سنڌ ڌري جا نصيب خبر ناهي ته اڃا
ڪهڙا لکيل آهن جو هتي هر آءِ ڏينهن ڪا نه ڪا آفت ڪري ٿي، جيڪا آفت آسمان جيڏيون
اُڀ ڏاريندڙ دانهون اسانکان ڪڍي ٿي، هن ڌرتي الاءِ ته ڪيترا سور سٺا آهن پر اڃا به
شايد سنڌ جو نصيب ڪو ڏُکارو آهي جو هر ڏينهن رت وانگر ٿو گذري، هر ڏينهن سنڌ جي
ٻچڙن جي زندگي جا ڏيئا وقت کان اڳ ئي اجهامي ٿا وڃن، سنڌ ۾ واقعا، حادثا روز جو
معمول بڻجي ويا آهن انهن واقعن سبب ڪيترن ئي مائرن جون جهلويون خالي ٿي ويون، اهڙو
ئي هڪ واقعو روهڙي ۾ پيش آيو آهي، جنهن دردناڪ واقعي 13 انساني جانيون ختم ڪري
ڇڏيون، روهڙي شهر جي ڇوهارا منڊي ۾ ڪرپال ٽريڊرس جي گدام جي ڇت ڪرڻ سبب پيش آيل
واقعي سنڌ جي دردن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي، ڇوهارا منڊي ۾ ڇت جي مٿان ڇوهارن سان ڀريل
ٻوريون پيل هيون جنهن جو وزن ايترو ته هو جو ڇت پورهيتن مٿان ڪري پئي، جنهن سبب
ڇوهارا صاف ڪندڙ 13 پورهيت ڇت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، حادثو شام جي وقت پيش آيو
جنهن وقت پيٽ جي بُک اجهائڻ لاءِ پورهيت پورهيو ڪري رهيا هئا، هنن کي ڪهڙي ڄاڻ ته
پيٽ جي بُک کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان هميشہ ختم ٿي وينداسين، ان المناڪ حادثي سبب فوت ٿيندڙن ۾ 5 ٻارڙا ۽ 5
عورتون به شامل هيون، جڏهن ته 3 مرد پورهيت شامل آهن، 13 انساني جانيون ايئن ختم
ٿي ويون ڄڻ ته انهن جو جيون هيو ئي نه!، سنڌ جي نصيب ۾ اهڙا درد به لکيل آهن جنهن
سان آسمان به روئي ٿو، جڏهن پورهيتن جي مٿان ڇت ڪري ته ان وقت منڊي ۾ موجود ٻين
پورهيتن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڇت ۽ ڇوهارن جون ٻوريون دٻجي ويلن جي مٿان هٽايون بعد
۾ ٻي انتظاميا پهتي، پر الميو هي به رهيو ته اهڙو حادثو ڏسي ٽريڊرس انتظاميا اتان
فرار ٿي وئي، هُنن کي معصوم ٻارن جي لاشن جو ڪو احساس نه ٿيو، هُنن کي پورهيو ڪندڙ
مردن ۽ عورتن جو ڪو احساس نه ٿيو، بس جڏهن اهي پورهيو ڪن پيا ته سهي جيڪر انهن مٿا
ائين ڪا آفت اچي ڪري سو به سندس ئي غير ذميواري سبب ته پاڻ اتان فرار ٿي ويا،
انتظاميا جي بيڌياني اها به ه.ي ته جنهن جاءِ تي پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا ان جي ڇت
مٿان ڇوهارن جون ٻوريون تمام گڻيون هينو ۽ ڇت آڳاٽي هئي جنهن جي ڪري وزن گهڻو هجھڻ
سبب ڪري پئ، جنهن سبب بيگناهہ انساني جانيون ضايع ٿي ويون، هن المناڪ واقعي ۾ هڪ جيجل امڙ
پنهنجي پُٽ سميت فوت ٿي وئي، ڇت ڪرڻ سبب جيجل امڙ شائستا سندس پُٽ عبدالحميد،
روزان، مختياران، 15 سالا علي جان، بشيران، 22 سالا عباس علي، حضوران، 27 ورهين جو
ممتاز علي، ڏيڍ سالا معصوم صنم، 35 ورهين جو بهادر، لالا ٻائي، 14 سالا ٻالڪ سجاول
به هن حادثي جو شڪار ٿي ويا، قيامت جا منظر هوندا جڏهن انهن سڀني جا ڪيهاٽ حادثي
جي زخمين ٻڌا هوندا، اها شام سنڌ ڌرتي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه چئبي، جنهن شام
معصوم جانين سميت 13 انساني جانيون ختم ڪري ڇڏيون، ان المناڪ حادثي سبب 9 ڄڻا زخمي
پڻ ٿيا جن کي مقامي ماڻهن زخمي حالت ۾ مختلف اسپتالن ڏانهن علاج لاءِ پهچايو، جيڪي
فوت ٿي ويا انهن جا لاش پنهنجا وارث کڻائي ويا، ان درد سان ته، ''مار پوئي موت تون
اڻمندائتو آئين، گهائيي اهڙا گهوٽ مُند نه هئي جن جي مرڻ جي''، بس ان ئي آس سان
اهي 13 انساني جانين کي وارثن سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو، ان حادثي جي
ذميواري ڪرپال ٽريڊرس جي آهي، جنهن جي غير ذميواري سبب اهڙو دردناڪ ۽ المناڪ حادثو
پيش آيو، انهن اهڙو ته ظلم ڪيو جو زبون ڇت تي ڇوهارن جون ٻوريون رکي ڇڏيون ۽ ڇت
ڇوهارن جو وزن برداشت نه ڪرڻ سبب ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن ڪري قيامت بربا ٿي ۽ وري
ايڏي بي حسي جو پاڻ واقعي واري هنڌ تان به فرار ٿي ويا، هاڻي هنن جي سزا به المناڪ
هجڻ گهرجي، سنڌ ۾ غريب ماڻهو پيٽ جي بُک کي پورو ڪرڻ لاءِ پورهيا ڪن ٿا ۽ پورهيو
ڪندي ڪندي ايئن موت جي مُنهن ۾ هليا وڃن ٿا، سکر ضلعي انتظاميا کي اپيل آهي ته
فوتين جي وارثن ۽ زخمين جي فوري طور تي مالي مدد ڪيو، انهن جو پيٽ پالڻ به تمام
ڏکيو آهي، ڪرپال ٽريڊرس جي انتظاميا جي ذميوارن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ته
جيئن سڀاڻي اهڙو غير ذميواري وارو عمل ڪو ٻيو نه ڪري، انهن خلاف سزا جزا جو عمل
جلد شروع ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته سنڌ ۾ پورهيو ڪندڙ مرد توڻي عورتن کي
روزگار ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهن، سنڌ جي ماڻهن
کان هاڻي تڪليفون، ڏُک ۽ اهڙا قيامت جا منظر برداشت نٿا ٿين.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment