پاران به اهو بيان اچي چڪو آهي ته هوُ بحيره ڏکڻ چين جي متعلق هوُ انهي معاملي تي آمريڪا جي مدد ڪندو،ان ڪري چين لاءِ اها ڳالهه تشويشناڪ آهي ته هن وقت آمريڪا جا بحري جهاز گشت ڪندي نظر اچي رهيا آهن. چين جو اهو موفق آهي ته آمريڪا اجازت کان بغير سندس علائقن ۾ فوجي مشقون ڪري رهيون آهي. آمريڪا چين جي قانون سان گڏو گڏ بين اقوامي قانون جي به خلاف ورزي ڪري رهيو آهي.آمريڪا جي اهڙي رد عمل تي چين پاران پنهجي فوجن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.2001ع اندر انهي علائقن اندر آمريڪي (اي پي 3)جهاز ۽ چيني جهاز(ايف 8 فائٽر)جي وچ ۾ هڪ حادثو به ٿيو هوُ.ڏکڻ بحيره چين ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ  2009ع ۾ آبدوزن ۾ به حادثو پيش آيو هوُ.جڏهن ته ٻنهي حادثن اندر چين تمام گهڻو ردعمل ڏيکاريو هوُ.چين جي دفاع واري وزير پاران اهڙو به بيان سامهون آيو هوُ ته وٺس انهي باري ۾ ثبوت پڻ آهن.بحيره ڏکڻ چين کي هڪ نظر معاشي اعتبار سان ڏسجي ته هوُ سر سال.5.3ٽريلين ڊالز جو واپار ڪندو آهي پر هن وقت آمريڪا پراڻي روايت جيڪا هن ڪڏهن ايشاءُ جي ملڪن ۾ آمريڪا داعش جو صورت ۾ ته ڪڏهن طالبان جي صورت ۾ اهڙيون تنظيمون قائم ڪري ڪتيرن ئي ملڪن جي وسيلن جي قبضو ڪيو آهي،شايد اها سوچ رکي ڪري هوُ چين سان هٿ چراند ڪري رهيو آهي،پر انهي جا تنيجا ڪهڙا نڪرندا انهي کان آمريڪا بلڪل بي خبر آهي.جڏهن ته پاڪستان به انهي معاملي تي ڏکڻ جنوبي چين جي معاملي تي چين سان ملڪمل سهڪار ۽ حمايت جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

No comments:

Post a Comment