آفريدي جي سنڌ ۾ ٽيلينٽ کوٽ بابت غلط بياني/ ثاقب حسين لغاري


لالا پٺاڻ چوي ٿو تـ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ناھي, سنڌ ۾ ٽيلينٽ ناھي. شايد لالا پٺاڻ کي اها ڪل ناهي تـ سنڌ ڌليرن جي ڌرتي آهي جتان دنيا ۾ پاڻ مڃرائندڙ شخصيتون پيدا ٿيون. آفريدي صاحب جيڪڏھن توهان کي سنڌ جا قابل شخص ڳڻايا وڃن تـ اوهين پورا ڪو نـ پئجي سگهندوو, جنگهن جي ميدانن ۾ تـ اسان جا سنڌي, دودو، هوشو، هيمو ۽ سورھيـ بادشاھ جهڙا عظيم ليڊر هميشـ سوڀ حاصل ڪندا رهيا. پر جي ڳاله ڪجي راندن جي تـ صدر ايوب جي دور ۾ سنڌ جو انٽرنيشنل ملھ پلوان "شير"جنهن کي شيرسنڌ بـ چيو ويندو هو , جنهن دنيا جي ڪيترن ئي ريسلرن کي شڪست ڏني ۽ ان جي باري ۾ ان وقت جي صدر ايوب چيو هو تـ ”جهڙا شير ٻڌا تهڙا شير ڏٺا “۽ شايد توهان موئن جي ڌڙي کان اڻواقف آيو, جهنجون ايجادون قديم مثال آھن , ان وقت ان شھر جي نالين وارو سسٽم, تجارت جو سسٽم , ڦيٿي جي ايجاد ۽ ڪلچر وغيره  سنڌين جي قابليت جو ثبوت ڏين ٿا, ۽ جڏھن دنيا جا ڪئي ملڪ وجود ۾ ئي نـ هئا تڏھن سنڌ ھئي, ۽ توهانکي ياد رهي تـ پاڪستان ۾ ائٽم بم آڻڻ وارو ذولفقارعلي ڀٽو سنڌي هئو, آفريدي سنڌين ۾ قابليت ٻين صوبن جي ماڻھن کان بـ وڌيڪ آھي ۽ هر هنڌ ھميشـ سنڌين پاڻ مڃرايو آھي.باقي دراصل ڳالھ اھا آھي تـ سنڌين سان هميشـ جيان تعصب وارو عمل اختيار ڪيو پيو وڃي، ڪڏهن ڪو پٺاڻ چوي ٿوتـ ڪراچي ۽ سنڌ، ڪڏهن ڪو ڊاڪٽر سنڌي ڳالهائڻ تي نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ٿو. سنڌ جي ماڻھن کي موقعن کان محروم رکيو پيووڃي ائين ئي پاڪستان جي پي ايس ايل ۾ پنجاب جون ٽي ٽيمون, ڪي پي ڪي جون ٻ ٽيمون ۽ سنڌ جو صرف هڪ ٽيم جيڪو پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آھي ۽ افسوس تـ بلوچستان جو ٽيم ئي ڪو نـ هئو.  جيڪا سنڌ جي ٽيم هئي ڪراچي ڪنگز جي نالي سان ان ۾ صرف هڪ ئي سنڌي هئو  جيڪو پنوعاقل جو ھڪ غريب  سنڌي ڪرڪيٽر مشتاق احمد ڪلهوڙو جنھن جو تعلق ھڪ غريب گهراڻي سان آھي جنھن ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ سان چاھ رکيو ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو بڻجڻ ان لاءِ ھميشه خواب رھيو جنهن لا۽ هو مسلسل محنت ڪندو رهيو  ۽ وقت گذرندو رھيو آخر پي ايس ايل ليگ شروع ٿي ۽ هن نوجوان جي لاءِ ھڪ روشن اميد تڏنهن پيدا ٿيو جڏنهن  هو سنڌ جي گادي واري ٽيم ڪراچي واري ٽيم ۾ شامل ٿي ويو , پر افسوس سد افسوس ته پھريان وانگر ھن ليگ ۾ به سنڌين سان اھڙو رويو آخر ڇو ڪيو ويو, ھن پي ايس ايل ۾ سنڌ جو هڪ غريب سنڌي رانديگر پنھنجي قابليت ۽ محنت سان منتخب ٿي ليگ جي مشھور ٽيم ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي ته ويو پر ان سان ايڏي وڏي زيادتي جو ان کي ھڪ مئچ ۾ کيڏڻ جو به موقعو فراهم نـ ڪيو ويو آخر ائين ڇو ......؟ اھو سوال سنڌ جي ھر باشعور ماڻهون جي ذھن ۾ گردش ڪري ٿو ڇاسنڌ پاڪستان جو حصو نه آهي؟ ڇا ڪنهن سنڌيء کي آھو حق نه آھي ته پنھنجي ٽيلنٽ جي ذريعي ھو سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري .. ؟ صرف پٺاڻ ۽ پنجابي قومي ٽيم ۾ ڇو آھن ۽  پاڪستان ليگ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي رانديگرن جو نـ هجڻ ان ڳالھ کي ظاهر ڪري ٿو تـ پاڪستان ليگ پنجاب ليگ آھي, ۽ مٿان وري لا لا پٺاڻ جي بيان سنڌ جي ماڻھن ۾ ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪئي آھي, ۽ لالا پٺاڻ کي گهرجي ت سنڌين کان معزرت وٺي نت هيرو مان زيرو ٿي ويندو

No comments:

Post a Comment