آئي ايم ايف جو قرض ۽ ايندڙ بجيٽ..!!/غلام مصطفيٰ جمالي


موجوده حڪومت پنهنجو آخري بجيٽ اپريل جي آخري ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ واري آهي وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اخترخان هن وقت پاڪستان جي خوشخبري ٻڌائيندي ۽ پاڪستاني عوام کي بيوقوف سمجهيندي چيو آهي ته نئي ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس شامل نه ويندو.! ها البته پراڻي ٽيڪسن اندر ڇنڊ ڇاڻ ٿي سگهي ٿي يعني انهي ٽيڪس کي وڌائي ڪري عوام کي ڳڙي ٽيڪس وارو رسو ڳجهي ۾ ضرور وڌو ويندو ڪيڏا نه سڃاڻا آهن حڪمران جي عوام کي ايڏو اٻوج ۽ بيوقوف ٿا سمجهن.! هارون اختر پراڻي ٽيڪس جي حوالي سان اهو به چيو آهي ته پراڻي ٽيڪس کي وڌاڻ جو مقصد ڪرنٽ اڪائونٽ کي خساري کان بچائڻ آهي.اوهانکي ياد هوندو گذريل سال واري بجيٽ ۾ حڪومت پاڪستان اهڙي ڪا به شي نه ڇڏي هئي جنهن تي ٽيڪس نه لڳايو ويو هو هڪ رپئي واري بخار جي گوري تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو هو.۽ هاڻ انهي ٽڪيس کي واڌئڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته ها گوري هاڻي ٻه رپين جي ٿيندي.هارون خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ قومي پيدوار نه هجڻ ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ خسارو ٿيو آهي جنهن سان رپئي جي قيمت گهڻي قدر ڪري وئي آهي جنهن سان ملڪ ۾ مهنگائي جو طوفان اچڻ وارو آهي.مهنگائي جو طوفان جيڪڏهن ايندو ته اميرن تي ڪهڙو فرق پوندو ۽ ڪهڙو فرق انهن تي پوندو جيڪو مهنگائي جو بم عوام مٿان ڪرائڻ جي تياري ۾ ڌرل آهن.هاڻ اهو به چيو پيو وڃي ته انهي جو ڪارڻ پاناما لڪيس آهي جنهن جي ڪري ميان نواز شريف نااهل ٿيو آهي ۽ اسحاق ڊار خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي حڪومت اها ڳالهه وڏي دعويٰ سان چئي رهي آهي ته اسحاق ڊار جي وڃڻ کانپوءِ ملڪ جي معيشت جي ريل پٽڙي تان لهي وئي آهي ۽ ملڪ جي ملڪيت جو ڪشڪول به خالي ٿي ويو آهي جنهن کي سهارو ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض کنيو ويندو اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته پاڪستان وزيراعظم خاقان عباسي آءِ ايم ايف کان قرض کڻڻ لاءِ شروعاتي ڳالهيون به ڪري چڪو آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف کان قرضِ جي پهرين قسط وٺڻ ڪري ئي رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن سان غريب عوام مٿان جلد منگهائي جو طوفان اچڻ وارو آهي ۽ پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر اءِ ايم ايف جي قرض هيٺ ڌبجڻ وڃي رهيو آهي ۽ موجوده حڪومت گذريل پنج سالن ۾ ملڪ جي معيشت جي ترقي جو ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته هر سال آءِ ايم ايف کان قرض وصول ڪيو ويندو آهي،هاڻي حڪومت اهو بهانو پيش ڪري ڇڏيو آهي ته پاناما ليڪس جي ڪري پاڪستان ۾ معيشت ڪمزور ٿي آهي ان ڪري مان سمجهان ٿو ته  پاناما ليڪس جي حوالي سان جيڪي مسئلا پيدا ٿيا آهن انهن تي بحث ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي.پراڻي انگ اکرن جي مطابق پاڪستاني ويهه ڪروڙ عوام تي به نظر وجهون ته انهن جون بنيادي ضرورتون ڪهڙيون آهن. جيڪي پنهنجي پگهر جي پسئي مان ڪروڙين رپين جو ٽيڪس جمع ڪري رهي آهي.جيڪا رقم قرضن جي صورت ۾ واپس ڪئي پئي وڃي ۽ حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ڪئي پئي وڃي.حڪومت ڪشڪول ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري قوم جي برباد ڪري  ڇڏيو آهي.چين کان قرض کڻِي پنجاب اندر اونرج ٽرين ۽ ٻيا منصوبا جوڙيندڙ ن ليگ حڪومت  سنڌ کي ڪهڙا سک ڏنا آهن، ملڪ ۾  سري عام ڪرپشن ٿي رهي آهي انهن ڪرپشن خورن جي وار جو به ڪير نالو وٺي پيو سگهي.انڪري ملڪي معيشت جا حدف ڪئين پورا ٿيندا..؟ پوءِ به ظاهر آهي ته ملڪ جي معيشت مظبوط ٿيڻ بدران بحران جو شڪار ٿيندي.؟هڪ طرف بجلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا اربين رپيا روڪي ڇڏيا آهن.۽ ٻئي پاسي انڪم ٽيڪس ،سيلز ٽيڪس جا حڪومت جي طرفان الاداري ٽينڊر ٿيا آهن. انڪري جناب اعليٰ اها راند آئي ايم ايف کي ته اکين ۾ ڌوڙ وجهي سگهي ٿي پر عوام جي اکين ۾ ڌوڙ نه ٿي وجهي سگهي..؟ ايترو آسان ناهي ماڻهن کي روزگار،تعليم،صحت،جون سهولتون ۽ صاف پاڻي ۽ اسلامتي ڏيڻ. ميگا پرجيڪٽ،ميگا ڪڪ بيڪس ته ملي سگهن ٿا،پر اتي عوام جي حصي ۾ سواءِ غريبي مهنگائي ۽ غربت کان سواءِ ڪجهه به ناهي ايندو.ماهرين اقتصادي جي مطابق جي ڊي پي ۽ ٽيڪسن جي اضافي جي متوازن حد تائين اڪانومي کي مظبوط ٻڌايو آهي.پر عدم توازن سان انسان جو ڪيتريون ئي زندگيون اجڙي ويون آهن..ڇو ته ان ۾ به هيرا ڦيري ٿي رهي آهي.حقيقي ڊي جي پي 3.5آهي جڏهن ته آئي ايم ايف کي 5.5ڏيکاريو پيو وڃي.ڀارت اندر ڊي جي شرح 7آهي جڏهن ته ٽيڪسن ۾ اضافو 11فيصد آهي سان وٽ جي ڊي پي 3.5آهي ۽ ٽيڪسن ۾ اضافو 19فيصد آهي.جنهن جو مطلب  چئجي ته جئين ڪمنڊ جي رس ڪڍڻ لاءِ ڪمنڊ کي چيچڙي ۾ وڌو ويندو آهي ۽ باربار وڌو ويندو آهي تئين ئي عوام کي پيسيو پيو وڃي.ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪس لاءِ  انصاف آهي جنهن جي ڪري اتي جي ملڪن جي آمدني ۾ به تمام گهڻو اضافو آهي.ان ڪري ٽيڪس مساوي ڪرڻ لاءِ نون ٽڪيس گزارن کي آڻڻ لازمي آهي..ان وقت قومي سطح تي 61000تاجر چار لک رپين کان وڌيڪ جي آمدني جمع ڪرائي رهيا آهن.جن سان 850ملين جو ٽيڪس وصول ٿيو آهي جنهن جي وضاحيت پارليامينٽ سڪيٽري ڪئي هئي534000رضاڪارنه طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ وارن اندر ڇهه لک کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ وارن جي شرح 36838۽ 77فيصد ٽيڪس ڪارپوريٽ سيڪٽر کان وصول ڪيو ويندو هو.باقي 23فيصد انفرادي ۽ اشتراڪي ڪاوربار مان وصول ڪيو ويندو هو.سيڪٽري ايڪس چينج ڪارپوريشن پاڪستان وٽ 65000ڪمپينيون رجسٽرڊ آهي،جن کان هو 25000فيصد ٽيڪس جمع ڪرائينديون آهن.جڏهن ته ان مجهان به 40فيصد ڪيمپنيون نقصان جو بهانو ڪري ٽڪيس ادا ناهن ڪنديون.جڏهن ته آفيسر طبقي مان به ڪجهه فيصد ٽيڪس ادا ڪندا آهن.انهي جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي ته پاڪستان ترقي به ڪري رهيو آهي.اسين خد بحيثيت قوم ئي پنهنجو ڪم سرانجام نه ڏئي رهيا آهيون.پر انهي سان گڏ اهو به وڏي ۾ وڏو سبب آهي ته قوم جنهن کاتي سان ڀلائي ڪري اهو به قوم جو خيرخواه هجي اهو به ته قوم لاءِ سٺو سوچي..پر ڏوهه خالي هڪ کاتي جو نالو پاڪستان ۾ هر کاتو اهڙن ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي.انهي ڪري هن وقت پاڪستاني ۾ پنهنجو نالو چمڪائڻ لاءِ پاناما لڪيس جو ڊرامو ڪيو پيو ويو،ڇو ته هڪ ڳالهه ويهي ڪري سوچيو ته هلو پاناما لڪيس معاملي ته احستاب ٿي به ٿي ويو آهي  ته ڇا عوام جو ڦريل پسئو وري عوام تي خرچ ٿيو يا نه ..يا وري اهو پئسو ڀورتارن جون بيئڪنون ڀريندو،ڳالهه صاف پئي آهي جيستائين ملڪ جي عوام سکيُ ناهي ان وقت تائين اهڙا هزارين اشوز عوام جي تقدير نه ٿا بدلائي سگهن...هن ڪري وقت پاڪستان ۾ پاناما ليڪس تي جيڪو بحث هليو اهو به سڀني ڏٺو ان ڪري اهو به هڪ ڊرامو ئي چئبو جيڪو هن قوم جي ڏيکاري ويو.۽ هي قوم به آسرن جي عادي آهي ان ڪري آسرن تي پلجي رهي آهي.

1 comment:

  1. إذا كان يجب عليك الاتصال بأي شركة مع الإشارة إلى تأمين قرض عبر الإنترنت بسعر فائدة منخفض قدره 3٪ وأفضل خطط / جدول سداد. يمكنك الاتصال بهم عبر البريد الإلكتروني على {directaccesservice @ gmail. com} أو whatsapp @ +15754148400

    ReplyDelete